سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي جون 2025ع

باب:

صفحو:3 

سويرا صاحبه ڪنڀر

مُھراڻي جو شھنشاھه بورچي محمد جمن ڪنڀار

 

سنڌ جي سھڻي ۽ زرخيز زمين، هر دور ۾ اهڙا ته انمول انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنھنجو پاڻ ارپڻ جي جذبي ۽ دلچسپيءَ سان، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. چاهي اهي اديب، شاعر، عالم ۽ عاقل هجن، پر پنھنجي نيڪ نيتيءَ سان، پنھنجي خاندان ۽ ملڪ جو مان مٿانھون ڪيو آهي، اهڙن مجاھد مردن ۾ منھنجي نانا مرحوم محمد جمن ڪنڀار جو نالو به سرفھرست آھي. جنھن برصغير ٽٽڻ کان پوءِ ھندستان ملڪ مان لڏي آيل بي سھارن کي پناھه ڏني.

محمد جمن ڪنڀار 1919ع ۾ ھڪ ننڍڙي ڳوٺ هالارو، ڌوريري جي چاڙهي، تعلقو کپرو ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ لعل محمد جي گهر ۾ اک کولي، سندس خانداني سلسلو ڏاڏي ڄام کان هلندو پيو اچي جيڪو ميراسر ٿر جو رهاڪو هو، پر ڄام جو پٽ (فقير لڌو) ٿر ۾ ڏڪار سبب ضلعي سانگهڙ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

هن پنھنجي شروعاتي تعليم، پنھنجي ڳوٺ مان ورتي، جتان پنجون درجو استاد مولوي عبدالله وٽ پاس ڪيائين. ان دور ۾ پنجون درجو پاس ڪرڻ کي فائنل جو امتحان سڏيندا ھئا. نانا کي 18 سالن جي عمر ۾ عمرڪوٽ ضلعي م ڪوٽار جي نوڪري ملي وئي ۽ پوءِ نوڪري خاطر سانگهڙ مان لڏي اچي، ويھرو ۾ رھائش اختيار ڪيائين.

نانا محمد جمن ڪنڀار سنڌي تعليم سان گڏ، ديني تعليم پڻ حاصل ڪئي ۽ پاڪ ڪتاب حفظ ڪيائين ۽ فارسي جو سٺو ڄاڻو هو. اڪثر واندڪائي واري وقت ۾ آيتون زير لب هونديون هيس کيس دوستي نڀائڻ به چڱي ايندي ھئي. سندس دوستن ۾ پهلاج ڪلال، تپيدار مير محمد خاصخيلي، شھيد مينھن وسايو، مير غلام مصطفيٰٰ ٽالپر (ڏگو فارم) ۽ گھڻو ويجھو ساٿي چوڌري مشتاق قابل ذڪر آهن.

نانا مرحوم پھرين شادي مومن ڪنڀار ويھرو مان ڪيائين. پر اھا زال ھڪ اولاد جي ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. گهر ۽ اولاد کي سنڀالڻ خاطر وري ٻي شادي ڪيائين، جنھن مان ٻن نياڻين جو اولاد ٿيڻ کان پوءِ اھا گھرواري به وڃي اَبدي آرامي ٿي. وري ٽين شادي ڪيائون، جنھن مان اولاد ٿيس، ڪُل ڇھه پٽ ۽ پنج نياڻين جو اولاد جيڪي اڳتي هلي پنھنجي والد مرحوم جي نقش قدم تي ھلندي، جدوجھد ڪندا رھيا.

محمد جمن ڪنڀار شڪار جو ڏاڍو شوقين هوندو هو، اڪثر ڪري هرڻ جو شڪار ڪندو هو، ان لاءِ جو ھن جو اھڙن کير پياڪ جانورن سان بي پناھه محبت ھوندي ھئي، جن کي ھو پنھنجي ٻچن برابر سمجھي سنڀاليندو ھو. پر ھن وقت ھرڻ ۽ مور وغيره تي قانوني پابنديون پڻ آھن.

لباس ۾ قيمتي ۽ اعليٰ ڪوالٽي جا ڪپڙا پائيندو هو. مٿي تي اڇو پٽڪو ٻڌندو ھو. کائڻ م مڇي جي ڀاڄي ۽ چانورن  جي ماني ۽ سياري م گجرن جو حلوي جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. هميشه ڀلي ۽ سٺي نسل جو گهوڙا پاليندو هو. ان وقت ڪنڀارن جي ڪنھن به گهر ۾ (تجوڙي) نه ھوندي هئي ۽ نه وري سوني جا سڪا (هر سڪو تولي جو هوندو هو) اهي به ناني جمن ڪنڀار جي گهر ۾ موجود ھئا. مُھراڻي جو ناليوارو بورچي هجڻ سان گڏ، سٺو مھمان نواز پڻ ھو.

 

زندگي جا خاص واقعا، جن نانا کي ٻين کان منفرد ڪري ڇڏيو

1970ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پھريون دفعو عمرڪوٽ شھر جو دورو ڪيو ته سندن ماني ٺاهڻ جي ذميداري محمد جمن ڪنڀار کي سونپي وئي، ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن تقرير ختم ڪري ماني کائڻ شروع ڪئي ته پھريون گِرهه زبان کان دل کي ڇُھي ويو. هتي ويٺل ملازمن کان پڇا ڪيائين ته هي سڀ طعام جنھن ٺاهيا آهن، ان کي منھنجي سامھون آندو وڃي، ٿوري دير کان پوءِ نانا ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳيان حاضر ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کيس ڀاڪر پاتو ۽ انعام م سورهن ايڪڙ ٻني تحفي طور ڏني، اها ٻني وڪيل جي ڳوٺ ۾ هئي. مير علي احمد خان ٽالپر (وزير دفاع) جڏهن عمرڪوٽ وزٽ تي آيو ته نانا کي ماني ٺاهڻ جو حڪم مليو. سلاد ته اهڙي قسم جي ٺاهي جو  ڀاڄين جو ذائقو ۽ ڪلر ئي تبديل ڪري ڇڏيندو هو. مير علي احمد خان ٽالپر ملازمن کان پڇا ڪئي ته هي ڪھڙي شيءِ آهي. مون ته اها ڪڏهن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪونه کاڌي، ان تي ملازمن چيو ته سائين هي سلاد آهي، جيڪو اسان جي خاص بورچي محمد جمن ڪنڀار ٺاهيندو آهي. پوءِ ته علي احمد خان ٽالپر نانا کي گهرائي پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ چيائينس ته تون اسان وٽ اچ ۽ ماني ٺاھه پر نانا انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته آئون هي ڪم ڪونه ڪندس. مير علي احمد خان ٽالپر هڪ دفعو وري پيشڪش ڪئي تو کي بدلي مان ڇا کپي نانا پنھنجي وڏي پٽ لعل محمد ڪنڀر ۾ نوڪريءَ جو چيو، جنھن کي  17 گريڊ جي نوڪري ڏني.

پاڪستان ۾ هندستان کان آيل ماڻھن کي نه صرف پناھه ڏنائين، پر مالي مدد به ڪيائين ۽ ڪيترين نياڻين کي ڏاج ڏئي، پڻ شادي ڪرائي. هڪ دفعي نانا هوٽل ۾ ويٺل هو. هڪ هٿ م چانھه ۽ ٻئي هٿ ۾ سگريٽ جو ڪش هڻي رهيو هو. پاپلين ڪپڙي جو وڳو پاتل هو ته ڪنھن اتي طعنو هڻي چيو ته تون هتي ويھي ٺٺ پيو ڪرين، پر تنھنجي ڀيڻ بک پئي مري هن ڏينھن کان پوءِ زندگي ۾ پاپلين ڪپڙو ڪونه پاتائين ۽ پوءِ عمر ڀر سادگي اختيار ڪيائين. ان ڏينھن کان پوءِ هر مھيني جو راشن، ڪپڙو لٽو ۽ گهر جو ٻيو سامان پنھنجي ڀيڻ جي گهر موڪلي ڏيندو هو.

انڊيا جي ٻارميل ڳوٺ م ميلو لڳو، پاڻ ان وقت ڪنوارو هو. اهو ڳوٺ 36 کان 40 ڪلوميٽر پري هو. پنھنجي دوستن سان گڏ جڏهن ميلو گهمڻ ويو ته کيس ميلي ۾ هڪ ڇوڪري پسند آئي. هن سڱ گهرين ڇوڪريءَ جي مائٽن نه ها. ڪري صرف سڱ ڏنو، پر مڱڻي به ڪري ڇڏين. ميلي کان جڏهن  پنھنجي گهر آيو ۽ مائٽن کي پنھنجي مڱڻي جي باري م ٻڌايائين ته مائٽن ان رشتي کي نه مڃيو ۽ چيو ته تون ٻين سان سنگت ڪندي ته اسين پنھنجي ڇوڪرين کي ڪيڏانھن ڪنداسين“.

مائٽن جي گهڻي زور ڀرڻ تي نانا اها مڱڻي ٽوڙي ڇڏي، مڱڻي م مليل رمجهوڙ يعني پايل کٿا لويون، جيڪي تحفي طور مليون هيس، سي اڄ به محفوظ پيل آهن.

هڪ دفعي سندس دوست جي ٻنيءَ جي کاتي جو ڪم ڪونه پئي ٿيو. (ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ۾، جنھن کي ان زماني ۾ ڪليڪٽر چوندا هئا.) نانا ان کي چيو ته مون کي ڪاغذ ڏي، آئون ٿو ڪرائي اچان پر ڪليڪٽر دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ ان ڪليڪٽر جي پٽ جي شاديءَ جي ماني ٺاهڻ جو آرڊر مليو. پر نانا ماني ٺاهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان تي ڪليڪٽر جي زال نانا کي گهرائي چيو ته تو کي ڪهڙي پريشاني آهي؟“  نانا ٻڌايس ته ”ڪليڪٽر ۾ منھنجو ننڍڙو ڪم آهي، هن کان اهو به ڪونه ٿو ٿئي“ ان چيس ته جيڪو ڪم آهي مون وٽ کڻي اچ.“ نانا اهي ڪاغذ کڻي ڪليڪٽر جي زال کي ڏنا، جنھن دستخط ڪرائي ڏنا.

بودل فارم وٽ نانا جو مال پاليل هوندو هو جنھن ۾ مينهن، ڍڳيون، ٻڪريون وغيره هڪ رات چور نانا جو هڪ ڍڳو چورائي ويو، صبح جو جڏهن نانا کي خبر پئي ته هن جو ڍڳو ڪير چوري ڪري ويو آهي. ان تي نانا چيو ته جنھن به منھنجو ڍڳو چورايو آهي، ان کي چئو ته تنھنجي هڪ ڍڳي مان ڪجهه ڪونه ٿيندو ٻيو به کڻي وڃ.

سنڌ جو هي نيڪ انسان ۽ ماهر بورچي 1982ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس آخري آرام گاھ ڳوٺ کمبڙي شريف ۾ کاڌڙو قبرستان ۾ آهي.

 

 سڪينه ويسر

 اسان مري ويل سچ جي سماج جو...!

 

سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر آڪاش انصاريءَ جي قتل ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آهن، هر طرف آڱريون ئي آڱريون آهن. هر چھرو سواليا نشان بڻيل آهي. پر ذهن، ڪڏهن ڪڏهن لطيف آڪاش جي نفسياتي ڪيفيت تي به اٽڪي پوي ٿو.

سوال اهو به آهي ته هن محبت ڪرڻ جي عمر ۾ ايتري شدت سان نفرت، آخر ڪيئن ۽ ڇو ڪرڻ سکي ورتي؟

نفرت جي هن ڪيفيت ۾ ايتري شدت، جنھن، هن کي پنھنجي آئندي جي فڪر کان به عاري ڪري ڇڏيو! ان نفرت ڪٿان ته جنم ورتو هوندو،آخر ڪو ته سبب هوندو، ڇوته هيءَ ڪائنات ريزننگ جي ڪائنات آهي!

پھريون وڏو ۽ بنيادي سوال اهو آهي ته ننڍڙي عمر ۾ آئس جي نشي تائين، هي آخر ڪيئن پھتو؟

هيءُ نشو، جيڪو وحشتن کي ايترو ته وڌائي ڇڏي ٿو، جو انسان ۾ هڪ وحشتناڪ درندگي پيدا ٿي پوي ٿي، جنھن ڪري محبت ڪرڻ واريون شخصيتون به قابل نفرت بڻجي پون ٿيون ۽ فخر لائق رشتا به ندامت جو سبب بڻجي پون ٿا.

مون کي هن سڄي واقعي ۾ ڪٿي ڪٿي وشال لطيف به معصوم نظر اچي ٿو. اسان جي هڪ آڱر سماج ڏانھن به ته کڄي ٿي، جنھن ۾ مسلسل ڊاهه ڊوهه لڳي پئي آهي، ٺھڻ جي روايت ته ڪڏهوڪو مري وئي آهي شايد…!

انساني سماجَ ته هميشه متحرڪ وجود ٿيندا آهن، هي جمود جو شڪار، اسان وارو سماج هاڻي ڪنھن سڙيل لاش وانگر سرد خاني ۾ پنھنجي شناخت جي انتظار ۾ رکيل جسم وانگر ئي ته آهي.

ڇو ته سماج جي جوڙجڪ ۽ زندگيءَ لاءِ جن لوازمات جي ضرورت هوندي آهي، شايد انھن تي هاڻي هي نظام پورو ئي نٿو لھي.

ڪنھن شخص کي قتل ڪري ڇڏڻ جو خيال، نفرت جي آخري ڪڙي آهي. اهڙي ذهن جي ان ڪيفت اندر، ڪيترو نه درد هوندو، جيڪو  هن وحشت جي صورت ۾ نظر آيو آهي. بدلي وٺڻ جي ڪيتري جبلت هوندي، بي عزت ٿيڻ جي ڪيتري ڪراهت هوندي!!

ڇا انسان، پيدائشي طور تي حقارت، نفرت ۽ ڪروڌ پاڻ سان کڻي ٿو اچي ؟

بلڪل به نه، پر هن مدي خارج خانداني ۽ سماجي سرشتي به ذهنن کي مفلوج ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي ناهي ڇڏي. هتي يتيمن ۽ لاوارثن مٿان اُلرَ ڪرڻ، انھن کي نسلي طور حرام ڪوٺڻ يا نڀاڳو قرار ڏيڻ پڻ هڪ اهڙي خطرناڪ روش آهي، جيڪا معصوم ذهنن کي مجرم بڻائڻ طرف مائل ڪري ٿي. ڏاڍي آسانيءَ سان ۽ لاپرواهيءَ سان رشتن اندر تفريق ڪري، برتر ۽ بهتر، نسلي ۽ بد نسل هجڻ جو فرق پيدا ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بذات-خود وڏو ڏوهه آهي!

 هتي هر هڪ ماڻهو  دانشور ۽ نفسيات جو ماهر آهي، عقل-ڪل آهي ۽ اهڙن عالمن جو فڪر به سماج جي سڙيل لاش جي بد بوءِ جهڙو ئي ته آهي!

هتي ڳالھه صرف آڪاش جي قتل جي ناهي. قتل ته هر روز اسان جو نسل (چاهي اها نياڻي هجي يا ڇوڪرو) ٿئي ٿو. هيءَ وحشت، هيءَ ڪيفيت، هي نفرت جي انتھا آخر ڪيئن شدت وٺي ٿي؟ ان طرف اسان سائنسي انداز ۾ سوچيون ئي نٿا. ڇو ته اسان انبوھَه جي ڪڍ لڳڻ ۽ هنبوڇيءَ ۾ خوش رهڻ وارا ماڻهو آهيون.

 آڪاش جو ڪو هڪ قاتل ناهي، آڪاش کي هن سسٽم ماريو آهي. پر ان رات اڪيلو آڪاش ته نه مئو هو، شايد سندس پٽ جو جنازو به ته ان ڏينھن ئي کڄي ويو ھو…!

هُو آڪاش جي قبر کي هٿ گهمائي نه پيو روئي بلڪ اها هن جي به ته مرقد هئي. اها هن سماج جي به ته قبر هئي، هيءَ هزارين ڀٽڪيل ۽ تذليل جي ور چڙهيل وحشتن جو شڪار نوجوانن جي به ته قبر هئي، جنھن تي ماتم متل آهي. جنھن تي انسانيت جي درد جو شور و گل آهي.

مون کي ته الائي ڇو هن ٻار سان به ڪڏهن ڪڏهن همدردي ٿئي ٿي، جنھن ٻار، نفرت جي ان شدت کي ڇھي ڏٺو ۽ مون کي هر ان ٻار سان همدردي آهي جن جي روحن کي محبتن جي جھوليءَ بجاءِ نفرتن جي ڪنڊن جا ٻک مليا.

 ڳالھيون ته اهي به سچيون آهن ته مائٽن جي وس، ڪڏهن ڪڏهن سماجي قھر اڳيان ڪنڌ کڻڻ جھڙو نه ٿو رهي. شايد ان ڏينھن جي جواب ڏيڻ لاءِ ڪنھن ڏاهي، پھريون ڀيرو هن ڪائنات ۾ ڪنهن خدا جي تصور ۽ وجود تي سوچيو هوندو ۽ بيوسيءَ کي التجا جو چولو پارايو هوندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيفيتن اڳيان بيوسي، انسان جي نس نس ۾ ڦھلجي وڃي ٿي ۽ آڪاش پٽن جي هٿان قتل ٿي وڃن ٿا ۽ تاريخ سماجن جي فنا ٿيڻ تي رانڀاٽ ڪري روئڻ لڳي ٿي.

هڪ درد اڃا ٿو رانڀاٽَي

ڪائنات مڪمل ڪاٿي آ.

 

نڪ ووجيچڪ

(اڌوري جسم سان گڏ، هڪ پوري زندگي)

 

 

جڏهن هو  پيدا ٿيو ته سندس ماءُ کيس ڏسي، منھن ڦيري ڇڏيو، ڇو ته نه رڳو هو ٻنھي هٿن ۽ پيرن کان محروم هو، پر اصل ۾ سندس ٽنگون ۽ ٻانھون موجود ئي نه هيون.

هاڻي هن جي عمر 37 سال آهي.

سوچيو، هن گذريل 37 سال، بغير ٽنگن، ٻانھن، هٿن ۽ پيرن جي ڪيئن گذاريا هوندا؟ ۽ هو اڄ ڪھڙي حالت ۾ هوندو؟

جيڪڏهن اوهين آسٽريليا ۾ پيدا ٿيل هن شخص جي زندگيءَ بابت پڙهندا ته اوهان جون سڀ شڪايتون، سڀ وسوسا ۽ سڀ ڏک، هوا ۾ تحليل ٿي ويندا ۽ مون جيان، اوهان جو ڪنڌ به شرم کان جهڪي ويندو، ڇو ته هو پنھنجي اڌوري جسم جي باوجود، مڪمل ۽ ڀرپور زندگي گذاري رهيو آهي، بلڪ ڪروڙين مايوس اکين ۾ اميد جي روشني ۽ مايوس دلين ۾ جوش جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي.

هو ستن ڪتابن جو مصنف آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب، نيويارڪ جي بيسٽ سيلر فھرست جو حصو بڻيا آهن.

سندس ڪتابن جي مقبوليت جو اندازو، ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ڪتاب چاليھن کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.

هو هڪ موٽيويشنل اسپيڪر پڻ آهي، ۽ TED سميت، هر اهم فورم تي پنھنجي ڳالھه ذريعي، لکين ماڻهن جي زندگين ۾ تبديليون آڻي چڪو آهي.

هن جي وات مان نڪرندڙ هر لفظ، اميد ۽ زندگيءَ سان ڀرپور هوندو آهي.

پنھنجين تقريرن جي سلسلي ۾ هو اڌ کان وڌيڪ دنيا گهمي چڪو آهي.

هن 2005ع ۾ "Life without Limbs" ۽ 2007ع ۾ "Attitude is Altitude" نالي، ٽريننگ جا ادارا قائم ڪيا، جتي هو ڪاروباري ادارن، ماڻھن ۽ دنيا جي مختلف حڪومتن جي اهلڪارن کي ڪاميابيءَ جا گُر سيکاري ٿو.

سندس ميڊيا سان به گهڻو تعلق آهي.

هر اهم سوشل ميڊيا پليٽفارم تي، هن جا لکين فالوورز آهن، جن کي هو پنھنجي ڳالھه، وڊيوز ۽ تحريرن ذريعي، بھتر ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جي ترغيب ڏيندو رهي ٿو.

BBC، CNN، CNBC سميت، دنيا جي سڀني ٽي.وي چينلز تي، سندس انٽرويو نشر ٿيندا رهن ٿا.

هن محبت به ڪئي ۽ شادي به. سندس زال هڪ خوبصورت آسٽريلوي ماڊل آهي.

 

انھن ٻنھي جا چار کلندڙ، مرڪندڙ خوبصورت ٻار آهن.

هي پنھنجي خوبصورت زال ۽ ٻارن سان گڏ، ڪيليفورنيا، (آمريڪا) ۾ پنھنجي عاليشان گهر ۾ پنھنجي پسنديده زندگي گذاري رهيو آهي.

هن شخص جو نالو نڪ ووجيچڪ (Nick Vujicic) آهي.

جڏهن اوهين پنھنجي مڪمل جسم سان گڏ، پنھنجي ”اڌوري“ زندگيءَ مان تنگ ٿيڻ لڳو، ته هن تحرير کي ٽي ڀيرا پڙهي وٺو.

هن جي اڌوري جسم سان گڏ، پوري زندگي، اوهان کي جيئڻ جو هنر ۽ حوصلو عطا ڪندي!

(نيٽ جي ٿورن سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org