شوڪت حسين شورو
ابر ۾ اُهاءُ ٿيو
بابا جي اڳيان ويندي، آھستي چيم، ”بابا.“
ھن ڪاغذن تان نظرون کڻي،
مون ڏانھن ڏٺو.
مان منجھي پيس ته ڇا چوان. ھٻڪندي چيم، ”مان اوھان
کان اجازت وٺڻ آيو آھيان.“
ھن وائڙو ٿي پڇيو، ”ڇا جي اجازت؟“
مون چيو، ”مان ڪانئر سڏائڻ نٿو چاھيان. مون جيڏا ساٿي، قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ پنھنجي ديس کي
زندگي ڏيڻ لاءِ پنھنجي زندگي،
ان کي ارپي چڪا آھن. اھڙي وقت مان گھر
۾ ڪيئن لڪي ويھي رھان!“
”پوءِ، تون ڇا ٿو ڪرڻ چاھين؟“
منھنجي سموري ھٻڪ ختم ٿي چڪي ھئي. ”مان به پنھنجي
زندگي، پنھنجي ديس کي ڏيڻ چاھيان ٿو.“
”تون!“ ھن کل کي روڪي ورتو، پر چپن تي مرڪ اڃا به
پکڙيل ھئي. ”تون پھرين پنھنجي جسم ۽ طاقت ڏس، پوءِ
اھڙيون ڳالھيون ڪر! مان ڄاڻان ٿو ته اوھان نوجوانن
۾ فقط وقتي جوش آھي. عمر ۽ وقت سان گڏ،
اھو جوش ختم ٿيو وڃي. دراصل اسان جي قوم مان وڙھڻ
جو جوھر ختم ٿي چڪو آھي. صدين جي غلاميءَ،
ڌارين جي
ڦرلٽ، اسان جي ھمٿ کي ڄؤر بنجي چوسي ڇڏيو آھي. باقي اوھان جھڙا
جوشيلا نوجوان ته ھر دور ۾ پيدا ٿيندا رھيا آھن، ۽
انھن ڪھڙو ٻوٽو ٻاريو آھي! پنھنجي قوم جي تقدير
بدلائڻ جي لاءِ سر جون سٽون ڏيڻيون پونديون آھن،
مون کي اھڙا نوجوان، نظر ڪو نه ٿا اچن. جيستائين اسان جي
نوجوانن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا نه
ٿيندي،
سندن دليون ديس جي محبت ۾ جلي سون نه بڻبيون
آھن، تيستائين ڪجھه به نه ٿيندو، پُٽ
..... ڪجھه به نه ٿيندو ....“ ھن جو آواز، ڍرو ٿيندو ويو، منھن تي مايوسيءَ جون ريکائون مِڙي آيون.
مون چيو، ”بابا، جيڪڏھن اسان جي قوم جا پيءُ، توھان جھڙا ھجن، ته پوءِ سندن اولاد، ديس تان سر ڪيئن نه ڏيندو! مان اوھان کي
يقين ٿو ڏياريان ته جيڪا سجاڳي،
اڄ جي نوجوانن ۾ پيدا ٿي آھي، سا اڳي ڪڏھن ڪانه
ھئي. اسان جو جوش وقتي جوش ناھي. اسين فقط پنھنجي
ديس خاطر جيئڻ جو ارادو ڪري چڪا آھيون....“
ھن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، ”ھا، ھي اھو نازڪ دور
آھي، جيڪڏھن اسين ھينئر نه اٿياسين ته پوءِ ڪڏھن
به نه اٿي سگھنداسين. ٿي سگھي ٿو ته اوھان قرباني
ڏيئي،
پنھنجي قوم کي سجاڳ ڪري ڇڏيو. پر اھا ڳالھه
مڃڻي پوندي ته اسين تمام پوئتي پيل آھيون، تعليم ۽ شعور جي تمام گھڻي کوٽ آھي، انڪري قومي عزت ۽ غيرت
جي گھٽتائي
آهي.
ان لاءِ اوھان کي گھڻو ڪجھه ڪرڻو پوندو.“
مون چيو، ”اسين سڀ ڪجھه ڪنداسين. اسان کي زندھه
رھڻو آھي ته پوءِ ان لاءِ ھر ڪا قرباني ڏيڻي
پوندي. اسين پنھنجي ئي ديس ۾ ڌاريا بڻجندا پيا
وڃون، نيٺ اسين بي موت مري وينداسين، قديم آثار
بڻجي وينداسين. اھو ڪير سمجھندو! اسين ڪمزور ئي
سھي، پر اسان جون دليون ڪيڏيون آھن، ان جي ڌارين
کي ڪھڙي خبر!“
بابا گنڀير بڻجي ويو، چيائين، ”بيشڪ، دلين جي دريائن جي
آڏو،
ڪو به بند اڄ تائين ٻڌجي نه سگھيو آھي. قيد جون
زنجيرون نيٺ به ٽٽڻيون آھن. شل اوھان جو رت، ھن مظلوم ديس جي ڌرتيءَ کي ريج ڏيئي، اھي گل ۽ ٻوٽا اپائي، جن جي خوشبوءِ سان، ساري دنيا واسجي وڃي. مان توکي روڪي ھڪ بزدل پيءُ سڏائڻ نٿو
چاھيان. پر ڏس، پنھنجي ماءُ جي باري ۾ جو ڪجھه
سوچين، ھمدرديءَ سان، سوچج. ديس خاطر، اولاد جي قرباني ڏيڻ ۾ مائرون وڌيڪ بھادر ھونديون آھن، پر وقت ۽ حالتن اسان جي
مائرن کي اھو سبق ڏنو ئي ڪونهي. کين پنھنجي اولاد
سان حد کان زياده پيار ھوندو آھي، ان ڪري تنھنجي
ماءُ شايد توکي وڃڻ نه ڏي.“
”مان امان کي مڃرائيندس.“
ڪنھن تمام وڏي ڳڻتي ۽ مونجھاري سببان،
امان جو منھن لٿل ھو. مان سمجھي ويس. مون
ويجھو وڃي کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان .....“
ھن جا زرد ٿي ويل چپ ڦڙڪڻ لڳا. ھن مون کي سيني سان
لڳائي ڇڏيو. ماءُ جي مقدس سيني سان لڳي،
منھنجو روح ھڪ زبردست روحاني سڪون سان واسجي ويو.
ان وقت مون کي ائين لڳو ڄڻ مان اڃا تائين، اھو ئي ٿڃ پياڪ ٻالڪ ھوس، ۽ ماءُ جي سيني
سان لڳي سڀ ڪجھه وساري چڪو ھوس.
مون
کي محسوس ٿيو ته امان روئي رھي ھئي. شايد
ھن بابا جون ۽ منھنجون ڳالھيون ٻڌي ورتيون ھيون.
”مان توکي وڃڻ نه ڏينديس. منھنجا حال ڏسين ٿو، آءٌ
اڳيئي مئي پئي آھيان. جي توکي وڃڻو آھي ته مون
کي اڳو پوءِ ماري پوءِ وڃ.“
ويچاري امان! الائجي ڇو اسان جون غريب مائرون
ايتريون دکي ھونديون آھن. سندن سڄي حياتي، مالي پريشانين، اولاد جي آئيندي جي فڪرن
۽ گھر جي ختم نه ٿيندڙ ھاج ۾ گذري ڳري ويندي آھي.
گھڻن دکن سھڻ ڪري ئي ھو حد کان زياده جذباتي
ھونديون آھن. پيار ته سندن مٽيءَ ۽ روح ۾ رچيل
ھوندو آھي، ڇو ته اسان سڀني جي ڌرتي – ماءُ جي ذري
ذري ۾ اٿاھ پيار سمايل آھي.
مون چيو، ”امان سنڌ،
اسان سڀني جي ماءُ آھي، ۽ اھو اولاد ڪميڻو
آھي، جيڪو ماءُ کي اھنجن ۽ تڪليفن ۾ ڏسندي به منھن
لڪايو ويٺو ھجي. اھڙو اولاد بي غيرت آھي ۽ ان تي
پنھنجي ماءُ جي ٿڃ حرام آھي. امان، اسان کان
پنھنجا سڀيئي حق کسيا ويا آھن . اسان جي ماءُ کي
ڪڙن ۽ ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويو آھي، ۽ اسين نڌڻڪا بڻجي ويا آھيون.“
ھن چيو، ”ابا، شل خدا ٻچن جو ڏکيو ڏينھن
نه ڏيکاري، شل منڊلي سلامت ھجي، باقي ڏکيا سکيا
ڏينهن پيا گذرندا. خدا جو شڪر آھي.“
”امان، تنھنجن ٻچن جي وات مان گرھ کسبو، سندن زبان
ڪٽي ڦٽي ڪئي ويندي، تڏھن به تون ائين چوندينءَ !
تون سمجھين ڇو نٿي، ته اسان تي ڇا پيو وھي واپري.“
امان ڪاوڙجي چيو، ”اوھان پڙھيلن جون ڳالھيون،
اسين ڄٽ ڪٿي ٿا سمجھون.“
امان ڄڻ ته مون
کي زور سان ٿڦڙ وھائي ڪڍيو. کين ڄٽ ۽ بي
علم بڻائي
رکڻ ۾ ڪنھن جو ڏوھ آھي؟ ڪيڏي نه بدقسمت آھي،
اھا قوم،
جنھن جون مائرون بي علم ھجن.
مون کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان توکي خبر آھي ته
اسان جي ديس تي ھميشه ڌارين جو قبضو رھيو آھي، جيڪي اسان کي ڦريندا لٽيندا رھيا
آھن. شايد اسين به ان غلاميءَ تي ھري ويا آھيون،
نه ته ھيترو سارو وقت،
پنھنجو ديس ڌارين جي غلاميءَ ۾ ڪيئن رھڻ ڏيون
ها.
امان، مون کي جيترو توسان پيار آھي، اوترو ئي
پنھنجي ديس سان آھي. جنھن ديس ۾ ڄائو آھيان، نپنو
آھيان، جنھن ڌرتي جي مون ٿڃ پيتي آھي، اھا به ته
منھنجي ماءُ آھي. ڇا ان جا مون تي ڪي به حق
ڪونهن؟“
”پٽ، اسان جي تقدير ئي اھڙي آھي ته پوءِ ڇا
ڪريون؟“
”نه امان، تقدير به ھمٿ سان بدلجي ويندي آھي. طاقت
۽ زور زبردستيءَ سان،
دنيا جي ڪيترين قومن کي غلام بڻائي
سندن حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو، پر
انھن قومن جي
ڪونڌرن، سِر جون قربانيون ڏيئي آزادي حاصل ڪئي.“
امان بيزار ٿي چيو، ”مون
کي انھن ڳالھين سان ڪو به واسطو ڪونهي. منھنجي
خوشي، منھنجو نور اوھين ٻچا آھيو، اوھان کان سواءِ
مان انڌي آھيان، مون کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪنھن به
ڳالھه جي خبر ڪانھي.“ ھن جون اکيون وري به ڀرجي آيون.
مان وڌيڪ ڪجھه به چئي نه سگھيس. مون ڄاتو ٿي ته
امان جو ڪو به ڏوھه ڪونھي.
سمورو ڏوھ ان وقت ۽ حالتن جو آھي، جڏھن عورتن کي
گھرن جي ڪم ڪار جي مشين بڻائي رکيو ويو ھو. اھي انڌيون رسمون، رواج
۽ اخلاق،
جن کي اسان جي قوم جو خاص گڻ سمجھيو ويندو آھي؛ تن
اسان تي ڪيڏو نه ظلم ڪيو آھي. جن مائرن کي علم ۽
شعور کان تمام پري بي علمي جي اٿاھه
اوندھه
۾ بند ڪري رکيو ويو آھي سي، پنھنجي اولاد کي ڪھڙي
سکيا، ڪھڙو سبق ڏينديون! مون چاھيو ته رڙ ڪري چوان، ”امان، اسان جي قوم جي تقدير اوھان جي ٿڃ
۽ اوھان جي لولي ۾ آھي.
جي تو پنھنجي ٿڃ گيدي اولاد تي حرام نه ڪئي ۽
پنھنجي ٻچن کي اھا لولي نه ڏني، جنھن ۾ شينھن جي
گجگوڙ ھجي، ته اسين ٻيو موھن جو دڙو بڻجي وينداسين. اسان کي مري جيئڻ جو سبق ڏي امان ....“ پر
منھنجي اڳيان اٿاھه
۽ بي انت اوندھ ڇانئجي ويئي، جنھن ۾ نيڻ نهار
تائين،
روشني جو ڪو معمولي ڪرڻو به نظر نٿي آيو. تڏھن مون
کي محسوس ٿيو ته مان مري چڪو آھيان. اسين سڀ مري چڪا آھيون،
کنڊر بڻجي
ويا آھيون. وقت جا سڌريل ماڻھو،
ٽوڪ ۽ نفرت گاڏڙ نظرن سان،
اسان کي ڏسي وري يڪدم منھن ڦيري ڇڏين ٿا. منھنجي
ذھن ۾ پنھنجي وطن جون اھي قديم قومون ڦرڻ لڳيون،
جيڪي پنھنجي وقت ۾ تمام سڌريل ھيون، پر اڄ وقت،
ھنن کي سوين صديون پوئتي ڇڏي آيو آھي. موھن جي شھر
جي سڌريل قوم، اڄ موھن جي دڙي وانگر کنڊر بڻجي چڪي آھي. ڇا اسين به ..... ڇا اسين به
.....
منھنجي چوطرف اوندھه ۽ بي علميءَ جو ديو،
پر پکيڙي بيھي رھيو، ۽ ان جي ڊپ کان آس جو پکيئڙو
ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏڻ لڳو. مان خبر ناھي ته ڪيڏي مھل، امان وٽان اٿي، اندر ڪمري ۾ اچي ويھي رھيو ھوس. ڪنھن کڙڪي تي سجاڳ ٿي ڏٺم
ته منھنجي ننڍي ڀيڻ در تي بيٺي ھئي. ھن کي ڏسي
چاھيم، زور سان چوان، ”وري تون آئي آھين، روئڻ
پچڪڻ! اھي لڙڪن جون زنجيرون،
اسان جي قوم کي مرده بڻائي
ڇڏينديون. مون ۾ ھاڻي وڌيڪ لڙڪن ڏسڻ جي طاقت
ناھي.“ پر ان کان اڳ جو مان ڪجھه چوان، ھوءَ اندر
لنگھي آئي. اندر اچي ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين، ”مون
سمجھيو ھو ته منھنجو ڀاءُ دودو آھي، پر اڄ خبر پئي
ته تون چنيسر آھين، ادا.“
منھنجون اکيون ڦاٽي ويون. رڙ ڪري چيم”ٻاگھي!“
ھن جو گلو، جذبات جي شدت وچان گھُٽجي ويو ھو، نظر ھيٺ جھڪائي چيائين، ”مون
کي معاف ڪجانءِ ادا، مان الائي ڇا چئي
ويس. پر مون توکي الائي ڇا سمجھيو ھو. مون کي خبر
ڪا نه ھئي ته تنھنجي دل به ايڏي ڪمزور آھي، جو
امان جا لڙڪ ڏسي ھمٿ ھاري ويھندين.“
تڏھن خوشيءَ وچان،
اٿي
کيس ڀاڪر پائي چيم، ”منھنجي ننڍڙي گڏي ڀيڻ! مون کي اڃا به
وڌيڪ سخت لفظ چئو. تنھنجن انھن ويڻن جي ڪري، تنھنجن ڀائرن جو رت اڀامي اٿندو، آفرين
منھنجي ڀيڻ!“
ان گھڙيءَ مون
کي محسوس ٿيو ته منھنجي آس جو پکيئڙو پر ڦڙڪائي اٿي ويو آھي. اوندھ جو ديو،
ڪنھن زبردست طاقت کان
ڊڄي
ڀڄڻ لڳو ھو.
مون چيو، ”ٻاگھي، مون
کي ھڪ ڳالھه ٻڌاءِ، جيڪڏھن تنھنجو ڀاءُ، ديس تان قربان ٿي وڃي ته تون خوش
ٿيندينءَ نه!“
ھن جوش وچان چيو، ”بيشڪ ادا، لک ڀيرا خوش ٿينديس.
وطن جي اڳيان پُٽن ۽ ڀائرن جون جانيون ڪا به قيمت نٿيون رکن. مون کي چنيسر
جھڙن پٽن ۽ ڀائرن کان نفرت آھي، ادا.“
”منھنجي ٻاگھي ڀيڻ، يقين ڪر، تنھنجو ڀاءُ دودو
ثابت ٿيندو.“
ان وقت منھنجي تصور ۾ اھي لکين ٻاگھيون، ۽ سڀان جون مائرون ھيون، جيڪي
پنھنجن دودن جھڙن پٽن کي مرڪندي،
موت جو سبق ڏيئي رھيون ھيون، ۽ ڪٿي پري،
ابر ۾ اھاءُ ٿيڻ لڳو ھو.


مقبول انجم ميمڻ
حـــــادثـــــو...!
پري کان هڪ وڏو هجوم ڏسڻ ۾ آيو، تڪڙا قدم کڻي
ويجهو آيس. هجوم سان گڏ، پوليس جو جٿو به بيٺل هو.
هڪ نوجوان، رت ۾ ٻڏل تڙپي رهيو هو. ماڻھن وس ڪيا،
پر هو الله کي پيارو ٿي چڪو هو! سادن ڪپڙن ۾ هي
شھزادو، رت سان رڱيل هو! اهڙو ڀيانڪ منظر ڏسي،
منھنجو مٿو چڪرائجي ويو... پاڻ کي سنڀاليندي، هيٺ
ويھي رهيس. ماڻھن جي چھرن تي مايوسي، بيوسي، اکين
۾ پاڻي، ٿڌيون آهون ۽ شوڪارا...!
ڪنھن چيو، ٽرڪن وارا وڏا ظالم آهن، اُهي ڪنھن جي
به پرواهه نٿا ڪن ۽ نتيجي ۾ معصوم ۽ مرڪندڙ چھرا
مرجهائجي وڃن ٿا. هجوم مان ڪنھن چيو: ”هي نوجوان
ڪنھن جي ته جگر جو ٽڪرو هوندو، ڪنھن جو ته لاڏلو
هوندو، ڪنھن جو ته سھاڳ اجڙي ويو هوندو؟ ڪو ته
سندس راهون تڪيندو هوندو!“
نواز صبح ساجهر اُٿي، رڌڻي ۾ نيرن جي تياري ڪري
رهيو هو ته سندس گهرواري اکيون مھٽيندي، رڌڻي ۾
وئي.

”اڃا تائين نيرن تيار نه ڪئي اٿئي؟“ بيگم صاحبه
رعب ڪندي چيو: ”جلدي ڪر، مون کي ڪاليج وڃڻ ۾ دير
پئي ٿئي.“ جوڻس جي خوفناڪ رڙين تي هيانءُ ڏڪي ويس.
هٻڪندي چيائين، ”بس، بس بيگم صاحبه! پنجن منٽن ۾
نيرن ٽيبل تي لڳايان ٿو.“ سندس گهرواري نيرن ڪري،
ڪاليج رواني ٿي ۽ نواز الله جا شڪرانه ادا ڪندي،
آفيس وڃي ٿو.
آفيس ۾ ٽيبل تي فائيلن جا ڍير ڏسي، کيس انھن فائلن
کان سخت نفرت ٿيڻ لڳي، سوچي رهيوهيو، منھنجي زندگي
ته عذاب بڻجي وئي آهي. هن جي ذهن ۾ ڪيترائي خيال
اچن ٿا. امان چيو هو ته وڏا ماڻھو آهن ۽ پنھنجا
آهن. سلميٰ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ تنھنجي زندگي
جنت بڻجي ويندي!
جيئن ته سلميٰ هڪ وڏي آفيسر جي لاڏلي ڌيءَ هئي ۽
ڪاليج ۾ ليڪچرار هئي ۽ مان هڪ غريب ڪلارڪ؟
اسان ٻنھي جي وچ ۾ زمين، آسمان جو فرق هو. هوءَ
مون کي مڙس نه، پر پنھنجو نوڪر سمجهي ٿي.
وقت تيزيءَ سان گذرندو رهي ٿو. هر هر آفيس ۾ ٽنگيل
گهڙيال کي ڏسي ٿو. اندرئي اندر ۾ پاڻ سان ڳالھائي
ٿو. منجهند جي ماني به تيار ڪرڻي آهي، دير ٿي وئي
ته منھنجي زال مون کي گهر مان ئي ڪڍي ڇڏيندي....
جوڻس ليڪچر ختم ڪري اسٽاف روم ۾ وڃي ٿي. اوچتو ذهن
۾ نواز جو نالو ياد اچي ويس. دل ۾ نفرت جا الا
ڀڙڪڻ لڳس. ”مُئي ڪلارڪ سان ڦاسي ويس، سڄي زندگي
زهر بڻجي وئي آهي، نه سماج ۾ ڪو مقام اٿس، نه ئي
ڪا عزت....!
وڏن جون اهي پراڻيون ريتون رسمون الائي ڪڏهن ختم
ٿينديون؟ امان چيو هو ته غريب آهيون ته ڇا ٿي پيو،
پنھنجا وري به پنھنجا آهن. پر کيس ڪھڙي خبر ته
منھنجي زندگي ڪيئن ٿي گذري؟ دنيا مون تي ٺٺوليون
ٿي ڪري ته هڪ ڪلارڪ جي زال آهي.
نواز گهڙيال ڏانھن ڏٺو، ماني تيار ڪرڻ جو ٽائيم ٿي
ويو آهي. جلدي آفيس مان نڪري روڊ تي بس جو انتظار
ڪرڻ لڳو. ڪجهه دير پري کان بس ڏسڻ ۾ آيس. خوشيءَ
مان بس ڏانھن وڌڻ لڳو. اچانڪ پويان ايندڙ ٽرڪ کيس
ٽڪر هڻي، پنھنجا وڏا ڦيٿا رت سان آلا ڪري، ساڳيءَ
رفتار سان سڀني جي نظرن کان اوجهل ٿي وئي.
ڌرتي رت سان رڱجي وئي. ماڻھن جو هجوم گڏ ٿي ويو.
هجوم مان ڪو آواز آيو: ”ڪنھن جو ته سھاڳ اُجڙي ويو
هوندو! ڪو ته سندس انتظار ڪندو هوندو!“
فضا ۾ ڏک جي لھر ڇانئجي وئي. پوليس پوسٽ مارٽم
ڪرائي، لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
هر اک آلي هئي، گهر ۾ قھرام مچي ويو، پر سندس زال
دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي: ”مئي ڪلارڪ
منجهان جان ڇٽي پئي، هاڻي ڪنھن آفيسر سان شادي
ڪندس.“

ڊاڪٽر بختاور ڄام
اهڙا ڏينھن منھنجا مولا، توکان مون گهريا هئا...
توھان سڀ مون
سان ڪيترا نه جڙيل آھيو.
اڄ جڏھن مون پوسٽ رکي. مھراڻ يونيورسٽيءَ
جي ته
اوھان سڀني مون
کي مبارڪون ڏنيون،
بلڪل اوھان صحيح سمجھيو،ٻه
ڏينھن
پھرين.
منھنجي موڀي پٽ ساحل جو جنم.
ڏينھن ھو ۽ اڄ کيس اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري ملي آھي،
ساحل مون
کي چيو امي اھا ڪا وڏي ڳالھه ناھي،
جو پوسٽ رکجي گريجوئيشن جي،
مون چيو:
پٽ،
اھو تون اسان مائٽن کان پڇ.
خاص ڪري ماءُ کان
ته
جڏھن تون منھنجي ھنج ۾ ھئين-
صفا پتڪڙو ھئين-
انتظار ھو ته ڪڏھن ڳالھائيندين
۽
ڪڏھن پڙھندين ۽ ڪلھه
ئي
توکي اسڪول جي مانٽيسري
سيڪشن ۾ ڇڏي آئي ھيس.
مون
کي ويندو ڏسي،
تنھنجي
اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا،
اسڪول جي
پٽيواليءَ
توکي ھٿ کان وٺي چيو،
اچ ٽيچر کي ٻڌائي واپس ٿا اچون ته ساحل آيو آھي!
پوئتي نھاري
مائيءَ
مون
کي وڃڻ جو اشارو ڪيو.
اھو اسڪول اسٽرانگ بيس ھاءِ
اسڪول ھو،
جيڪو ريڊيو پاڪستان جي ڀر ۾ آھي.
مون ھن اسڪول ۾ توکي تڏھن داخل ڪرڻ جو سوچيو ھو، جڏھن تون اڃان منھنجي وجود ۾ حرڪت ڪري رھيو ھئين،
پوءِ
قاسم آباد ۾،
بحريه فائونڊيشن ۾،
تون جڏھن اڃان ميٽرڪ ۾ ھئين ته مون تولاءِ ڪاليج ڏسڻ شروع ڪيو.
سپيريئر ڪاليج وزٽ ڪرڻ ويس ته وائيس پرنسپال پڇيو:
”اوھان
جو ٻار ڪٿي آھي؟“
مون چيو:
”ھو
اڃان ميٽرڪ ۾
پڙھي پيو.“
مسڪرائي چيائين:
”اوھان
اڳواٽ ئي پلاننگ پيا ڪريو“.

بھرحال ساحل جي ڪيريئر ۾ ساحل جي
بابا اقبال ملاح کانسواءِ،
ٻين ٽن ماڻھن جو
به
اھم ڪردار آھي،
ھڪ منھنجو وڏو ڀاءُ انجنيئر سجاد ظھير،
جنھن کان مان وقت به وقت رھنمائي وٺندي رھيس،
منھنجي دوست عرفانه
ملاح،
جنھن مون
کي ساحل جي مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن جي صلاح ڏني ۽ ادا امداد سومرو جنھن
پڻ ساحل جي ايڊميشن جي سلسلي ۾ اسان جي ڀرپور
رھنمائي ڪئي ۽ اسان کي اتساهه ڏنو.
۽ ڪلھوڪو ڏينھن آھي.
فخر سان توکي مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڇڏي آيس ۽ تو تمام بھتر نموني انجنيئرنگ
پاس ڪري،
منھنجو ڳاٽ اوچو ڪيو.
ھاڻي مان نه صرف ھڪ انجنيئر جي ڀيڻ آھيان،
پر ھڪ انجنيئر جي ماءُ پڻ آھيان.
باقي اسان جھڙو ورڪنگ ڪلاس ڪيئن ٻار پڙھائي ٿو، اھو اندازو شايد مون جھڙين
مائرن
۽ پيئرن
کي ئي ھوندو!“
ساحل پنھنجي طبيعت ۾ تمام
گهڻو
خيال، رکندڙ،
پيار ڪندڙ ۽ پنھنجن ڏاڏاڻن،
ناناڻن ۽
منھنجي سڄي حلقي سان جڙيل رھڻ وارو نوجوان آھي.
منهنجو به تمام گھڻو خيال رکندو آھي.
منھنجي آرام جو،
صحت جو ،گھر جا ڪم ڪار وغيره سڀ خوش اسلوبيءَ سان ڪندو آهي.آئون
رڌڻي
۾ ڪم پئي ڪندي آھيان ته اچي مون
کي ڀاڪر پائيندو آھي
ته
چوندي آھيانس:
”پري
ٿي،
پگھر ۾ ڀريل آھيان.“
سمھڻ لاء ليٽندي آھيان ته اچي مون
کي مٿي تي چمي ڏئي ويندو آھي،
تڏھن دل ۾ سوچيندي آهيان ته ساحل ته بابا جون سڪون
پيو لاھي.
ڪنھن صحيح چيو آھي ته ڌيئرون وڏيون ٿي مائرون ٿي
وينديون ۽ پٽ پيئر.
ساحل توکي شل ڪوسو واءُ نه لڳي،
قدم قدم تي ڪاميابيون ماڻين.
ھي ته
تنھنجي
ڪاميابيءَ جو پھريون ڏاڪو آھي.
دل ۾ ھڪڙو سھرو بار بار پيو ھُري:
اھڙا ڏينھن
منھنجا مولا،
توکان مون گھريا ھئا،
اميدن
ڏسڻ
لاءِ!

عنبرين حسيب ”عنبر“
سماجي رويا...!
ماڻھو، ڪنھن جي ڪاميابيءَ تي ساڙ ڇو ٿا ڪن؟ خاص
طور تي عورت جي ڪاميابي، انھن کي خوفزده ڇو ٿي ڪري
ڇڏي؟ هو ڇو عورت کي هميشه محڪوم، مجبور، لاچار ۽
ڏکويل ڏسڻ چاهين ٿا؟ هڪ عورت مان جنم وٺي، زندگي
وٺڻ وارا، ان کي اڌمئو رکڻ ڇو ٿا چاهين؟ انھن کان
بااعتماد، سچي ۽ مسڪرائيندڙ عورت برداشت ڇو نٿي
ٿئي؟ خاص طور تي اها عورت، جيڪا ڪنھن مرد جي
”آشيرواد“ جي بغير ڪاميابيءَ جون منزلون طي ڪري،
اها انھن کي پنهنجي دشمن ڇو ٿي لڳي؟
اسان جو خيال آهي ته روايتي سماج ۾ جتي عورت کي
هميشه مخصوص ڪردار تائين رکيو ويو هجي، اتي جڏهن
ڪا عورت، ڪاميابي حاصل ڪري ٿي ته هوءَ انھن روايتي
اميدن کي ٽوڙي ٿي ڇڏي، جيڪا ننڍڙي سوچ رکندڙ ماڻھن
لاءِ ناقابل برداشت ٿي وڃي ٿي. اسان جي سماج ۾ ته
هميشه مرد کي غالب ڪردار ڏنو ويو آهي، ان لاءِ به
عورت جي ڪاميابي، ان کي ان جي اختيارن کي چيلنج
ڪندي محسوس ٿي ٿئي، لھٰذا عورت جي ڪاميابي، ڪجهه
مردن کي، ان خوف جو شڪار ٿي ڪري ڇڏي ته هوءَ، انھن
جي سماجي حيثيت يا طاقت کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. انھن
کي اهو خوف ٿو ٿئي ته عورت جي ترقي، سماجي ڍانچي
يا منفي توازن کي بدلائي سگهي ٿي. هوعورت جي
ڪاميابيءَ کي پنهنجي ناڪامي سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي
ڪمتر سمجهندي، عورت کي ڪمتر ثابت ڪرڻ جون ڪوشش ڪن
ٿا.
اهو ئي سبب آهي، جو اسان ڪيترن سالن کان، اهو
تماشو ڏسي رهيا آهيون. ته جڏهن به امرسنڌو ۽
عرفانه ملاح ”اياز ميلو“ منعقد ڪن ٿيون ته اياز
ميلو گذريل سال کان وڌيڪ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. پر
اياز ميلو جيترو ڪامياب ٿئي ٿو، ايتري ئي شدت سان،
عورت جي ڪردارڪشي جي مھم هلائي ٿي وڃي. هر ڀيري
اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هن ڀيري عورت ڊڄي ويندي.
ڇا، انھن کي ڪو ٻڌائڻ وارو ناهي ته دراصل خوفزده
هو پاڻ آهن، جيڪي عورت جي ڪاميابيءَ کان ڊڄن ٿا.
انھن جو احساس عدم تحفط، احساس ڪمتري، انھن جو
خوف، انھن کي اهو سمجهڻ ئي نٿو ڏئي ته ڪنھن جي
ڪاميابي ٻئي ڪنھن جي ناڪامي نٿي ٿي سگهي.
انھن کي سمجهڻ گهرجي ته عورت جي ڪاميابيءَ سان حسد
۽ خوف، دراصل انھن سماجي روين ۽ نفسياتي ڪمزورين
جي عڪاسي ڪري ٿو. نه ته عورت جي ڪاميابي، صرف ان
جي ذاتي فتح ناهي، بلڪ پوري انسانيت جي ترقيءَ جو
نشان آهي.
اسين ”اياز ميلو“ ۾ شريڪ ٿيڻ واري هر فرد تي هي
فرض سمجهون ٿا ته هو هن عمل جي پر زور مذمت ڪري ته
جيئن ڪردارڪشيءَ جو هي سلسلو هن وقت ئي ختم ٿئي ۽
آئنده اياز ميلو جي منتظمين کي، هن ميلي کي ملھائڻ
جي ۽ ڪاميابيءَ جي قيمت، ڪردارڪشي سان چڪائڻي نه
پوي. هي تماشو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ هميشه لاءِ
ختم ٿيڻ گهرجي.
رابعه
بيوٽي ٽپس
Home mad face polish
گهربل شيون:
1- بيسڻ، هڪ چمچو
2- خشڪ کير
(Dry Milk)،
هڪ چمچو
3- گلاب جو پاڻي
Rose Water،
ضرورت آهر
4- ماکي
(Hony)،
هڪ چمچو
5- ڏهي، هڪ چمچو ڏهي، خشڪ چمڙيءَ
Dry Skin
وارا استعمال ڪن ۽ سڻڀي چمڙيءَ
Oily Skin
وارا ليمي جي رس استعمال ڪن.
6- ڪنھن به ڪمپنيءَ جو اسڪرب، هڪ چمچو
7- هيڊ، هڪ چپٽي
ترڪيت:
سڀ شيون چڱيءَ طرح مڪس ڪري، چھري تي 20 کان 25
منٽن تائين لڳايو ۽ پوءِ هلڪي هلڪي هٿ سان ڌوئي
وٺو ۽ ان کان پوءِ ملتاني مٽي (ميٽ) کي عرق گلاب ۾
ملائي، ماسڪ ٺاهي چھري تي لڳايو، 15 منٽن کان پوءِ
ڌوئي وٺو.
هفتي ۾ 2 يا هڪ دفعو لڳائڻ سان اسڪن تمام گهڻي
چمڪدار
Glowing
۽ ٽائيٽ ٿي ويندي.

Home mad face cleansing
گهربل شيون:
1- چانورن جو اٽو، هڪ چمچو
2- هڪ عدد ٽماٽي جو رس
3- بيسڻ، هڪ چمچو
4- گلاب جو پاڻي، ضرورت آهر
5- ايلويرا جيل، هڪ چمچو
ترڪيت:
سڀ شيون چڱيءَ طرح مڪس ڪري، پيسٽ ٺاهي وٺو ۽ ان
پيسٽ سان چھري جي
Cleansing
ڪريو 30 کان 35 منٽن تائين. ان سان چھري جي گندگي
چڱيءَ طرح صاف ٿي ويندي، ۽ مسام/سوراخ
Pores
به بند ٿي ويندا. ڪارا داڻا
Black Heads
به ختم ٿيندا، آخر به ڪپھه تي گلاب جو پاڻي لڳائي،
پنھنجي چھري تي لڳائڻ سان چھري جا مسام بند ٿي
ويندا.
چهري جون ڇانهيون ختم ڪرڻ لاءِ

گهربل شيون:
1- پٽاٽو (آلو)، هڪ عدد
2- گلاب جو پاڻي، ضرورت آهر
ترڪيت:
پٽاٽي ۾ ٿورو گلاب جو پاڻي وجهي گرائينڊر ۾
گرائينڊ ڪريو، ان کي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي ’عرق‘ هڪ
پياليءَ ۾ ڪڍي وٺو، پوءِ صاف ڪپھه کڻي، ان سان
چڱيءَ طرح، اهو عرق پنھنجي چھري تي لڳايو ۽ 30
منٽن تائين لڳائڻ کان پوءِ تازي پاڻيءَ سان ڌوئي
وٺو، هفتي ۾ هڪ يا 2 دفعي لڳائڻ سان، آهستي آهستي
چھري جون ڇانھيون ختم ٿي وينديون.
جيڪڏهن ڪنھن کي هارمونز جي ڪري ڇانھيون ٿيون آهن
ته اهي يا ته ڊاڪٽر کان علاج وٺن. يا وري روزانو
هڪ صوف کائن، ائين ڪرڻ سان ڇانھيون ختم ٿي
وينديون.
ترڪيب نمبر 2
گهربل شيون:
1- موريءَ جو رس، 1 ڪپ
2- خشڪ کير، 1 چمچو
3- ڪارن فلور، 1 چمچو
ترڪيت:
هڪ ڪپ موريءَ جو رس، جنھن کي خشڪ کير ۽ ڪارن فلور
سان مڪس ڪري، ڪنھن صاف ٿانوَ ۾ وجهي، ان مڪسچر کي
هلڪو گرم ڪريو، ان کي ڪريمي شڪل ڏيڻي آهي، جڏهن
ٿورو گهاٽو ٿي وڃي ته ان کي ڪنھن ٿانوَ ۾ ڪڍي، ٿڌو
ڪري وٺو. ان کي ڪريم وانگر لڳايو. ان ڪريم کي رات
جو چھري تي لڳائي، صبح جو ڌوئي ڇڏيو. آهستي آهستي
چھري جون ڇانھيون ختم ٿي وينديون.

پونم بلواڻي
گوبيءَ جا پراٺا
گهربل شيون:
اڌ ڪلو گل گوبي، هڪ ننڍو چمچو پيسيل ڳاڙها مرچ،
ادرڪ، ساوا ڌاڻا، هڪ ننڍو چمچو ڪُٽيل ڏاڙهون کٽا،
لوڻ سواد مطابق.
ٺاهڻ جو طريقو:
گل گوبيءَ کي ڪدوڪش ڪري، ان ۾ مصالحا ملائي، اٽي
جي پيڙن ۾ گل گوبي وجهو ۽ ويليو. پراٺي جا پاسا
چڱيءَ طرح بند هئڻ گهرجن، ٿوري باهه تي پراٺا
سيڪيو، جڏهن پچي وڃن ته هڪ ننڍو چمچو گيهه وجهي،
ٻئي طرف چڱيءَ طرح سيڪيو.
موريءَ جا پراٺا
گهربل شيون:
3 وڏيون موريون ۽ ٻيا مصالحا سواد موجب.
ٺاهڻ جو طريقو:
پھرين مورين کي ڪدوڪش ڪريو پوءِ نچوڙيو، جيئن
مورين جو پاڻي نڪري وڃي، پوءِ سڀ شيون ملايو، اٽي
جي پيڙن ۾ ڀري ويليو ۽ پراٺا ٺاهيو.
نوٽ: پراٺن ۾ ٻيون ڀاڄيون ڀري، انيڪ طريقن جا
پراٺا ٺاهي سگهجن ٿا، ٺاهڻ جو طريقو هڪجهڙوئي آهي.
قيما پراٺا
گهربل شيون:
2 پيالا اٽو، 4 پيالا ميدو، 4 چمچا کنڊ، 2 چمچا
لوڻ، 15 کان 16 چمچا ڏهي ۽ اٽو ڳوهڻ لاءِ پاڻي.
ٺاهڻ جو طريقو:
مٿي لکيل سڀ سڪل شيون پھرين ڇاڻيو، پوءِ ان ۾ ڏهي
۽ پاڻي وجهي، اٽي وانگر چڱيءَ طرح ڳوهيو، هاڻي ان
کي آلي ڪپڙي سان ڍڪي ڪري ڏيڍ ڪلاڪ لاءِ الڳ رکو.
پراٺي ۾ ڀرڻ لاءِ گهربل شيون:
اڌ ڪلو کن قيمو، چار ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا سنھا
ڪتريل، 2 چمچا جيرو، 2 چمچا ڌاڻا پائوڊر، هڪ بيدو
۽ ٿورو لوڻ.
قيمي ۾ ڏيڍ پيالو پاڻي وجهي، ڪُڪر ۾ 15 منٽن تائين
ٻاڦيو يا پاڻي وجهي ڪري تيستائين رڌيو، جيستائين
قيمو ڳري نه وڃي، پوءِ باقي پاڻي بلڪل سڪائي ڇڏيو
۽ ان ۾ ساوا مرچ، ساوا ڌاڻا، سڪل ڌاڻا، جيرو، انڊو
ڀڃي لوڻ ملايو.
هاڻي ڳوهيل اٽي مان ٻه ننڍا پيڙا ٺاهي، جيترو وڌيڪ
ويلي سگهو، اوترو سنھو ويليو، پوءِ هڪ ويليل
روٽيءَ تي ٿورو رجيل گيهه يا مکڻ لڳائي، قيمو سڄي
روٽيءَ تي رکي دٻايو ۽ ڪنارا چڱيءَ طرح دٻايو.
هاڻي فرائي پين ۾ ٿورو گيهه وجهي، ان ۾ پراٺو
تريو، جيستائين ٻنھي طرفن کان گلابي نه ٿي وڃي، ان
طرح سڄي اٽي مان پراٺا تريو، اهي پراٺا ناشتي سان
کائي سگهجن ٿا، يا مسافريءَ وقت پاڻ سان کائڻ لاءِ
کڻي سگهجن ٿا.
نارنگيءَ جي جئم:

ٺاهڻ جو طريقو:
نارنگيءَ جي رس ۾ کنڊ وجهي، ٿوري دير باهه تي رکو،
جيئن کنڊ ڳري وڃي ته باهه تيز ڪريو ۽ لڳاتار
گهمائينديون رهو، اٽڪل پنجن منٽن کان پوءِ ان ۾
ليمي جي رس ملايو، ٽيسٽ ڪري ڏسو، پوءِ ان کي باهه
تان لاهي، تيار ٿيل جئم گرم ئي بوتل ۾ ڀريو، جڏهن
ٿڌي ٿي وڃي ته پوءِ ميڻ سان سيل ڪري، ڍڪڻ بند رکو.

پٽاٽن جا مٺا گولا

گهربل شيون:
250 گرام پٽاٽا، هڪ ڪوپ کير، ٻه چمچا کنڊ (پيٺل يا
ٻورو) اڌ ڪوپ کويو، مُنو ڪوپ ميدو، اڌ ڪوپ سڪل
ناريل (سنھو ڪتريل)، ٽي ننڍا چمچا چرونجي ۽ ڪاجو
ڪٽيل، پيلي رنگ جو ڪجهه بوندون ترڻ لاءِ تيل.
ٺاهڻ جو طريقو:
پٽاٽن کي ڌوئي اوٻاريو، ۽ ڇِلي ڪري هٿن سان ڀوريو،
کير کي هڪ برتن ۾ وجهي باهه تي رکو,
جڏهن ٽھڪڻ لڳي ته ان ۾ پٽاٽا ۽ کنڊ وجهي گهاٽو ٿيڻ
تائين گهمايو، کويي کي ٿورو ڀُڃي ان ۾ کنڊ يا
ٻورو، چرونجي ۽ ڪاجو ۽ رنگ ذري ملايو ۽ پتاشي
جيتريون ننڍيون ننڍيون گوليون ٺاهيو، پوءِ پٽاٽن
جي ملاوٽ کي هٿ تي رکي وچ ۾ کويي جي پيلي گولي رکي
ٺاهيو، اهڙيءَ طرح هٿ تي تيل لڳائي سڀ گولا تيار
ڪريو. انھن گولن کي پاڻيءَ ۾ نرم ٿيل ميدي ۾ ٻوڙي
مٿان ناريل جو ٻورو لپيٽي تيل ۾ تريو، پٽاٽن جا
گولا تيار ٿي ويا.

 |