سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :9

 

 

 

گداز نامو

 

جا بجا موجود آھي ھڪ خدا،

سربسر مشھور آھي ھڪ خدا.

 

ھر جڳھھ تي آھي ھو جلوه نما،

ظاھر و باطن سندس آھي لقا.

 

ان جو نور آھن زمين و آسمان،

پاڻ ذاڪر آھي پنھنجي ذڪر سان.

 

ڪائنات اندر خدا جي آھ ذات،

ٻيون سڀئي ان ذات جون آھن صفات.

 

پاڻ ظاھر ۾ ٿي آيو مصطفيٰ،

پر حقيقت ۾ اھو آھي خدا.

 

پاڻ ٿي ويٺو شريعت جو ڌڻي،

خود بخود قرآن کي آيو کڻي.

 

ھڪ محمد ۽ خدا کي ڄاڻجي،

ھن عقيدي ۾ نھ ڪو شڪ آڻجي.

 

چپ چپاتي يار جو ديدار ٿيو،

منھنجي آڏو گنج معنيٰ جو کليو.

 

ھڪ اٿل آئي انھيءَ درياھ مان،

جنھن منجھان اسرار ظاھر ٿو ڪيان.

 

گفتگو منھنجي نھ آھي ان جي آھ،

جستجو منھنجي نھ آھي ان جي آھ.

 

ھن ڪتابت جي ڪيان ٿو ابتدا،

جان و دل محبوب تان آھن فدا.

 

ھن جو نالو ٿو رکان نامئھ گداز،

جسم و جان ڳاري ٿو ان نامي جو راز.

 

برف آڏو منھن ڪڍي ٿو آفتاب،

سا ڳري پاڻي ٿي بڻجي پئي شتاب.

 

اصل پاڻي ھو، اھو ئي برف ٿيو،

برف مان پاڻي بڻيو جو تو ڏٺو.

 

برف ھئي جيتر منجھس ھستي رھي،

پنھنجي ھستي کي وڃائي اصل ٿي.

 

ان ڳرڻ کان پوءِ نرالا ڪم ڪيا،

فيض ان جي سان سوين سبزا ڦٽا.

 

ھو ڪڏھن پاڻي، ڪڏھن ٿو برف ٿئي،

اصل مان پيدا ٿو ھر ھڪ ظرف ٿئي.

 

چند پاڻي آھي نوڪر جي مثال،

آب جاري آھي رھبر جي مثال.

 

برف ۽ پاڻي جو ھڪڙو آھي حال،

جيئن قمر ۽ بدر جو آھي مثال.

 

راه موليٰ ۾ فنا ڪر جسم و جان،

ٻن جھانن ۾ ملي جيئن توکي مان.

 

آھي بيشڪ عاشقن جو ڪم جلڻ،

پنھنجي ھستي کي جلائي ڇڏ سڄڻ.

 

ري جلڻ جي ڪين ملندين يار سان،

ري جلڻ جي ڪين بڻبين رازدان.

 

آب کان نڪري حباب آھي بڻيو،

آب ۾ آيو تھ آب آھي بڻيو.

 

بحر ۾ آيو حباب ۽ لھر ٿيو،

لھر مان ساڳيو ڦري ۽ بحر ٿيو.

 

جي مٿو ٻاھر ڪندو بڻبو حباب،

بحر ۾ ھوندو تھ رھندو فيضياب.

 

نوڪر ۽ آقا جو فرق آھي اھو،

کول عبرت جون اکيون ڪر غور ڪو.

 

غرق ٿي توحيد جي درياه ۾،

جيئن رسين الله جي درگاه ۾.

 

عشق جي آڙاھ ۾ خود کي جلاءِ،

ٿي چڙي مان باز، پنھنجا پر ھلاءِ.

 

جيڪڏھن ڪجھھ لوڻ پاڻيءَ ۾ پوي،

سو ڳرڻ کان پوءِ ڏس ڇا ٿو ٿئي.

 

جي وڃي ٿي لوڻ جي ھستي مري،

خود بخود پاڻي ٿو بڻجي ان گھڙي.

 

عبد جي معبود سان گڏجي وڃي،

غير کان آجو ٿي حق بڻجي وڃي.

 

جيئن سھاڳو ڄاڻ مرشد جي نظر،

جنھن ۾ حق جو فيض آھي سربسر.

 

تنھنجي ھستي آھي چانديءَ جي مثال،

عشق ۾ آھي سھاڳي جو ڪمال.

 

جو خدا جي راه ۾ ٿئي ٿو فنا،

سو فنا مان ٿو ڪري حاصل بقا.

 

اي سڄڻ، ھن خاڪ جي پتلي کي ڳار،

عاجزي ڇڏ، بي نيازي ۾ گذار.

 

مرد ھڪڙي کي ڀلو گھوڙو ھيو،

جنھن کي ھو پاڻي پيارڻ ٿي ويو.

 

جيئن جو دريا جي ڪناري تي پڳو،

وھٽ کي پاڻي پياري خوش ٿيو.

 

اوچتو گھوڙي کي لوڙھي لھر وئي،

مرد جي دنيا ٿي ساري زھر وئي.

 

غرق ٿيو دريا ۾ گھوڙو بيگمان،

وائڙو مالڪ ٿيو ھن حال کان.

 

پاڻ کي درياه ۾ اڇليائين کڻي،

جيئن ڪڍي گھوڙي کي پنھنجا ھٿ ھڻي.

 

پر نھ گھوڙي کي پڳو، بيوس ٿيو،

خوب غوطا کائي، خود واپس ٿيو.

 

ويڙھجي لھرن ۾ ويچارو ويو،

ھاءِ پنھنجي حال کان بي حال ٿيو.

 

نيٺ غوطن ۾ سندس اک وئي کلي،

اوچتو ھن ھڪ پٿر جي ڀت ڏني.

 

ڀت سموري سخت ھئي قلعي مثال،

ان منجھان ڪنھن جو بھ نڪرڻ ھو محال.

 

ڪين نڪتو ڀت منجھان مجبور ٿيو،

جسم ان جو ويو ڳري وھلور ٿيو.

 

ان جو سارو جسم پاڻي ٿي پيو،

موج دريا ۾ وري مارڻ لڳو.

 

ڪجھھ ڏھاڙا ھو رھيو ھن حال سان،

آب شيرين عام ٿي پيتو اتان.

 

تن بدن ان جو ڳري ۽ پاه ٿيو،

سرفرازي کان تڏھن آگاه ٿيو.

 

آب جاري ٿيو انھيءَ ديوار مان،

جسم ٻيو پيدا ٿيو ان جاءِ تان.

 

نام ٿي ويس ”بادشاه عارفين“،

سڀ سڏين پيا ان کي شاه عاشقين“.

 

اي سڄڻ ھن راز کان آگاه ٿي،

عبد جو اولو ڇڏي الله ٿي.

 

فڪر سان حاصل سمورو حال ڪر،

دور ساري غير واري قال ڪر.

 

پنھنجي ساري ڄاڻ حاصل ڪر صفا،

ڪير آھين، تنھنجي ھستي آھي ڇا؟

 

جسم جي چولي کي ڦاڙي دور ڪر،

پاڻ کي تون ھو بھو منصور ڪر.

 

عاشقن جو شاه سو منصور ھو،

عارفن، جنھن کي ڪيو منظور ھو.

 

عشق جي سوليءَ مٿان ھسوار ٿيو،

عاشقن جي صف منجھان نروار ٿيو.

 

جنھن سمورا سير سلطاني ڪري،

ٻاھر آندو عشق جي تلوار کي.

 

ات ھيا عارف بمع شبلي جنيد،

ٿيا سڀئي حيران، پاتائون نھ ڀيد.

 

شيردل آڻي وڏا واڪا ڪيا،

شاه آڏو سڀ سپاھي ٿي لڳا.

 

عاشقن جي راه ۾ ھن سر ڏنو،

پنھنجي جسم ۽ جان کان آجو ٿيو.

 

خاڪ واري جسم کان ھو پاڪ ٿيو،

آسمانن تي انھيءَ جو ٿاڪ ٿيو.

 

ٽوڙ ھستي کي رکي پنھنجي شناس،

لاھ لحظي ۾ ھي ٻانھپ جو لباس.

 

پير ھيٺان ھي سڀئي عضوا سٽي،

رک قدم پنھنجا بقا جي ملڪ تي.

 

صاف دل ٿي، پاڪ رک پنھنجي نظر،

يار کي ڏس، غير کان دل دور ڪر.

 

ديد پنھنجي ديد ان جي سان ملاءِ،

دل ۾ ويھي پور دلبر جا پچاءِ.

 

ھي زمين ۽ آسمان ويا ميٽجي،

بيخودي سالڪ کي ھن مستي ڏني.

 

ڪر عدم جي بن ۾ ھستي کي فنا،

جيئن فنا کان پوءِ حاصل ٿئي بقا.

 

ڪيئن ٿين ڪاغذ ۽ پاڻي ٻئي ڪٺا،

ھي ڳري ۽ ھو ڪري ھن کي فنا.

 

ڪر انھيءَ ڪاغذ کي پاڻ ۾ تباھ،

پاڻ تان ھن جان و تن جو بار لاھ.

 

بت بڻيو ڪاغذ ۽ پاڻي ذات حق،

پير عبدالحق ٻڌايو ھي سبق.

 

عام رب جي راھ روزو ۽ نماز،

خاص ڪن ٿا جان ۽ تن کي گداز.

 

جان ڳارڻ کان سوا ڇا حاصلات؟،

جان ڳارڻ سان ملي ٿي حق جي ذات.

 

اي سڄڻ ھن راھ ۾ ٿي وڃ فنا،

ڇڏ بلندي کي ۽ پستي کي صفا.

 

درحقيقت آھي ڪائو جسم جو،

روح جنھن ۾ آھي نوراني ڏيو.

 

ھي ڏيو ڪائي ۾ مخفي ٿو رھي،

ڀڃ اھو ڪائو تھ سارو غم وڃي.

 

ٿي وڃي ظاھر ھي روحاني ڏيو،

دور ٿئي سارو ھي جسماني ڏيو.

 

غور ڪر ۽ ڄاڻ ھر ھڪ رمز کي،

ڪو تصور شاھ جي ھستي ڇڏي.

 

”عبده“ جو قول آھي شاھ جو،

عام ماڻھن واسطي آھي اھو.

 

شاه بيشڪ پاڻ کي ٻانھو سڏي،

پر اسان ڄاڻون ٿا ان جي شان کي.

 

ٻئي کي ٻانھي جي سڏڻ جي ڇا مجال،

آھي بيشڪ شاه اعظم باڪمال.

 

عارفن سمجھو محمد کي خدا،

ان جي خدمت ۾ ڪندا سڀ ڪجھھ فدا.

 

جي پکي آني جي اندر ٿو رھي،

سو ھوا ۾ ڪٿ اڏامي ٿو سگھي.

 

بعد مدت جي اھو آنو ڀڃي،

پر ھڻي پنھنجا اڏامي ٿو پکي.

 

ڪيئن اڏامي ٿو ھوا ۾ شاد ٿي،

جيئن وڃي ٿو قيد کان آزاد ٿي.

 

ھر گھڙي جھڙي طرف ڏي ٿئي تيار،

ڀل اڏامي، ان جو آھي اختيار.

 

ان جو آني ۾ ڪٿي پرواز ھو،

ڪٿ سندس سر سوز ۽ آواز ھو.

 

اي سڄڻ، ھن جسم جي آني کي ڀڃ،

عرش اعليٰ تي اڏامي جلد وڃ.

 

مرغ آھين پاڻ کي آنو نھ ڄاڻ،

ڪر يقين ۽ پاڻ کي جلدي سڃاڻ.

 

بي خبر بڻجين تھ آنو ٿي رھين،

مرغ بڻجين جي خبر پنھنجي لھين.

 

مرغ آھين تون جڏھن لاھوت جو،

تو اچي ھت آشيانو ڪيئن ڪيو؟

 

عرش اعليٰ جي مٿان پرواز ڪر،

آشياني ۾ وڃي آواز ڪر.

 

ڇو وسارين ٿو بلندي جو مڪان،

ڪيئن وڻيو توکي ھي پستي جو مڪان.

 

ھڪ جڳھھ جنھن کي ھمالھ ٿا چون،

جت پڄڻ انسان جو آھي ڪٺن.

 

ات ھميشھ برف ايڏي ٿي وسي،

جو نٿو ان جاءِ تي ھر ڪو رسي.

 

جو ھجي طالب اھو بيشڪ وڃي،

اڳ ۾ ليڪن ڪوٽ ھستي جو ڀڃي.

 

پنھنجي ھستي جا ڪڍي ڌاڳا ڇڏي،

عشق جي آئين تي پختو رھي.

 

پاڻ ٿئي دنيا ۾ اھڙو پاڪباز،

ٻن جھانن کان رھي جيئن بي نياز.

 

ھڪ تکو گھوڙو ڪڍي بڻجي سوار،

ٿيو ھمالھ جي طرف طالب تيار.

 

ران ھيٺان پنھنجي گھوڙي کي رکي،

ويو گھڙيءَ ۾ برف جي پاسي وڌي.

 

برف جي دريا ۾ آيو سربسر،

برف ڌاران ڪين ڪجھھ آيس نظر.

 

جسم ڳاري جان جاني سان گڏي،

ويو ڳري گھوڙي سميت ان جاءِ تي.

 

فضل ڪر بندي مٿان، بنده نواز،

پنھنجي پيارن جي طفيل، اي ڪارساز.

 

عاشقن جي صف ۾ شامل رک سدا،

ماسوي ٰ کان بي نيازي ڪر عطا.

 

اي سڄڻ، ھي راھ آھي پر خطر،

پير ۽ سر کان سوا ٿيندو سفر.

 

ھت اچي ۽ جسم کي فاني ڪجي،

پوءِ حاصل راز روحاني ڪجي.

 

ڏس سپيءَ ۾ پنھنجو گھر موتي ڪيو،

پنھنجي جوھر کي منجھس مخفي ڪيو.

 

ڀڃ سپي ۽ ھٿ ۾ ڪر موتي اھو،

جلد بڻجي ويھھ واپاري وڏو.

 

ھي سپي موتي ڇپائي ٿي ڇڏي،

پنھنجي ھٿ سان ڪر اھو پردو پري.

 

بي بھا موتي جو ملھھ آھي اٿاھ،

ھٿ اچي توکي تھ بڻجين بادشاھ.

 

جسم تنھنجو پن سپي وانگر ٿيو،

ٽوڙ ان کي فيض حاصل ڪر سگھو.

 

ڪيئن ملي موتي سپي ٽوڙڻ بنا،

پاڻ کي دوئي جا پردا تو ڏنا.

 

ڇڏ ھي فاني جسم، ماڻي وٺ بقا،

پنھنجي ھستي کي وساري ڇڏ صفا.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org