ٻھ اکر
ماضي قريب ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري
لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون ويون؛ انھن ۾ علم عروض
موجب شعر چوندڙ شاعرن جو بھ اھم ڪردار رھيو آھي.
انھيءَ سلسلي ۾ ھر ھنڌ بزم مشاعرا قائم ڪيا ويا؛ ۽
وقت بوقت مشاعرن جون محفلون منعقد ڪري، شعر چوڻ جو
اتساھ پيدا ڪيو ويو. اھڙيءَ طرح ڪيترائي نوان شاعر
پيدا ٿيا ۽ انھن شاعرن جي ترتيب لاءِ ”گلدستھء
لاڙڪاڻھ“ ۽ ”اديب سنڌ لاڙڪاڻھ“ رسلا جاري ٿيا؛ جن
۾ مشاعرن جون ڪاروايون ۽ شعر تي تنقيدون شايع
ٿينديون ھيون. نھ فقط ايترو پر شاعر جي ھڪ مرڪزي
جماعت ”جميعت الشعراءِ سنڌ“ قائم ٿي، جنھن طرفان
ھر سال سنڌ جي ڪنھن نھ ڪنھن شھر ۾ ”آل سنڌ ادبي
ڪانفرنس“ منقعد ٿيندي رھي.
لاڙڪاڻي جي شاعرن: ميان غلام سرور فقير، ميان علي
محمد قادري ۽ حاجي محمود خادم ھن سلسلي ۾ اھم
خدمتون سرانجام ڏنيون. پوئين زماني ۾ سمورا تنظيمي
ڪم حاجي محمود خادم مرحوم سرانجام ڏنا، جھڙوڪ:
”اديب سنڌ“ ھلائڻ، سال بسال ڪنھن نھ ڪنھن شھر ۾
ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ، لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن جون محفلون
منعقد ڪرڻ؛ رسالي ۾ فني تنقيدون ڇپڻ؛ سنڌي زبان،
صورتخطي، ادب ۽ سنڌ جي تعليم جا مسئلا ۽ معاملا
زير بحث آڻڻ، اھوئي سبب آھي، جو سنڌي زبان، شعر ۽
ادب جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کي مرڪزي حيثيت
حاصل ھئي.
ان دور ۾ جن شاعرن بزم مشاعرن، ادبي ڪانفرنسن ۽
”اديب سنڌ“ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو؛ انھن مان ٻين
ڪيترن شاعرن سان گڏ قادر بخش ”بشير“ جو نالو بھ
نمايان نظر اچي ٿو. ”بشير“ مرحوم جي شاعريءَ جي
اھم خوبي ھيءَ آھي، تھ ھن حسن و عشق ۽ گل و بلبل
تي گھٽ توجھھ ڏنو آھي؛ پر پنھنجو سمورو ڌيان وقت
جي تقاضائن ڏانھن ڏنو اٿس. ھن پنھنجي ماحول ۽ سماج
۾ جيڪي ڏٺو وائٺو، ويچاريو ۽ وڃايو؛ اھو بيان ڪيو
اٿس. انھيءَ ڪري سندس شعر ان دؤر جي معاشي ۽
معاشرتي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو.
انھيءَ اھميت جي مدنظر سنڌي ادبي بورڊ ”ڪلام بشير“
جي ترتيب کي سنڌي عروضي شاعرن جي رٿا ۾ شامل ڪيو؛
۽ اھو ڪم راقم الحروف جي حوالي ڪيو ويو.
”بشير“ مرحوم بسيار گو شاعر ھو. مون ڪوشش وٺي سندس
سمورو ڪلام ڪٺو ڪيو، ۽ سندس ضخيم ڪليات تيار ٿي
ويئي. ان ۾ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪلام
جمع ڪيو يو. ڪلام گڏ ڪرڻ لاءِ ڪجھھ اڻ ڇپيل بياض
بھ ڀيٽيا ويا آھن، تھ ان دؤر جون اخبارون ۽ رسالا
بھ اٿلايا ويا آھن. اڻڇپيل ديوان ۽ قلمي بياض عزيز
دوست ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ پروفيسر سنڌي شعبو،
ڪراچي يونيورسٽي ھٿ ڪري ڏنا. ان کان سواءِ ڪيتريون
اخبارون بھ مھيا ڪري ڏنائين؛ جن ۾ ”بشير“ مرحوم جو
ڪلام شايع ٿيو ھو. ان لاءِ آءٌ سندس تمام گھڻو
ٿورائتو آھيان.
محترم الحاج حافظ محمد احسن چنھ ھميشھ جيان ڀال
ڀلايا ۽ ”اديب سنڌ“ جا اھي پرچا ڪڍي ڏنا، جن ۾
”بشير“ مرحوم بابت مواد موجود ھو. محترم احمد خان
آصف ۽ عزيزي ميمڻ عبدالغفور سنڌي بھ مواد ھٿ ڪرڻ ۾
مدد ڪئي. محترم حافظ خير محمد اوحدي سمورو مواد
نظر مان ڪڍي مفيد مشورا ڏنا. آءٌ انھن سڀني جو
شڪرگذار آھيان.
مواد ۽ مسودي نقل ڪرڻ جي سلسلي ۾ عزيزي مقصود گل ۽
نورچشم عبدالوحيد تمام گھڻو ڪم ڪيو. الله تعاليٰ
کين خوش رکندو، ۽ علم جي دولت سان مالامال ڪندو.
جيئن تھ ڪليات تمام ضخيم ھئي، انھيءَ ڪري سنڌي
ادبي بورڊ پنھنجي ھڪ ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو، تھ ان جو
انتخاب ڇاپيو وڃي. انھيءَ ڪري ڪلام ”بشير“ جو
انتخاب ڪري، فقط ٽيون حصو ڪلام جو ڏنو پيو وڃي.
ڪلام ٻن حصن ۾ مشتمل آھي: ديوان ۽ نظمن جو مجموعو.
لاڙڪاڻو – سنڌ ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي
١٩- جون ١٩٨٨ع
مقدمو
باب پھريون
سوانح حيات
ولادت:
قادر بخش، تخلص ”بشير“ ڳوٺ ”ميرپور“ تعلقي ٺل ضلعي
جيڪب آباد ۾ ٢٠ ڊسمبر ١٨٩٦ع تي تولد ٿيو
سندس والد جو نالو حاجي دوست
محمد ھو. ھو ڳوٺ جو آخوند ھو، ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن
شريف ناظران پڙھائيندو ھو، ۽ ديني تعليم ڏيندو ھو.
تعليم ۽ تربيت:
اڃا ننڍڙوئي ھو، تھ سندس والد وفات ڪئي. انھيءَ
ڪري سندس تعليم ۽ تربيت جو سمورو بار سندس والده
تي پيو، جنھن پنھنجي وس آھر ان کي چڱيءَ طرح
سرانجام ڏنو. پھريائين کيس مڪتب ۾ قرآن شريف پڙھڻ
لاءِ موڪليو ويو. ان کان پوءِ اٺن ورھين جي عمر ۾
١٩ ڊسمبر ١٩٠٤ع تي کيس سنڌي اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ
وھاريو ويو. ٩ ڊسمبر ١٩١١ع تي سنڌي فائنل امتحان
پاس ڪيائين.
فائنل پاس ڪري، نوڪريءَ جي ڳولا ۾ لڳو. جلدئي کيس
ماستري ملي وئي. ٽي سال جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺن:
مبارڪپور، ٺل ۽ چانڊاڻ ۾ انٽرينڊ سنڌي ماستر ٿي
رھيو. ١٥ فيبروري ١٩١٥ع تي ماستري جي ٽريننگ حاصل
ڪرڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخل ٿيو
جتي ٽي سال اھا تعليم حاصل ڪيائين.
ٽريننگ ڪاليج جي سکيا دوران سندس ھڪ پيارو دوست
وفات ڪري ويو، جنھن جو کيس ڏاڍو صدمو پھتو. انھيءَ
غم ۽ درد سندس طبيعت ۾ ھلچل مچائي ۽ شعر چوڻ جو
جذبو پيدا ڪيو. ان کان پوءِ سندس جذبات ۽ احساسات
شعر جي صورت اختيار ڪئي. اھڙيءَ طرح سندس شعر جي
شروعات ١٤- آڪٽوبر ١٩١٧ع تي حيدرآباد ۾ ٿي.
شاعريءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي بلندپايھ
اديب ۽ باڪمال شاعر شمس العلماء حضرت مرزا قليچ
بيگ جي خدمت ۾ ٽنڊي ٺوڙھي ۾ پھتو. کانئس شاعريءَ
جي قواعد ۽ ضوابط جي تعليم حاصل ڪيائين. ۽ ڪجھھ
وقت شعر تي اصلاح بھ ورتائين. طالب العلمي جي
زماني جي ھڪ رباعي پنھنجي خودنوشتھ سوانح حيات ۾
ڏني اٿس، جيڪا ھن طرح آھي:
مونکي آيا دل تي گذريل اھو زمانو
ڀانيان ٿو اڄ انھيءَ کي سارو رڳو فسانو
وارن سندي سياھي ٿي اڄ سفيد آھي
گردش ۾ آ ھميشھ دنيا جو ڪارخانو.
ملازمت:
١٩١٨ع ۾ ڪاليج جي تعليم پوري ڪري، اچي نوڪريءَ ۾
گھڙيو. جيڪب آباد ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ استاد ٿي
رھيو. انھن اسڪولن جا نالا ھي آھن: ٺل، ڪنڌڪوٽ،
ڪشمور، ميرپور، ھيبت، کاھي، ڀليڏنو آباد، حاجي خان
ڊومبڪي ۽ ڳڙھي خيرو. ھو پنھنجي ڌنڌي مان ڏاڍو خوش
ھو ۽ ٿوري پگھار تي مطمئن زندگي گذاريندو ھو.
ماستري بابت ڪيترو ئي شعر چيو اٿس. ھڪ ھنڌ چوي ٿو:
شڪر خدا جو سڀ کي مان علم ٿو سيکاريان
مسلم ھندو ھريجن سڀ کي پيو سڌاريان
پنھنجو پگھار کاوان ٻي ڏي نھ ٿو نھاريان
فاني جھان ۾ بس مان اھڙي طرح گذاريان
امراض جھل جو مان يڪتا طبيب آھيان
تختِ جھان تي مان ڀي ھڪ خوشنصيب آھيان.
سندس والد عالم ھو، جنھن ڪتابن جي ڪٻٽ کان سواءِ
ٻي ڪا ملڪيت نھ ڇڏي ھئي. ھن انھيءَ علمي ذخيري مان
پورو فائدو حاصل ڪيو، ۽ مطالعي سان پنھنجي علمي
لياقت وڌايائين. پنھنجي استادي واري زماني ۾
ڪيترائي لائق ۽ قابل شاگرد پيدا ڪيائين.
سن ١٩٤٩ع کان ١٩٥١ع تائين اي-ڊي-ايس ٿي رھيو. ھن
نوڪريءَ جي ڪري کيس گشت ڪرڻو ٿي پيو، جنھنڪري
بيمار ٿي پيو. آخر اھو عھدو ڇڏي وري ماستر ٿيو. ٢٤
آگسٽ ١٩٥١ع تي رٽائر ڪيائين. ادبي ۽ تعليمي خدمتن
جي مدنظر ڏيڍ سال سندس نوڪريءَ جو مدو وڌايو ويو.
سياست:
ھو ھڪ درد دل رکندڙ انسان ھو. معاشري جي اصلاح
لاءِ ھن سياست ۾ حصو وٺڻ ضروري سمجھيو. انھيءَ ڪري
رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سياست ۾ گھڙي پيو. سرمائيدارن
۽ وڏيرن کيس ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون، پر ھو پنھنجي
اصول تي اٽل ۽ اڏول رھيو. مئي ١٩٥٣ع ۾ پنھنجي تڪ
مان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبري لاءِ اميدوار بيٺو.
سندس سرمائيدار حريف کيس شڪست ڏني، جنھن جو ان کي
ڪوبھ رنج نھ ٿيو. چوندو ھو، تھ ”اڄ جي شڪست سڀان
جي فتح آھي.“
وفات:
سن ١٩٥٣ع ۾ ھو سلھھ جھڙي موذي مرض جو شڪار ٿيو. ھڪ
غريبي، ٻيو خودداري ۽ حساسيت، آخر مرضن کيس جھوري
وڌو. انسان دوست اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان ھي
معاشرو اھوئي برتا ڪندو رھيو آھي. ”بشير مرحوم بھ
ڏک ۽ ڏوجھرا سھي، قوم ۽ ملڪ جو درد سيني ۾ سانڍي
١٤- مارچ ١٩٥٤ع تي ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري، وڃي
پنھنجي مالڪ حقيقي سان مليو.
اولاد:
کيس ٻھ پٽ ٿيا؛ خدا دوست ۽ خدا يار ٻنھي جو شعر
”اديب سنڌ“ ۾ ملي ٿو. ان کان سواءِ ماھوار ”سنڌو“
۽ ڪن اخبارن ۾ بھ نظر اچي ٿو. سندن شعر جو نمونو
ھيٺ ڏجي ٿو:
خدا دوست:
پڄڻ ناھي جتي پاھت بھادر ٿي پڳس مان ڀي،
مگر منھنجي پٺيان ھڪدم ھو ڪاھي ڪار تي پھتو.
(اديب سنڌ، جولاءِ ١٩٤٩ع)
***
موحد ٿيڻ ھڪ وڏي آھي مشڪل،
گھڻا ان کان اڪثر گريزان سمجھان.
اسان جو وطن آ غريبن جو ٽولو،
محبت وطن جي ٿو ايمان سمجھان.
(اديب سنڌ، جولاءِ ١٩٤٥ع)
خدايار:
پکي دل تر جي داڻي تي وڃي ڦاٿو تھ اھڙو جو،
اسيران قفس جو دم لبِ منقار تي پھتو.
(اديب سنڌ، جولاءِ ١٩٤٦ع)
سيرت ۽ ڪردار:
”بشير“ ھڪ غريب ماستر ھو، جنھن جي آمدني محدود ۽
مختصر ھئي. ان ھوندي بھ کيس ان ڌنڌي کان ڪا شڪايت
ڪانھ ھئي. ھو مطمئن ھو، ۽ ان ڌنڌي کي ھڪ اھم قومي
ڪم سمجھي سرانجام ڏيندو رھيو. ھن جي نظر ۾ ماستر
معاشري مان جھل جي اونداھي دور ڪري، صالح ۽ صحتمند
معاشري لاءِ راھھ ھموار ڪري سگھي ٿو.
ھن پنھنجي زندگي سادگي ۽ قناعت سان گذاري. جيتوڻيڪ
غريب ھو، پر دل جو غني، سخي ۽ مھمان نواز ھو. سندس
دسترخوان موجب زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ھن جو
پختو يقين ھو، تھ اسلامي اصولن تي ھلڻ ۾ ئي ملڪ ۽
معاشري جي فلاح ۽ بھبود سمايل آھي.
شعر و ادب:
ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سکيا دوران ١٩١٧ع ۾ شعر
چوڻ شروع ڪيائين. ان کان سواءِ مسلسل، شعر لکندو
رھيو. شعر کان سواءِ ڪجھھ مضمون بھ لکيائين. سندس
شعر ۽ مضامين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رھيا.
سندس پھريون نظم ھفتيوار سنڌ زميندار سکر جي ١٣
ڊسمبر ١٩٢٣ع جي پرچي ۾ ڇپيو. ان مان ڪجھھ شعر ھيٺ
ڏجن ٿا:
ڇا اوھان کي حال دنيا جو ٻڌايان يار اڄ،
مھر ماڻھن مان وئي، ۽ يار ٿا اغيار اڄ.
اڄ تھ الفت وئي ھلي، غمخوار ڪنھن جو ڪونھ آ،
پاڻ ۾ ئي ڀائرن جو روز ڏس تڪرار اڄ.
خير جي ڪم ۾ تھ ڪوئي پيشوا بڻيو نھ آ،
پر لچاين جا ڏسون آھن گھڻا مھندار اڄ.
ساڳيو نظم لاڙڪاڻي جي ماھوار شاعري جي رسالي
”گلدستھ“ ۾ سال ١٩٢٦ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ ”بشير“
مرحوم جا نظم ۽ غزل سنڌ جي بيشمار اخبارن ۽ رسالن
۾ ڇپيا. جھڙوڪ ھفتيوار اخبارون: الجماعت شڪارپور،
دادو نيوز دادو، مجاھد ڪراچي، حفاظت ٺل، اتحاد
جيڪب آباد، تنظيم، جاڳڻ الحنيف شڪارپور، رھنما
بلوچ ميرپورخاص ۽ نواب شاھھ، صداقت شڪارپور،
فرنٽيئر گزيٽ جيڪب آباد، انصاف ٺل، پاڪستان
لاڙڪاڻھ، علم اخبار ڪراچي، ماسترس اخبار وغيره.
سھ روزه (باءِ ويڪلي): سنڌ زميندار سکر.
ماھوار رسالا:
ملا مخزن حيدرآباد، اخبار تعليم حيدرآباد، گلدستھ
سنڌ لاڙڪاڻھ، اديب سنڌ لاڙڪاڻھ، اسان جي منزل
دادو، نئين زندگي ڪراچي، سنڌو شڪارپور ۽ جيڪب
آباد، توحيد ڪراچي ۽ ترقي ڪراچي وغيره.
پھريائين ھندو مسلمان اتحاد بابت شعر لکيائين.
١٩٢٣ع ۾ ڪانگريس جي ھندو نواز پاليسين کان متاثر
ٿيو؛ ۽ سندس دل ۾ مسلمانن جي جداگانھ قوميت جو
جذبو پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ڪيترائي نظم اسلام ۽
مسلمانن جي سربلنديءَ لاءِ لکيائين. نھ فقط ايترو
پر مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ زوردار نظم لکيائين.
ان کان سواءِ پاڻ سڳورن جي ثنا ۽ صفت ۾ ڪيتريون ئي
نعتون لکيائين.
١٩٣٨ع ۾ ھاري حقدار تحريڪ کان متاثر ٿيو، ھاري ۽
مزور بابت ڪجھھ نظم لکيائين. ١٩٤٨ع ۾ سنڌ جي حقن
کي ھڙپ ٿيندو ڏٺائين، تھ تڙپي اٿيو. ان کان پوءِ
سنڌ، سنڌي زبان ۽ شاھھ لطيف رح بابت ڪيترائي نظم
لکيائين.
ٻارن جي سکيا لاءِ ١٩٦٦ع ۾ ”سبق منظوم“ نالي ڪتاب
جو آغاز ڪيائين جنھن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت
متعلق نظم شامل ڪيائين.
شعر کان سواءِ سندس ڪجھھ مضمون بھ رسالن ۾ ڇپيا.
سڀ کان پھريائين سندس مضمون بعنوان .عربستان جا
تاريخي مقامات“ ماھوار ملا اسڪول مخزن حيدرآباد جي
مارچ ١٩٢٣ع جي پرچي ۾ ڇپيو. ھو ان وقت ضلعي اپر
سنڌ (جيڪب آباد) جي ٺل اسڪول جو اسسٽنٽ ماستر ھو.
ھن مضمون ۾ تاريخي جاين جو مختصر احوال ڏنو اٿس.
ان مان معلوم ٿئي ٿو، تھ کيس شعر و ادب کان سواءِ
تاريخ ۽ مذھب جي بھ چڱي ڄاڻ ھئي.
ملا اسڪول مخزن کان سواءِ سندس مضمون ٻين رسالن ۽
اخبارن ۾ بھ ڇپيا. سندس آخري مضمون ”شاھھ جو تخيل
۽ ٻيا شاعر“ جي عنوان سان ماھوار نئين زندگي
آڪٽوبر ١٩٥٤ع ۾ ڇپيو. ھن مضمون ۾ پنھنجي طرفان
ڪجھھ بھ نھ لکيو اٿس. ھڪ طرف شاھھ لطيف جا بيت ڏنا
اٿس، ۽ انھن جي سامھون ساڳي مطلب ۽ مفھوم وارا
پارسي اشعار ڏنا اٿس. ڪل ڏھھ شاھ جا بيت ڏنا اٿس.
ھن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ پارسي تي کيس چڱي مھارت
حاصل ھئي ۽ پارسي شعر ۽ شاھھ صاحب جي شعر جو ڳوڙھو
اڀياس ڪيو ھئائين. نموني طور ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
ويھڻ ويڄن وٽِ؛ سک تھ سگھو ٿئين،
اڳين عادت مٽِ، تھ اگھا عاجز نھ ٿئين.
**
صحبت يک ساعتي با اوليا
بھتر از صد سالھ طاعت بي ريا.
(رومي)
شاعريءَ ۾ پھريائين ”حقير“ تخلص ڪندو ھو. تقريبا
١٩٤٣ع ۾ ”حقير“ مان بدلائي ”بشير“ تخلص اختيار
ڪيائين. ”بشير“ تخلص انھيءَ ڪري اختيار ڪيائين، جو
ان وقت جي ڊي.پي.آءِ ۽ سنڌ جي وڏي عالم ۽ اديب
علامھ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سان ملاقات وقت
علامھ مرحوم، ”حقير“ تخلص لاءِ ناپسنديدگي جو
اظھار ڪيو.
”بشير“ مرحوم جي پنھنجي ھٿ اکرن ۾ لکيل شعر جي وڏي
بياض مان معلوم ٿئي ٿو، تھ ان کان پوءِ ھن پنھنجي
اڳئين شعر ۾ بھ ”حقير“ تخلص کي ڪاٽي. ”بشير“ تخلص
لکيو آھي. انھيءَ ڪري اسان بھ سندس ڪلام ۾ ”بشير“
تخلص رکيو آھي البتھ ڪن جاين تي معنيٰ جي مناسبت
سان ”حقير، قائم رکيو ويو آھي.
”بشير“ مرحوم کي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت
ڪرڻ جو تمام گھڻو شوق ھوندو ھو. وس- ويندي ڪو
مشاعرو يا ادبي ڪانفرنس نھ گسائيندو ھو. اھا حقيقت
پنھنجي شعر ۾ ھن طرح بيان ڪئي اٿس:
ھجي ھر ماھھ جيڪر بپا ڪٿ بزم شعرا جي،
اڇي ڏاڙھي ۾ ڀي ھن شوق جو شائق تھ مان آھيان.
حاجي محمود خادم مرحوم جي ڪوشش سان مشاعرن جون
محفلون سرگرم رھنديون ھيون. انھيءَ ڪري شاعر، خادم
مرحوم کي وڏي عزت جي نگاھھ سان ڏسندا ھئا. ڪجھھ
وقت مشاعرن جون محفلون سرد رھيون، تھ ”بشير“ مرحوم
خادم مرحوم کي ياد ڪندي چيو:
اسان جي شعر جي دنيا اڄ ڪلھھ سرد ٿي ڏسجي،
خدا ڏي عمر خادم کي، سندس عاشق تھ مان آھيان.
مشاعرن ۾ کيس وڏي شوق ۽ ذوق سان ٻڌو ويندو ھو، ۽
کيس تمام گھڻو داد ملندو ھو. ھو جميعت الشعراءِ
سنڌ جو سرگرم ڪارڪن ھو. شعر جي تڪ تور لاءِ جميعت
الشعراءِ طرفان جيڪا ”ڪسوٽي ڪاميٽي“ مقرر ڪئي وئي
ھئي، ان جو بھ کيس ميمبر مقرر ڪيو ويو ھو. ان کان
سواءِ سال ١٩٣٢ع ۾ عبدالڪريم گدائي مرحوم جي تعاون
سان پنھنجي ڳوٺ ميرپور ٻرڙو تعلقھ ٺل ۾ بھ بزم
مشاعرو قائم ڪيائين، جنھن جي طرفان آڪٽوبر ١٩٣٥ع ۾
ڳوٺ ميرپور تعلقي ٺل ۾ وڏي پيماني تي مشاعرو منعقد
ڪيائين. ھن مشاعري ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن شرڪت
ڪئي. ان موقعي تي ”بشير“ مرحوم مھمان نوازي ۾ ڪا
ڪسر نھ ڇڏي. ان مشاعري جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:
”مائل رھين سدائين بيداد جي طرف.“
ساڳي سال ڊسمبر مھيني ۾ جيڪو مشاعرو ھن بزم جي
طرفان منقعد ٿيو، ان جي مصرع ھن طرح ھئي:
”ارمان! ٿيو نھ جانان جو ديدار ڪنھن طرح.“
”بشير“ مرحوم ان طرح تي جيڪو غزل لکيو، ان مان
ڪجھھ شعر نموني طور ڏجن ٿا:
آه و فغان ۾ ساري وئي زندگي تھ ڀي،
ارمان! ٿيو نھ جانان جو ديدار ڪنھن طرح.
صد حيف شاه خوبان جو دل کسي وري،
ساٿي نھ ٿئين ڏکن ۾ مددگار ڪنھن طرح.
پرنور مه لقا ڪر اڱڻ ھي ”بشير“ جو،
توکان سواءِ نھ ٿيندو اي دلدار ڪنھن طرح.
جميعت الشعراءِ سنڌ جي طرفان بلند پايھ اديبن ۽
شاعرن کي خطابن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. حاجي
محمود خادم کي ”مخدوم الشعراء“، نواز علي نياز کي
”عمدة الشعراء“ محمد بخش واصف کي ”فخرالشعراء“ لقب
ڏنا ويا. اھو ڏسي ”بشير“ مرحوم ”نامينيشن پيپر“ جي
عنوان سان ھڪ طويل نظم لکيو، جيڪو اديب سنڌ،
جولاءِ ١٩٤٦ع ۾ ڇپيو. ان ۾ ھن پنھنجو تعارف ڏنو
آھي، ۽ پنھنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر ڪيو آھي.
ان کان پوءِ چيو اٿس، تھ کيس اڃاتائين خطاب ڇونھ
ڏنو ويو آھي؟ ان نظم ۾ مشاعرن جي محفلن ۾ پنھنجي
شرڪت بابت چوي ٿو:
سنڌ ۾ منزل تھ آھي ميرپور ٺل تعلقي ۾ پر،
سڄي ھن سنڌ جي حد ۾ ڪندو چرپر تھ مان آھيان.
جياريان بزم شعرا کي ٿو اڪثر پنھنجي شرڪت سان،
ٽمن ٿا وات مان موتي سخن پرور تھ مان آھيان.
ڪڍي جا ڪسوٽي ڪاميٽي يارن لاڙڪاڻي ۾،
سڃاڻان سون پتل کي اھو زرگر تھ مان آھيان.
****
|