سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي جون 2025ع

باب:

صفحو:2 

راڳ جي راڻي، عظيم گلوڪاره عابده پروين کي جنم ڏينهن جون واڌايون!

 راڳ جي راڻي: عابده پروين

 

عبدالرزاق ميمڻ

عابده پروين جو جنم، لاڙڪاڻي شھر جي علي گوهر پاڙي ۾ هڪ راڳي گھراڻي ۾ 20 فيبروري 1956ع ۾ ٿيو. سندس والد ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ ئي موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو ۽ پاڻ به هڪ سُريلو راڳي هو، سندس والده ممتاز بيگم به ڳائيندي هُئي. عابده پروين جا مائٽ لاڙڪاڻي کان لڏپلاڻ  ڪري، مختلف شھرن ۾ رهائش اختيار ڪندا رهيا ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيا. 1972ع ۾  هڪ ميوزڪ پروگرام ۾ حيدرآباد ريڊيو جي ميوزڪ پروڊيوسر غلام حُسين شيخ کيس ٻُڌو ۽ ريڊئي تي ڳائڻ جي دعوت ڏني.

موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا ته پنھنجي والد کان ورتي، پر پوءِ لاڙڪاڻي ۾ استاد ميھر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. موسيقيءَ ۾ سندس رهبري اُن وقت جي ميوزڪ ڊائريڪٽرن استاد محمد جُمن، استاد نياز حُسين، استاد سلامت علي خان ۽ ماسٽر محمد ابراهيم ڪئي ۽ ناميارو براڊڪاسٽر الله بخش بُخاري به مٿن ڏاڍو مھربان هو. ٽنھين گڏجي، سندس هر لحاظ کان تربيت ڪئي ۽ ان تربيت ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ شيخ غلام حُسين جو هو، جنھن سندس اُچار ۽ ادائگيءَ سنوارڻ ۾ جتن ڪيا. کيس ريڊيو تي آڻڻ وارو دين محمد زمان مٽياري وارو هو.سڀ کان پھرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ”شوقيه ڳائيندڙ“ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ريڊيو تي پاڻ جيڪو پھريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو هُئائين. اُن جا ٻول هئا: ”تنھنجي زلف جي بند ڪمند وِڌا“ هن ڪلام جو شاعر عبدالغفور همايوني هو ۽ ان کان علاوه ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جو ڪلام پڻ رڪارڊ ڪيو ويو، جنھن جا ٻول هُئا: ”من گھرئي مشتاق سان، جيئري جُدايون ڪيمَ ڪر!“

هُوءَ ريڊيو وسيلي، ٿورڙي ئي وقت ۾ تمام گھڻي مشھور ٿي وئي ۽ سندس پختگيءَ ۾ شيخ صاحب وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عابده کي ان جي منزل تائين رسايو. شيخ صاحب اڳتي هلي. 1975ع ۾ عابده سان شادي ڪئي، جيڪا سندس ٻي گھرواري هُئي. بقول شيخ صاحب ”عابده اها پھرين سنڌي ڳائڻي آهي، جنھن ڳائڻ ۾ مرداڻو انداز رکيو آهي، سنڌي مردن جي ڳائڻ ۾ گھڻي فني پُختگي ۽ عورتن ۾ ڪچائي رهي آهي. عابده پھرين عورت آهي جنھن ۾ فني پُختگي آهي. هُن غزل ۽ ڪافيءَ جي گائڪي جي فارميٽ کي ملايو آهي، اهو فارميٽ اڃا تائين ڪنھن به سنڌي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ وٽ ناهي. تنھن کان سواءِ، هُن کي اسٽيج ڪرافٽ يعني اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڍنگ اچي ٿو، جيڪو ٻين وٽ ناهي، هوءَ جڏهن ڳائيندي آهي ته هر ٻُڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ ته عابده سندس لاءِ پئي ڳائي.“

عابده پروين جڏهن اسٽيج تي ڳائيندي هئي ته شيخ صاحب کيس اشارن وسيلي، هدايتون ڏيندو هو ۽ ڳائڻ کان پوءِ کيس خوبين ۽ خامين جو ٻڌائيندو هو ۽ هو بھتري آڻڻ لاءِ محنت ڪندو هو ۽ عابده وٽ جيڪو ڪجهه آهي، هُن شيخ صاحب کان حاصل ڪيو آهي. عابده ٽي.وي ۽ ريڊيو تي گيت، غزل ۽ ڪافي ڳايا آهن. اڳتي هلي، صوفي بزرگن جي ڪلام ڳائڻ تي ڌيان ڏنو ۽ درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلامن کي ڳائڻ شروع ڪيائين.

عابده پروين هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿي، هوءَ 1996ع ۾ پنھنجي مُڙس شيخ غلام حُسين جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچي ڇڏي، ٻچڙن سميت اسلام آباد هلي وئي هُئي . هن کي هڪ پُٽ سارنگ لطيف ۽ ٻه نياڻيون سِنڌُو ۽ پرهه آهن. سندس اولاد کي به فن سان دلچسپي آهي، سارنگ لطيف کي ڳائڻ ۽ نچڻ سان دلچسپي آهي ۽ هُن پنجن سالن جي ڄمار ۾ هڪ تقريب ۾ نچي انعام حاصل ڪيو هو جڏهن ته سندس هڪ نياڻيءَ کي وري پينٽنگ ٺاهڻ سان دلچسپي آهي.

عابده پروين اُها ڳائڻي آهي، جنھن جيڪو به نغمو ڳايو اُهو مقبول ٿي ويو، سندس شاعريءَ جي چونڊ عُمدي ۽ ڌُنَ سُريلي هوندي آهي. عابده پروين گھڻي ڀاڱي صوفي بُزرگن کي ڳايو آهي انھن مان شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳايو اٿس. ان کانسواءِ سچل سرمست، بلھا شاهه، بابا فريد، مخدوم طالب الموليٰ، تاجل بيوس، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ڪيترن ئي صوفي ۽ نيم صوفي شاعرن کي ڳايو اٿس. حيدرآباد ريڊئي تان شاهه جي ڪُجھه واين کي اُردو ترجمي سان به رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ استاد مُحمد جُمن ۽ عابده پروين ۽ اردو ۾ ترجمو ڪري ثريا حيدرآباديءَ ڳايو. سندس آواز ۾ حيدرآباد ريڊئي تي سنڌي ۽ سرائڪيءَ سان گڏ، ڪيترا اُردو نغما به رڪارڊ ڪيا ويا هُئا. سندس اُردو نغمو، اُستاد نياز حُسين جي مُوسيقيءَ ۽ آرزو لکنَويءَ جي شاعريءَ ۾ ”گُھنگُھرو باجي ڇنن ڇنن“ ڏاڍو مقبول ٿيو هو.

عابده پروين شاعريءَ جي مُختلف صنفن جھڙوڪ: گيت، غزل، ڪافي ، ڪلام ڳائڻ سان گڏ، اڳتي وڌي ۽ هُن صوفي بزرگن تي ڪلام ڳائڻ کي ترجيح ڏني ۽ درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلامن کي ڳايائين، انھن ئي ڪلامن کي ٻيا فنڪار به ڳائيندا هئا. اهڙن ڪلامن کي ڳائڻ کان پوءِ عابده جي مقبوليت ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو، هن جڏهن فقير عبدالغفور جي ڳايل سچل سرمست جي ”گھڙولي“ ڳائي ته اُهائي ڳايل گھڙولي، عابده جي سُڃاڻپ بڻجي وئي. ٽيليويزن تي کانئس اهو ڪلام: ”گھڙولي ممتاز مرزا پنھنجي پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ پڻ ڳارائي. ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا ڪلام آهن جيڪي ٻين فنڪارن پھرين ڳايا هئا ۽ عابده پوءِ اُنھن کي پنھنجي انداز ۾ ڳاتو. جن ۾ فقير عبدالغفور جو ڳايل ” گھوم چرخڙا سائيان دا“ موٽڻ شاهه ۽ غلام حُسين فقير جو ڳايل ”گُھنڊ کول ديدار ويکائو، مين آيا مُک ويکڻ“ سرِفھرست آهن.

عابده پروين کي مُلڪي سطح تي مڃرائڻ ۾ ٽيليويزن جو وڏو هٿ آهي. 1979ع ۾ پي.ٽي.وي تي ممتاز مرزا پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ کيس متعارف ڪرايو. پي ٽي وي تي سندس آواز ۾ 1986ع ۾ سُلطانه صديقيءَ، سندس گھڙولي اُردو پروگرام ”آواز و انداز“ ۾ هلائي، ته اُها مُلڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پھچي وئي ۽ ٻيا جيڪي سندس آواز ۾ اُردو غزل نشر ٿيا، اُنھن مان خاص ڪري ناصر ڪاظميءَ جو سندس هي غزل سُڃاڻپ بڻجي ويو.جب سے تونے مجھے دیوانا بنا رکھا ہے، سنگ ہر شخص نے ہاتھوں میں اُٹھا رکھا ہے هن غزل جي ڌُن اُستاد نياز حُسين ترتيب ڏني.

هوءَ ڪيسٽن جي دنيا ۾ به مھان ڳائڻي بڻجي وئي، سرڪاري توڙي عوامي محفلن ۾ کيس گھُرائڻ اعزاز سمجھڻ لڳو، صوفي بُزرگن جي ميلن تي ڳائڻ کان علاوه پاڻ حُڪومتي ثقافت کاتي جي محفلن جو هڪ لازمي حصو بڻجي وئي. هُن سنڌي فلم ”ڌرتي لال ڪُنوار“ جا اٺ نغما ڳايا، جنھن جي موسيقي غلام نبي عبداللطيفَ ترتيب ڏني هئي. هُن مُحمد يوسف سان گڏ، دوگانا به ڳايا آهن. چارڻ فلم پاران جاري ڪيل ان فلم جا سڀئي نغما ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ هنن نغمن جي شاعري امداد حُسيني، عبدالڪريم گدائي ۽ شيخ اياز ڪئي هُئي. عابده جڳ مشھور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺھندڙ فلم لاءِ به ڳايو هو.

هوءَ سنڌيءَ کانسواءِ اُڙدو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به بھترين اُچارن سان ڳائي سگھي ٿي، سندس لفظن جي ادائگي، چِٽي هُئڻ سان، ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي جھومائي ۽ مست ڪري ڇڏيندي آهي، جنھن سان اُنھن تي هڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي.

سال 2000ع ۾ آمريڪا جي شھر نيويارڪ ۾ هڪ پارڪ ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻھو جڏهن عابده کي ٻُڌي رهيا هُئا ته ٻُڌندي ٻُڌندي انگريز اُٿي نچڻ لڳا ۽ پوءِ جڏنهن نچندي نچندي بيھوش ٿيڻ لڳا ته اُتان جي پوليس به ٿرٿلي ۾ اچي وئي ۽ بيھوشين کي اسپتال کڻائي وڃڻ شروع ٿي ڪيائون، انھن انگريزن ۽ ٻين وجداني ڪيفيت ۾ آيل ماڻھن اسپتال وڃڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ۽ چيو ته هو هڪ عجيب دنيا ۾ پُھچي ويا هئا، جتي کين هڪ عجيب سُرور مليو هو ۽ خُدارا کين اُن سُرور واري دنيا مان نه ڪڍو.“

عابده پروين دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش، هالينڊ، جاپان، جرمني، ڪئناڊا، هندستان، تنزانيا سرفھرست آهن. عابده کي کوڙ مڃتا ايوارڊ به مليا، ايستائين جو آخر ڪار پاڻ فراخ دليءَ جو مُظاهرو ڪري اعلان ڪيائين ته هاڻ شاه لطيف ايوارڊ مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي ته جيئن اُنهن جي به مڃتا ٿئي. کيس ٻين ايوارڊن ۾، 1980ع ۾ سچل سرمست ايوارڊ، 1980ع ۾ ئي سنڌ گرجوئيٽس ايسو سيئيشن پاران ”سُھڻي ايوارڊ“، سال 1982ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ”پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ“  ۽ 2005ع ۾ ستاره امتياز شامل آهن. کيس ”راڳ جي راڻي“ ”اُم ڪلثوم“ ۽ ”مارئي“ جا لقب به مليا آهن.

 

 

 

 

ڊاڪٽر ريحانه ملاح

 

خيرالنساءِ جعفري: شخصيت ۽ فن

 

خيرالنساءِ جعفري، سنڌي ادب جي اهم افسانه نگار آهي، جنھن پنھنجي افسانن ذريعي، عورتن جي مسئلن، سماجي روايتن، ۽ ذاتي وجود جي تلاش کي موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. خيرالنساءِ جعفري جي لکڻين ۾ عورت جي نفسياتي، سماجي ۽ شعوري ارتقا کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. هوءَ پنھنجي افسانن ۾ عورت کي هڪ ذهين، حساس ۽ بااختيار هستي طور پيش ڪري ٿي، جيڪا روايتي پابندين ۽ سماجي بندشن سان نبرد آزما رهي ٿي. سندس اهم افسانن ۾ حويلي کان هاسٽل تائين، پيڙا جو پڙلاءُ“، بيروزگاري ۽ بندوق“، تخليق جو موت وغيره شامل آهن، جن ۾ عورت جو شعور، سماجي حيثيت ۽ جدوجھد جو احوال بيان ٿيل آهي.

حويليءَ کان هاسٽل تائين“، ڪھاڻيءَ ۾ خيرالنساءِ جعفري، عورت جي شعوري بيداريءَ کي خاص اهميت ڏني آھي، جتي هوءَ روايتي ۽ سماجي حدبندين کان ٻاهر نڪري، پنھنجو وجود سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي. اتي ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار  سلطانه، پنھنجي ذاتي ۽ سماجي حيثيت بابت سوال ڪري ٿي، جيڪو پڙهندڙ کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.

هوءَ پنھنجي تحريرن ۾ عورت جي ذهانت، حساسيت، ۽ بغاوت کي بيان ڪندي نظر اچي ٿي. سندس افسانا، صرف عورت جي مسئلن تائين محدود ناهن، پر سماجي تضادن، نفسياتي مرحلن ۽ جديد دور جي فڪري تقاضائن تي به روشني وجهن ٿا.

ھيٺ سندس ڪھاڻين جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

حويليءَ کان هاسٽل تائين ڪھاڻيءَ ۾ خيرالنساءِ جعفري نھايت خوبصورتيءَ سان، انھن عورتن جي جذباتي ڪيفيتن کي بيان ڪيو آهي، جيڪي حويلي جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ زندگيءَ جا ڪجھه لمحا چورائي، ڪنھن گناھه وانگي بک اجھائين ٿيون.

ان ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون اھڙيون ڪھاڻيون لڪل آھن. عورت جي داخلي پيڙا ۽ پڇتاءَ کي ليکڪا ڏاڍي پراسرار نموني پيش ڪيو آھي، ايستائين جو پڙھندڙ ڪردار سان اھڙو جڙي وڃي ٿو، جو ھن سماج جا روايتي تصور ۽ سوچ ۽ ويچار جا سڀ پراڻا سلسلا، انھن ڪردارن سان جڙي وڃن ٿا، جن لاءِ ھن لکيو آھي ته: پر شايد! ھن حويليءَ جي مڪينن جون قسمتون ڪاتب تقدير، اتي ئي مرڻ لاءِ جوڙيون آھن، تڏهن ته بن بن ڀٽڪي وري اتي ئي اچي پھتي آھيان... اھي ئي پراڻا پيچرا... پھريان ئي دڳ..... اھي ئي چگھه اھي ئي لاٽون.“

تخليق جو موت خيرالنساءِ جعفري جي ھيءَ  ھڪ شاھڪار ڪھاڻي آھي، جيڪا ھن پنھنجي مامي جي ناگهاني موت تي لکي آھي ڪھاڻي ۾ بظاهر ھوءَ ان مامي  کان جيڪو سندس ھم عمر به ھو، ساڻس نفرت کي به ائين پيش ڪري ٿي، جو پڙهندڙ  ان ڪردار سان نه صرف ھمدردي رکي، پر ان تي کيس پيار پڻ اچي ٿو، جيئن عصمت چغتائي جو پنھنجي ڀاءُ جي موت تي لکيل خاڪو دوزخي يا منٽو تي عصمت جو لکيل خاڪو ميرا دوست ميرا دشمن پڙھيو ھوندو، سي ان ڏانءُ کان ضرور واقف ھوندا. ھوءَ پنھنجي مامي جو تعارف، ھن نموني پڙھندڙن سان ڪرائي ٿي ته: عزيز کي عزيز ڪري ته هاڻي ٿي سڏيان، سامھون هوندو هو ته هميشه يزيد ڪري ڪوٺيندي هئي مانس!

ھن ڪھاڻيءَ ۾ بظاھر ھوءَ عزيز سان جھيڙيدي نظر اچي ٿي، پر انھن جملن ۾ به سندس اٿاھه محبت جھلڪي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ جملن جي ڏي وٺ به دلچسپ آھي.

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ دادلي ٻار جو يتيم ٿي وڃڻ کان پوءِ پنھنجي بھتر زندگيءَ لاءِ ڀٽڪڻ ۽ آخر ۾ اچانڪ حادثو، سڀ اھڙي پيڙا ھيٺ بيان ڪيو ويو آھي، جو پڙهندڙ پنھنجا ڳوڙها روڪي نٿو سگھي.

ان ڪھاڻيءَ بابت ڊاڪٽر فھميده حسين لکيو ته: ”تخليق جو موت“ سندس مامي عزيز جي مرتئي تي لکيل هڪ مرثيي جھڙي ڪھاڻي هئي، جنھن ۾ سندس بيان ڪيل واقعا ۽ وارتائون، ان سان سندس جهيڙا ۽ ميڙا، عزيز جو ايڪسيڊنٽ ۽ موت، پڙهندڙ جي نڙيءَ ۾ ڳنڍو بڻجي ويا ۽ اکيون پوسرڻ لڳيون ۽ خبر نه پئي ته ڪيئن لڙڪ لڙي آيا ۽ ماڻھو سڏڪڻ لڳو!“

سندس ڪھاڻيون، خارجي مسئلن کان وڌيڪَ فرد جي داخلي درد ۽ پيڙا کي بيان ڪن ٿيون.

سندس ڪھاڻين جا تُز  ۽ مختصر جملا، ڪھاڻيءَ جي تاثر کي پرمعنيٰ بڻائي ڇڏين ٿا، جيئن قربتون ۽ فاصلا ڪھاڻيءَ جا ھي جملا ته: ڇو منڪر به بڻجي ماڻھو، پنھنجي ساھه ۾ ايڏا سومناٿ سانڀيو ھلي؟ ڇو؟ وري ھر ياد جو پنھنجو بت چئي آءٌ بادشاهه !

يا ڪھڙو برانڊ ڪھڙو سگريٽ، جنھن ۾ ھُو مرد جي نظر ۾  عورت کي ھڪ سگريٽ جيان پيش ڪري ٿي. ھوءَ لکي ٿي ته: ڪوبه مرد ھڪ ذھين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته فخر حاصل ڪري ٿو، پر زال بڻائي ڪڏھن به چين نه پائيندو. عورت ھميشه سادي فطرت جي ڀلي لڳندي آھي، مرد جيتڻ لاءِ ذھانت جو ھجڻ ضروري ناھي.

خيرالنساءِ هڪ دلير خاتون ۽ بيباڪ ڪھاڻيڪار هئي، ڳالھائڻ جي کُلي ۽ حاضر دماغ، ھن جي لکڻ جو هنر ڪمال جو ھو، هوءَ غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جي سگهه رکندي هئي، ڪهڙو به خانان خان هجي، خيرالنساءِ کيس منهن تي سچ چئي ڏيندي هئي.

سندس ڪھاڻي بيروزگاري ۽ بندوق، جنھن ۾ ھوءَ ڪردار جو تعارف، ھن نموني ڪرائي ٿي ته منھنجو مامو جو عمر ۾ مون کان اٺ نو سال وڏو ھو.

 پر علم، تجربي ذهانت مطلب ته هر ڏس ۾ مون کان گهڻو وڏو آهي، سو مون کي اڪثر چوندو آهي: شعوري طور تي رڳو ٻن ماڻهن ۾ مون ڳالهه مان ڳالهه پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ڏٺي، هڪ جسٽس ڪياني ۽ ٻي (خيرالنساءِ) تو ۾ ! خيرالنساءِ ان ڪهاڻي ۾ اڳتي هلي، پُر مزاح انداز ۾ انهيءَ بي روزگار مامي بابت لکيو: آئون پڇندي آهيانس ته تنهنجي آخري خواهش؟ چوندو اٿم: هڪ بندوق آڻي ڏي، ان سان سڀني جوانن (بيرزوگارن) جو خون ڪري ڇڏيان!“

 سندس زندگيءَ جو نچوڙ سندن پُر معنيٰ ننڍا ننڍا جملا پڻ پڙھندڙن  وٽ تمام گهڻي اهميت ۽ مقبوليت جو سبب رھيا، جن جا ڪجھه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.

ڪنھن سوال ڪيو ته دنيا ۾ جيڪڏهن ناري جو ، وجود نه هجي ها ته؟

وراڻيائين: ”بدڪاري“ شايد پوءِ به هجي ها!

پڇيو ويس: عورت جي محبت جو انجام.

مرڪندي وراڻيائين: آغاز اداڪاري، وچ ريا ڪاري ۽ انجام ڪاروڪاري.

سرتيون رسالي پاران ورتل انٽرويو ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيائين ته:

چگائي مون کان سرزد ٿي ويندي آهي، برائي آءٌ پنھنجيءَ جوابداري تي پاڻ ڪندي آهيان.“

 ڪنھن پڇيس: محبت ۾ خوشيءَ بدران غم ڇو ٿو ملي؟

 پنھنجي منفرد انداز ۾ چيائين ته ٺلھو غم ڪٿي ادي! ٿڪ بجو  مار موچڙو جدا ٿو ملي، ڪھڙيون ٿي ڳالھيون پڇين؟“

ڪنهن پڇيس: مردُ ڪڏهن قابلِ رحم ٿيندو آهي؟

وراڻيائين: جڏهن هُو اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي.

ادي نذير ناز پڇيس: سڀ کان ڪوڙو رشتو ؟

ورڻيائين: زال ۽ مڙس جو.

سڀ کان سچو رشتو؟

وراڻيائين: ماءُ ۽ اولاد جو.

خيرالنساءِ، هر وقت سٺي موڊ ۾ هوندي هئي ۽ تخليقي ۽ پُر مزاح جملن ڳالهائڻ لاءِ هر گهڙي  شگفته رهندي هئي.

مرد کي عورت اڳيان گوبي جو گل ھئڻ گھرجي، پر ويچارو گوبي به ٿي نه سگھيو، گل ئي ٿي ويندو آھي، منھنجو مطلب آھي جيئن بتي گل ٿي ويندي آهي.

طارق عالم ابڙي جي ڪتاب رات سانت ۽ سوچون جي مھاڳ ۾ طارق عالم لاءِ پنھنجي طنزيه جملن ۾ لکي ٿي ته طارق ڌاڙيل ٿي نه سگھيو، پر ھو اديب ئي رھجي ويو. ادب ۾ به ھاءِ گهوڙا ڪندو رھجي ويو، اڳتي ھلي لکي ٿي ته، طارق جي حلالي وجود ۾ مون ھڪ ڏنگو ٻار ڏٺو آھي.

ھڪ جاءِ تي اياز لطيف پليجو لاءِ لکي ٿي: تحرير تقرير توڙي اندازي بيان اھا خبر نٿي پئي ته ڪير ڪنھن جو پيءُ آھي. اياز،  رسول بخش پليجي جو پيءُ آھي يا رسول بخش پليجو، اياز جو پيءُ آهي؟

مطلب ته اھڙا اڪيچار جملا لکڻين ۾ ھر ھنڌ ملن ٿا. ھن ھڪ سفرنامو پڻ لکيو ھو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org