باب ٽيون
شاعريءَ جو جائزو
سماج ۽ ماحول ڪن حقيقتن تي دارومدار رکن ٿا. شاعر جي آڏو
حقيقتون ئي حقيقتون ڦرنديون رھن ٿيون، جن جو ھو
تيز نظر ۽ حساس دل سان مشاھدو ۽ مطالعو ڪري متاثر
ٿئي ٿو. انھيءَ ڪري سندس دل ۾ جذبن ۽ احساسن جي
آنڌ مانڌ ٿئي ٿي، جن کي ھو لفظن جو ويس پارائي،
مؤثر انداز ۾ پيش ڪري ٿو، جيئن پڙھندڙ بھ ان کان
متاثر ٿي، اھوئي تاثر وٺن. اھوئي سبب آھي، جو
حقيقت پسندانھ شاعري اھا آھي، جنھن ۾ انسان جي دل
جون ڌڙڪنون بند ھجن، جنھن جي ڏيکاريل ماحول ۾
ھلندڙ چلندڙ انسان ساھھ کڻندو نظر اچي ٿو، ۽ جنھن
جي فضا ۾ انسان جا ٽھڪ ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ اچن.
جيئن تھ شاعري زندگيءَ جي ترجمان آھي، انھيءَ ڪري شاعري اھا
آھي، جيڪا شاعر جي جذبن، احساسن ۽ امنگن سان گڏ
سماج جي اجتماعي زندگي ۽ شعور جي ترجماني بھ ڪري،
نھ فقط ايترو، پر جيئن تھ زندگيءَ جا رجاحانات وقت
پٽاندڙ بدلجندا رھن ٿا، انھيءَ ڪري حقيقي معنيٰ ۾
شاعري اھا آھي، جيڪا بدلجندڙ شعور ۽ احساس جو ساٿ
ڏئي، جيئن ھوءَ زندگيءَ کان بي تعلق نھ ٿي وڃي.
”بشير“ مرحوم جي شاعري انھيءَ معيار مطابق آھي. فني قواعڊ ۽
ضوابط جي قطع نظر، مضمون جي لحاط کان سندس شاعري،
وقت ۽ حالتن پٽاندڙ آھي. ھو سياسي ۽ سماجي شعور
رکندڙ حساس شاعر آھي. ان وقت جيڪي وھيو واپريو ٿي،
انھن حالتن ۽ واقعن کيس تڙپائي ٿي ڇڏيو. ھو سچو ۽
پڪو مسلمان ھو، جنھن جي دل ۾ ديني ڀائرن جي
ڪسمپرسي وارين حالتن جو درد ھو. ھن مسلمانن کي
سجاڳ ۽ بيدار ٿيڻ لاءِ ڪيترائي پراثر نظم لکيا
آھن. ان سان گڏ ھن کي پنھنجي وطن ۽ وطن وارن سان
بھ بيحد پيار ھو. ھن پنھنجي نظمن ذريعي سنڌ جي
ماڻھن کي خبردار ڪيو آھي. ھو پاڻ ماستر ھو. انھيءَ
ڪري ماستر جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي پوري پوري
عڪاسي ڪئي اٿس. ان کان سواءِ ھارين ۽ مزورن جي حقن
جي ڳالھھ بھ وڏي واڪي ڪري ٿو. ھن ھيٺ سندس شاعري
جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
حمد: ”بشير“ مرحوم ھڪ درد دل رکندڙ مسلمان ھو. ھن پنھنجي عقيدن ۽
جذبن جو اظھار پنھنجي شعر ۾ ڪيو آھي. ھن واحد جي
وڏائي بيان ڪندي ڪيترائي حمديھ نظم لکيا آھن. سندس
ديوان جي شروعات ھن طرح ٿئي ٿي:
اسان کـــي سنئين راھ ڏيکار مولا،
جو تنھنجي مدد آھھ درڪار مولا.
اھڙي طرح ھو ذات مطلق جي ھيڪڙائي ۽ وڏائي بھ بيان ڪري ٿو، سندس
در تي آزي ۽ نيزاريءَ سان ٻاڏائيندو بھ رھي ٿو.
”منظوم سبق“ واري حصي ۾ ٻارڙن جي پرارٿنا آھي،
جنھن ۾ ٻارڙا پنھنجي خالق ۽ مالڪ کي ھن طرح التجا
ڪن ٿا:
اسان بي سمجھھ ٻالڪ سڀ گڏيا اسڪول ۾ آھيون،
سمجھھ ۾ سرت ڏي سائين، عطا دريا جي دولت ڪر.
واحد جي وڏائي بيان ڪرڻ، بندي جي وس جي ڳالھھ نھ آھي. جيڪڏھن
سڄي زمين ڪاغذ ڪجي ۽ سمورا وڻ قلم ڪجن، تڏھن بھ
ساراھھ جو حق ادا ٿي نھ سگھي.
ڪريان جي مان ڪاغذ ھي ساري زمين،
اصل ھوءَ پوري ڪڏھن پوندي ڪين.
لکان مان وڻن کي قلم جي ڪري،
سگھان ڪين تعريف پوري ڪري.
الله تعاليٰ جي ذات بي مثال آھي، پر ڪائنات ۾ جتي ڪٿي سندس ئي
جلوو ۽ جمال آھي. ھن جي قدرت بي انت آھي، ۽ ان جو
پرو پاند ڪانھي:
ڪھڙو مان شان ڳايان اي ذوالجلال تنھنجو،
ارض و سما ۾ جت ڪٿ جلوو جمال تنھنجو.
بالا خيال کان بس برتر خيال تنھنجو،
ڪنھن ڀي پتو نھ پاتو اي بي مثال تنھنجو.
بلبل کي باغ ۾ ڀي بس قيل و قال تنھنجو،
جھرجھنگ ۾ ثناخوان شير و فغان تنھنجو.
انسان خطا جو گھر آھي، ۽ مولا پاڪ جي مھربانين جو محتاج آھي. ان
کان سواءِ ڪو واھھ وسيلو ڪونھي:
انسان آ سراپا پتلو رڳو خطا جو،
محتاج آھھ ھرڪو مولا سندي عطا جو.
ھن جي ڪرم ۾ مون کي اميد آھي ھردم،
سمجھان نھ ٻيو وسيلو آ آسرو خدا جو.
عشق رسول: نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سان محبت ۽ عشق ايمان جي
نشاني آھي. ”بشير“ مرحوم بھ ھڪ سچو مسلمان ھو. کيس
پاڻ سڳورن سان بي پناھھ محبت ھئي. ھن پنھنجي محبت
۽ عشق رسول جو اظھار ڪيترين ئي نعتن ۾ ڪيو آھي. ھن
ٻنھي جھانن جي سردار جا اوصاف بھ بيان ڪيا آھن، تھ
پنھنجي عقيدت ۽ محبت جو اظھار بھ ڪيو آھي.
پاڻ سڳورا جھانن لاءِ رحمت ۽ برڪت آھن. سندن آمد سبب ڪفر ۽ جھل
جو اوندھھ انڌوڪار دور ٿيو، دنيا علم ۽ فضل جي نور
سان منور ٿي، قيصر و ڪسريٰ جا ڪنگرا ڪري پيا، ڏاڍن
جي ڏاڍ کان ھيڻن کي ڇوٽڪارو حاصل ٿيو، ڀائپي ۽
برادري وارو معاشرو وجود ۾ آيو. ”بشير“ مرحوم
انھيءَ حقيقت جو اظھار ھن طرح ڪري ٿو:
اچي چؤطرف ۾ تھ چانڊاڻ ٿئي،
منور تھ ارض و سما ٿي ويو،
پيا ڪوٽ ڪسريٰ جا يڪدم ڪري،
دنيا ۾ وڏو ڌوڌڪا ٿي ويو،
جھالت سندي رات ڪاري ھئي،
تھ نروار بدرالدجيٰ ٿي ويو.
ھر ڪمال کي زوال آھي، پر نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن
جي ذات جو ڪمال لازوال آھي:
جنھن کي ڪمال آھي، تنھن کي زوال آھي،
پر ھي ڪمال ڀي ھڪ لازوال آھي.
پاڻ سڳورن جي جلوو ۽ جمال بي مثال ۽ لازوال آھي. ڪائنات ۾ سونھن
۾ ساڻس نھ ڪو جوڙ جيس آھي، ۽ نھ مٽ ثاني آھي:
سونھن ۾ جھڙس ڪو ثاني سرس ھن کان ڪونھ ٿيو،
مشرق و مغرب ڏٺم، جاچي سڄي جنسار کي.
--
تجلي طور واري ھئي سڄڻ جي روئي روشن ۾،
نھ تجلي ۾ نھ شمعدان ۾ نھ اھڙي شمس تابان ۾.
شفق ڀي ڪين ٿي ثاني، لبن لالن جي لالائي،
نھ ھئي ياقوت ۾ اھڙي، مساڳن ۾ نھ مرجان ۾.
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي روضھء اقدس جي زيارت جي
تمنا ھن طرح بيان ڪري ٿو:
ھميشھ دل ۾ اميدون آھن، ڪڏھن زيارت نبي جي ٿيندي،
رھي اداسڻ ٿي دل ويچاري ڪڏھن عنايت نبي جي ٿيندي.
خدا ڪري شل اھو ڏھاڙو جنھن ڏھاڙي مديني ويندس،
نبي جي درجي ٻھاري ڏيندس اھڙي قرابت نبي جي ٿيندي.
ملت اسلاميھ جي حالت ڏسي سندس درد رکندڙ دل تڙپي اٿي ٿي، ۽ ھو
پاڻ سڳورن کي مدد لاءِ ملتجي ٿئي ٿو:
ڏس تھ ڇا امت اوھان جي جو اچي اڄ حال ٿيو،
مشرق و مغرب غمن ۾ مبتلا، ڪر ڪا نظر.
خانھ جنگيءَ ۾ مسلمانن وڍيون پنھنجون سسيون،
اختلاف دين ۾ شاغل رھيا، ڪر ڪا نظر.
ھر طرح حيران ڪيو، مجبور ۽ لاچار ڪيو،
دشمنان دين جي مڪر و دغا، ڪر ڪا نظر.
ھو پنھنجو جائزو وٺي، پنھنجي خطائن جو اعتراف ڪري پاڻ سڳورن کي
پڪاري چئي ٿو:
غفلت ۾ وئي عمر، ڪيءِ ڏوھھ ”بشيرا“،
ڪر ڀال مٺا، مون تھ سمھي وقت وڃايو.
اسلام ۽ مسلمان:
”بشير“ مرحوم درد دل رکندڙ مسلمان ھو، ھن ڏٺو تھ
مسلمان سياسي توڙي اقتصادي طرح پوئتي پيل آھن، ۽
ڏجھن ۽ ڏوجھرن ۾ آھن. انھيءَ ڳالھھ کيس تڙپائي
ڇڏيو. ھن پنھنجن نظمن ذريعي مسلمانن کي پنھنجو
شاندار ماضي ياد ڏياريو آھي، ۽ کين ٻڌايو آھي تھ
ھنن ۾ جرئت آھي، غيرت آھي ۽ ھمت آھي. اھي جيڪڏھن
عزم ڪن، تھ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي، آزاديءَ ۽
حڪمرانيءَ سان ھمڪنار ٿي سگھن ٿا. اھي جيڪڏھن محنت
۽ ڪوشش ڪن، تھ ترقيءَ جي عروج تي پھچي سگھن ٿا.
چوي ٿو:
سڄو فولاد بڻجي وڃ، نھ رک ڪنھن تير جي پرواھھ،
مسلمانن رکي ناھي، ڪڏھن شمشير جي پرواھھ.
اچو يارو تھ گڏجي پاڻ ٺاھيون پنھنجي قسمت کي،
اسان جو بخت بالا آ نھ تقدير جي پرواھھ.
مسلمانن کي سندن شاندار ماضي ياد ڏياريندي چوي ٿو:
ڪيڏو ھو ڪڏھن دوستو اقبال اسان جو.
ھاڻي بھ ڏسو يار ڇا آ حال اسان جو.
ايشيا تھ ڏڪيو ٿي يورپ بھ پئي لرزيو.
تاريخ ۾ مشھور آ احوال اسان جو.
اسلام جو پيغام ڪنھن ملڪ، قوم، قبيلي ۽ وقت تائين محدود نھ آھي.
اسلام ھڪ مڪمل نظريھ حيات آھي، جنھن ۾ انسان جي
مادي ۽ روحاني بھتري آھي. اھوئي سبب آھي جو اسلام
ھر ملڪ لاءِ آھي، ھر قوم لاءِ آھي، ۽ ھر وقت لاءِ
آھي. ھتي رنگ ۽ نسل جو ڪو ويڇو ڪونھي. ”بشير“
مرحوم اھا حقيقت ھن طرح بيان ڪري ٿو:
وقت آھي، ھر زماني واسطي،
۽ نھ سمجھو لاءِ عرب و شام آ.
ڪنھن بھ ڪاري ياڪ گوري واسطي،
دعوتِ حق خاص ناھي عام آ.
مسلماني، وڏي آزمائش جو نالو آھي:
مسلماني نمائش لاءِ ناھي آزمائش آ،
اٿي اي مرد مولا جا دنيا ۾ امتحان ٿي وڃ.
پاڪستان اسلام جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو ھو. ان جي باوجود پاڪستان
قائم ٿيڻ کان پوءِ بھ اسلامي قانون نافذ ڪرڻ جي
بدران انگريزن وارو قانون قائم رکيو ويو:
اڃا قانون قرآن جي حڪومت ڪانھ ٿي آھي،
الف پي ڪاف ري ڪھڙي ملي جاگير آزادي.
اسلام تير ۽ تلوار جي زور تي نھ پکڙيو؛ پر مسلمانن جي سيرت ۽
ڪردار کان متاثر ٿي، دنيا جون مختلف قومون اسلام
جي دائري ۾ داخل ٿيون. اسلام، رنگ ۽ نسل جا ويڇا
ختم ڪري ڇڏيا، ۽ ڀائپي برادري جي فضا قائم ڪري،
صحيح انسانيت جو درس ڏنو:
تلوار نھ ھرگز ھي مذھب ھو پکيڙيو،
اغيار ڪيو ناحق بدنام اسان جو.
اخوت نھ ڏسو ٿا تھ آ ڪھڙي اسان ۾،
ھڪ جھڙو ڀلو خاص ۽ عام اسان جو.
پر اڄ جي مسلمانن جي حالت مختلف آھي. ھنن پنھنجي دين جي تعليم
تي عمل پيرا ٿيڻ ڇڏي ڏنو آھي. انھيءَ ڪري ڏک ۽
ڏولاوا کين پڙ پيا آھن. وري بھ وقت نھ ويو آھي.
جيڪڏھن اسان سجاڳ ٿياسون ۽ پنھنجي دين جي اصولن تي
عمل ڪيوسين، تھ وري اڳيون اوج ماڻي سگھون ٿا:
افسوس رھيو ڇا وڃي باقي تھ اسان وٽ،
غفلت ۾ وڃي ماھھ ۽ ٿو سال اسان جو.
دنيا ۾ وڃي ٿياسون اسان ئي اڄ مفلس،
ڪيئن يار اچي حال ٿو ڪنگال اسان جو.
قسمت جي اڳيان دوستو اڄ ڀي نھ پري آ،
خالق آ مددگار ۽ رکوال اسان جو.
شل خواب مان بيدار اڳي وانگر وري ٿيون،
درگاھھ ۾ خالق جي آھي سوال اسان جو.
مسلمانن جي ڪمزوريءَ جو سبب اھو آھي، جو ھنن جھاد کي وساري ڇڏيو
آھي:
جھاد في سبيل الله کان ڀلجي ويا آھيون،
قسم الله، فضل الله کان ڀلجي ويا آھيون.
ھي فاني زندگي پنھنجي ٿا سمجھون زندگي ابدي،
انھيءَ غفلت ۾ وصل الله کان ڀلجي ويا آھيون.
اسان جون طاقتون ڪمزور آھن زعم باطل کان،
معاذ الله، قول الله کان ڀلجي ويا آھيون.
اھڙيءَ طرح ھن ڪيترن ئي نظمن ۾ مسلمانن جي موجوده
حالتن جي ترجماني ڪئي آھي، ۽ کين پنھنجو شاندار
ماضي ياد ڏياري، غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻ جي
تلقين ڪئي آھي. ھن مسلمانن کي سمجھايو آھي، تھ
روحاني ترقيءَ سان گڏ دنيوي ترقيءَ ۾ بھ قدم اڳتي
وڌايون.
ھاري ۽ مزدور: دنيا جي رونق، مزدور جي پگھر جي پورھيي سان قائم آھي.
جيڪڏھن مزدور جو ھٿ ۽ ھمت نھ ھجي ھا، تھ ھي محل ۽
منارا وجود ۾ نھ اچن ھا. ”بشير“ مرحوم انھيءَ
حقيقت تي زور ڏيندي چوي ٿو:
محلات منارا ڏسجن نھ ڪٿي ھا،
مزدور جي ھٿ ۾ ھمت نھ ھجي ھا.
ھو سرمائيدار مخاطب ٿي چوي ٿو، تھ تنھنجي محلات جون سرون پاڻيھي
جڙي راس ڪونھ ٿيون آھن؛ پر مزدور جڏھن رت. ست ڏنو
آھي، تڏھن اھي جڙي راس ٿي، محل جي مڪمل ٿيڻ جو سبب
بڻيون آھن:
سرون محلات تنھنجي جون ائين جڙجي ويون آھن؟
ڪئي مزدور محنت ھوندي آب و گل بنائڻ ۾.
ڪارخانن مان پيداوار بھ تڏھن حاصل ٿئي ٿي، جڏھن مزدور جي محنت
انھن سان شامل ٿئي ٿي. مزدور جي زباني اھا حقيقت
بيان ڪندي چوي ٿو، تھ ڪارخانا منھنجي دم سان ھلن
ٿا. انھيءَ ڪري زماني تي منھنجو احسان آھي، ڇاڪاڻ
جو ترقيءَ جو دارومدار ڪارخانن جي پيداوار تي آھي:
ھلن ڪارخانا منھنجي ئي دم سان،
زماني سڄي تي مان احسان آھيان.
اڳتي ھلي مزدور جي اھميت سندس زباني بيان ڪندي چوي ٿو، تھ
سرمائيدار مون تي حڪم ھلائي ٿو؛ پر حقيقت ۾ مان ئي
حڪمران آھيان؛ ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن مان ڪارخانن مان ڪم
نھ وٺان، تھ ڪارخانا بند ٿي وڃن، ۽ دنيا جو سمورو
ڪاروبار بند ٿي وڃي:
ھلائي ٿو ھرڪوئي مون تي حڪم پر،
حقيقت ۾ مان ئي حڪمران آھيان.
ھو مزدور جي زباني سرمائيدارن کي تنبيھھ ٿو ڪري، تھ ھو مزدور جي
اھميت محسوس ڪن، ۽ کيس سکيو ۽ سھنجو رکن؛ ورنھ کين
اڳتي ھلي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو:
جي سرمائيدارن اڃا ڪين سمجھيو،
سندن لاءِ شايد پو نقصان آھيان.
انھيءَ نقصان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو، تھ مزدور کي جيڪڏھن پوري
اجرت ۽ سھولت نھ ملندي، تھ بي چيني ٿيندي، جيڪا
اڳتي ھلي انقلاب جو باعث بڻجندي، اھو انقلاب اھڙو
ھوندو، جيڪو سرمائيداري جي پاڙ پٽي ڇڏيندو:
ٿيو ڪين ڪجھھ مدت غور منھنجو،
تھ پوءِ انقلابن جو امڪان آھي.
اسان جو ملڪ بنيادي طرح ھڪ زرعي ملڪ آھي. ھاري، اسان جي ملڪ جي
معاشيات جي ڪرنگھي جو ھڏو آھي. ھو تتيءَ ٿڌيءَ ۾
آنڌيءَ مانجھيءَ ھڏ ھلائي، پگھر وھائي، ان اپائي
ٿو. ”بشير“ مرحوم ان جو تعارف سندس زباني ھن طرح
ڪرائي ٿو:
سڄو ڏينھن گرمي ۽ اس ۾ گذاريان،
ڪلھن تان مان ڪوڏر ڪڏھن ڪين لاھيان،
ڏکيا ڏينھن پنھنجا دنيا ۾ نباھيان،
سدائين ٿو پيرن ھٿن کي ھلايان،
جتيءَ ۾ نھ پائيندو مان پير آھيان،
ٻڌايو اي يارو تھ مان ڪير آھيان.
ان جي ايڏي اھميت ۽ خدمت جي باوجود اسان جي معاشري کيس بکيو ۽
ڏکيو رکيو. سندس حالت ”بشير“ مرحوم ھن طرح سندس
زباني بيان ڪري ٿو:
ٿيو ڪونھ ماڻھو مددگار منھنجو،
نھ ھمدرد آھي زميندار منھنجو،
رکي آھي گروي بھ گھر ٻار منھنجو،
ھليو حال آيو آ لاچار منھنجو،
ڀري پيٽ ڪڏھين نھ ٿيو سير آھيان،
ٻڌايو اي يارو تھ مان ڪير آھيان.
وڏيري جي زيادتن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
خوب ٿو ڄاڻي خدا جيڪي وڏيرا ٿا ڪرن،
ڇا بٽئي جون ڇيڙ جون بيگار جون ڳالھيون ڪريون.
حساس دل شاعر ھن جي حالت ڏسي تڙپي اٿي ٿو، ۽ بي اختيار ٿي چوي
ٿو:
ھي ھاري سنڌ جو آھي تشدد ظلم ۾ ورتل،
انھيءَ بيمار ھاريءَ کي مان قرضن مان ڇڏائيندس.
”بشير“ مرحوم سچو ۽ پڪو مسلمان ھو. ھن پنھنجي شعر ۾ ھنڌين ماڳين
اسلام جي اھميت ۽ افاديت تي زور ڏنو آھي. سندس دور
۾ ساموادي نظريو عام ٿيو ھو، ۽ انھيءَ نظريھ مطابق
اديبن ۽ شاعرن ۾ ترقي پسند تحريڪ موجود ھئي. ھي
جيتوڻيڪ مزدور جو ساٿي ۽ ھاري جو ھمدرد ھو؛ پر ان
جي باوجود ھن ساموادي نظريي مطابق پنھنجي جذبات ۽
احساسات کي نھ موڙيو آھي. ھو ھر مسئلي کي اسلامي
تعليمات جي نظر سان ڏسي ٿو، ۽ اسلام ۾ ئي ان جو حل
ڳولھي ٿو. ھو اسان کي ذھن نشين ڪرائي ٿو، تھ اسلام
اسان کي اجازت نھ ٿو ڏئي، تھ پورھيت جي حق تلفي
ڪريون ۽ ان کي بکيو ۽ ڏکيو رکي پنھنجا ڀڀ ڀريون.
ھو خبردار ٿو ڪري تھ جيڪڏھن اسان پنھنجي حالتن ۾
ڦيرو نھ آندو، تھ پوءِ مزدور ۽ ھاري جي زبان تي ھي
انقلابي نعرو ھوندو:
قبضو نھ رھي خاص ڪنھن شيءِ تي ڪنھن جو،
محنت ۽ ڪمائي کي نمودار ڪنداسون.
معاشي ۽ معاشرتي حالتون:
ان زماني ۾ سنڌ جون جيڪي معاشي ۽ معاشرتي حالتون
ھيون، انھن جي ترجماني بھ حقيقت پسندانھ نوع ۽
پراثر انداز ۾ ڪئي اٿس. سنڌ جي غربت بابت بي
اختيار ٿي چوي ٿو:
غريبيءَ ۾ پئي ٿي پيڙھجي بپلڪ سموري اڄ،
سڳوري سنڌ تي ٿيندي ڀلا ٻي ڪربلا ڪھڙي.
سنڌ ۾ جن جي ھٿ ۾ اقتدار آھي، اھي عوام جي مسئلن کي سمجھڻ ۽
انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نھ ٿا ڪن؛ پر ماڻھن کي
ھيسائڻ ۽ دٻائڻ ۾ پنھنجي طاقت صرف ڪن ٿا:
پري کان ئي لتر لاٿيون اچي ٿو سنڌ تي حاڪم،
پڇي بھ ڪين ٿو ڪنھن کان، تھ تنھنجي آ صدا ڪھڙي.
ٻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن کان سواءِ سنڌ جا رھاڪو بيمارين ۾ بھ
سدائين مبتلا آھن. جيئن تھ سندن علاج جو مناسب
بندوبست ڪونھي، انھيءَ ڪري ڪيترائي موت جو شڪار
ٿيو وڃن:
محرقي تپ ۽ ماتا آ ڪيو آباد گورستان،
پريشان ۽ ڏسون بيزار ٿا خلق خدا ڪھڙي.
توڙي جو وڏا ڪامورا سنڌ جو دورو ڪن ٿا، تڏھن ڀي غريبن جي پرسان
حال ڪونھي:
حال پرسان ڪونھ آھي، ڪو غريبن واسطي،
ڪشمنر آيو تھ ڇا، جي گورنر آيو تھ ڇا.
ڪامورن ۽ ڪلارڪن ۾ رشوت جو عام وھنوار ڏسي چوي ٿو:
ڪيو آھھ پبلڪ کي بيزار رشوت،
خدايا سگھو ڪر نگھوسار رشوت،
ڏسان ھن ندوري کي ھر محڪمي ۾،
ڪلارڪ وٺن ۽ عملدار رشوت.
ھر ھنڌ بي انصافي ڏسي، ”انصاف“ کان سوال ٿو ڪري، تھ ڇو تون ھتان
موڪلائي ھليو ويو آھين؟
زر ۽ زمين زيور منھنجا بڻيا مخالف،
ھاڻي ھتي رھڻ ۾ ڪو مان شان ڪونھي،
حضرت، دروغ ايڏو مرغوب ٿيو دنيا ۾،
مون ڏي ڪنھين جو اڄ ڪلھھ ڪوئي ڌيان ڪونھي.
ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي ڪري، ملڪ جون اقتصادي حالتون ابتر ٿي
ويون ھيون، ۽ ملڪ ۾ ڏڪار منھن ڪڍيو ھو. ڦرون ۽
ڌاڙا عام ٿي ويا. ماڻھو بدامني ۽ بدحالي جو شڪار
ٿي ويا. اھو حال ڏسي ”بشير“ مرحوم چيو:
ڦرون ۽ ڌاڙا ۽ بدامني نتيجو قحط جو آھي،
سفر ڪھڙو ڪندو بي خوف اڳتي ڪاروان پنھنجو.
نھ فقط ايترو، پر ملڪ ۾ اٽي ۽ لٽي جي قلت پيدا ٿي پئي. انھيءَ
ڪري اٽي ۽ لٽي تي ڪنٽرول پيو ۽ راشن تي ڪپڙو توڙي
اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ ٿاٻا ۽ ڌڪا کائڻ لڳا. اھو حال
ڏسي ١٩٤٦ع ۾ بي اختيار ٿي ”بشير“ مرحوم چيو:
اھو ڏينھن جلدي تون ڏيکار مولا،
جو راشن وڃي ٿي نگھوسار مولا،
اٽي ۽ لٽي لاءِ در در وڃون ٿا،
وساري اسان تنھنجي دربار مولا.
ھڪ ٻئي نظم ۾ ڪڻڪ جي نافت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
ڪڻڪ جي نافت ڪري ٿي، ملڪ جي حالت خراب،
بس رڳو ان جي ڪري ئي ملڪ ۾ آ اضطراب.
١٩٤٢ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي. جنھن اتر سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ تباھي
مچائي. ڪيترائي ماڻھو بي گھر ٿي، ڀٽڪندا رھيا.
انھن حالتن کان متاثر ٿي، ”بشير“ مرحوم ٻوڏ جي
ستايلن لاءِ نظم لکيو. ٻوڏ جي ستايلن جي زباني چوي
ٿو:
ڪڏھن گھر ھو اسان جو ڀي، مگر اڄ دربدر آھيون،
ٽپڙ ٽاڙي وڃائي سڀ ٻين جا منتظر آھيون.
دنيا جو ڪارخانو ڏسي ھن اندازو لڳايو، تھ دنيا جو وھنوار دولت
سان آھي، عزت ۽ مان بھ دولت جي بنياد تي آھي، تھ
شان و شوڪت بھ دولت سان قائم ۽ دائم آھي. خانداني
۽ شرافت جو قدر ڪونھي، پر ماڻھو دولت کي ڏسي
برتاءُ ڪن ٿا. انھيءَ حقيقت جو اظھار ڪندي چوي ٿو:
زردار جو آ سڀڪو، ٻلھار تنھن تان ھرڪو،
سڀ کي اھوئي پيارو، بازو تھ جھنگ بازو،
بي زر نھ خانداني، سڪندو پيو لاءِ ماني،
وٺ ڪو ٻني ۽ ٻارو، بازر تھ جھنگ بازر.
معاشي ۽ معاشرتي حالتن سان گڏ ان وقت جي سياسي حالتن کي بھ
پنھنجي تنقيد جو نشانو بنايو اٿس. ٻي مھاڀاري
لڙائي ۾ جيڪي ڪيس ڪلور ٿي رھيا ھئا، انھن کان
متاثر ٿي چيائين:
ڪسن ٿيون ڪيتريون جانيون بمن گئسن بدولت اڄ،
ويا نوشيروان نڪري، بچا چنگيز خان باقي.
٣١ مارچ ١٩٣٦ع تي سنڌ بمبئي کان جدا ٿي. ١- اپريل تي سنڌ لاءِ
بمبئي کان گورنر آيو. پھريائين گورنر ڪم ھلائڻ
لاءِ ھڪ ائڊوئزري ڪائونسل ٺاھي، جنھن تي اھي ميمبر
کنيا ويا، جيڪي اڳ ۾ سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جا
چونڊيل ميمبر ھئا، سيپٽمبر ١٩٣٦ع ۾ اليڪشن مھم جو
آغاز ٿيو. ٧- فيبروري ١٩٣٧ع تي اليڪشن ٿي ۽ ١-
اپريل ١٩٣٧ع تي اسيمبلي ويٺي، ان کان پوءِ وزيري
تي جھيڙا جھڳڙا ۽ گروپ بندي ٿي، ۽ وزارتن جي ٺاھڻ
۽ ڊاھڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اھوحال ڏسي مارچ ١٩٣٨ع
۾ ”بشير“ مرحوم ھڪ نظم لکيو، جنھن ۾ چيائين:
وزيرن تي ڪيڏو تھ ميمبر وڙھن ٿا،
وزارت ويچاري کي ٽيھر ڀڃن ٿا،
دلاسن جي بک ڪين ڪنھن کي ڏين ٿا،
سڄا سال چارئي بھ گذري وڃن ٿا،
شڪر جو اڃا پنھنجي سرڪار آھي،
تڏھن ئي اھو روڳ تڪرار آھي.
سنڌ بمبئي کان جدا ٿي، اليڪشن ٿي. سنڌ جا ماڻھو وزير ٿيا تڏھن
بھ ڪارا قانون ختم نھ ٿيا. انھيءَ حقيقت جو اظھار
ڪندي ”بشير“ مرحوم چوي ٿو:
اڃا ڪارا قانون جائز ٿين ٿا،
دٻاؤن جا رستا ھليائي اچن ٿا،
روا جرگھ سسٽم اڃا ڀي رھن ٿا،
غريبن سان لوڙھن جا ناحق ھلن ٿا،
تڏھن ڀي ڪنڊو ڪونھ ڪنھن کي لڳي ٿو،
نھ آواز ڪنھن جو بھ ڪوئي ٻڌي ٿو.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ بين الاقوامي ڇڪتاڻ سبب جيڪي حالتون
پيدا ٿيون، اھي پاڪستان تي بھ اثرانداز ٿيون. اھي
ڏسي ”بشير“ مرحوم بي اختيار ٿي چيو:
اڏو دنيا کي ڪچلڻ جو ڇا پاڪستان ئي بڻيو،
کسيو ويندو اسان کان ڪجھھ بچو جو آ اڃا باقي.
”بشير“ ڪيترين ئي ساھوار ۽ بيجان شين کي عنوان بنائي، انھن جون
خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪيون آھن. انھن جي اوٽ ۾
معاشي ۽ معاشرتي حالتون بيان ڪيون اٿس، ۽ سماج جون
ڪميون ۽ ڪوتاھيون بھ نروار ڪيون اٿس. انھيءَ سلسلي
۾ سندس نظم ”کنڊ“ نھايت اھم آھي جيڪو ھن ١٩٥٠ع ۾
لکيو. ان ۾ کنڊ جي اھميت ۽ ضرورت بھ بيان ڪئي اٿس.
ان تي ڪنٽرول ھجڻ ڪري، جيڪي عوام کي تڪليفون درپيش
اچن ٿيون، اھي بھ بيان ڪيون اٿس. چوي ٿو:
تنھنجي صدقي سنڌ ۾ خوراڪ جو کاتو ٺھيو،
تنھنجو ڪامورن مٿان آھي وڏو احسان کنڊ.
کاڌي جي ڪيترين ئي شين ۾ کنڊ جي ضرورت پوي ٿي. خاص طرح سان چاءِ
جي ڪري، ھرھڪ کي کنڊ جي گھرج رھي ٿي. انھيءَ ڪري
ھرڪو واجھائيندو رھي ٿو، تھ ڪڏھن ٿي کنڊ کلي. جڏھن
ڊيپو تي کنڊ کلي ٿي تھ ڪيترائي ماڻھو اچي اتي ڪٺا
ٿين ٿا:
تنھنجي ڊيپو جي مٿان عاشق ھزارين ٿا اچن،
تنھنجي صدقي ھي ڏسون ٿا گوڙ ۽ گھمسان کنڊ.
کنڊ جي قلت ۽ اڻ ملت ڪري، کنڊ جو حصول بھ ائين ٿيو پوي، جيئن
محبوب جو وصال. جيئن عاشق محبوب جي ميلاپ لاءِ
واجھھ وجھندا آھن، تيئن کنڊ جا طالبو بھ کنڊ ھٿ
ڪرڻ لاءِ حيلا ھلائن ٿا:
ھوٽلن وارا تھ ھڪدم ھوش کان نڪري ويا،
توڪيو گھونگھٽ جڏھن، پو ھو ٿيا حيران کنڊ.
تنھنجي شيداين کي تنھنجي بي رخي بيتاب ڪيو،
تنھنجي چپٽي واسطي ماڻھو ٿيا مستان کنڊ.
تو حسينن کان زياده ظلم آ ٻاري ڏنو،
تنھنجي الفت ۾ ڏٺا مون ڪيترا چالان کنڊ.
ان زماني ۾ ٻھراڙيءَ ۾ حقي ڇڪڻ جو عام رواج ھو. حقو محفل جو مور
سمجھيو ويندو ھو. اھو ڏسي ١٩٤٢ع ۾ ”حقي“ تي نظم
لکيائين: ان ۾ چوي ٿو:
ٺھي ڪين محفل سوا ھن جي سھڻي،
ويھي ڪين وچ ۾ جڏھن خان حقو.
حقي جي شوقينن واتان چوارائي ٿو:
عجب ھن جي بُڙ بُڙ، عجب ھن جو دونھون،
اسان تي خدا ڪيو آ احسان حقو.
اھي ڳالھيون بيان ڪري، سمجھائي ٿو تھ حقي مان ڪيترائي نقصان
آھن، انھيءَ ڪري اھا عادت ترڪ ڪجي. چوي ٿو:
مگر آ بُري شيءِ سياڻا چون ٿا،
حقيقت ۾ آ دشمن جان حقو.
سوين مرض ھن سان وڌن ٿا ڄمن ٿا،
آ مطلب تباھي جو طوفان حقو.
نظم ”غريباڻي ڀونگي“ ۾ غريب مزدور جي واتان پنھنجي غريباڻي اجھي
جي تعريف ھن طرح ڪري ٿو:
نھ پرواھھ پھري جي مون کي ڪا آھي،
گھمان جنھن طرف جيءُ تو پنھنجو چاھي،
مان مزدور ماڻھو حڪومت ڪا ناھي،
نھ آ غم تھ دشمن متان مون کي ڪاھي،
آ صد بار بھتر غريباڻي ڀونگي.
انھن کان سواءِ ڪي نظم، ڪن سالن بابت بھ لکيا اٿس، جھڙوڪ سال
١٩٣٦ع، جنھن ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي، سال ١٩٣٩ع،
جنھن ۾ پاڻ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين، ۽ سال ١٩٤٧ع
جنھن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. انھن نظمن ۾ پنھنجي
قوم جي حالت بيان ڪئي اٿس. ١٩٣٦ع واري نظم ۾ ھو
خبردار ڪري ٿو، تھ غلامي جي طوق کان اسان جي گردن
ٽٽڻ تي اچي بيٺي آھي، انھيءَ ڪري اسان کي عزت ۽
غيرت سان رھڻ گھرجي، ۽ جرئت کان ڪم وٺڻ گھرجي:
غلامي طوق سان گردن ٽٽڻ تي اڄ اچي ٿي آ،
رھين جي تون تھ رھھ عزت ۽ غيرت سان جرئت سان.
پنھنجي رٽائر ٿيڻ واري سال ١٩٣٩ع بابت چوي ٿو: ھن سال مھاڀاري
جنگ جاري آھي؛ شين جا اگھھ چوٽ چڙھي ويا آھن، ٿر ۾
برسات نھ پوڻ ڪري، ٿري غريب ڏاڍا پريشان حال آھن:
سکر ضلعر ۾ ھندو مسلم فسادن جي ڪري خون خرابو ٿيو
آھي. مطلب تھ سنڌ جو سرسبز چمن ويران ٿي ويو آھي:
سکر جي حادثن ھرھڪ ھندو مسلم کي زخمي ڪيو،
پريشاني مصيبت جو ڪڪر بڻجي مٿن آيو،
چمن سرسبز سنڌڙي جو تھ خارستان بڻجي ويو،
ڪنھين جي ھٿ بھ ھڪڙو ڪينڪي سوسن سمن آيو.
نظم ١٩٤٧ع ۾ ھو پر اميد ٿي چوي ٿو:
دماغن کي دلين کي تازگي ھن سال ۾ ايندي،
ڀري بجڪو ھي ڪشمڪش سان ۽ پڻ بادام سان آيو.
موجوده دور ۾ اخبار اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. اخبار نھ فقط ملڪي ۽
غير ملڪي خبرن پھچائڻ جو ذريعو آھي؛ پر اخبار
ذريعي ملڪ ۽ قوم جا مسئلا ۽ مشڪلاتون بھ نروار ڪري
سگھجن ٿيون، اھوئي سبب آھي جو ”بشير“ مرحوم اخبارن
ڏانھن تمام گھڻو ڌيان ڏنو. ھر اخبار ۾ ھن پنھنجا
نظم شايع ڪرايا، پنھنجي خيال جي فائدن ۽ ڪن اخبارن
جي تعريف ۾ بھ لکيائين. اخبار جا فائدا بيان ڪندي
چوي ٿو، تھ ٻين فائدن سان گڏ ھن مان اھو بھ فائدو
آھي، تھ اخبار معاشري جون اوڻايون نروار ڪري ٿي، ۽
غريبن سان جيڪو آزار آھي، اھو بيان ڪري ٿي:
غريبن سان جيڪو بھ آزار آھي،
حقيقت لکڻ ۾ نھ انڪار آھي،
نھ اخبار جي ڳالھھ بيڪار آھي،
ٻڌڻ لاءِ مجبور سرڪار آھي،
نھ سمجھو تھ لٺ لوڙھھ ھٿيار آھي؛
مگر يار ھٿيار اخبار آھي.
ان زماني ۾ ”الوحيد“ اخبار جيڪا قومي خدمت سرانجام ڏئي رھي ھئي،
ان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
قوم جي خدمت جي لئي ڪوشان آھي رات ڏينھن،
جا دل سان ترت ٿي تيار آھي الوحيد.
انھن کان سواءِ ڪيترين ئي ھفتيوار اخبارن بابت بھ نظم لکيا اٿس،
جھڙوڪ: اخبار تنظيم جاڳڻ (لڳ شڪارپور)، صداقت،
گلدستھ دادو نيوز ۽ مجاھد.
طنز و مزاح: سماجي ۽ سياسي حالتون بيان ڪندي، ڪن نظمن ۾ طنز و مزاح
جو رنگ بھ اختيار ڪيو اٿس. يعني نصيحت ۽ اصلاح
ظرافت جي رنگ ۾ ڏني اٿس. خود پاڻ چوي ٿو:
ظرافت ۽ نصيحت جي چٽايان چاشني سڀ کي،
حڪيمي ٿو ڪيان ھردم عجب حاذق تھ مان آھيان.
عام طرح اسين خود غرض ۽ خودپرست آھيون. دولت ۽ اقتدار اسان جو
مقصد رھي ٿو. پنھنجي مقصد لاءِ اختيار ۽ اقتدار
وارن ۽ دولتمندن جي خوشامد ڪرڻ ۾ ڪابھ ھٻڪ محسوس
نھ ڪندا آھيون. غريب ۽ مسڪين تي ان جي اک ئي نھ
ٻڏندي آھي. علمي طرح انھن جي مدد ڪرڻ تھ پري رھيو،
پر انھن جي اخلاقي مدد ڪرڻ يا انھن سان ھمدردي
ظاھر ڪرڻ بھ پسند نھ ڪندا آھيون. اسان جي انھيءَ
روش تي طنز ڪندي. ”بشير“ مرحوم چوي ٿو:
ڇڏ غريبن ۽ اگھاڙن ۽ بکين جي فڪر کي،
اڄ تھ شاھوڪارن جون زردار جون ڳالھيون ڪريون.
اليڪشن وقت اميدوار وڏا وعدا ڪندا آھن، ۽ ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي
وڏي ھام ھڻندا آھن. پر اڪثر ڏٺو ويو آھي، تھ
اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھو سڀ ڪجھھ وساري ويھندا
آھن: ۽ سدائين پنھنجي پيٽ ڏانھن گوڏا سوريندا آھن.
”بشير“ مرحوم انھيءَ حقيقت جو اظھار طنزيھ انداز ۾
ھن طرح ڪيو آھي:
وري آثار ڇوٽي چونڊ جا جلدي پيا ڏسجن،
سڃو آھيان خداوندا تون ميمبر يا منسٽر ڪر.
ٻي ھڪ شعر ۾ سال ١٩٥٢ع ۾ سياستدانن تي طنز ڪندي چوي ٿو:
لڳو گر ٻيانوي فقرو تڏھن ڀي ڪين گھٻرايان،
گھرايان ورڪ لئھ ٿو خاص لاري قوم جي خاطر.
طنزيھ نوعيت جي شعر ۾ ”بشير“ مرحوم جو نظم ”دوزخ جو داروغو“
شاھوڪار جي حيثيت رکي ٿو. اھو نظم جڏھن ١٣- سنڌي
ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد (منعقد ٿيل تاريخ ٢٩ ۽ ٣٠
نومبر ۽ ١- ڊسمبر ١٩٥٢ع) جي مشاعري ۾ پڙھيو
ھئائين، تھ کيس تمام گھڻو داد مليو ھو. نھ فقط
ايترو، پر جڏھن اھو نظم ڇپيو، تھ اديبن ۽ شاعرن ۽
نقادن بھ ان نظم کي تمام گھڻو ساراھيو ھو. اھو نظم
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو، جھڙوڪ: توحيد ڪراچي،
تقاضا دادو، الجماعت شڪارپور. نياز ھمايوني تاريخ
٢٥- جولاءِ ١٩٤٩ع تي ان نظم بابت کيس ھڪ خط لکيو،
ان ۾ لکي ٿو:
”نقاش فطرت و شاعر حقيقت حضرت ”بشير“ صاحب سلمه
تسليم!
اوھان جو محبوب ھيرو ”دوزخ جو داروغو“ اڄ نظر مان گذريو پڙھڻ
بعد پاڻ بھ مسرور ٿيس ۽ ٻين احبابن (جن ۾ محترم
اياز قادري بھ آھي) کي بھ محفوظ ڪرايم. اوھان جي
شاعري جو ڪمال اڄ ظاھر ٿيو آھي. شعر جي جيتري
قدرداني ۽ تعريف ڪجي سا بلڪل گھٽ آھي. خبر ناھي
ھيل تائين الائي ڪيترا دفعا شعر پڙھي چڪا آھيون.“
مذڪور عنوان تي ”بشير“ مرحوم ٻھ نظم لکيا آھن: ھڪ غزل جي سٽا ۾،
۽ ٻيو مسدس جي صورت ۾. ھن نظم ۾ ڏيکاريو اٿس، تھ
دوزخ جو داروغو معمولي گنھگارن کي وٺڻ کان انڪار
ٿو ڪري ۽ چوي ٿو: ھتي وڏي رش آھي؛ انھيءَ ڪري وڏن
ڏوھارين کي وٺي اچو جھڙوڪ: وياج خور، ذخيره اندوز،
بلئڪ ميل ڪندڙ، غريبن جو خون چوسيندڙ سرمائيدار،
عورت سان زيادتي ڪندڙ، غير برابري واري شادي
ڪرائيندڙ، رياڪا ۽ بي عمل عالم، رشوت خور ڪامورو،
غريبن ۽ اٻوجھن کي گمراھھ ڪري لٽيندڙ پير، ھارين
جا حق کائيندڙ وڏيرو ۽ اھڙا قومي ڏوھھ ڪندڙ ٻيا
ڏوھاري. بي عمل عالم لاءِ دوزخ جي داروغي واتان
چورائي ٿو:
ڊگھي ڏاڙھي، ڊگھي تسبيح سان ھڪڙي کي پڪڙيائين،
وجھي ھٿ بي عمل عالم جي گردن کان تھ ورتائين،
ڪيو گمراھھ تو آھي سمورو ملڪ اي سائين،
جھنم واسطي تون ئي سڳوري سوکڙي آھين،
ڪيو بدنام تو آھي، سدا مسجد ۽ منبر کي،
رکيو ناپاڪ تو آھي، سدائين دل جي مندر کي.
وڏيرا ۽ سردار خوددار ھارين ۽ غريبن تي مختلف ڏوھن جو الزام
لڳائي پنھنجي اثر رسوخ سان جيلن ۾ وجھارائيندا
آھن. ”بشير“ مرحوم انھن جا پول پڌرا ڪندي دوزخ جي
داروغي واتان چورائي ٿو:
فرنٽيئر جي ڏوھارين کي ھتڙي جاءِ ڪانھي ڪا،
ٻڌا ھا جنھن جي ڪوشش سان اھو سردار پيدا ڪر.
معتبر ماڻھن جو ظاھر ھڪڙوآھي، تھ باطن ٻيو آھي. ظاھري طرح تھ ھو
وڏي ھام ھڻن ٿا، پر اصل ۾ ھنن جا ڪڌا ڪم آھن. انھن
تي طنز ڪندي دوزخ جي داروغي جي زباني چوي ٿو:
ھي چھڙا شيخ شيدي ڀيل ڀل جنت ۾ موڪل پر،
ڪو آڻي معتبر دوزخ جو ڪو وقار پيدا ڪر.
ھن نظم کان سواءِ ٻيا بھ اھڙا نظم لکيا اٿس، جن ۾ سماجي براين
تي تنقيد ڪئي اٿس ۽ انھن ماڻھن جي منھن تان پردو
کنيو اٿس، جيڪي معاشري ۾ براين ۽ بدڪارين، ڏاڍ ۽
ڏھڪاءُ، ظلم ۽ زيادتي جو ڪارڻ آھي. نظم ”فرعون تي
فرياد“ ۾ سياسي ماڻھن جا ڪرتوت ھن طرح پڌرا ڪيا
اٿس:
ڪري ڪوشش مئن جا ووٽ جن داخل ڪرايا ھا،
انھن کي بھ وٺي ميدان محشر منجھھ آيا ھا،
وزيرن واسطي جن ڀي سدا جھڳڙا مچايا ھا،
اھي ڪرتوت ساڳا تن کي پنھنجي پيش آيا ھا،
ٿي محشر ۾ بھ ظاھر سنڌ جي صوبي جي حالت ھئي،
عجب جھڙي وڪالت ۽ ٿي وڏي ڪيڏي شڪايت ھئي.
نظم ”چوڏھين صدي جو انسان“ ۾ معاشري جي فردن جي ڪردار جي
ترجماني ھن طرح ڪري ٿو:
دليون بغض ڪيني ۽ عداوت ڏي مائل،
شب و روز شر ۽ شرارت ڏي مائل،
امانت کان نفرت خيانت ڏي مائل،
دجالت خجالت حماقت ڏي مائل،
نھ انسان آھيان نھ حيوان آھيان،
خط و خال تي بس آئون قربان آھيان.
اسان جي دعوتن ۽ خيراتن ۾ بھ درياءُ ھوندو آھي. پيٽ بکيي ۽ انگ
اگھاڙي کي تھ در تان تڙي ڇڏينداسون، پر وڏن ماڻھن
۽ دوستن جي دعوتن تي بي دريغ خرچ ڪنداسون. انھيءَ
ڳالھھ جو اظھار طنزيھ انداز ۾ ھن طرح ڪيو اٿس:
بکايل ۽ اگھاڙي کي، نھ ڀورو بخش ماني جو،
معزز دوستن ليءِ بلاشڪ ميزبان ٿي وڃ.
محنت: محنت ۾ انسان جي عظمت آھي. دنيا جي رنگيني ۽ رعنائي، ترقي ۽
سڌارو انسان جي محنت جو نتيجو آھي. محنت سان ئي
قومون ترقي ڪري، عروج حاصل ڪن ٿيون. ”بشير“ مرحوم
انھيءَ ڳالھھ تي تمام گھڻو زور ڏنو آھي. ھو ور ور
ڪري، محنت جي اھميت ذھن نشين ڪرائي ٿو. ھو چوي ٿو،
تھ محنت سان ئي سڃائي دور ٿئي ٿي، ۽ شاھوڪاري حاصل
ٿئي ٿي:
تو گھڻو عرصو ورتو آھي سڃائيءَ جو مزو،
اٿ ڪري محنت تونگر ٿيءُ شاھوڪار ٿيءُ.
دولت ۽ عزت، ترقيءَ ۽ واڌاري جي ڪنجي محنت آھي. محنت وارو الله
کي بھ پيارو آھي. اسلامي تعليمات مطابق محنت ڪرڻ
وارو خدا جو دوست آھي (الڪاسب حبيب الله). اھو
خيال ھن طرح آندو اٿس:
فضل دولت ۽ عزت جي ڪنجي ھٿ آھھ محنت جي،
جو اصلي بخت جي ماڙي جي ڏاڪڻ يار محنت آ،
”بشيرا“ گوش دل سان ٻڌ تھ ”الڪاسب حبيب الله“،
خدا جي پيار کان ٻي وڌ جھان ۾ ڪھڙي دولت آ.
محنت ڪندي جيڪڏھن وقتي ناڪامي ٿئي تھ ھمت ھارڻ نھ گھرجي؛ پر
لاڳيتو پنھنجي ڪوشش ۽ محنت جاري رکجي. اھڙي طرح
اھو وقت ضرور ايندو، جو ڪاميابي قدم چمندي. انھيءَ
لاءِ ”بشير“ مرحوم ڪوريئڙي جي آکاڻي بيان ڪري ذھن
نشين ڪرائي ٿو، تھ ڪنھن بھ منزل تي ھمت نھ ھاريو.
چوي ٿو:
ٺھي ناڪاميءَ جي ڏاڪڻ سان ڏاڪڻ ڪاميابي جي،
ستين گھمري بھ ٿي ويو سوڀ تي ھسوار ڪوريئڙو،
ڇھن پيرن جي ناڪامي سھي ھمت نھ ھاري تنھن،
چڙھي ديوار تي آخر ويو ھڪوار ڪوريئڙو.
محنت ۽ ھمت سان قوم ترقي ڪري ٿي ۽ سستي ۽ ڪاھلي ۾ ورتل قوم
ترين ڀر وڃي ڪري ٿي. انھيءَ ڪري شاعر اسان کي
خبردار ڪري ٿو، تھ جيڪا قوم سستيءَ ۽ ڪاھليءَ ۾
گرفتار آھي، اھا سجاڳ ٿي، پنھنجي حالت سڌاري نھ
سگھندي:
سا ڪھڙي طرح قوم بيدار ٿيندي،
جا سستي سندس پيشوا ٿي رھي آ.
ھو ذھن نشين ڪرائي ٿو، تھ ھي جھان فاني آھي ۽ ھرڪو ھليو ويندو.
پر اھو ماڻھو ھميشھ زنده رھي ٿو، جيڪو ڪو ڪارنامو
ڪري. پنھنجو نالو روشن ڪري وڃي ٿو:
ڏس رھيو دارا ڪٿي، بھرام آ،
مرد جو اڄ ڀي جھان ۾ نام آ.
ھار سينگار، ٺاھھ ٺوھھ ۽ فيشن پرستي، ترقيءَ جي راھھ ۾ وڏي
رڪاوٽ آھي. اسان پنھنجو وقت، پيسو ۽ صلاحيتون انھن
بيڪار ڳالھين ۾ وڃايون ٿا. اھوئي سبب آھي، جو صنعت
۽ حرفت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي نھ ڪري سگھيا
آھيون. اھا حقيقت ھن طرح سمجھائي اٿس:
چنڊ تي ڪي ٿا چڙھائي ڪن، اسان جو حال ڏس،
سينڌ جون سرمي جون ۽ سينگار جون ڳالھيون ڪريون.
ڪن ساھوارن ۽ بي جان شين تي نظم لکي، اخلاق ۽ نصيحت جا نڪتا
نروار ڪيا اٿس، جھڙوڪ: ڪوريئڙو، وڻ، آرسي، حقو،
ڪتو قوم جو غدار آھي. نظم ”ڪوريئڙو“ ۾ سمجھائي ٿو،
تھ ٻين جي آسري نھ لڳجي، پر پنھنجي ھمت ڪجي:
ٻين جي آسري ويٺل نھ ڪڏھين ڪنھن ڏٺو ھن کي،
رکي ٿو ڪين ڪنھن ٻي ٿي ڪڏھن آڌار ڪوريئڙو.
صحيح معنيٰ ۾ انسان اھو آھي، جيڪو ٻين جي ڪم اچي. اھا حقيقت
سمجھائيندي، وڻ جون خوبيون ۽ عام فائدا بيان ڪري
ٿو:
ڏس پکي وڻ جي مٿان پنھنجا ٿا آکيرا اڏن،
ڏار، ٿڙ وڻ جي منجھان انسان جا گھر ٿا ٺھن،
پاڻ وڻ جي ۾ لڪي گھر جيت ٺاھي ٿا وھن،
القصھ ھر جيو جنتر لاءِ وڻ ٿا ڪم اچن،
آھھ وڻ ھمدرد بيشڪ ساٿي ھر انسان جو،
جيت جو ماڻھو مرون جو ۽ پکي حيوان جو.
حق ۽ سچ انھيءَ ۾ آھي، تھ ڪھڙي بھ حيثيت جو ماڻھو ھجي، ان کي
بنا جھجھڪ جي سچ چئي ڏجي. اھا سمجھاڻي، آرسي جي
زباني ھن طرح ڏئي ٿو:
پڇي جيڪو پڇي مون کان سواءِ سچ جي نھ چوندس ڪجھھ،
ھجي ڪو رئيس يا سردار ھرگز ڪيس ڊڄندس ڪجھھ،
ڪري ڪاوڙ مان پرزا ڪو کڻي ھرگز نھ مڙندس ڪجھھ،
چوڻ سچ کان کڻي سر ساھھ ويو سارو نھ ھٽندس ڪجھھ،
ڪري ثابت ڪڏھن مان ڪوڙ ڳالھايو ھجي جڳ ۾،
مان صاف و صاف آھيان ڪانھ ڪا آھي رتي رڳ ۾.
نفس سرڪش، انسان کي براين ڏانھن مائل ڪري ٿو. انھيءَ ڪري
صوفيائي ڪرام انھيءَ ڳالھھ تي زور ڏنو آھي تھ
مجاھد مرد اھو آھي، جيڪو نفس سان جنگ جوٽي، ان تي
ضابطو رکي، پنھنجي وس ۾ ڪري ٿو. ”بشير“ مرحوم بھ
سمجھائي ٿو، تھ جيڪڏھن توکي وڙھڻو آھي، تھ پنھنجي
نفس سان وڙھھ:
ڏس ڏنو ڏاھي وڙھڻ جو، اٿ ڪنھين سان يار وڙھھ،
نفس سرڪش جي مقابل مرد ٿي ھوشيار وڙھھ.
ھندو ويدانيت موجب انسان جا پنج دشمن آھن، جيڪي انسان جي طبيعت
۾ انتشار پيدا ڪن، ۽ کانئس ڪڌا ڪم ڪرائن ٿا. اھي
ھي آھن: ڪام، ڪروڌ، لوڀ موھھ ۽ اھنڪار. جيڪو انسان
انھن جي حرفتن ۽ حرڪتن کان ھوشيار رھي ٿو، اھو
دنيا ۾ ائين نرالو رھي ٿو جيئن ڪنول جو گل پاڻيءَ
۾. ”بشير“ مرحوم بھ انھن پنجن دشمنن کان خبردار
ڪري ٿو؛ پر ھندو ويدانتي نالن بدران انھن جي مفھوم
وارا عام مروج نالا ڏئي ٿو. ”لوڀ“ جي بدران ”طمع“،
ڪام جي جاءِ تي ”شھوت“، ”موھھ“ جي معنيٰ ۾ ”محبت“
اھنڪار“ جي مفھوم وارو تڪبر، ۽ ”ڪروڌ“ جو ھم معنيٰ
”غصو“ آڻي ٿو. چوي ٿو:
طمع شھوت ۽ محبت ۽ تڪبر ۽ غصو،
پنج دشمن ٿيء اھي، اٿ تن سان ڪر تڪرار وڙھھ.
اھڙي طرح ڪيترين ئي جاين تي اخلاق ۽ ڪردار جي سنوارڻ ۽ سڌارڻ
لاءِ مشورا ڏنا اٿس، تھ جيئن صالح ۽ صحتمند معاشرو
قائم ٿئي.
حسن و عشق: سونھن سان سٻنڌ انساني فطرت جي تقاضا آھي. ازل کان انسان حسن ۽
جمال جو شيدائي رھيو آھي. ڪائنات جي رنگيني ۽
رعنائي سندس حساس دل ۾ ھلچل مچايو ڇڏي. انھن
احساسن ۽ جذبن، امنگن ۽ اڌمن جو نالو، سڪ ۽ پيار،
عشق ۽ محبت آھي. محبوب سان وصال زندگيءَ جو مقصد
بڻجيو پوي. اھوئي سبب آھي، جو وڇوڙي جا ورلاپ
ازخود دل مان نڪري وڃن. شاعر جيئن تھ وڌيڪ حساس
ھوندو آھي، انھيءَ ڪري حسن ۽ جمال، عشق ۽ محبت جو
جذبو سندس دل ۾ گھرو ۽ اونھو ھوندو آھي. اھوئي سبب
آھي، جو ازل کان حسن و جمال، عشق ۽ محبت شاعريءَ
جا محرڪ رھيا آھن. دنيا جي ڪنھن بھ زبان، ڪنھن بھ
ملڪ ۽ ڪنھن بھ دور جو شاعر اھڙن جذبن ۽ امنگن کان
وانجھيل نھ رھيو آھي. شاعريءَ جو تمام وڏو حصو حسن
۽ جمال جي تعريف، ھجر ۽ وصال جو ذڪر ۽ عشقيھ جذبات
جي اظھار تي مشتمل آھي.
”بشير“ مرحوم بھ ھڪ حساس طبع شاعر ھو. ھن جي شاعري جيتوڻيڪ
خارجي نوعيت جي آھي ۽ ھن گھڻي قدر معاشي ۽ معاشرتي
حالتن جي عڪاسي ڪئي آھي؛ ان ھوندي بھ داخلي جذبن ۽
امنگن کان خالي نھ آھي. ھن جي ديوان ۾ آيل غزل
گھڻي قدر نظم آھن، ۽ انھن ۾ وقت جي حالتن جي
ترجماني نظر اچي ٿي. البتھ ڪيترين جاين تي تغزل جو
رنگ بھ نمايان نظر اچي ٿو. ڪٿي حسن جي دلڪش،
دلفريب ۽ پراثر تصوير چٽي ٿو، تھ ڪٿي وڇوڙي جا
ورلاپ ڪڍندو ۽ وصال لاءِ واجھائيندو نظر اچي ٿو.
يار جي جمال جو جلوو ڏينھن ڏٺي کان بھ چٽو آھي. ھو
جڏھن نڪري ٿو، تھ سج بھ شرم کان ڪڪرن ۾ لڪي وڃي
ٿو:
وڌي ويو روز روشن کان جمال يار جو جلوو،
لڪي ويو شمس ڪڪرن ۾ جڏھن ھو شعلھ رونڪتو.
محبوب جو ھار سينگار ڏسي، گلاب جو گل ۽ چنبيلي بھ منھن مٿي کڻي
نھ ٿا سگھن؛ ۽ مکڙيءَ ۾ منھن لڪايو ڇڏين.
گل گلابي ۽ چنبيلي ويا لڪي مکڙي اندر،
تن کي دھشت وئي وٺي، شايد سيند ۽ سينگار تي.
محبوب جي حسن ۽ جمال تي سارو جھان حيران ۽ شيدا آھي. اھو حال
ڏسي شاعر کي رشڪ کان دنيا کان نفرت ٿي وڃي ٿي:
سارو عالم تو مٿان حيران ۽ شيدا ڏسي،
رشڪ کان ساري دنيا کان مون کي نفرت ٿي وئي.
محبوب جي تعريف ڪندي ڪن جاين تي حافظ ۽ ڪن ٻين شاعرن جا مشھور
شعر تضمين طور بھ آندا اٿس. ھيٺئين شعر ۾ حافظ جي
مشھور مصرع تضمين طور آندي اٿس:
بمئي سجاد، رنگين ڪن گرت پير مغان گويد،
شرابِ ناب سان سھڻو بھ ساري اڄ وضو نڪتو.
محبوب جي من موھيندڙ صورت ڏسي ھرڪو مٿس موھت ٿي پوي ٿو. سندس
ڪارين اکين ۾ اھڙو ڪو جادو آھي، جو جنھن تي نظر
وجھن ٿيون، ان کي مسحور ڪيو ڇڏين:
مفتون رھن جيڪي ڏسن صورت زيبا،
ھن چشم سيھ ۾ ڪوئي منتر تھ نھ آھي.
محبوب جي گيسو ۾ جيڪا خوشبوءِ آھي، ان سان ختن جي مشڪ بھ مٽ نھ
آھي:
خوشبو ۽ گيسوسان معطر دماغ آھي،
اھڙي نھ تيز خوشبوءِ مشڪ ختن مان نڪري.
محبوب جي ڏندن سان عدن جا موتي بھ مقابلو ڪري نھ ٿا سگھن:
دندان دلربا جا در عدن کان بھتر،
اھڙو نھ در ڪو يڪتا ڪوھھ عدن مان نڪري.
ڪٿي ڪٿي ھو انھيءَ ڳالھھ ڏانھن بھ ڌيان ڇڪائي ٿو، تھ فاني شين
جي عشق مان ڪجھھ نھ ورندو. انھيءَ ڪري اسان کي
جڳائي تھ مجازي عشق ڇڏي، حقيقي عشق جي واٽ وٺون ۽
پنھنجي مولا سان لنو لايون:
مجازي عشق ڇڏ مٺڙا، اٿي لنو لاءِ لالڻ سان،
محبت رک تون مولا سان، پچر ڇڏ شان خوبان جي.
سنڌ ۽ سنڌي زبان:
”بشير“ مرحوم کي پنھنجي وطن سنڌ ۽ پنھنجي مادري
زبان سنڌي ٻوليءَ سان بي انتھا محبت ھئي. ھن ڪيترن
ھنڌن تي انھيءَ جذبي جو اظھار ڪيو آھي. سال ١٩٣٥ع
۾ سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ تي خوشيءَ جو اظھار
ڪندي چوي ٿو:
سنڌ ٿي آزاد وئي، ھندو مسلمان خوش رھو،
وات مان ڇو ٿا ڪڍو ڪو لفظ اڄ انڪار جو.
ھن کي اميد ھئي، تھ آزاديءَ جي تحريڪ آخر ڪامياب ٿيندي ۽ وطن جي
خزان ۾ بھار ايندو:
خزان جي سوز صدمي کان سگھو آزاد ڀارت ٿي،
بھار جاودان ايندي وطن جي لالھ زارن ۾.
پاڪستان قائم ٿيڻ تي ھڪ مسلمان محب وطن جي حيثيت ۾ خوشيءَ جو
اظھار ڪندي چوي ٿو:
ھن پاڪ آستان جي ٿي سلطنت سڀاڳي،
آٿت وري بھ آيو مسلم جي نيم جان ۾.
سنڌ سان محبت جو اظھار ڪندي چوي ٿو:
سرزمين سنڌ ۾ ساوڪ سبزي ٿي وڃي،
ٿي ”بشيرا“ شل اثر منھنجي تھ ھن اشعار جو.
٢٠- ٢١ جولاءِ ١٩٤٩ع تي حيدرآباد ۾ آل سنڌ جا سياسي ۽ سماجي
رھنما ۽ درد دل رکندڙ گڏ ٿيا. انھيءَ موقعي تي سنڌ
جي حالتن تي غور ۽ ويچار ڪيو ويو، ۽ سنڌ جي بھتري
۽ ڀلائيءَ لاءِ رٿون رٿيون ويون. ”بشير“ مرحوم ان
کان متاثر ٿي ھڪ نظم لکيو، چوي ٿو:
ديس جي حالت سڌارڻ واسطي ماڻھو مڙيا،
آندو تن کي ھاڻ يڪجا آل سنڌ ڪنوينشن.
مرحبا صد مرحبا آيا ڀلي ھڪ جاءِ تي،
۽ مٽايا جھيڙا جھڳڙا آل سنڌ ڪنوينشن.
ان موقعي تي ھو ان تاريخي حقيقت کي ورجائي ٿو، تھ سڀ کان
پھريائين سنڌ ئي پاڪستان جو مطالبو ڪيو ھو:
سنڌ ئي سڀ کان اڳي طلبيو ھو پاڪستان کي،
ٿي رکي عمدا ارادا آل سنڌ ڪنوينشن.
سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن، واھڻ ۽ وستي، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽
مختلف ثقافتي آثارن ۽ اھڃاڻن سان محبت جو اظھار
ڪيو اٿس. سنڌو درياء سان پنھنجي پيار ۽ محبت جي
جذبن جو اظھار ھن طرح ڪيو اٿس:
منھنجي وطن جا دريا اي آبشار سنڌو،
منھنجا پيارا سنڌو ۽ غمگسار سنڌو.
سنڌ باب الاسلام آھي. برصغير ۾ سڀ کان پھريائين سنڌ اسلام جي
نور سان منور ٿي. سنڌو درياء جي ڪري، ھي علائقو
اناج جي پيداوار ۾ سدا شاھوڪار آھي. سادگي ۽
شرافت، اتحاد ۽ اتفاق، نھٺائي ۽ سٻاجھائي سنڌ جي
ماڻھن جون خاص خصوصيتون آھن:
اسلام کان منور اول ھي سنڌ ساري،
فرقان آيو پھرين ھن سنڌ جي مڪان ۾،
بيحد اناج جنھن ۾، سنڌو درياء بھ جنھن ۾،
اھڙا عجب تحفا مشڪل ھجن جھان ۾،
الفت عجيب آھي ھر پير و جوان ۾.
محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اسلام جي روشني
ڦھلي. ان جي ڪارنامن جي ياد ملھائڻ لاءِ ١٠- مارچ
١٩٢٧ع ۾ ميھڙ ۾ ھڪ محفل مشاعره منعقد ٿي. ”بشير“
مرحوم بھ ان موقعي تي فاتح سنڌ جي شان ۾ شعر
پڙھيو. چوي ٿو:
محمد ابن قاسم جو رھيو نام و نشان اڄ ڀي،
ڪرن ٿا ياد سڀ ھن کي اڃا پير و جوان اڄ ڀي،
انھيءَ کان وڌ سندس الفت جي ٿيندي ثابتي ڪھڙي؟
زبان منھنجي ان واسطي ٿي نغمھ خوان اڄ ڀي.
ڪراچي، سنڌ جي دل آھي ۽ عظيم شان بين الاقوامي شھر آھي. ان جي
تعريف ڪندي چوي ٿو:
بيشڪ شھر ڪراچي دنيا جو باب آھي،
اڄ شاد جنھن ۾ ھرھڪ شيخ و شباب آھي.
ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدائگيءَ تي کيس سخت رنج آھي. ھو چوي ٿو، تھ
ڪراچي سنڌ جو اڻ مٽ حصو آھي. ڪراچي ۽ سنڌ جي باقي
حصي جي رھاڪن جا پاڻ ۾ ايترا تھ گھاٽا، گھرا ۽
ويجھا لاڳاپا ۽ واسطا آھن، جو انھن جي جدائگي غير
فطري آھي:
ڇا سنڌ سان ڪراچي واجب نھ آ ملائڻ،
ھر فرد سنڌ جا جت ڪي اقربا ڪراچي،
عيوض ڀري ڪراچي آجي اڃا نھ ٿي آه،
ڪيئن سنڌ کان ٿي سگھندي جيئري جدا ڪراچي،
طبقي لحاظ سان ڀي جاچي ڏسي ڪو ڏاھو،
ڄڻ سنڌ جو حصو آ، ھڪ بي خطا ڪراچي.
لاڙڪاڻو، علم ادب جو مرڪز رھيو آھي. ھتي وقت بھ وقت مشاعرا،
ادبي نشستون ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون رھيون
آھن. حاجي محمود خادم مرحوم جي ڪوشش سان ٢٢- ٢٣
آڪٽوبر ١٩٤٩ع تي آل سنڌ ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي.
انھيءَ موقعي تي ”بشير“ مرحوم لاڙڪاڻي بابت نظم
پڙھيو. ان ۾ چوي ٿو:
گھڻا صاحب سخا ۽ اھل دل ھتڙي رھن ٿا پيا،
گھرائن جي گھڻا اڪثر ٿا جلسا لاڙڪاڻي ۾.
مگر اڪثر اڳي ڀي مون ڏٺو آھي ائين ئي ھت،
مبارڪ موقعا اھڙا ٿين ٿا لاڙڪاڻي ۾.
ٿين ٿا سرزمين سنڌ ۾ اڪثر گھڻا جلسا،
مگر جلسا ٿين ٿا ھت نرالا لاڙڪاڻي ۾.
پنھنجي ڳوٺ ميرپور سان کيس تمام گھڻي محبت ھئي. ان جي اظھار
لاءِ ٻھ طول نظم لکيا اٿس، جن ۾ پنھنجي ڳوٺ جون
خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون اٿس، ۽ ان جي فطري
حسن جي ساراھھ جا ڍڪ ڀريا اٿس، پنھنجي ڳوٺ جي باغن
۽ واڙين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
باغ ۾ ڀاڄيون گھڻيون ھت ٿيون ٿين ٻاھر وڃن،
ٺل، چنن، شاھل جي کائي، خلق خلقڻھار جي.
سندس ڳوٺ لڳ، ٻرڙن جو پراڻو ڪوٽ ھو، جنھن جو ڪجھھ حصو ان وقت
موجود ھو. مشھور مؤرخ ۽ سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو
ايڇ.ٽي.لئمبرڪ ان زماني ۾ حر تحريڪ لاءِ مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر ھو. ھو دورو ڪندي ميرپور آيو ھو ۽ ڪوٽ
جو معائنو ڪيو ھئائين. ڪوٽ جي اھميت جي مدنظر ان
جو فوٽو ڪڍيو ھئائين. ان موقعي تي ”بشير“ مرحوم
سان سندس ملاقات ٿي ھئي، جنھن اخبارن ۾ شايع ٿيل
پنھنجا نظم کيس ڏيکاريا ھئا. ان جو ذڪر ”بشير“
مرحوم ھن طرح ڪيو آھي:
ڪوٽ ٻرڙن جو قديمي، سنڌ ۾ جھڙس نھ ڪو،
واھھ جو رونق عجب آھي، سندس ديوار جي،
لئمبرڪ صاحب ڪڍي فوٽو ويو ھو ڪوٽ جو،
سوکڙي ڪاپي کڻي منھنجي ويا اخبار جي.
سنڌي ٻوليءَ سان کيس بي انتھا پيار آھي. ان جو اظھار ھن طرح ٿو
ڪري:
جنھن زبان مون کي لولي، ماءُ ۽ ڏاڏي ڏني،
سا تھ ماکيءَ کان مٺي، پر جي ھجي ڪوجھي ڪني،
جنھن سان سالن جي سنگت، ھاڻي ڇڏيندس ڪيئن ڇني،
مان کڻي مسڪين ھان تھ بھ کيس پاليندس پني،
جا ٻڌم پنگھي ۾ پھرين سا زبان زندھھ رھي،
جنھن جي ٻولڻ سان ھر پير و جوان زنده رھي.
**
مبادا ڪو مخالف ھن جي ميٽڻ لاءِ مائل ٿي،
ڪندس قربان ٻوليءَ تان سدائين جند جان پنھنجي.
ھو سنڌ سرڪار جو ڌيان ڇڪائيندي ١٩٥١ع ۾ چوي ٿو تھ خدا تعاليٰ شل
سنڌ ڪائونسل کي ساڃاھھ ڏئي، تھ انگريزي بجاءِ سنڌي
ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بنائين.
سڳوري سنڌ ڪائونسل کي اي مولا ڪا ھدايت ڪر،
جو انگريزي بجاءِ دفتر جي ٻولي مان ڏسان پنھنجي.
سنڌي زبان جي عظيم شاعر شاھھ عبداللطيف ڀٽائي بابت بھ نظم لکيو
اٿس، جنھن ۾ شاھھ صاحب جي ساراھھ ڪندي، سندس شعر
جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون اٿس. چوي ٿو:
شاعرن جو شان ۽ توقير عزت ٿي ويو،
شعر جي دنيا جو خود شاھھ جھان عبداللطيف.
سنڌ جي ٻوليءَ کي حاصل ٿي حياتِ جاودان،
سنڌ جي ٻولي جو آھي جسم و جان عبداللطيف.
بيت ۽ وايون سندس قرآن جو تفسير آ،
سنڌ جو ھڪ رازدان ۽ نڪتھ دان عبداللطيف.
استاد ۽ تعليم: ”بشير“ مرحوم استاد ھو. ھن جي نظم ۾ قومن جي ڀلائي، ۽
بھتري، عروج ۽ ڪمال، زيب ۽ زينت، شان ۽ مان، نالو
۽ ناموس علم سان وابستھ آھي. چوي ٿو:
نھ دولت جاھھ حشمت سان حياتي زيب ور ٿيندي،
مگر ھيءَ زندگي ٿيندي، سجائي علم کان آھي.
بي علمي کي انساني شرف ۽ شان لاءِ داغ سمجھي ٿو. بي علمي کي
ننديندي چوي ٿو:
اسان جي شرف انساني ۾ آھي خار بي علمي،
اسان تي بار عصيان مان وڏو ھڪ بار بي علمي،
حياتي کان بھ اڄ آھي ڪيو بيزار بي علمي،
وڃائي چٽ ڪيو سارو ھي ڪاروبار بي علمي،
جھالت جو جبل پرزا ائين ڪيو پاڻ ٿي پوندو،
اھو پرزا عزيز و علم جي اوزار سان ٿيندو.
جھل جي اوندھ کي دور ڪرڻ وارو استاد جيڪو پنھنجي خون جگر سان
علم جي شمع روشن ڪري ٿو. ”بشير“ مرحوم پاڻ ماستر
ھو. انھيءَ لاءِ ھن ماستر جي اھميت، افاديت ۽
معاشي حالت تي ڪيترائي نظم لکيا آھن. ھو استاد کي
سراپا نيڪي ڪوٺي ٿو:
ليڪن دنيا ۾ تن جو آھي وجود نيڪي،
جيڪا ھو ڪن ٿا خدمت ديدم نھ ديد بودم.
سال ١٩٢٢ع ۾ حڪومت، پرائمري تعليم جو انتظام لوڪل بورڊ جي حوالي
ڪيو. ان زماني ۾ لوڪل بورڊ جي مالي حالت تمام
ڪمزور ھئي، انھيءَ تي ”بشير“ مرحوم ڳڻتيءَ جو
اظھار ڪندي چوي ٿو:
افسوس اڄ الائي تعليم ڪيئن ٿيندي،
سرڪار ھٿ ڪڍايو تنظيم ڪيئن ٿيندي،
لوڪل تھ اڳ ٿي عاجز پئسو نھ وٽس پائي،
ڇا ھو ڪندو سڌارو ترميم ڪيئن ٿيندي.
معلم نھ جن جا لائق، شاگرد ٿيندا ڪھڙا،
اسڪيل ھوندي ھھڙي تنظيم ڪيئن ٿيندي.
حڪومت توڙي معاشرو، استاد جو قدر ڪرڻ جي بدران، ان کي نظرانداز
ڪندا رھيا آھن. ان جي باوجود استاد پنھنجو فيض
ونڊيندو. سنڌ جي نئين نسل کي علم جي دولت سان
مالامال ڪندو رھيو آھي. ”بشير“ مرحوم کيس وڻ سان
ڀيٽ ڏني آھي، جيڪو ٺڪر ۽ سؤنٽا سھڻ کان پوءِ بھ
ٺڪر ۽ سؤنٽا ھڻڻ وارن کي مٺو ميوو جھول ۾ وجھندو
آھي:
وڻن وانگر وڃي ٿي آھھ حالت ماستر جي اڄ،
ٺڪر سؤنٽا سھڻ سر تي عادت ماستر جي اڄ.
قناعت ۽ ڪفايت سان ھن کي غريبي ۾ بھ غني ٿي رھڻ جي عادت آھي:
غريبي ۾ غني ٿي رھڻ جي عادت منجھس آھي،
عجب جھڙي آ دنيا ۾ قناعت ماستر جي اڄ.
آخر ماستر جا بھ حق آھن. ھن کي ايترو ڪجھھ تھ ڏنو وڃي، جو ھو
پنھنجي زندگي عزت سان گذاري سگھي ۽ کيس اڇو لٽو ۽
اڇي ماني نصيب ٿئي. ٿوري پگھار جي ڪري ھن جي زندگي
ڏکن، ڏوجھرن ۽ ڏولائن جو شڪار رھي ٿي. ”بشير“
مرحوم ان حقيقت جو اظھار ڪندي چوي ٿو:
اسڪيل جو آ ھلندڙ، ڪافي نھ آ اسان ليءِ،
ارمان سڄي آ سروس ذلت ۾ ماستر جي.
ھو افسوس ڪندي چوي ٿو؛ تھ ماستر جي پگھار تپيدار جيتري بھ نھ
آھي. ان کانسواءِ ماستر رشوت کان پري آھي:
ڪرن تپيدار جھڙي ڀي نھ ٿا اسڪيل ٽيچر جي،
ڪري ثابت ڪو ڏيکاري تھ رشوت ماستر جي اڄ.
جنھن زماني ۾ سنڌ بمبئي سان لاڳاپيل ھوندي ھئي، ان زماني ۾
بمبئي پريزڊنسي ۾ ھڪ صلاحڪار ڪائونسل ھوندي ھئي،
جنھن جا ڪجھھ ميمبر سنڌ مان بھ کنيا ويندا ھئا.
سال ١٩٢٥ع ۾ ”بشير“ مرحوم ”صدائي ماستر“ جي عنوان
سان ھڪ نظم لکي، ڪائونسل جي ميمبرن کان مطالبو ڪيو
آھي، تھ ماستر جي اھميت جي مدنظر سندس قدر ڪيو
وڃي، ۽ کيس مناسب پگھار ڏنو وڃي. چوي ٿو:
لازم اوھان تي آھي ٽيچر سندي حمايت،
ٿيندي نھ مٽ انھيءَ جي حاتم سندي سخاوت،
پورو پگھار ڏياريو، جا ھون ڪڏھن کان سائل،
مشھور ٿيو دنيا ۾ اھڙي ڪري وڪالت.
ساڳي سال پوني ۾ ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي. انھيءَ موقعي تي سندن
ڌيان ڇڪائيندي چوي ٿو:
اسڪيل جو آ ھلندڙ ڪافي نھ آ اسان ليءِ،
ارمان سڄي آ سروس ذلت ۾ ماستر جي.
پوني وڃي گڏيا ھئا ميمبر سڀئي صاحب،
عرضي ھي آ اوھان جي خدمت ۾ ماستر جي.
ٻولي: ”بشير“ مرحوم جيڪب آباد ضلعي جو رھاڪو ھو. ھن ضلعي ۾ سرائيڪي ۽
بلوچي ڳالھائيندڙ قومون رھن ٿيون، ۽ ھن جون پنجاب
۽ بلوچستان سان حدون ملن ٿيون. انھيءَ ڪري اتر جي
لھجي ۾ جيڪب آباد جو لھجو پنھنجي نوعيت جو آھي.
”بشير“ مرحوم جي مادري زبان سنڌي ھئي، ۽ سنڌ جي
مختلف ھنڌن تي منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۾ وڏي شوق ۽ ذوق
سان حصو وٺندو رھندو ھو. انھيءَ ڪري ھن معياري
سنڌي استعمال ڪرڻ جو گھڻو خيال ڪيو آھي. ان ھوندي
بھ ڪن شعرن ۾ جيڪب آباد واري علائقي جي لھجي جو
رنگ نمايان نظر اچي ٿو.
ھتي جي رھاڪن مان جن جي مادري ٻولي سنڌي آھي، اھي صاف سنڌي ٻولي
ڳالھائين ٿا، ۽ انھن جي گفتگوءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جون
باريڪيون برقرار آھن. البت جيڪب آباد جو سنڌي لھجو
پنھنجي نوعيت جو آھي. جيڪب آباد جي رھاڪن مان جن
جي مادري ٻولي بلوچي ۽ بروھي آھي، اھي جڏھن سنڌي
ٻولي ڳالھائين ٿا، تھ ٻوليءَ کي بگيڙين ٿا. انھن
جي گفتگوءَ ۾ مذڪر ۽ مونث جي باريڪين جو اھو نظام
نھ ھوندو آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آھي. ان
کان سواءِ ھتي جي سنڌي لھجي ۾ بلوچي، بروھي ۽
سرائيڪي لفظ بھ شامل ٿي ويا آھن. نھ فقط ايترو، پر
ڪٿي، ڪٿي فعلي صورتن ۾ بھ فرق آھي، مثلا ڪنڌڪوٽ
وارا چوندا آھن:
(١) ماني کاڌو وڍ (ماني کاڌو)
(٢) گمھي آيا وڍ (گھمي آييءُ)
(٣) يعني (الف) کي (اڍ) ۾ بدلايو وڃي ٿو.
پھلوان فقير ھن علائقي جو سٺو شاعر آھي، جنھن بلوچي، سنڌي،
سرائيڪي ۽ اردو ٻولين ۾ شعر چيو آھي. جيئن تھ سندس
مادري زبان بلوچي آھي، انھيءَ ڪري سنڌي شعر چوڻ ۾
مذڪر ۽ مونث جي رعايت رکي نھ سگھيو آھي. ”ميخ“
سنڌي ۾ مونث آھي، پر پھلوان فقير ھيٺئين شعر ۾ ان
کي مذڪر ڪري آندو آھي:
”مئيءَ کي ميخ محبت جو لڳو، اوھان اکڙڻ کان رھي.“
اھي ڳالھيون انفرادي چئي سگھجن ٿيون، ۽ ھتي جي سنڌي لھجي جون
خاصيتون نھ آھن، ڇاڪاڻ جو ان نموني تمام ٿورا
ماڻھو ڳالھائين ٿا اھي ڳالھيون ڇڏي جڏھن اسين
لساني لحاظ کان موجوده شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سکر
ضلعن؛ بلوچستان جي ڪڇي، ناڙي، سبي، ڪوھلو ۽ بار
کان علائقن ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جو لساني
جائزو وٺون ٿا تھ معلوم ٿئي ٿو، تھ ڪنھن زماني ۾
اھڙو ھڪڙو علائقو ھو، ۽ ان جي سنڌي ٻوليءَ جو لھجو
بھ ھڪ جھڙو ھو. جيئن تھ بار کان، ڪوھلو، سبي، ناڙي
۽ ڪڇي علائقن ۾ بلوچ ۽ بروھي قومون اچي آباد ٿيون
۽ اھي علائقا سياسي لحاظ سان سنڌ کان ڪٽجي ويا،
انھيءَ ڪري اتي ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجھھ قدر
فرق اچي ويو؛ ۽ اتي جي سنڌي ٻوليءَ جدا جدا ننڍن
محاورن جي صورت اختيار ڪئي، جھڙوڪ: فراڪي، کيترائي
۽ جدگالي.
جيڪب آباد ضلعي وارن علائقن ۾ جيئن تھ بلوچ قومون وڏي تعداد ۾
اچي آباد ٿيون؛ ۽ سرائيڪي ۽ بروھي ڳالھائيندڙ بھ
گھر اڏي اچي ويٺا، انھيءَ ڪري جيڪب آبادي لھجي ۾
شڪارپوري لھجي بنسبت فرق اچي ويو. ان ھوندي بھ
جيڪب آبادي لھجي ۽ شڪارپوري لھجي ۾ گھڻي قدر ھڪ
جھڙائي آھي؛ مثلا:
(١) معياري لھجو جيڪب آبادي لھجو
شڪارپوري لھجو
ھو يا ھئو
ھئا
ھوس
ھئاسون
جِن
ڪن
جِتي
ڪٿي
تِتي |
ھيو
ھوا
ھيس
ھواسون
جن
ڪن
جاتي
ڪاٿي
تاتي |
ھيو
ھوا
ھيس
ھواسون
جن
ڪن
جاتي
ڪاٿي
تاتي |
(٢) ١٨ (ارڙھن) جي انگ کي شڪارپوري اٺارھن چوندا
آھن. جيڪب آباد ۾ گھڻي قدر اٺارھن چيو ويندو آھي.
حقيقت ۾ ”اٺارھن“ اصليت جي ويجھو آھي؛ ڇاڪاڻ جو ان
۾ اٺ بلڪل واضح آھي، جيئن سترھن ۾ ”ست“ بلڪل واضح
آھي. معياري لھجي ۾ ”اٺ“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائي ”ر“
پوئتان جي بدران ”ڙ“ جي اڳيان آندي ويندي آھي.
(٣) شڪارپوري لھجي جيان جيڪب آباد لھجي ۾ بھ ضمير خالص ”مان“،
”اسان“ ۽ ”توھان“ چيو ويندو آھي. معياري لھجي ۾
”مون“ ”اسين“ ۽ ”توھان“ چيو ويندو آھي. جيڪب آباد
ضلعي جي ھڪ شاعر ”مان کي“ ھن طرح آندو آھي:
”موھي مست ڪيو تنھنجي مام مان کي.“ (سروربخش
فدائي)
(٤) ضمير مشترڪ، منھنجو، تنھنجو، جنھن جو، پنھنجو ۽ ڪنھن جو جي
بدران جيڪب آباد توڙي شڪارپور جي عوامي گفتگو ۾
مون جو، تون جو، جينجو، پان جو ۽ ڪينجو اچاريو
ويندو آھي.
(٥) معياري لھجي ۾ حالت اپادان ۾ ”آن“ پڇاڙي ملائي ويندي آھي:
پر شڪارپوري توڙي جيڪب آبادي لھجن ۾ ”آن“ جي بدران
”ئون“ پڇاڙي آندي ويندي، مثلا:
معياري شڪارپوري
جيڪب آبادي
توکان
اتان
ڪٿان
اوڏانھون
جيڏانھون
اندران
بدران
ڪيڏانھون
ھوڏانھون |
توکئون
اتئون
ڪٿئون
اوڏھون
جاڏھون
اندرئون
بدرئون
ڪاڏھون
ھوڏھون |
توکئون
اتئون
ڪٿئون
اوڏھون
جاڏھون
اندرئون
بدرئون
ڪاڏھون
ھوڏھون |
(٦) معياري لھجي ۾ ”س“ ضمير پڇاڙي طور اچي ٿو جيئن تھ کائيندس،
لکندس وغيرھ. جيڪب آباد توڙي شڪارپوي لھجن ۾ گھڻي
قدر انھيءَ حالت ۾ ”م“ پڇاڙي طور اچي ٿو، جيئن تھ:
ايندم، کائيندم وغيره.
(٧) ظرف وارن لفظن ۾ شڪارپور توڙي جيڪب آباد ۾ عام گفتگو ۾ لفظ
جو پويون پد گھٽائي ڇڏيندا آھن، جيئن تھ ”ڪيڏانھن“
جي بدران چون: ”ڪاڏي“. جيڪب آباد ضلعي جي شاعر
قادر بخش ”بشير“ اھولفظ ھن طرح آندو آھي:
”حقيرا شعر ڏس پنھنجو ڪڏھن ڪاڏي ڪڏھن ڪاڏي.“
اھڙيءَ طرح عام گفتگو ۾ جاڏي (جيڏانھن)، تاڏي (تيڏانھن)، جڏي
(جڏھن) ڪڏي (ڪڏھن)، تڏي (تڏھن) چيو ويندو آھي.
(٨) شڪارپورين وانگر جيڪب آباد وارا بھ ”گھمندو“ جي بدران
”گھمدو“، ”ڦرندو“، ”ڦردو“، ”ھلندو“ جي بدران
”ھلدو“، ”پڄندي“ جي بدران ”پڄدي“ چوندا آھن. يعني
اھڙي نموني جي فعلي صورتن ۾ ”ن“ غنون ڪم نھ آڻيندا
آھن.
(٩) زمان حال ۾ جمع جي صورت ۾ فعل جي بنياد جي پويان ”ن“ ۽ ”ٿا“
ملايو ويندو آھي، جيئن تھ گھم، ھل، ڏس ۽ پڙھ مان
”گھمن ٿا“، ”ھلن ٿا“، ”ڏسن ٿا“ ۽ ”پڙھن ٿا“.
انھيءَ قاعدي موجب ”ڪر“ ۾ بھ ”ن“ ۽ ”ٿا“ ملائبو تھ
ٿيندو ”ڪرن ٿا“. معياري لھجي ۾ ”ڪرن“ مان ”ر“ نڪري
وئي آھي. انھيءَ ڪري ”ڪرن ٿا“ جي بجاءِ ”ڪن ٿا“
چيو ويندو آھي. قديم زماني ۾ شڪارپوري لھجي ۾ اھا
”ر“ موجود ھئي، ۽ چيو ويندو ھو: ”ڪرن ٿا“.
شڪارپوري، علائقي جي پراڻن شاعرن جي شعر ۾ اوھان
کي ”ڪرن ٿا“ ڪٿي ڪٿي ڪتب آيل پراڻن شاعرن جي شعر ۾
اوھان کي ”ڪرن ٿا“ ڪٿي ڪٿي ڪتب آيل ملندو. ھينئر
بھ شڪارپوري ڪڏھن ڪڏھن ”ڪرن ٿا“ چئي وجھندا آھن.
ھينئر عام شڪارپوري لھجي ۾ ”ڪن ٿا“ چيو ويندو آھي.
جيڪب آبادي لھجي ۾ ھينئر عام طرح ”ڪرن ٿا“ چيو
ويندو آھي. نھ فقط ايترو، پر شاعر ۽ اديب بھ
پنھنجي شعر يا تحرير ۾ گھڻي قدر ”ڪرن ٿا“ ڪتب
آڻيندا آھن. قادر بخش ”بشير“ اھو فعل ھن طرح آندو
آھي:
”ڪرن تپدار جھڙي ڀي نھ ٿا اسڪيل ٽيچر جي“
”ڪرن ھا ڪينڪي ارزان قيمت ماستر جي اڄ“
”ٿا ڪرن ماڻھو مگر اڪثر تونگر جي ثنا“
”ڪي ڪرن افسوس ٿا مڪار ميمبر جي ثنا“
سرائيڪي زبان ۾ بھ ”ڪرن“ اچي ٿو. حضرت خواجھ غلام فريد جي ھڪ
ڪافيءَ ۾ ”ڪرن“ ھن طرح آھي:
”جھيڙڍ ڪرن بکيڙڍ“
ان مان ظاھر آھي، تھ جيڪب آباد ضلعي جي لھجي ۾ سرائيڪي زبان جي
اثر جي ڪري ”ڪرن“ قائم آھي.
(١٠) سرائيڪي زبان ۾ زمان ”حال استمراري“ عام آھي. چيو ويندو
آھي.
”مين ويندا پيا ھان“
سنڌي معياري لھجي ۾ گھڻو ڪري زمان حال استمراري ڳالھائبو ئي
ڪونھي. البت جيڪب آباد جي محاوري ۾ ان زمان جو
رواج اڃا تائين آھي، مثلا چيو ويندو آھي، ”مان بھ
لکي سگھان ٿو، پر وقت نھ ٿو ملي.“
(١١) سريلي محاوري جي ھڪ مک جمع جي پڇاڙي بھ آھي. معياري لھجي ۾
جمع لاءِ ”ئون“ پڇاڙي ملائي ويندي آھي، مثلا کٽون،
سرون، وغيره. سريلي محاوري ۾ ”ئون“ جي بدران ”آن“
پڇاڙي آندي ويندي آھي. سرائيڪي، پنجابي ۽ قديم
اردو ۾ بھ ”آن“ پڇاڙي آھي، جيڪب آباد وارا بھ
چوندا آھن: کٽان، سران، ڀتان (ڀتيون)، جيپان،
ڪاران، بندوقان، رائفلان، ڪوڪان، صلاحان، ۽ عادتان
وغيره. جيڪب آباد جي شاعرن جي شعر ۾ انھيءَ نموني
جا جمع عام ملن ٿا. ڪجھھ مثال ڏجن ٿا:
”درد ديدان مئون لڳيون، دلبر تنھنجي ديدار
۾.“
(سروربخش فدائي، ميرپورٺل، وفات ١٩٢٨ع)
پھلوان فقير (١٩٣٩ع) جي ڪلام مان مثال ڏجن ٿا:
”اتي آھيون، جاٿي لاوان لاتم
--*--
”ڀروان آڏو ادب سان ايھي پنبليون ڪن ستر“
(١٢) شڪارپوري توڙي جيڪب آباد وارن لھجن ۾ ”آھيان“ بدران ”ھان“
اچاريو ويندو آھي، مثلا ”پڙھدو ھان“، “ويندو ھان“
وغيره.
جيڪب آباد جي شاعرن جي شعر ۾ ”آھيان“ جي بدران ڪٿي ڪٿي ”ھان“ ڪم
آيل ملي ٿو. قادربخش ”بشير“ چوي ٿو:
”دوستو چرچو ھي ناھي، مان کڻي مسڪين ھان“
(١٣) ”اٿم“ جي بدران جيڪب آباد جي لھجي ۾ ”ٿم“ بھ چيو ويندو
آھي. پھلوان فقير پنھنجي سنڌي ڪلام ۾ اھو لفظ ھن
طرح آندو آھي:
”تنھنجا ناز پر سر کنيا ٿم.“
(١٤) ھتي جي محاوري ۾ ”موڪلڻ“ جي بدران ”منجڻ“ چيو ويندو آھي.
”خط موڪلڻ“ جي بدران چون: ”خط منجان ٿو.“ ”بشير“
مرحوم بھ ڪن شعرن ۾ ”منجان ٿو“ استعمال ڪيو آھي.
چوي ٿو:
کڻي وڃ ٽپالي ڪين کولج،
منجان ٿو مان بھ ھڪ اشعار جو ڪاغذ.
ٻي شعر ۾ اھو لفظ ھن طرح آندو اٿس:
منجي سرڪار چانور ڪيئن نھ اڳتي غير
ملڪن ڏي،
پئي آ جوش جي عادت ۾ رائيس مل جي ساماڻي.
(١٥) معياري لھجي ۾ ”جنھن“ جو جمع ”جن“ آھي. جيڪب آباد جي لھجي
۾ جمع جو بھ جمع ڪري ”جن“ جي بدران ”جنن“ آڻيندا
آھن.
”بشير“ مرحوم ڪن شعرن ۾ ”جنن“ آندو آھي، مثلا:
جنن
جي دست بازو سان ھلي دنيا جو ڪاروبار،
ھجي مزدور، ھاري ۽ غريبن کي مبارڪ.
اھڙيءَ طرح معياري محاوري ۾ ”تنھن“ جو جمع ”تن“ آھي، پر جيڪب
آباد جي لھجي ۾ ”تنن“ بھ چيو ويندو آھي. پھلوان
فقير جي شعر مان مثال ڏجي ٿو:
”ريجھي تنن سان روح ويو، دل دست دلبر جي پئي.“
(١٦) معياري لھجي ۾ ”مون کي“، شڪارپوري ۽ جيڪب آباد جي لھجي ۾
”مان کي“ چيو ويندو آھي. ان کانسواءِ ”مارين“ جي
بدران جيڪب آباد واري ۽ شڪارپوري لھجي ۾ ”مارن“
چيو ويندو آھي. سروربخش فدائي چوي ٿو:
”مارن مست اکيون بادام مان کي.“
لفظ، پھاڪا ۽ اصطلاح:
”بشير“ مرحوم جي شعر ۾ پھاڪا ۽ اصطلاح بھ عام جام
ڪتب آيل آھن. انھن مان ڪجھھ اھڙا بھ آھن، جيڪي
علائقي جي محاوري سان تعلق رکن ٿا. ڪجھھ لفظ اھڙا
بھ ملن ٿا، جيڪي فقط ھن علائقي جي محاوري ۾
استعمال ٿيندا آھن. ڪجھھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
* سنڌي چوڻي آھي: جيڪو اڳي سو تڳي. ان چوڻيءَ کي ”بشير“ مرحوم
ھن طرح آندو آھي:
اڳي جيڪو تڳي آھي پھاڪو،
ڏئي ڏوڪڙ وڃي سرڪار ۾ ڦٻ.
* آواره ماڻھوءَ لاءِ چيو ويندو آھي، تھ ”ھو نھ گھر جو آھي، نھ
گھاٽ جو.“ اھا چوڻي آھي، ”بشير“ مرحوم ھدايت ٿو
ڪري، تھ بيڪار کان بيگار ڀلي:
نھ گھر جو نھ گھاٽ جو، سڏجين تون ڇو ٿو؟
نھ آھي ڪار، ڪنھن بيگار ۾ ڦٻ.
* ”چاڙھو ٿيڻ“ معنيٰ: ”ڪامياب ٿيڻ“. اھو اصطلاح ھن طرح آندو
اٿس:
”سوا تنھنجي سڄڻ چاڙھو نھ ٿيندو،
ڪرين ڇو ڪين مون تي ٿو نظر خاص.“
* ”سانڍي رکڻ“ کي ٻھراڙيءَ ۾ ”سانڀي رکڻ“ بھ چيو ويندو آھي.
”بشير“ مرحوم ھڪ شعر ۾ اھو لفظ ھن طرح آندو آھي:
جا عجيب کان اچي سانڀي رکج،
سوکڙي عمدي ھجي ويتر نھ ٻاڦ.
* چوڻي آھي، تھ ”سوڙ آھر پير ڊگھارجن“. يعني جيتري اپت ھجي،
انھيءَ آھر خرچ ڪجي، جيئن پڇتائڻو نھ پوي. ”بشير“
مرحوم قناعت جو سبق سيکاريندي اھو پھاڪو ھن طرح ٿو
آڻي:
سوڙ کان زياده ڪرين پير ڇو ٿو،
نھ آھن ٻڌيون تو قناعت جون ڳالھيون.
* چوڻي آھي، تھ ”اڄ جو ڪم سڀان تي نھ رکجي.“ يعني جيڪي ڪري
سگھجي، اھو ڪري وٺجي. ”بشير“ مرحوم ڪم ڪرڻ جو
مشورو ڏيندي اھا چوڻي آڻي ٿو:
اڄ جو نھ ڪم سڀان تي رکجو ڪي اي عزيزو،
جلدي ڪري وٺو ڪم جيڪي بدن مان نڪري.
* چوڻي آھي، ”ٻي جو محل ڏسي، پنھنجي ڀونگي نھ ڊاھجي.“ يعني سکڻي
سڌ ڪري، پاڻ کي نقصان ھيٺ نھ آڻجي. انھيءَ کي ھن
طرح پنھنجي شعر ۾ سمايو اٿس:
ماڙي ڏسي پرائي، ڀونگي نھ پنھنجي ڊاھيو،
اي عزيزو دوستو نقصان ڏي نھ ڪاھيو.
* چيو ويندو آھي، ”تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي.“ اھا چوڻي ھن طرح
آندي اٿس:
”سوين ڏکڙا ڏسي تر جي گٿي آھستھ آھستھ.“
* چوڻي آھي، ”سچ کي مچ آھي.“ يعني سچ چئبو آھي، تھ ماڻھو چڙي
پوندو آھي. ”بشير“ مرحوم چوي ٿو:
لڳي سچ ٿو مچ ماڻھن کي اڄ چوڏھين صدي آھي،
اڃاتائين بھ سچ چوندو اچان، احمق نھ مان آھيان.
* ”ڏھڪاءَ“ کي ”ڏھڪار“ بھ چيو ويندو آھي. گدائي مرحوم چيو آھي:
”حال ھيڻن جا ڏاڍن سندا ڏھڪار ڏس.“
پھلوان فقير وري ”ڏھڪاء“ جي بدران ”ڏاھھ“ آندو آھي:
”اجھو ناھي عمل اڳي، ڏاڍو ٿي ڏاھھ ڏونگر جو.“
* ”ڍينگ اڙن ٿا“ معنيٰ: سڃ لڳي پئي آھي. اصطلاح ”ڍينگ اڙڻ“
شڪارپور جي لھجي ۾ بھ آھي، تھ جيڪب آباد جي ۾ بھ
گدائي مرحوم چيو آھي:
”تنھن گلشن ۾ ٿا ڍينگ اڙن.“
قادربخش ”بشير“ وري ”ڍينگ ڍرن“ آندو آھي:
”ھنج ويا ھتڙئون ھلي، اڄ ڍينگ ڊاھي تي ڍرن.“
* ”کوٽ“ يا اڻ- ھوند لاءِ شڪارپور توڙي جيڪب آباد ۾ ”نافت“ لفظ
عام مروج آھي. قادربخش ”بشير“ اھولفظ ھن طرح آندو
آھي:
”ڪڻڪ جي نافت ڪري ٿي ملڪ جي حالت خراب.“
* ”آواره“ لاءِ لفظ ”ڇيڪ“ مروج آھي:
”ڇيڪ ڇڙواڳ ھتي، سپ ۽ سيسار“ (گدائي)
* ”لڱ ساڻا ٿيڻ“ بدران گدائي مرحوم ”ساھھ ساڻو ٿيڻ“ آندو آھي:
”ساڻا ساھھ ٿيا سانگين جا، ماروئڙن مان مرڪ وئي.“
* اصطلاح ”ڌوڙ اڏرڻ“ (غير آباد ٿيڻ) گدائي مرحوم ھن طرح آندو
آھي:
”کيت ٻنين ۾ ڌوڙ ٿي اڏري، اوڀر ٿي ويا سوڪ سڙي.“
* اصطلاح ”ڪلور ڪرڻ“ (تباھي مچائڻ) گدائي مرحوم ھن طرح آندو
آھي:
”قحط ڪلور ڪيا ڏس ڪيڏا، سانگي سڀ حيران قلندر.“
* ”ڳاٽي ڀڳا“ (تمام وڏي اگھھ وارا) ”بشير“ مرحوم ھن طرح آڻي ٿو:
”اڄ مشينن ۾ وڏا محصول ٿيا ڳاٽي ڀڳا.“
* ”سڄي حياتي“ جي معنيٰ ۾ شڪارپور توڙي جيڪب آباد ”حياتي ڀر“
ترڪيب مستعمل آھي. ”بشير“ مرحوم چوي ٿو:
”حياتيءَ ڀر پئي کاڌاسون تھ جھاڪا بيل گاڏيءَ جا.“
* شڪارپور توڙي جيڪب آباد ۾ لفظ ”ٿاٻا“ ۽ ”ڌڪا“ ٻئي گڏ عام
گفتگو ۾ ڪتب آندا ويندا آھن، مثلا: چوندا آھن:
”اجايا ٿاٻا ڌڪا نھ کاءُ، وڃي ڪو ڪم ڪر.“ ”بشير“
مرحوم ٻئي لفظ ھن طرح آڻي ٿو:
”ٿيا پرديس جي ٿاٻن ڌڪن ۾ دربدر آھن.“
* لفظ ”لابارو“ سان ”لائي“ ٻٽو لفظ ڪري آندو ويندو آھي. اھو ٻٽو
لفظ شڪارپور توڙي جيڪب آباد جي محاورن ۾ ٻھراڙين ۾
عام آھي. ”بشير“ مرحوم چوي ٿو:
”ڳاھھ تي ۽ راھھ تي لاباري لائي تي ڏسو.“
”مٺ ڀڳڙن“ (تمام ٿوري قيمت) شڪارپور توڙي جيڪب آباد جي عام
گفتگو ۾ ڪم اچي ٿو. گدائي مرحوم چيو آھي:
”نھ مٺ ڀڳڙن تي ھرگز ھيءَ ملي ھئي نعمت عظمي.“
صنعتون:
”بشير“ مرحوم جي شاعري مقصدي آھي. ھن ذھني عياشيءَ لاءِ شعر نھ
چيو آھي، پر معاشري جي اصلاح تي زور ڏنو اٿس.
انھيءَ ڪري سندس شعر سڌو سادو آھي. اشاريت ۽
مبالغي کان پاسو ڪيو اٿس. البتھ حسن و عشق جي ذڪر
وقت يا ڪن ھنڌن تي پنھنجي مقصد کي زور وٺائڻ لاءِ
تشبيھون بھ آنديون اٿس. ھڪ شعر ۾ ھو مشورو ٿو ڏئي،
تھ زماني جي لاھن چاڙھن تي گھٻراءِ نھ، پر دل کي
اھڙو مضبوط رک، جيئن ڏک سک ۾ متاثر نھ ٿئي. ان
لاءِ ھو ٿرماس جو مثال آڻي چوي ٿو، تھ پنھنجي دل
کي ٿرماس وانگر رک، جيڪو گرمي توڙي سردي کان متاثر
نھ ٿو ٿئي:
رکج دل جي برتن کي ٿرماس جان تون،
رھي جنھن جي سالم برودت حرارت.
ماستر کي صبح جي مٺڙي ھير سان ڀيٽ ڏئي ٿو. جھڙيءَ طرح صبح جي
ھير مکڙين کي گل بنائي ٿي، اھڙيءَ طرح ماستر بھ
پنھنجي سکيا ۽ تربيت سان ننڍڙن گلن جھڙن ٻارڙن کي
معاشري لاءِ ھڪ ڪارائتو فرد بنائي ٿو:
جنھن ھوا سان اڻ ٽڙيل مکڙيون بھ گل بڻجي پون،
سا سٺي سھڻي صبح جي ھير آھي ماستر.
جيئن تھ ”بشير“ مرحوم وٽ شاعريءَ لاءِ ھڪ مقصد ھو، انھيءَ ڪري
گھڻي قدر عام فھم ٻولي استعمال ڪئي اٿس. البتھ ڪٿي
ڪٿي عربي فارسي لفظ ۽ ترڪيبون ڪم آنديون اٿس.
ھيٺين شعر ۾ ڪارين اکين لاءِ ”سيھ چشمن“ ڪم آندو
اٿس:
”سيھ چشمن جي ڌوڪي ۾ وياسون ڦاسجي اھڙا.“
مئي، ساقي، جام، محتسب ايراني غزل جي اثر کان ظاھر ڪن ٿا:
محتسب معذور آھيان ڪر معاف،
ابر آ، ساقي آ، مئي آ، جام آ.
ساغر، صراحي ۽ باده نوشي جو ذڪر ھن طرح ڪري ٿو:
باده نوشي جو سمو ساغر صراحي جو ويو،
جيڪڏھن دنيا جي محفل ۾ رھين ھوشيار اٿ.
خال ۽ رخسار بھ ايراني غزل جو اھڃاڻ آھي:
اڃا بھتر اٿئي تون ھن طرح ڪر،
تون ڪارو خال ٿي رخسار ۾ ڦٻ.
ٿڌاڻ ۽ ”ڪوساڻ“ جي معنيٰ ۾ ”برودت“ ۽ ”حرارت“ لفظ آندا اٿس:
”رھي جنھن جي سالم برودت حرارت.“
ھيٺين شعر ۾ مڪر ۽ فريب لاءِ لفظ ”تزوير“ آندو اٿس:
”غير جي بيھندي ڪٿي تزوير اڄ.“
ھيٺين شعرن ۾ آيل لفظ گلرخ، مزگان، زلف، شمع، شمع رو، ماھرو، مه
لقا، صنم، ايراني شاعريءَ جي اثر جي نشاندھي ڪن
ٿا:
”گلرخن سان آ محبت ڪجھھ نھ ڪجھھ.“
تير مزگان سان نھ ناحق قتل ڪر.
-*-
دل قيد ڪري زلف جي زنجير ۾ سوگھي.
-*-
شمع رو ڀي شمع جان بي خبر آ.
-*-
محبت ماھروين ۾ نھ مـــر تون.
-*-
پر نور مه لقا ڪر اڱڻ ھي ”بشير“ جو.
-*-
اي صنم ڳاڙھن ڳلن تنھنجن جي شھرت وئي وڌي.
-*-
ھيٺئين شعر ۾ ”نڀاڳو“ جي معنيٰ ۾ پارسي ترڪيب خوابيدھ بخت
استعمال ڪئي اٿس:
”جاڳ ڪجھھ اي مسلم خوابيده بخت.“
ھيٺين شعرن ۾ پارسي ترڪيبون: غنچھء اميد، نخل مراد، ستم ايجاد
(ظالم)، شوخ چشمي، تند خوئي، زود رنجي ۽ ڪشور دل
استعمال ڪيون اٿس:
غنچھءِ اميد دل جو نھ منھنجو ٽڙيو ڪڏھن.
-*-
نخل مراد منھنجو ٿي برادر ڪنھن طرح.
-*-
نھ حاصل ٿي نصيحت ڪا، اڃا آھيون ستم ايجاد.
-*-
شوخ چشمي، تندخوئي، زود رنجي ۽ رسڻ.
-*-
ٻڌو ٿم ڪشور دل ۾ رھي مستور ٿو مولا.
ھي نمونو طور ڪجھھ مثال ڏنا ويا آھن. ان مان معلوم ٿيندو، تھ
”بشير“ مرحوم جي شعر ۾ عام فھم سنڌي لفظن، محاورن
۽ عربي پارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو سھڻو امتزاج ملي
ٿو.
ھمعصر شاعرن سان شاعرانھ ڏي وٺ
”بشير“ مرحوم شاعرن جو ڪوڏيو ھو. ڪٿي بھ مشاعرو ٿيندو ھو، تھ ان
مشاعري جي مصرع طرح تي شعر جوڙيندو ھو. پوءِ
جيڪڏھن وس پڄندو ھوس تھ مشاعري ۾ شريڪ ٿي شعر
پڙھندو ھو؛ يا وري مشاعري جي ڪارپردازن ڏانھن شعر
موڪليندو ھو. مطلب تھ اھڙو ڪو مشاعرو نھ ڇڏيائين،
جنھن لاءِ شعر نھ لکيائين. ان سان گڏ اخبارن ۽
رسالن ۽ ماھوار رسالا سان دلچسپيون ھيس. ان وقت
جيڪي روزانيون ۽ ھفتيوار اخبارون ۽ ماھوار رسالا
نڪرندا ھئا، انھن ۾ سندس شعر شايع ٿيندو رھندو ھو.
اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪي ٻين شاعرن جا شعر ڇپجندا
ھئا، اھي بھ مطالعو ڪندو رھندو ھو. نھ فقط ايترو،
پر ڪيترن نظمن کان متاثر ٿي، انھن جي تتبع يا جواب
۾ شعر بھ لکيائين. خاص طرح سان عبدالڪريم گدائي
مرحوم جي نظمن جي ڀران ڪجھھ نظم لکيائين. ھڪ ڀيري
١٩٢٧ع ۾ گدائي مرحوم جو نظم ”ليوڪس پارڪ“ ڇپيو. ان
جا ڪجھھ شعر ھيٺ ڏجن ٿا:
(١) مستانھ چال سال ھت رشڪ قمر ڦري ٿو،
نظرن کان عاشقن جي ڪيئن بي خبر ڦري ٿو،
ھن جاءِ تي ھو عاشق خستھ جگر ڦري ٿو،
سھڻي جي جاءِ ۾ سانڍيو تير ڦري ٿو.
ڇا جنگجو ھليو آ سھڻو ٺھي سپاھي،
ڪنھن کي ڪري ٿو گھايل ڪنھن کي وجھي ٿو ڦاھي،
اڄ اوچتو اچي وئي دل جي مٿان تباھي،
سامھون آ شاه خوبان ڪر خير يا الاھي.
پيدا ٿيو گدائي سيني ۾ سوز ساڙو،
ليوڪس جي سرزمين تي دل تي لڳي ويو ڌاڙو.
ان جي جواب ۾ ”نتيجھء الفت“ جي عنوان سان نظم لکيائين نمونو ھيٺ
ڏجي ٿو:
بچو دام محبت کان، جو ھڪ اخبار ۾ مون آ،
ڪھاڻي باغ ليوڪس جي، پڙھي آھستھ آھستھ،
انھيءَ آزار الفت ۾ ڏسو ڇا ٿيو سکر ۾،
جو دل ٿي وئي گدائيءَ جي چري آھستھ آھستھ.
١٩٥١ع ۾ گدائي مرحوم جي نظم ”ڀوتار نڪري پيا“ جي تتبع ۾ ”عبرت
خيز ڪھاڻي“ جي عنوان سان نظم لکيائين. ٻنھي جي
نظمن مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
”گدائي“
پروڊا جي حمام اندر تھ سڀ ننگا نظر آيا،
ٿيو جو فيصلو ظاھر تھ سڀ بدڪار نڪري پيا،
امانت ووٽ جي ھاري سنڀالڻ آھ اڄ مشڪل،
انھيءَ جي ھٿ ڪرڻ جا ڪيترا ھٿيارنڪري پيا،
ٿئي ٿو فاش پردو خوب اڄ سرمائيدارن جو،
گدائي سان گھڻائي محرم اسرار نڪري پيا.
”بشير“:
پروڊا جي پٺيان آھي پروڊا اڄ وزيرن تي،
سچيون ھي جيڪڏھن آھن تھ پوءِ غدار نڪري پيا،
ڏنائون ڏوھ ڪڙمن تي تھ ڪن ٿا پوک جي چوري،
ڏٺائون گھر وڃي جاچي تھ خود ڪمدار نڪري پيا،
ھلايائون ننڍا گھيٽا بگھڙ کائي وڃن ٿا پيا،
جڏھن ھو جاچ ٿي پوري تھ سڀ ريڍار نڪري پيا.
١٩٢٩ع ۾ گدائي مرحوم جو نظم ”جوانيءَ کان پوءِ“ پڙھي، ان جي
جواب ۾ ”ٻڍاپڻ کان اڳ ۾“ عنوان ھيٺ نظم لکيائين.
ٻنھي مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
”گدائي“:
سو حسن جي جھان ۾ ڪڏھن لاجواب ھو،
۽ ھر قدم تي جنھن جي بپا انقلاب ھو،
پر لطف خواب ھو يا ڪنھن جو شباب ھو،
سي ڏينھن ئي ويا جو پگھر ڀي گلاب ھو،
اڄ عطر ڀي مکي تھ محبت جي بو نھ آ.
”بشير“:
سمجھھ ھن جواني کي اي دل غنيمت،
نھ جواني ۾ ڄاڻون ٿا ان جي ڪا قيمت،
تڏھن خلق جي تون ڪري سگھندين خدمت،
بدن ۾ جڏھن توکي ھوندي ڪا طاقت،
پڄي ڪين سگھندا پو پيري ۾ ھي ڪم،
اچي وٺندا دنيا جا ٻيا ئي گھڻا ڪم.
”بشير“ مرحوم ڪتي بابت ٻھ نظم لکيا آھن. ھڪ آھي: ”ڪتي جا چار
عيب نھ پر خصلتون“، جنھن ۾ ڪتي جي عادتن جون
خوبيون بيان ڪيون اٿس. ٻي جو عنوان آھي: ”ڪتو قوم
جو غدار آھي“، جنھن ۾ ڪتي جون خوبيون بھ بيان ڪيون
اٿس، تھ خاميون بھ. جيئن تھ ڪتو ٻي ڪتي کي سھي نھ
سگھندو آھي، ۽ ان کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ڏاٺون ڏيندو
آھي؛ انھيءَ ڪري ”بشير“ مرحوم ان کي پنھنجي قوم جو
غدار ڪوٺيو آھي، چوي ٿو:
مگر مان ڪتي کي چڱو ڪين چوندس،
سدائين جو پنھنجن سان غدار آھي،
ڏسي واٽ ويندي جڏھن قوم وارو،
انھيءَ سان جھٽ ھن جو تڪرار آھي،
ڏئي ڏاٺون ھن کي ڪري تنگ ڏاڍو،
تڙڻ ۾ انھيءَ جو ھو ھوشيار آھي،
ٿيو قوم پنھنجي جو غدار جيڪو،
اھو ڄڻ دنيا ۾ بيڪار آھي.
اھو نظم ماھوار ”سنڌو“ جي نومبر ١٩٤٢ع جي پرچي ۾ شايع ٿيو. لطف
الله بدوي مرحوم جي جواب ۾ نظم لکيو، جيڪو ”سنڌو“
ماھھ ڊسمبر ١٩٤٢ع ۾ شايع ٿيو. ان ۾ ھن ”بشير“
مرحوم جي خيالن تي تنقيد ڪئي، ڪتي جون خوبيون بيان
ڪيون.
”بشير“ مرحوم پاڻ تھ ان جو جواب نھ ڏنو، پر سندس فرزند خدادوست
ان جي جواب ۾ شعر لکيو، جيڪو ”سنڌو“ ماه جنوري
١٩٤٣ع جي پرچي ۾ ڇپيو. ان ۾ ھو چوي ٿو:
ٿا چئو غيور ان کي جو وڙھي ھم جنس سان،
اھت ھيءَ سراھجي بنده خدا، ڪھڙي پر،
باھمي تڪرار ۽ ڏاٺن ڏيڻ کي چئين چڱو،
ھيءَ ھشي جڳ کي ڏئي تون ڪر دنيا در بدر.
-*-*-
|