سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪلام بشير

باب --

صفحو :5

باب چوٿون

 

بشير جو شعر

علمي ۽ فني نقطھء نگاھھ کان

علمي ۽ فني نقطھء نگاھھ کان ”بشير“ جو شعر بھ اھڙوئي آھي، جھڙو سنڌ جي اڪثر شاعرن جو. سنڌ جا اڪثر شاعر، شعر جا قواعد ضوابط جي گھٽ پابندي ڪن ٿا. ھو شعر رڳو طبيعت جي موزوني ۽ شعر گوئي ۾ مشق جي آڌار تي چون ٿا. طبيعت جي موزوني ھنن کي شعر چوڻ ۾ تھ مدد ڪري ٿي مگر فني سقمن کان بچڻ ۾ ھنن جي ڪابھ مدد نٿي ڪري سگھي. اھڙن شاعرن کان اڪثر ھن قسم جون غلطيون سرزد ٿين ٿيون:

١- ساڪن حرف کي متحرڪ جي جاءِ تي متحرڪ حرف کي ساڪن جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ.

منھنجي خيال ۾ ان جا ٻھ سبب آھن (١) ھنن کي ساڪن ۽ متحرڪ جو فرق معلوم نھ آھي (٢) لساني نقطھء نگاھھ کان ھر زبان جو پنھنجو مزاج ٿئي ٿو. اھوئي سبب آھي، جو اسان عربي لفظ اچارڻ وقت ساڪن حرفن کي متحرڪ ۽ متحرڪ حرفن کي ساڪن ڪري اچاريندا آھيون. سنڌ جا اڪثر شاعر عربي لفظ عوامي اچار موجب استعمال ڪن ٿا.

اھوئي سبب آھي، جو علمي ۽ لغوي لحاظ کان ڪن لفظن جو اچار غلط ٿيو وڃي. اھا غلطي ھونئن تھ ھرھنڌ ڪئي ٿي وڃي. پر ان جو شڪار زيادھ تر سھ- حرفي لفظ ٿا ٿين، جھڙوڪ اصل، وصل، چمن ۽ سخن وغيره.

٢- مشدد حرف کي غير مشدد ۽ غير مشدد حرف کي مشدد ڪري استعمال ڪرڻ.

مٿين ٻنھي غلطين سبب لفظن جو تلفظ بھ متاثر ٿو ٿئي.

٣- حرڪت ۽ سڪون جي غلطين کان علاوه بھ ڪن لفظن جو غلط تلفظ.

٤- غير موزون شعر چوڻ، جتي شاعرن جي طبعي موزوني بھ ڪم نھ ٿي اچي. ڪن شعرن ۾ ڏٺو ويو آھي تھ ھڪ ئي بيت جي ھڪ مصرع چئن رڪنن جي آھي تھ ٻي مصرع ٽن رڪنن جي. ھڪ سڄي رڪن وڌائڻ يا گھٽائڻ کان سواءِ بھ ڪيترائي شعر غير موزون ڏٺا ويا آھن.

٥- ائين بھ ڏٺو ويو آھي، تھ ڪڏھن ڪڏھن شعر ھڪ بحر مان نڪري، ٻي بحر ۾ ھليو ٿو وڃي. پر فن کان بي خبريءَ سبب شاعر کي ان جو پتو پئجي نھ ٿو سگھي. ”انشاء“ اھڙي موقعي تي چيو ھو تھ:

”بحر رجز مين ڊالکي بحر رمل چلي.“

٦-  قافيي جو غلط استعمال بھ اھڙوئي عام آھي. جھڙو سھ- حرفي لفظن ۾ حرڪت ۽ سڪون جو مسئلو، مثال طور تبسم ۽ ترنم غم ۽ الم جا قافيا نھ آھن. يا منزل ۽ محفل، گل ۽ بلبل جا قافيا نھ آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن قافين ۾ حرف روي جون حرڪتون ھڪ جھڙيون نھ آھن. جڏھن تھ حرف ماقبل روئي جي حرڪتن ۾ يڪسائي لازمي آھي. پر اڪثر شاعرن ۾ انھن ڳالھين جي ڄاڻ ڪانھ ٿي ڏسجي. انھيءَ ڪري ھو مختلف حرڪتن وارن لفظن کي ھڪ ٻئي جو قافيو بنائڻ ۾ ڪابھ ھٻڪ محسوس نھ ٿا ڪن.

ھي چند ابتدائي ڳالھيون آھن: ورنھ عروض وسيع علم آھي ۽ ھن ۾ تمام گھڻيون باريڪيون آھن، جن جي ڄاڻ ھر شاعر لاءِ ضروري آھن ۽ انھن جي پابندي ڪرڻ بعد ئي ھن کي پنھنجو شعر منظر عام تي آڻڻو آھي. مگر اسان وٽ ھيءُ عالم آھي، جو اڪثر شاعرن کي خود پنھنجي ئي شعر جي بحر ۽ وزن جو پتو ڪونھ آھي. بحر ۽ وزن کان اڻ واقف ھجڻ سبب ئي مون اڪثر شاعرن کي پنھنجي شعر جي تقطيع ڪرڻ کان بھ قاصر ڏٺو آھي.

فني باريڪين کي سمجھي نھ سگھڻ ۽ قواعد ضوابط جي پابندي کي ملحوظ رکي نھ سگھڻ جي ڪري ئي ڪن شاعرن عروضي شاعريءَ کان منھن موڙي پنھنجو توجھھ يا تھ ڪافيءَ ڏانھن ڪيو آھي يا آزاد شاعريءَ ڏانھن. اگرچھ ڪافيءَ ۾ بھ پابنديون آھن ۽ بحرن جي رڪنن وانگر ھن جي لاءِ بھ ماترائون مقرر ٿيل آھن، تاھم ماترائون رڪنن جي بسنبت آسان آھن؛ ڇاڪاڻ تھ ھنن ۾ زحافن واريون پيچيدگيون ڪين آھن.

مگر انھن خامين جي باوجود منھنجي ذاتي راءِ ھيءَ آھي تھ، اھي ماڻھو واقعي شاعر آھن. انھن ماڻھن جي طبيعت ۾ قدرت شاعرانھ جذبات ۽ شاعرانھ خاصيت وديعت تھ ڪئي آھي، پرتعليم جي ڪمي ۽ تربيت جي فقدان سبب ھو تڪميل کي رسي نھ سگھيا آھن. ھنن جو، ماحول کان متاثر ٿيڻ، حالات کي جيئن جو تيئن محسوس ڪرڻ، پنھنجي احساسات جي اظھار تي قدرت رکڻ ۽ انھن کي شعر جي سانچي ۾ ڍالي سگھڻ ھنن جي شاعر ھجڻ جو دليل آھي.

ھنن جي ڪم علمي ۽ فن کان بي خبريءَ جي اھا تاويل ڪري سگھجي ٿي تھ ”ھنن جو سانچو (شعر) ڪنھن چڱي ڪاريگر جي ھٿ جو ٺھيل نھ آھي.“ مگر انھيءَ سانچي مان جيڪا شيءِ ٺھي جڙي نڪري ٿي، اھا صاف ۽ بي داغ نھ ھجڻ جي باوجود شاعري ئي آھي.

”بشير“، ھڪ پرگو شاعر ھو. ھن جي طبيعت ھر وقت شعر چوڻ لاءِ تيار رھندي ھئي ۽ ھو مسلسل شعر چوندو رھندو ھو. ھڪ شعر گوئي جو جذبو ۽ ٻي شعر گوئي جي مشق، انھن ٻنھي شين ھن جي طبيعت ۾ رواني پيدا ڪئي. رواني ۽ سلاست گويا لازم و ملزوم آھن. جنھن شاعر جي شعر ۾ رواني ھوندي. لازمي طور تي ان ۾ سلاست بھ ھوندي. اھڙي شاعر جو شعر پڙھيو ويو، تھ پڙھڻ ۾ زبان نھ اٽڪندي ۽ سمجھڻ ۾ دماغ نھ منجھندو. اھا روانيءَ جي لازمي خاصيت آھي، جا ”بشير“ جي شعر ۾ موجود آھي.

مان ھن موقعي تي ھڪ ضروري ڳالھھ چوڻ گھران ٿو، جنھن ڏانھن ھن وقت تائين گھڻو ڪري ڪنھن بھ اھل قلم ڌيان نھ ڏنو آھي. اھا ھيءَ آھي تھ اسان وٽ جيڪي چند اھل فن شاعر آھن، يعني عروض کان باخبر ۽ قواعد ضوابط جا پابند، اھي زياده تر مشڪل پسند آھن ۽ انھن جي شعر جو اڪثر حصو رواني ۽ سلاست کان محروم آھي. قواعد ضوابط جي پابندي جي ڪري انھن جي شعر ٻڌڻ سان ائين محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ ڪنھن تصوير کي ھڪ سوڙھي فريم ۾ سيخن سان جڪڙي، بند ڪيو ويو ھجي. اھل فن جي اھا ڪيفيت ڏسي، مجبورا غير اھل فن شاعرن جي شعر کي پسند ڪرڻو ٿو پوي. مگر ان جو اھو مطلب نھ آھي تھ شاعر جي شعر کي پسند ڪرڻو ٿو پوي. مگر ان جو اھو مطلب نھ آھي تھ مان غير اھل فن شاعرن کي اھل فن شاعرن تي ترجيح ٿو ڏيان. بلڪھ مان ھن راءِ جو آھيان تھ سڀني شاعرن کي عروض کان باقاعدي واقفيت حاصل ڪرڻ گھرجي، ۽ قواعد ضوابط جي مڪمل ڄاڻ سان گڏوگڏ مشق سخن ۾ بھ اضافو ڪرڻ کپي تھ سندن شعر ۾ بھ رواني ۽ سلاست پيدا ٿئي.

اسان وٽ نوآموز شاعرن جي غلط ۽ بي جا حوصلھ افزائي جي گھڻي ذميداري رسالن ۽ اخبارن جي مٿان آھي، جيڪي ھنن جا غلط سلط اشعار شايع ڪري، ھنن کي ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ عوام سان روشناس ڪرائين ٿيون ۽ ھنن جي شھرت ۽ ناموريءَ جو باعث ٿيون بڻجن. ان جو سبب اھوئي ٿي سگھي ٿو جو اسان وٽ رسالن ۽ اخبارن جا ايڊيٽر شعر ۽ ادب کان اوترا ئي بي خبر آھن، جيترا اسان جا شاعر. انھيءَ جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو اسان وٽ متشاعرن جو تعداد وڌي ويو آھي ۽ انھن جي ھٿان شعر ۽ ادب کي سخت نقصان رسيو آھي.

”بشير“ مرحوم جي شعر ۾ بھ مٿي ذڪر ڪيل نوعيت جون ڪجھھ قدر اوڻايون ملن ٿيون. ان زماني ۾ جيئن ٻين شاعرن تي ڪڏھن ڪڏھن فني تنقيدون ٿينديون ھيون، تيئن ”بشير“ مرحوم تي بھ تنقيدون ٿيون، پر انھن ۾ فني تنقيد گھٽ، ذاتي حملا وڌيڪ آھن. سڀ کان پھريائين ١٩٣٥ع ۾ ”سنڌ زميندار“ سکر ۾ مٿس تنقيدون ٿيون، جنھن جي جواب ۾ ٻھ منظوم جوابي تنقيدون لکيائين، جيڪي ساڳي اخبار ۾ ڇپيون.

لطف الله بدوي ۽ علي محمد راشدي بھ مٿس تنقيدون ڪيون. انھن تنقيدن جو ذڪر پنھنجي منظوم آتم ڪھاڻي ۾ ھن طرح ڪيو اٿس:

وزن ۽ بحر جاچيندي سکي مون شاعري آھي،
۽ بدوي راشدي کي ات وڏي ڪاوڙ لڳي آھي.

 

ماضي قريب ۾ ماھنامھ ”اديب سنڌ“ ۾ سنڌي شعر جي فني اصلاح طرف تمام گھڻو توجھھ ڏنو ويو ھو. پھريون تنقيدي مضمون اديب سنڌ جي جون ١٩٤٤ع جي پرچي ۾ شايع ٿيو. نقاد جو نالو ڄاڻايل ڪونھي؛ فقط ”صراف سخن صاحب“ لکيل آھي. ان کان پوءِ وقت بوقت ڪيترائي تنقيدي مضامين شايع ٿيا. نقادن جا ڪڏھن فرضي نالا ھوندا ھئا، جھڙوڪ: صراف سخن صاحب مدظله، حضرت عجب دام تنقيده، روڏو موالي، ساڪن ڀڳو ٽوڙھو، ھر ھنٽري بي.اي-ايل.ايل.بي بي گجراتي وغيرھ. ڪڏھن مشھور شاعرن جي نالي ۾ تنقيدي مضمون ايندا ھئا، انھن مان محمد بخش ”واصف“، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم ”خليل“، رشيد لاشاري مرحوم، عطا محمد ”حامي“ ۽ احمد خان ”آصف“ جا نالا قابل ذڪر آھن.

”اديب سنڌ“ فيبروري ١٩٤٧ع جي پرچي ۾ جمع خان ”غريب“ جي ڪلام تي ڇھھ تنقيدي مضمون آھن، جن مان پنج ڊاڪٽر ”خليل“ جا آھن، ۽ ھڪ محمد بخش ”واصف“ مرحوم جو آھي. گھڻي قدر اھي ئي چڪون ڪڍيون ويون آھن، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي. مثال طور تنقيد جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

”غريب“ جو شعر:

شڪر الله، صد مبارڪ ٿو تقي شاھھ کي چوان،
ان جو ٿيو فرزند خوش بسيار حزب الله شاھھ.

 

ان بيت تي محترم ڊاڪٽر خليل جي تنقيد ھن طرح آھي:

توجيھھ: پھريون مصرع ناموزون آھي، جيسين ”تقي شاھھ“ کي ”تقي شه“ ڪري نھ پڙھيو ويندو. مصرع ثاني ۾ حضرت ”غريب“ تصنع ۽ زبردستي سان لفظ ”بسيار“ آڻي قافيو پورو ڪيو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو قصيدو قطع جي نموني ۾ شروع ڪيو ويو آھي، جنھن مان طبيعت جي ڪوتاھي معلوم ٿئي ٿي. ”خوش بسيار“ ۾ لفظي تعقيب طبيعت تي گران معلوم ٿئي ٿي، جنھن ۾ ڪابھ لطافت نزاڪت ڪانھي.

ساڳي پرچي ۾ ”واصف“ مرحوم بھ ”غريب“ مرحوم جي شعر تي تنقيد ڪئي آھي. سندس تنقيد جو نمونو ھن ريت آھي:

”غريب“ جو شعر:

ھي وزرا جي راين جو منجھھ رھھ روان
وسيلو رھي راھبر اتفاق

 

”واصف“ مرحوم ”توجيھھ“ بدران لفظ ”تنقيد“ آندو آھي، مٿين شعر تي ھن طرح تنقيد ڪئي اٿس: پھرين مصرع ۾ ”وزرا“ جي ”ر“ زبر سان آھي. پر ”غريب“ صاحب ان کي ساڪن ڪري ڪم آندو آھي. ٻيو تھ انھيءَ مصرع جي معنيٰ ڪھڙي آھي. سا ”غريب“ صاحب پاڻ سمجھي. جيڪڏھن اسين ڇڪي تاڻي ”غريب“ صاحب جي کڻي طرفداري بھ ڪريون، تھ بي معنيٰ اھا ٿيندي تھ ”اتفاق“ وزيرن جي راھھ ۾ روان آھي. ھاڻي ناظرين ڪرام انصاف ڪن تھ مصرع جو مطلب سمجھھ ۾ آيو؟“

”اديب سنڌ“ جي ماھھ مارچ ١٩٤٧ع جي پرچي ۾ محترم عطا محمد ”حامي“ جو تنقيدي مضمون آيل آھي، جنھن ۾ ھن جولاءِ واري پرچي ۾ شايع ٿيل شعر تي تنقيد ڪئي آھي. ھن صاحب بھ ”تنقيد“ لاءِ لفظ ”توجيھھ“ ڪم آندو آھي. تنقيد جي شروع ۾ لکي ٿو:

”مشاعري جي انتخاب ۾ ھونئن تھ مضمون ۽ بندش جون بيشمار غلطيون آھن، مگر ھت لغات ۽ عروض جون غلطيون ادباءِ وطن جي اڳيان پيش ڪجن ٿيون.“

”حامي“ صاحب ٻين شاعرن سان گڏ ”بشير“ مرحوم جي شعر تي بھ تنقيد ڪئي آھي:

”بشير“ جو شعر:

وڳو ھي زور سان نعرو، ٻڌڻ وارن ٻڌي ورتو.

توجيھھ: نعرو لڳندو آھي، وڄندو نھ آھي.

ان کان سواءِ ”بشير“ مرحوم جي شعر ”نامينيشن پيپر“ تي ”روڏو موالي“، ”ساڪن ڀڳو ٽوڙھو“ جون منظوم تنقيدون ”اديب سنڌ“ جي ماھھ فيبروري ۽ اپريل ١٩٤٧ع وارن پرچن ۾ ڇپيون. مارچ واري پرچي ۾ ”بشير“ مرحوم جي ساڳي نظم تي احمد خان ”آصف“ جي منظوم تنقيد ڇپي. اپريل ۽ مئي وارن پرچن ۾ ”بشير“ تي ”ھر ھنٽر بي.اي.ايل.ايل.بي گجراتي جون منظوم تنقيدون ڇپيون. مارچ، اپريل ۽ مئي وارن پرچن ”بشير“ مرحوم جون جوابي منظوم تنقيدون ”بشير“ کي بشارت، ”مواليءَ تي ملامت“ جي عنوان سان ڇپيون. ”ھر ھنٽر“ جي تنقيد جي جواب ۾ ”بشير“ مرحوم جي فرزند ”خدا دوست“ جي منظوم جوابي تنقيد ”ھنٽر“ کي ”ھٽر“ جي عنوان سان مئي ١٩٤٧ع جي پرچي ۾ ڇپي. ”بشير“ مرحوم پنھنجي منظوم آتم ڪھاڻي ۾ انھن تنقيدن جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:

ڇڏائي جند جھيڙن کان اڃا مس مس ٿيس واندو،

ڀڳي ٽوڙھي منجھان آندو موالي گند ھيڪاندو،

مھينو مون مٿان ھڻندي ڪيو ميدان سر آخر،

ڪيا اڄ ڪيترا جھيڙا جو مان ڀي ھان”بشير“ آخر.

 

روڏو موالي، ساڪن ڀڳو ٽوڙھو:

نھ ھمسر سان ڪو شاعر ٿو ٻڌي ھم قافيھ چرپر،
گدوبندر جي شعرا ۾ چڱو نمبر اوھان آيو،
بنائي عين کي مفتوح ٿيو شاعر سڌا سادا،
بپا عربي زبان جي ليءِ ڪندا محشر اوھان آھيو،
ڪٿي حاضر ڪٿي ھمسر عجب ٿا قافيا آڻيو،
بڻيا ھر بحر ۾ وزنائتا سيسر اوھان آھيو،
عمر کي ٿا عمر ڀانيو بلا کي ٿا لکو بلا،
تلفظ کي ھڻو ٿا ڏنگ ڪاريھر اوھان آھيو،
ٽريننگ کي لکو ٽينگ تھ بس ڪھڙا ٽرينڊ آھيو،
وھيا ڪاليج ۾ ٽي سال ڄڻ بيگر اوھان آھيو،
لياقت ايتري آ جو لقب کي لقب ٿا ڪوٺيو،
زبر ڏئي گاف کي گرجي عروض ٿيا اوھان آھيو.

 

(اديب سنڌ، فيبروري ١٩٤٧ع، ص ٣٣ ۽ ٣٤)

 

( ٢ )

احمد خان آصف:

نھ ٿا چرپر ۽ شاعر، گر جا نمبر سان ٺھن قافيا،
”بشيرا“ ڪيئن چوين ٿو ماھر ۽ گوھر تھ مان آھيان.
ڇڏيا تو تون کائي پنجٽيھن ۽ تھ سنڌي جا،
ھڻين ٿو ھام تھ بھ سنڌي سندو رھبر تھ مان آھيان.
ڪيو تو عمر وارو ميم متحرڪ پر آ ساڪن،
اڃا ڀي چئين ٿو شعرا ۾ چڱو نمبر تھ مان آھيان.
اٿم کي ٿم، بزرگن کي کين ٿو بزرگن افسوس،
ڏسي ھن شعر تنھنجي رھيو ھرھر تھ مان آھيان.

 

ھر ھنٽر بي.اي.ايل.ايل. بي گجراتي:

شاعريءَ جو علم پورو ڪين ڄاڻي ٿو ادا،
پر چوي ٿو سنڌ جو آھيان مان اڪبر ۽ امير،
فخر مان نامينيشن پيپر ھن آھي ڀريو،
ٿو چوي مان کي ڏنو جلدي لقب ڪو بي نظير،
ٿو چوي روڏي موالي سان صفائي مان ڪندس،
ٿو ھڻي مان کي موالي شعر جو ڇو تيز تير.

 

(اديب سنڌ، اپريل ١٩٤٧ع، ص ٢٨)

”ھر ھنٽر“ جي جواب ۾ خدا دوست ابن ”بشير“ جي جوابي تنقيد ”ھنٽر کي ھنٽر“ مان نمونو:

ابي کي مون چيو آھي تھ اي منھنجا ابا بس ڪر،
پڄان ٿو تنھنجي پاران ڇورڙن سان مان تھ ھڪ ڇوڪر،
دعا ڪر تھ ھنٽر کي ھڻان ڪھڙا ٿو ھنٽر مان،
جو ڪاھي جنگ جي ميدان تي آيو آ، ھي ھنٽر.

 

(اديب سنڌ، مئي ١٩٤٧ع، ص ٢٠)

 


 

 

ماخذ

ھن مقدمي لکڻ وقت، مقدمي ۾ ڄاڻايل قلمي ڪتابن، ماھوار رسالن، ھفتيوار ۽ روزانھ اخبارن کان سواءِ ھيٺين ڪتابن مان مدد ورتي وئي:

* ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ڪليات سانگي، ١٩٦٩ع.

* پير حسام الدين راشدي، ھوڏوٿي ھو ڏينھن، ١٩٧٧ع.

* پير حسام الدين شاھھ راشدي: مھراڻ جون موجون، ١٩٦٤ع.

* رشيد لاشاري: ڪليات گدا، ١٩٥٧ع.

* عبدالڪريم گدائي: ساڻيھھ جا سور، ١٩٦٥ع.

* عبدالڪريم گدائي: پکڙا ۽ پنھوار، ١٩٧٥ع.

* عبدالڪريم گدائي: خانڳڙھھ کان جيڪب آباد تائين، ١٩٦٥ع.

* علي محمد قادري: ديوان قادري، ١٩٤٠ع.

* غلام احمد نظامي: بياض نظامي، ١٩٤٨ع.

* غلام احمد نظامي: رياض نظامي، ١٩٥٠ع.

* محمد بخش جوھر: ڪلام بسمل، ١٩٦٢ع.

* محمد علي جوھر: گلدستھ لاڙڪاڻھ، ١٩٧٤ع.

* محمد بخش واصف: تذڪره شعراء، ١٩٥٦ع.

* حبيب الله فڪري: تحفھء ڪراچي، ١٩٥٤ع.

* حاجي محمود خادم: تحفھء لاڙڪاڻھ، ١٩٥٠ع.

* بزم ادب جيڪب آباد: تحفھء جيڪب آباد، ١٩٥٣ع.

* ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ١٩٦٦ع.

* ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪرھ شعراء ٽکڙ، ١٩٦٥ع.

* ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: مھراڻ تي مجلس، ١٩٦٩ع.

* ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ١٩٧٢ع.

* پاڪستان پبليڪيشن: مھراڻ جا ماڻڪ.

* اياز قادري: مٽيءَ لڌو مان، ١٩٧٤ع.

* حاجي محمود خادم: اسان جون ناچيز خدمتون.

* حاجي محمود خادم: اديب سنڌ جي خاص بليٽن، ١٩٥٢ع.

* بھار بپليڪيشن سانگھڙ: وڻڪار، ١٩٦٣ع.

 


 

 

تحقيقي مقالا

(الف) يونيورسٽي طرفان ايم.اي سنڌي جي چوٿين پيپر بدران لکرايل تحقيقي مقالا (اڻ ڇپيل).

* ميمڻ عبدالغفور سنڌي: اديب سنڌي رسالي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو، سال ١٩٦٧ع.

* فھميده ناز مغل: لعلچند مجروح جي شاعري، سال ١٩٧٤ع.

* عبدالحي لوڌي: قادر بخش جي شاعري، سال ١٩٦٢ع.

* عبدالخالق ٿھيم: جيڪب تعلقي جي علمي ادبي تاريخ، سال ١٩٦٧ع.

* عبدالواحد ابڙو: غلام علي مسرور جي شاعري، سال ١٩٦٣ع.

* غلام مصطفيٰ بلوچ: فقير علي محمد قادري جي شاعري، سال ١٩٦٣ع.

*  نياز محمد شيخ: غلام سرور قادري فقير جي شاعري، سال ١٩٦٥ع.

* ڊاڪٽر محمود شاه: ڪشنچند بيوس جي شاعري، سال ١٩٦٢ع.

* مسرة العينين پيرزاده: فقير واليڏني جي شاعري، سال ١٩٧٣ع.

* اسرار احمد علوي: مير صفي الله فدا جي شاعري، سال ١٩٧٢ع.

(ب) سنڌ يونيورسٽي طرفان ايم.فل سنڌي لاءِ لکايل (اڻ ڇپيل).

* ميمڻ عبدالغفور سنڌي: نواز علي نياز جي شاعري سال ١٩٧٤ع.

(ج) ڪراچي يونيورسٽي طرفان پي.ايڇ.ڊي لاءِ لکايل (اڻ ڇپيل).

* ڊاڪٽر نواز علي بلوچ: فقير ھدايت علي نجفي تارڪ جو سنڌي ڪلام، سال ١٩٧٨ع.

 

”بشير“ جي ڪلام جا ماخذ

 

* قلمي ديوان.

* قلمي بياض.

* جن رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل مليو آھي، انھن جا نالا:

(i) سھ روزه ”سنڌ زميندار“ سکر.

(ii) الجماعت شڪارپور.

(iii) الحنيف شڪارپور ۽ جيڪب آباد.

(iv) ھفتيوار دادو نيوز دادو.

(v) ھفتيوار مجاھد ڪراچي.

(vi) ھفتيوار حفاظت ٺل.

(vii) ھفتيوار اتحاد جيڪب آباد.

(viii) ھفتيوار تنظيم جاڳڻ (شڪارپور لڳ).

(ix) ھفتيوار پيغام عمل شڪارپور.

(x) ھفتيوار دعوت اسلام سکر.

(xi) ھفتيوار آزاد ڪراچي.

(xii) ھفتيوار رھنما بلوچ ميرپورخاص، نوابشاھھ.

(xiii) ھفتيوار صداقت شڪارپور.

(xiv) ھفتيوار فرنٽيئر گزيٽ جيڪب آباد.

(xv) ھفتيوار انصاف ٺل.

(xvi) ھفتيوار پاڪستان لاڙڪاڻھ.

(xvii) ھفتيوار علم اخبار ڪراچي.

(xviii) ھفتيوار ماسترس اخبار ڪراچي.

(xix) ماھوار ملا مخزن حيدرآباد.

(xx) ماھوار اخبار تعليم حيدرآباد.

(xxi) ماھوار گلدستھ سنڌ لاڙڪاڻھ.

(xxii) ماھوار اديب سنڌ لاڙڪاڻھ.

(xxiii) سنڌو شڪارپور ۽ جيڪب آباد.

(xxiv) ماھوار ترقي ڪراچي.

(xxv) ماھوار اسان جي منزل دادو.

(xxvi) ماھوار نئين زندگي ڪراچي.

(xxvii) ماھوار پيغام ڪراچي.

(xxiii) روزانھ الوحيد ڪراچي.

(xxix) روزانھ عبرت حيدرآباد.

(xxx) روزانھ ھلال پاڪستان ڪراچي.

(xxxi) ڪاليج مسيلني ڪراچي.

 

****

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org