درد نامو
اڄ وري آيو نرالو ھڪ خيال،
ٻڌ ٻڌايان ٿو انھيءَ جو توکي حال.
درد جي ٿوري ذري تي بار بار،
آسمان تائين ڪرين ٿو تون پڪار.
حيف، ان جي شان کي ڄاڻين نٿو،
درد ۽ غم جو مزو ماڻين نٿو.
درد ڌاران جڳ ۾ ڪائي راھ ناھ،
درد آھي شاھ ٻيو ڪو شاھ ناھ.
درد موليٰ سان ملائي ٿو ڇڏي،
پل ۾ پرور وٽ پڄائي ٿو ڇڏي.
سربسر آھي سعادت درد ۾،
ھر طرح آھي ھدايت درد ۾.
درد ھر منزل مٽائي ٿو ڇڏي،
دوجھان ۾ عشق لائي ٿو ڇڏي.
درد سان مٽجي ٿو شاھي جو غرور،
تخت جو ۽ تاج جو سارو غرور.
جي نٿو حاصل ڪرين تون درد کي،
آھي صد افسوس تنھنجي حال تي.
ڪشف جو توڙي ڪرامت جو ڪمال،
درد ڌارن پاڻ آڻيندو زوال.
در حقيقت درد سڀ جو يار آھ،
درد جنھن کي ناھ سو بيڪار آھ.
پير کي ھيڪر ڪچھري ۾ ڏٺم،
درد ري جنھن وٽ نھ ڪو گفتو ٻڌم.
عام توڙي خاص ھر ھڪ پر خمار،
ان جي محفل ۾ رنو ٿي بار بار.
بيخودي جي حال ۾ مرشد اچي،
عشق جي تلوار دل مان ٿي ڪڍي.
جنھن کي جادو جي نظر سان ان ڏٺو،
سو صفا سرمست ديوانو ٿيو.
عشق جو خنجر نظر آئي نگاھ،
يار جو مظھر نظر آئي نگاھ.
درد مان ٿي آه نڪتي پير کان،
رھنمائي ٿي ڪيائين آه سان.
راھ ڏيکاري ٿي مرشد عشق جي،
عام توڙي خاص جي دل ٿي لٽي.
صبر ۾ اچ شور ڇڏ اي جان نثار،
ورنھ ھت ايندي قيامت آشڪار.
جوش ۾ ھي جان منھنجي ٿي جلي،
سوز ۽ ساڙي ۾ ھي دل ٿي سڙي.
مھر مان مرشد ڏٺو مون ڏي جڏھن،
درد جو ديرو لڳو دل ۾ تڏھن.
اصل ۾ جنھن تي ڪيائين ٿي نظر،
سو ڪري پٽ ٿي پيو ٿي سربسر.
ڏس ڏنائين غم پرايو عشق جو،
عاشقن تي آھي سايو عشق جو.
درد وارو مرد منصب دار آھ،
درد جنھن کي ناھي سو مردار آھ.
درد مان ھر معرفت ٿئي ٿي وصول،
مان ٿو سمجھان ان کي مولا ۽ رسول.
درد ڏئي ٿو ھر خبر الله جي،
آھي ان ۾ دوجھان جي بھتري.
پاڻ اول توڙي آخر ٿو رھي،
پاڻ ٿو ٻولي، ٻڌي، توڙي ڏسي.
ڪنھن
جي ھستي ناھ مولا کان سواءِ،
آسمان توڙي زمين تي جابجا.
جيئن ڏٺم ان ڏينھن مرشد جون اکيون،
تيئن حياتي ۾ نھ ھرگز مون ڏٺيون.
فيض واري ديد کي جيئن مون ڏٺو،
درد دل ۽ جان منھنجي کي لڳو.
خوفناڪ ان جي نظر مون کي لڳي،
جا زمين کان آسمان تائين پڳي.
ھر طرح سان حال جو غلبو ٿيس،
منھن ڪڏھن ڳاڙھو ڪڏھن پيلو ٿيس.
جيئن ٻڌايائين ٿي کولي داستان،
درد سان ظاھر ڪيائين ٿي بيان.
ھر
هميثہ
ان جي اک آلي رھي،
ان جي مجلس مست متوالي رھي.
يار سڀ مدھوش مستي جي ڪري،
خود پرستي کان ھيا ھردم پري.
درد وارو جو بھ آيو ٿي اتي،
ان ڏي مرشد ھٿ وڌايو ٿي اتي.
کيس ويھاريو ٿي سائين پاڻ سان،
پاڻ بيھي ٿي ڪيائين آجيان.
ان جي دلجوئي ڪيائين ٿي گھڻي،
آبرو عزت ڏنائين ٿي گھڻي.
جيڪڏھن آيو ٿي ات بيدرد ڪو،
پير فرمايو ٿي ”ھي گھرجي نٿو“.
درد وارو پاڻ وٽ منظور آھ،
درد ري ماڻھو مٿي جو سور آھ.
درد وارو شال محفل ۾ ھجي،
دل نٿي چاھي ڪڏھن بيدرد کي.
جيئن پوي ٿي ياد مون کي ھي گھڙي،
موت ڄڻ مون تي وڃي ٿو ڇانئجي.
جيئن ڪيان ٿو ياد محفل پير جي،
جان ۽ دل کي وڃي ٿو غم وٺي.
جو بھ آيو ٿي جماعت ۾ بشر،
دل ڦرايائين ٿي پنھنجي سر بسر.
درد جون دانھون ڪري عاشق اھو،
لامڪان تائين ٿي لحظي ۾ پڳو.
روڄ ۽ راڙو ھيو ھيھات ھئي،
ڪين ڪنھن کي ڪابھ وائي وات ھئي.
رڙ ڪري ھر ھڪ رنو ٿي سربسر،
جان ۽ تن جي نھ ھئي ڪنھن کي خبر.
جنھن مٿان ٿي پير ڦيرائي نظر،
سو حواسن کان رھيو ٿي بي خبر.
ان جي سامھون منھن ڪرڻ جي ڇا مجال،
ڪير آڏو ٿي ڏسي ان جو جمال.
شير وانگر مست ديواني نظر،
سڀ کي حيرت ۾ وڌو ٿي سربسر.
دل جي درياءَ جوش کاڌس ٿي گھڻو،
فيض بخشيائين ٿي ماڻھن کي گھڻو.
ٻئي ڏھاڙي مون کي ھيئن مرشد چيو،
”پاڻ ڪر تون پنھنجي ھستي کي ڦٽو.
پنھنجي ھستي سان ڪندين جيڪي ثواب،
تنھنجي رستي ۾ اھي ٿيندا حجاب.
سربسر سڀني ثوابن جا حجاب،
بڻجي ويندا جان تنھنجي تي عذاب.
جو سچي دل سان نمازون ٿو پڙھي،
ڪين ان تي ڪا ملامت ٿي اچي.
بي خيالو ٿي نھ پڙھ ھرگز نماز،
ڇڏ ھجڻ کي پوءِ ڪر جائز نماز.
بيخودي ۾ ٺيڪ پڙھجي ٿي نماز،
پر خودي ۾ غير ٿئي ٿو سازباز.“
ڪير آھي جو تلاوت ٿو ڪري؟
ڪير ويھي ۽ وظيفا ٿو پڙھي؟
ڪير طاعت ۾ جھڪائي ٿو ڇڏي؟
ڪير آھي جو ڪنبائي ٿو ڇڏي؟
پنھنجي ھستي کي ڪڏھن وچ ۾ نھ آڻ،
پاڻ کان پاسي ٿي دلبر کي سڃاڻ.
تون ڪڏھن ناھين اھو آھي خدا،
پر ڪٿي آھي خدا توکان جدا.
”مان اسان“ سڀ ڪجھھ انھي کي ڄاڻ تون،
پاڻ کي ھرگز نھ وچ ۾ آڻ تون.
سر جھڪائي ٿو پڙھي بعضي نماز،
ناز ۾ بعضي رھي ٿو بي نياز.
بيخودي ۾ رھ سدائين ڇڏ خودي،
لھھ خبر الله جي اسرار جي.
خودبخود تسبيح ڦيرائي ٿو پاڻ،
جان پنھنجي تي جڻيو پائي ٿو پاڻ.
تلڪ پيشاني تي لائي ٿو ڪڏھن،
پنھنجو رخ رنگين بڻائي ٿو ڪڏھن.
ھر وڳي ۾ ملڪ جو مالڪ سڃاڻ،
ھر ذري پرزي ۾ ان جي ذات ڄاڻ.
ھن يقيني راھ کان تون منھن نھ موڙ،
جابجا ھر شيءِ ۾ آ جاني جي جوڙ.
آھي سارو جڳ انھي مولا جي ذات،
ڄاڻ ھرجا ذات ان جي جون صفات.
پنھنجي ھستي ساڻ جو ڪجھھ ٿو ڪرين،
ڪجھھ نھ آھي راھ ڪھڙي ٿو وٺين.
جي خدا سان صرف ھڪڙو دم رھين،
بيخودي ۾ پنھنجي ھستي کي ڇڏين.
پاڻ ڄاڻين ھٿ ڪيم پروردگار،
ايترو ئي آھي ڪافي ”آشڪار“.
ھٿ ڪري وٺ راھ وحدت جي اھا،
ڪر انھيءَ ۾ سير ڪثرت جو سدا.
ڄاڻ ھڪ وحدت ۾ ڪثرت سربسر،
عشق جي منزل ۾ ڪوئي شڪ نھ ڪر.
جڳ ۾ تون ۽ تو ۾ آھي جڳ سڄو،
رک پڪو پختو عقيدو ھي سچو.
در حقيقت آھي سارو جڳ خيال،
وھم آھي ان جي ساري قيل قال.
اصل ۾ آھي جو پائي پير ھت،
اندر ۽ ٻاھر سمائي ڪير ھت.
سخت حيرت جي جڳھھ آھي اھا،
ھن جڳھھ تي پير ۽ سر گــُم ٿيا.
جسم توڙي جان باقي ڇا بچي،
ھن جڳھھ تي ھي نڪو ھو ٿو رھي.
ھاءِ ڪير آھي خيالي ھي جھان،
گفتگو ساري ڀلا آئي ڪٿان.
بحر وحدت جي اٿل کاڌي جڏھن،
غرق ٿيس حيرت جي موجن ۾ تڏھن.
”مان، اسان ۽ تون“ ٿياسون گم صفا،
جابجا ٿيو بحر اعظم جو لقا.
غسل واري وٽ ڏسي مردي جو حال،
پنھنجي ھستي جو وٺي ڇڏ تون مثال.
مان ٿيس مردو اھو آھي حيات،
ھو ھلائي ٿو ھلان ٿو ڏينھن رات.
*
(وڌيڪ پڙهو) |