


خوشبو
بلوچ
نظم (پورهيت)
جڏهن به
سانوڻ جي برسات
پنھنجي پوري جوڀن سان
ماحول کي مھڪائيندي آهي،
تڏهن منھنجو ڌيان
هميشه توڏانھن
ڇڪجي ويندو آهي
خبر اٿم،
هي برساتون،
هي خوشيون،
سڀ وڏن ماڻھن جا چونچلا آهن
تو ۽ مون جهڙا ماڻھو
خوشين کان اڻڄاڻ،
پيٽ پوڄا ۽ وقت جي،
ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ
پيا جيئندا آهيون،
اڄ به برسات جي پھرين بوند سان،
منھنجو خيال
توڏانھن ٿي ويو هيو،
خبر هيم ته:
هھڙي برسات ۾
آلين ڪاٺين تي سانجڻ ڪرڻ،
ڪيڏو ڏکيو هوندو آهي،
پر پوءِ
مون کي خيال آيو ته:
سانجڻ ڪرڻ لاءِ
سيڌي جي ضرورت پوندي آهي.....
اهو سوچيندي اکيون ڀرجي آيون هيم
۽ لڙڪ بي اختيار
منھنجا ڳل پسائي رهيا هئا،
صرف اهو سوچيندي ته:
اي پورهيت!
اڄ به توکي ڪٿي ڪا،
ڏهاڙي نه ملي هوندي،
اڄ به تنھنجي گهر،
آلين ڪاٺين جي باهه نه ٻري هوندي
اڄ به تنھنجا ٻار
بکئي پيٽ ڪيڏو نه رُنا هوندا.
هڪ ماءُ سوچي ٿي!
هن ننڍڙي ٻار جي
بي ڪفن لاش کي،
هنج ۾ رکي،
رت گاڏُڙ ڳوڙهن وارين اکين سان
سوچيو ٿي ته:
برسات ته رحمت هوندي آهي،
پوءِ زحمت ڇو ٿي آهي!؟
گهر جي ڇت ته:
ٻچن کي ڇانوَ ڏيندي آهي
پوءِ هوءَ ٽمندي ڇو آهي؟
درياءُ به ته پيءُ ۽ پٽ جيان
دادلو ٿيندو آهي
پوءِ هو ايڏو ارڏو ڇو آهي؟
هو ايئن اسان کي ٻوڙي ماري،
اسان جا لاش ڇو ٿو کائي؟
هڪ ماءُ کي سوچيندي سوچيندي،
لڙڪ اکين ۾ ڀرجي آيا،
هٿ کڻندي آسمان ڏانھن
ائين چيائين ته:
پيدا به اسان کي
اي خدا!
تون ئي ڪندو آهين.
پوءِ ايئن روئاريندو ڇو آهين؟
هڪ ماءُ سوچي ٿي....!
هڪ ماءُ روئي ٿي....!
جنھن جي لڙڪن اگهڻ واري
پوتي به،
لھرن لوڙهي ڇڏي آ.
خوشبو بلوچ
نظم (پورهيت)
جڏهن به
سانوڻ جي برسات
پنھنجي پوري جوڀن سان
ماحول کي مھڪائيندي آهي،
تڏهن منھنجو ڌيان
هميشه توڏانھن
ڇڪجي ويندو آهي
خبر اٿم،
هي برساتون،
هي خوشيون،
سڀ وڏن ماڻھن جا چونچلا آهن
تو ۽ مون جهڙا ماڻھو
خوشين کان اڻڄاڻ،
پيٽ پوڄا ۽ وقت جي،
ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ
پيا جيئندا آهيون،
اڄ به برسات جي پھرين بوند سان،
منھنجو خيال
توڏانھن ٿي ويو هيو،
خبر هيم ته:
هھڙي برسات ۾
آلين ڪاٺين تي سانجڻ ڪرڻ،
ڪيڏو ڏکيو هوندو آهي،
پر پوءِ
مون کي خيال آيو ته:
سانجڻ ڪرڻ لاءِ
سيڌي جي ضرورت پوندي آهي.....
اهو سوچيندي اکيون ڀرجي آيون هيم
۽ لڙڪ بي اختيار
منھنجا ڳل پسائي رهيا هئا،
صرف اهو سوچيندي ته:
اي پورهيت!
اڄ به توکي ڪٿي ڪا،
ڏهاڙي نه ملي هوندي،
اڄ به تنھنجي گهر،
آلين ڪاٺين جي باهه نه ٻري هوندي
اڄ به تنھنجا ٻار
بکئي پيٽ ڪيڏو نه رُنا هوندا.
هڪ ماءُ سوچي ٿي!
هن ننڍڙي ٻار جي
بي ڪفن لاش کي،
هنج ۾ رکي،
رت گاڏُڙ ڳوڙهن وارين اکين سان
سوچيو ٿي ته:
برسات ته رحمت هوندي آهي،
پوءِ زحمت ڇو ٿي آهي!؟
گهر جي ڇت ته:
ٻچن کي ڇانوَ ڏيندي آهي
پوءِ هوءَ ٽمندي ڇو آهي؟
درياءُ به ته پيءُ ۽ پٽ جيان
دادلو ٿيندو آهي
پوءِ هو ايڏو ارڏو ڇو آهي؟
هو ايئن اسان کي ٻوڙي ماري،
اسان جا لاش ڇو ٿو کائي؟
هڪ ماءُ کي سوچيندي سوچيندي،
لڙڪ اکين ۾ ڀرجي آيا،
هٿ کڻندي آسمان ڏانھن
ائين چيائين ته:
پيدا به اسان کي
اي خدا!
تون ئي ڪندو آهين.
پوءِ ايئن روئاريندو ڇو آهين؟
هڪ ماءُ سوچي ٿي....!
هڪ ماءُ روئي ٿي....!
جنھن جي لڙڪن اگهڻ واري
پوتي به،
لھرن لوڙهي ڇڏي آ.
سرواڻ سنڌي
سانگهڙ تنهنجي ريت نه اهڙي!
هڪڙو ٻيلو، جنهن ۾ ڪيئي
ڌرتيءَ جون آکاڻيون آهن
هڪڙو سورهيه، جنهن جون ڳالهيون
ڏيهه سڄي واکاڻيون آهن
هڪڙو نعرو، جنهن پنهنجي ۾
ذاتيون ڪيئي واڻيون آهن
ها پر هاڻي وقت پڄاڻان
ساڳيون ذاتيون ماڻهو آهن
ها! پر، تِن ۾ ميت نه اهڙي
سانگهڙ تنهنجي ريت نه اهڙي.
هڪڙو ٻيلو جنهن ۾ ٻاگهين
ويڙهون وڙهندي، چوٽون کاڌيون
هڪڙو ٻيلو جنهن ۾ مورن
مارن لئه ٻوليون ٿي ٻوليون
هڪڙو ٻيلو، جنهن ۾ هرڻين
آوازن تي ڇال ڏنا ٿي،
هڪڙو درياهه جنهن جي لهرن
ٻيڙياتن کي پار ڪيو ٿي
ويڙهاڪن جي هر ڪنهن ٽولي
سانگيئڙن کي پيار ڪيو ٿي
ها پر هاڻي وقت پُڄاڻان
ساڳيو سُک، سنگيت نه اهڙي
سانگهڙ تنهنجي ريت نه اهڙي
ڪنهن ڄاتو هو، نياڻين پوتيون
سر تان لهنديون، ليڙون ٿينديون
پنهنجا ماڻهو ڌارين وانگر
گهر ۾ گهڙندا، ڌاڙا هڻندا
ننگ لتاڙي، تاڙا هڻندا
ها پر سورهيه سنڌ پڄاڻان
خلجي تنهنجي جيت نه اهڙي
سانگهڙ تنهنجي ريت نه اهڙي!
*******
ڪائنات نائچ
غزل
ڪنھن کي نه آيو، خيال اسان جو،
روئيندي گذريو سال اسان جو.
تنھنجي سِڪ ۾ ساهه سڪي پيو،
تو نه پڇيو حال اسان جو.
تنھنجي وڇوڙي آهي ستايو،
حال صفائي بيحال اسان جو.
تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ”ناز“ پيا ڏوريون،
جيئڻ پوءِ به جنجال اسان جو.
چوسٽا
ڪڏهن دل ڪنھن ڏکائي هوندئي
منھنجي ياد ته آئي هوندئي
ڇو تون اڄ ڪلھه اڪيلي آهين
پڇندي ساري خدائي هوندئي. |