سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي- جون 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار

امن سنڌ جي سڃاڻپ آهي

 

زندگيءَ جو مقصد فقط اهو نه هئڻ گهرجي ته بس پنهنجي جيئڻ ۽ حياتي گذارڻ جون سڀئي گهُرجون پوريون هجن، بلڪ سکن ۽ سهولتن واري زندگي هجي! باقي ٻين پاڻ جهڙن انسانن جي زندگيءَ سان ڪو سروڪار ناهي، خاص ڪري اُهي حڪمران، جيڪي ملڪن جي تخت تي ويٺل هجن ۽ قومن جي ذميواري مٿن هجي، اهڙن انسانن کي ته دانشمندي، ڏاهپ ۽ ٻاجهارائپ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جن جي ذمي، سڄي مخلوق هجي! اُهي ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪري رهيا آهن، جن جي حڪمرانن کي عوام جو اونو آهي ۽ عوام جي راءِ جو احترام آهي. اهي عوام کي زندگيءَ سان لاڳاپيل هر سهولت مهيا ڪري ڏين ٿا، جنهن سبب اتان جا ماڻهو، ذهني طور تي پُرسڪون آهن، انهن ماڻهن جي صحت، تعليم ۽ ٻيو معاشي تحفظ ۽ امن جو مسئلو حل ٿيل آهي. پوءِ اهو سڄو وقت پنهنجي شعبي ۾ محنت ڪن ٿا، جنهن سبب ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿئي ٿي، انهن ملڪن ۾ نيون نيون ايجادون ٿينديون رهن ٿيون، جن جي ڪري اتان جي رهاڪن جي زندگيءَ ۾ آسانيون ۽ آسائشون اچن ٿيون.

وڏي ڳالهه ته ترقي يافته ملڪ، رڳو سائنسي کوجنائن ۽ ايجادن تي مدار نٿا رکن، پر ويڙهه ۽ ويڙهاند ۾ به يقين رکن ٿا. اهو ڏينهن خالي ناهي جو پاڻ ڪنهن ملڪ تي حملو نه ڪيو هجي، بلڪ هر ڏينهن هنن جي لاءِ معمول آهي ۽ ملڪن ۾ جنگيون ڪرڻ به سندن پاليسين جو حصو آهي.

اهڙيءَ دنيا ۾ رهندي، دنيا جا ترقي پذير ملڪ جتي ڏينهون ڏينهن عوام جو گهيراءُ ٿيندو هجي، صبح کان رات تائين، اهڙن ملڪن جو عوام ڪيترين ئي پيڙائن سان گذري ٿو. اسان جي ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو امن جو آهي، امن جو متلاشي انسان جا سڄو ڏينهن ڏوهه ٿا ڏڪن، مهانگائي جو مسئلو، عام ماڻهوءَ جي ٽي ويلا ماني کائڻ مشڪل ٿي پئي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ لٽي ڪپڙي يعني يونيفارم جو خرچ، ڪتابن جو خرچ، فيون ۽ وڏي ڳالهه ته انهن جي تربيت، ڇو ته مقدس تعليمي ادارا به محفوظ ۽ مضبوط ناهن. ٻارن ۽ نوجوانن ۾ نشي جو وڌندڙ لاڙو پڻ سماج لاءِ هاڃيڪار آهي.

هر ماڻهو هر ننڍو وڏو ٻڍو ٻار، انهن مسئلن ۾ گهيريل رهي ٿو، اهڙي هڻ وٺ واري سماج ۾،  جتي سچ ڳالهائڻ موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. ۽ سچ ٻڌڻ جو حوصلو پڻ ختم ٿي ويو آهي. اهي ڳالهيون، سماج جي فطري ارتقا ۽ اوسر کي روڪين ٿيون. انڪري فطري ۽ سماجي قانونن کان مٿانهون وڃي، انسانن جي جيئڻ جا گس گهاٽ ۽ وسيلا روڪڻ ۾ پنهنجي سورهيائي سمجهي ٿي وڃي!

اسان جي امن ۽ رواداري واري ڌرتيءَ تي پڻ اهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن، جو حڪمران پنهنجي هٺ ۽ انا سبب اهڙا ڪارناما سرانجام ڏيڻ لڳا آهن. جو هاڻي انسانن جي جياپي ۽ وجود جي بقا جو سوال اڀري آيو آهي. جيڪڏهن سنڌوءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب جيڪي تحفظات آهن ته پاڻي نه هوندو ته ڪجهه به نه رهندو!

سنڌ جي شعور هڪ آواز ٿي، سنڌوءَ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، جنهن جي اڳواڻي قانون دان ڪري رهيا آهن ۽ سهڪاري آهن: سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظمون ۽ شاگرد ۽ عالمي سطح تي آواز اٿي رهيو آهي. جنهن سبب اميد پيدا ٿي آهي، ڇو ته عوام سجاڳ آهي، ٻيو صوبائي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ پنهنجي تاريخي حيثيت رکندڙ صوبو، جنهن کي واديءِ سنڌ چئجي ٿو، ان جي بقا لاءِ پنهنجي ماڻهن سان بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن صوبي جي 95 سيڪڙو آبادي ٻارين ٻچين زالين مڙسين روڊن ۽ پريس ڪلبن تي هجي ۽ حق گهرندي هجي ته باقي صوبي جي ترقي لاءِ ڪير نه اڳيان ايندو. انڪري ملڪي حڪومتن کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هڪ آباد وستيءَ کي برباد ڪري، پاڻ ڪهڙي کيپ کٽن ٿا. سياست ۾ سهپ برابري ۽ رواداري هوندي آهي، اهي ئي حڪمران عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن ۽ تاريخ ۾ سٺن لفظن ۾ ياد ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڌرتي ۽ عوام سان بيٺل هجن.

”سرتيون“ مئي- جون 2025ع جو رسالو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي، پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا. اوهان پڙهندڙ ۽ لکندڙن جي سهڪار سبب هي رسالو گذريل ڇٽيهن سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو رهي ٿو. اميد ته آئينده به پنهنجو ساٿ ۽ سهڪار جاري و ساري رکندا.

سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب پنهنجي بهترين حڪمت عمليءَ سبب اداري کي تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي، جي.ايم.سيد گيٽ کان ويندي شهيد راڻي بينظير ڀٽو تحقيقي هاسٽل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڻ سنڌ پرست، ڌرتيءَ ڌڻي آهن. انڪري سنڌي ادبي بورڊ جو هر پن ۽ زمين جو انچ انچ اوهان کي باغ وبهار لڳندو ۽ هر هوا جو جهوٽو گلابن جي خوشبوءِ سان واسيل لڳندو. پاڻ اعليٰ معيار جا ڪتاب اداري مان ڇپايا اٿن، جيڪا وطن پرستي سندن دل ۾ آهي، ان جو ڪوبه مٽ ثاني ناهي، هو ٻڌائين ٿا ته ”امن سنڌ جي سڃاڻپ آهي.“

 

 

 

 

 

گلبدن جاويد

 

 

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

 

خوراڪ جي ثقافت

 

اسان جو اڄ جو موضوع آهي ته، آخر خوراڪ جي ثقافت جي معنيٰ ڇا آهي. جيئن ته اسان کي خبر آهي ته اسان وٽ هر ڳالھه جو پنھنجو هڪ روايتي انداز آهي، جنھن کي اسان ثقافت يعني ڪلچر (Cultur) سڏيندا آهيون. مثال طور: پائڻ، اوڍڻ لاءِ ”سوسي“، ”لونگي“، ويھڻ، اُٿڻ ۽ سمھڻ لاءِ ”رلي/ رليون“ ”کيس“، لڏڻ ۽ سمھڻ لاءِ موجود گهرن ۾ ”جنڊيءَ جا پينگها“ وغيره ۽ ڪاشيءَ ۽ جنڊيءَ جو ٻيو به ڪيتروئي بي حساب گهريلو سامان وغيره. ساڳيءَ ريت کائڻ، پيئڻ جو هڪ مخصوص انداز ”روايت“ ۽ ”ثقافت“ پڻ موجود آهي. اڄ اسان ”ٻوري“ يعني (Bori)، جيڪا رنگ ۾ هيڊي ٿئي ٿي، اُن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪنداسين. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجن ثقافت ۽ کاڌن کي ضرور ياد ڪرڻ گهرجي. جيئن اُهي کائڻ جون شيون، جيڪي اڳ ۾ گهڻي انداز ۾ واپرايون وينديون هيون، پر ”وقت“ جي ”دز“ ۾ هاڻي، اُهي کاڌن جا قسم لٽجندا پيا وڃن.

ڀاڄين ۽ ٻوڙن وغيره کان علاوه ٻارن جي کائڻ، پيئڻ جون ننڍيون وڏيون شيون، جيڪي مانيءَ جي ٽن ويلن/ وقتن کان علاوه وچ واري وقفن ۾ ٻارن کي ريجهائڻ لاءِ ۽ مصروف رکڻ لاءِ کائڻ جي حساب سان ٺاهي ڏبيون هيون. جيئن ته ٻارڙا هڪ وقت تي وڏن وانگر پيٽ ڀري ڪونه کائي سگهندا آهن، اُنھن کي کيڏڻ ڪڏڻ ۽ راند روند منجهان فارغ ٿي ڪري، ڪجهه نه ڪجهه کائڻ لاءِ سنيڪس(Snacks) طور، يقيني طور تي ضرورت پوندي رهندي آهي، پھرين وقتن ۾ ٻاهرين شين تي گهٽ توجهه ڏني ويندي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي شيون گهرن ۾ ٺاهي رکبيون هيون، مثال طور: ڪڻڪ ۽ بيسڻ جي اٽي منجهان مٺي لولي ۽ بيسڻ جي ڪوڪي/ لولي/ ماني وغيره ٺاهي رکي ويندي هئي. جيڪا ٻه ٽي ڏينھن آرام سان هلي ويندي هئي، ڇو ته ڪچي پاڻيءَ جواستعمال تمام گهٽ يعني نه هئڻ جي برابر ڪيو ويندو هو. ساڳيءَ ريت ٻيون به بيشمار شيون، ٻارڙن توڙي وڏڙن جي حساب سان ٺاهي رکبيون هيون. مختلف دالين منجهان ڪيترن ئي قسمن جا حلوه، لڏون ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون مختلف ڏينھن جي ملھائڻ دوران ٺاهيون وينديون هيون، جيئن عيد برات وارا ڏينھن، ثقافتي ڏهاڙا، هولي، ڏياري، دسھڙو ۽ ٻيا ڪيترائي مذهبي ڏَڻ، جن جي اچڻ تي اڳواٽ ئي مختلف قسمن جا روايتي ۽ ثقافتي کاڌا تيار ڪيا ويندا هيا.

 

سنڌ اندر صدين کان وٺي، مختلف عرس، ميلا ملاکڙا ۽ ٻيون ثقافتي سرگرميون ٿينديون رهيون آهن. ڪجهه مھينن جي مختلف مخصوص تاريخن تي پڻ ڪجهه روايتي ڏهاڙن ملھائڻ جو پڻ رواج رهندو آيو آهي. مثال طور: روهڙي جي ڀرسان اروڙ جي طرف، ڪالڪان ديويءَ جو ميلو، 14 صفر جي مھيني ۾ لڳندو آهي. اِن ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پري پري کان ماڻھو، اُٺن تي چڙهي، کاڌو وغيره تيار ڪري سفر تي نڪرندا هئا، جن کي خاص موقعي جي لاءِ طي شده پروگرام مطابق ٺاهي جوڙي، ماڻھو پاڻ سان کڻي ڪري، ميلي ۾ گهمڻ لاءِ ويندا هئا. اُن کاڌي کي ”خمير جا لولا“ چيو ويندو آهي. جيڪي خاص طور تي ٺاهي کڻي وڃبا هئا، ڇو ته اُهي جلدي ۾ خراب نه ٿيندا آهن. انھن جو رواج گذريل اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي کان پوءِ آهستي آهستي گهٽجي ويو آهي. مون کي ياد آهي ته شام جو ڪيئن نه سڀ اوڙي پاڙي منجهان ماڻھو گڏجي، وندر لاءِ ’ڪالڪان جو ميلو‘ ڏسڻ لاءِ وينداهئا، اِهي خمير جا لولا، نمڪين ٻوڙ سان کائبا هئا ۽ مٺا لولا وري اڃان وڌيڪ ٽائيم تائين رکي سگهبا هئا. اسان کي اهڙا منظر اڄ به ياد آهن.

اڄ مان توهان کي هڪ اهڙي ثقافتي سنيڪس (Snanks) جي باري ۾ ٻڌايان ٿي. جنھن کي ٺاهڻ لاءِ غذائيت سان ڀرپور چڻا ۽ قدرتي مٺاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مصري (Misri) ۽ ڳُڙ جو پائوڊر (Jaggery Powder) استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪو انتھائي صاف سٿرو ۽ غذائيت سان ڀرپور ٿيندو آهي. انھن قدرتي شين جي استعمال سان، ذائقو به خاص ۽ مخصوص حاصل ٿئي ٿو. هلڪا ڦلڪا سونف، ڌاڻا وغيره جو استعمال پڻ نھايت فائديمند آهي.

ٻوري (Bori) جنھن کي وڙيون به سڏيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ ثقافتي طور ۽ خشڪ کاڌي طور تي استعمال ڪجي ٿو، هن کي ٺاهڻ لاءِ لنٽل فلور (Lentil flour) استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻوري/وڙيون خاص طور تي ڏکڻ ايشيا (South Asia) منجهه ٺاهيون وڃن ٿيون، جيئن بنگال(Bengal) ۽ اُڙيسه (Udisha) وغيره شھر جيڪي ڀارت ۾ آهن ۽ ساڳي وقت پاڪستان جي ڪجهه شھرن ۾ پڻ ٺاهي وڃي ٿي.

ٻوري ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون (ingredients) ۽ تياري ڪرڻ جو طريقو ۽ اُن جي فائدن جي باري ۾ هاڻي اسان ڪجهه تفصيل سان بيان ڪنداسين:

(1) لنٽل فلور (Lentil Flour) ٺاهڻ لاءِ عام طور تي اڙد جي دال، مسور جي دال، مڱن جي دال ۽ چڻن جي دال استعمال ڪبي آهي. (2) مصالحن ۾ ڌاڻا (Cumin)، سونف(Fennel Seeds) ، هنڱ (Asafoetida) هيڊ (Turmeric)، لوڻ (Salt) ۽ پاڻي(Water) . پھرين دالين کي پسائي رکبو، جيستائين نرم ٿي وڃي، پوءِ اُن کي پيھي ڪري گهاٽي پيسٽ وانگر ٺاهي وٺو.  اُن جا گول گول چاڻا ٺاهي رکو. انھن چاڻن کي خشڪ ڪرڻ لاءِ رکو. جڏهن اهي داڻا، هڪ دفعو سٺي نموني خشڪ ٿي ويندا ته پوءِ مھينن تائين اسان رکي سگهنداسين. اسان اُنھن کي تري سگهون ٿا ۽ ٻوڙ به ٺاهي سگهون ٿا ۽ ائين سنيڪس طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن کي ٻوري يا وڙيون به سڏيو ويندو آهي.

ٻوري(Bori)  جا فائدا:

(1) هن ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ پروٽين، لمحيات (High in Protein) ٿين ٿا.

(2) فائبر(Rich Fiber) سان مالامال ٿين ٿا.

(3) گهڻي وقت تائين ڪم ايندڙ پڻ آهن. اهوئي سبب آهي ته جيڪڏهن مارڪيٽ منجهان تازي ڀاڄي وغيره نه وٺي سگهجي ته گهر منجهان ئي وقت ڪڍي سگهجي ٿو، جيئن ته هن ۾ لمحيات تمام گهڻي  انداز ۾ موجود آهن، انڪري ٻوري، گوشت جو پڻ نعم البدل ٿئي ٿي. خشڪ ٿيڻ کان پوءِ سندس ذائقو پڻ برقرار رهي ٿو ۽ گهڻي وقت تائين استعمال ڪري سگهجي ٿي. (4) منجهس سڻڀ، بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي، بشرطيڪ اُن کي ترجي نه. يعني فرائي نه ڪجي، پر فرائي ڪري به استعمال ڪري سگهجي ٿو. مرضي آهي.

(5) طاقت بخشيندڙ ٻوري/وڙيون بعضي ته (Energy Booster) طور استعمال ٿئي ٿي.

ٻوري، دالين ۽ مختصر مصالحن يعني سونف ۽ ڌاڻن جي ڪري نھايت غذائيت بخش ۽ صحتمند ثابت پڻ ٿئي ٿي.

ڪائنات ۾ موجود غذائون، جيڪي شفا بخش آهن

قدرتي غذا ۽ ميوات، جنھن کي اسان قدرت طرفان عطا ٿيندڙ، سُور کي گهٽائيندڙ ۽ ڪِن صورتن ۾ مڪمل طور شفا بخشيندڙ کاڌو چئي سگهون ٿا. اُنھن جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان ڪنداسين. دراصل الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل ”من سلويٰ“ مختلف جنسن جي صورت ۾ عطا ڪيل، اُهي غذائي قوتون بخشيندڙ کاڌا آهن، جن سان انسانذات نه رڳو پنھنجو پيٽ ڀري ٿو ۽ زنده رهڻ جا جتن ڪري ٿو، پر پنھنجي صحت ۽ تندرستيءَ کي پڻ سنواريندو ۽ سڌاريندو رهي ٿو.

دنيا ۾ الله تعاليٰ پنھنجي مخلوق يعني اشرف المخلوقات لاءِ بيشمار غذائي جنسون پيدا ڪيون آهن. جن ۾ اناج مختلف نمونن ۾ ۽ صحتمند جُزن سان گڏ، پيٽ ڀرڻ يعني زنده رهڻ لاءِ آهن، نه صرف اناج، پر گڏوگڏ، مختلف ميوات، معدنيات، مختلف وٽامنس يعني حياتيات سان ڀرپور مختلف ميوا، ٻاڄيون وغيره عطا ڪيون آهن.

اڄ اسان ڪجهه اهڙين کاڌي جي شين جو ذڪر ڪنداسين، جن کي استعمال ڪرڻ سان، اسان پنھنجي جسم جي سُور ۽ تڪليف کي گهٽائي سگهون ٿا ۽ ختم ڪري سگهون ٿا. اُنھن غذائي جزن/ خوراڪ جا نالا هيٺينءَ ريت آهن، جيڪي قدرتي طور سور گهٽائيندڙ غذائون يعني Natural Pain Killers آهن.

1)      صوف (Apple)، قبض ڪشا آهي.

2)     ڪِران بيري (Cranberry) پيشاب آور (Urinary infection) پيشاب آڻيندڙ ڪشادگيءَ سان.

3)     ادرڪ (Ginger)، مسلس (Muscles) کي مضبوط ڪندڙ، مُشڪن جو سور گهٽائيندڙ.

4)     هيڊ (Turmeric) جو استعمال ڪرونڪ پين (Chronic pain) مستقل سور لاءِ بھترين آهي.

5)      ڦودنو (Peppermint) جو استعمال سڄيل مشڪن لاءِ بھترين علاج آهي.

6)     سورج مُکي ٻج (Sun flower Seeds) دل جي ساڙي، يعني Heart burn وغيره لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿا.

7)     شاهه داڻو/ليار(Cheries) ، مٿي جي سُور کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.

8)     ڊارڪ چاڪليٽ(Drak Chocolate)  گهري (ڪلر) رنگ جو چاڪليٽ جو کائڻ ماهواري سور(Period cramps)  کي گهٽائڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

9)     پائين ايپل (Pineapple)، سَنڌن جو سور گهٽائڻ لاءِ بيحد مفيد آهي.

10) ڪيلا (Banana)، معدي جي سُور (Stomach Pains)  لاءِ بيحد مفيد آهن.

11)  ڳئون جو کير (Cow Milk)، ڀڳل هڏن لاءِ استعمال ڪرڻ بيحد فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

12) سمورا اناج (Whole grains)، مختلف دل جي بيمارين (Heart Disease) لاءِ بي انتھا فائديمند ثابت ٿيا آهن.

عام طور تي اسان جي اردگرد، ڀينرون ۽ ڀائر، روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪم ڪار ڪرڻ بعد، بيحد ٿڪاوٽ محسوس ڪندي، مختلف قسمن جون دوائون بطور پين ڪِلر يعني ته سُور ۽ ٿڪاوٽ کي گهٽائڻ لاءِ مختلف دوائون ۽ گوريون وغيره ڏاڍي آرام سان استعمال ڪندا رهندا آهن. جڏهن ته اهڙا ماڻھو، اُنھن عارضي سور گهٽائيندڙ دوائن جي ”مضرِ صحت“ خطرناڪ نتيجن کان اڻواقف هوندا آهن. اِنڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنھنجي ”صحت“ جي بحاليءَ لاءِ ائين بي ڌڙڪ، اهڙين دوائن کي استعمال ڪرڻ بجاءِ، قدرتي طور مُھيا ڪيل مختلف ميون، مختلف اناجن ۽ ڀاڄين تي ڀاڙيون ۽ الله تعاليٰ جي عطا ڪيل دوائي ۽ شفائي غذائن منجهان ڀرپور فائدو حاصل ڪريون ۽ رب تعاليٰ تي مڪمل يقين ۽ توڪل رکون. الله تعاليٰ تي يقين ئي دراصل بھترين علاج لاءِ شفا ثابت ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org