سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام رشيد الله

صفحو :6

پير سائين رشيدالدين جو ڪلام ٽن ٻولين ۾ چيل آهي. ساڳيءَ طرح رشدالله شاهه جن پڻ ساڳين ٽن ٻولين (سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي) ۾ شعر چيو آهي.

ٻنهي بزرگن جي ڪلام ۾ اڪثر ڪري تضمين طور ساڳيون قرآن مجيد جون آيتون، حديثون ۽ عربي مقولا ڪم آيل آهن. مطلب ته پير سائين رشدالله شاهه جي ڪلام تي گهڻي کان گهڻو اثر سندس والد جي ڪلام جو پيل آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ضخامت جي لحاظ سان پڻ ذري گهٽ ڪلام هڪ جيترو اٿن. البته پير سائين رشيدالدين شاهه رحه جن غزل ڪو نه چيا آهن، پر رشدالله شاهه رحه غزل چيا آهن.

شاهه ڀٽائي رح جي شعر جو اثر:

هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونه آهي ته رشدالله شاهه رحه جن جي شعر تي گهڻي کان گهڻو اثر سندس والد پير رشيدالدين رحه جو پيل آهي. مگر هن ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته شاهه صاحب جي خيالن، تمثيلن ۽ ڪلام جو اثر به سندن ڪلام تي گهرو پيل آهي. پير رشدالله جي ڪلام ۾ ڳچ جيتريون ڪافيون اهڙيون آهن جن تي سنئون سڌو سيد عبداللطيف رحه جي ڪلام جو اثر پيل آهي. ساڳيءَ طرح پير صاحب جن بيت مورڳو ست چيا آهن مگر انهن تي به شاهه صاحب جي بيتن جو اثر پيل آهي:

شاهه صاحب جي هڪ ڪافي هيٺئين ٿل سان شروع ٿئي ٿي.

”پيرين پوندي سانِ- چوندي سانِ- رهي وڃ رات ڀنڀور ۾.“

پير سائين جن انهيءَ ڪافيءَ جي تتبع تي هيءَ ڪافي چئي آهي:

ڪافي

ٿل- پيرين پوندي سانِ- چوندي سانِ ڏونگر تنهن جا ڏکڙا.

1- پٿون ڪري پاڻ کي- ڏوري ڏسندي سانِ.

2- ٻڌي ٻانهون نياز سان- نيچي نوندي سانِ.

3- ڪهي ڪرڙا ڪان هي- موٽي ملندي سانِ.

4- برڪت ساڻ بلوچ جي- رڙهي رسندي سانِ.

5- رُلي ڇلي رڻن مان- آخر الندي سانِ.

6- وٺي واٽ وريام جي- واڳون وٺندي سانِ.

7- اٿم اميد الهه بخش چوي- پهچي پسندي سانِ.

 

بيت

شاهه :     جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه نماز.

                             سڀ وڃائي ساز تهان پوءِ تڪبير چئه.

پير سائين: تان تان ناهه نماز، جان جان ڀانئين پاڻ،

                              ترڪ ڪري سڀ تاڻ، تهان پوءِ تڪبير چئه.

شاهه:        جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود،

                              وڃائي وجود- تهان پوءِ تڪبير چئه.

پير سائين:    جان جان ڀانئين پاڻ کي تان تان ناهه حضور،

                              ڪري آءُ عبور- تهان پوءِ تڪبير چئه.

 

حافظ شيرازيءَ جو اثر:

هن کان اڳ اهو بحث ٿي چڪو آهي ته پير صاحب جن وڏا عالم هئا. وٽن ڪتب خانو به هو ۽ مطالع جو شوق به ڏاڍو هونِ. ايتري قدر جو سڄي ڪتب خاني ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب ڪو نه آهي، جيڪو پاڻ نه پڙهيو هجين ۽ ان تي پنهنجا نوٽ نه هنيا  هجن. حافظ شيرازيءَ جي ديوان جو پڻ کين کي نهايت گهرو مطالعو هو. پاڻ حافظ صاحب جي شعر کان متاثر ٿي فارسي خواه سنڌي غزل چيا اٿن. ڪي غزل ته سندن اهڙا به آهن جي حافظ جي غزل جو ترجمو آهن. ان کانسواءِ پاڻ حافظ جي غزلن جا مطلع مصرع، طرح طور وٺي به غزل چيا اٿن. چند مثال هتي ڏجن ٿا:

غزل فارسي

پير سائين: الا يا ايها الساقي آدرڪا ساً و ناولها.

      که با اين ره شود شايد- قطع اين دور منزلها.

حافظ:    الا يا ايها الساقي آدرڪا ساً و ناولها،

      که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها.

حافظ صاحب جي هڪ غزل جو مطلع آهي:

تعالي الله چه دولت دارم امشب،

که آمدِ ناگهان دوست دارم امشب.

پير صاحب جن انهيءَ غزل کان متاثر ٿي هيٺيون سنڌي غزل چيو آهي:

 

اڄ اسان جي عيش جو ڇا شان آهه،

مجلسِ معشوق در ميخانه آهه.

1- جام، مئي، ساقي صراحي ساز جو،

هر طرح هر طور سڀ سامان آهه.

2- گم ڪئي غم راه پنهنجي روه ۾،

ذوق کان دل شوق ۾ شادان آهه.

3- خام خطرن کان اندر آزاد ٿيو،

تازگيءَ سان تن گهڻو تازان آهه.

4- غنچهءِ گل ٿي کلي باغِ بهار،

  بلبلِ جانِ چه خوش الحان آهه.

 

 

5- جنتِ خلدي سندو کوليو خدا

                 بي شبه بي شڪ اديون ايوان آهه.

6- آس اڄ اوّاه جي اتمام ٿي.

                 فادخليءَ جو لاءِ تنهن فرمان آهه.

        مٿيون ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته پير سائين رشدالله جن جي ڪلام تي سنئون سڌو اثر انهن ٽن شخصيتن جي ڪلام جو پيو آهي. انهن مان به سڀني کان وڌيڪ اثر سندن والد پير سائين رشيدالدين شاهه جي ڪلام جو پيو اٿن. ان بعد غزلن تي حافظ شيرازي ۽ بيتن خواه ڪن ڪافين تي شاهه صاحب جن جي شعر جو اثر پيل اٿن.

همعصر/  عمر ۾ وڏا شاعر:

        مٿين ٽنهي شاعرن کي پير سائين جن جا استاد شاعر چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي. پوءِ جيتوڻيڪ پوين ٻن جي حاضريءَ ۾ پاڻ ڪو نه رهيا آهن. تاهم روحانيت جي حالت ۾ سندن شاگردي تسليم ڪئي اٿن. ان بعد ٻين ٻن ماڻهن جو پتو پوي ٿو، جي شاگرد پير سائين بيعت وارن جا آهن، مگر صحبت پير رشدالله شاهه جن جي ۾ به رهيا آهن. انهن جي ڪلام تي اثر ضرور پير رشيدالدين رحه جي ڪلام جو پيل هوندو. مگر ڇاڪاڻ ته پير سائين رشدالله شاهه جن جي ڪلام ۽ هنن ٻنهي صاحبن جي ڪلام ۾ ڪافي هڪجهڙائي نظر ٿي اچي. تنهن ڪري غالب گمان آهي ته هڪ ٻئي کان متاٿر ٿي ڪلام چيو هجين. اهي ٻه ماڻهو آهن 1- خليفو محمد خان جمالي رحه، 2- محمد خان ٽالپر. هن هيٺ اسان انهن ٻن بزرگن جو مختصر طور ذڪر ڪري، سندن ڪلام جا چند ٽڪرا ڏيون ٿا.

خليفو محمد خان جمالي:

        محمد خان ولد غلام محمد خان جمالي سڪرنڊ تعلقي جو ويٺل هو. هيءُ وڏو عالم هو ۽ مناظره جي  خيال سان پير رشيدالدين شاهه جن وٽ آيو. ڪامل ولي الله جي نظر جو شڪار ٿيو عالم مان بدلجي درويش ٿي پيو. پير سائين جن کيس خلافت جو خرقه عطا ڪيو. ان بعد خليفو سڏجڻ ۾ آيو. پير سائين جن جي صحبت ۾ ۽ سندن تتبع تي مولود. ڪافيون، لوليون، مداحون ۽ بيت خواه خطبا جوڙيائين.

سندس سمورو ڪلام پڙهجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته خليفي صاحب لاءِ پير سائين رشيدالدين جو فڪر رهنما ٿيو آهي. هن هيٺ سندس صرف اهو ڪلام ڏجي ٿو، جنهن جي هڪجهڙائي رشدالله شاهه جن جي ڪلام سان آهي:

ڪافي

خليفو صاحب:

 

مديني ملڻ جو آهي روح رايو،

سنڀر ساٿ ويڙو سهي ڪرتون سعيو.

1- ڏاڍو زوق زاري- هلي ڪر هچاري،

وتين ڇو ويچاري- پري پير پايو.

2- اکين ڪاڻ غريبن- ڇڏيو تاب تريبن.

سدا منجهه سريبن- چڱو رڻ چتايو.

3- روضي پاس روئي- دغا ڇڏ تون ڌوئي،

شر ۽ شرڪ سڀوئي- ڪڍي ڪوڙ ڪايو.

 

4- روضي پاس راحت- سدائين صلاحت

مٺي سان ملاحت- حرم ۾ هلايو.

5- خالي ڪر خليفا- لعلڻ ريءَ لطيفا،

ساري ڏس- صحيفا اندر يار آيو.

-*-

رشدالله رحه:

ڪافي

         ٿل: مرسل سان ميلو موليٰ ڪاري- موليٰ ڪاري

          هادي هڪ واري- مهند نه ماري.

1- من سيراني حديث حقاني- ڪري مهرباني- ڏاتر ڏيکاري.

2-   ڏيندم اهڙو نور، جنهن سان آءٌ ضرور- پسنديس پهرئين پور پيغمبر پڌاري.

3-   اٿم اها آس- پنهنجي پرينءَ پاس خادم ٿينديس خاص- در، دُر ڌاري.

4-  رحماً رشدالله- شاهن سندو شاهه بخشي سڀ گناهه- سادن سپاري.

 

        خليفي صاحب جي ڪلام مان ٻيا به ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا انهيءَ لاءِ ته هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ته پير سائين ۽ خليفه صاحب جن هڪ مڪتب فڪر جا شاگرد هئا ۽ سندن ڪلام، قسم خواه فڪر جي لحاظ سان هڪ ٻئي جو عڪس آهي:

بيت

ڏيرن چيس ڏور- ڪيچ پراهون پنڌ،

جان رڙهي کنيم رند- ته وک نه پوي ويتري.

 

خطبي مان ٽڪرا

 

1- ساراهيان سبحان کي- هردم صفت حنان کي،

            مالڪ مٺي منان کي- وصفون وڏائيءَ جون وتر.

2- موليٰ نبي ان مان مڪا- مرسل مڙيئي جي هئا،

           دارو ڌڻيءَ سي سڀ ڌئا- انسان آدم جا پسر.

3- محمد چڱو ماڻهن چئين- ڪهڙا ڪبيرا تون ڪرين،

           واڌو ڪنا انهيءَ سنئين- بيحد گهڻا بسيار تر.

-*-

 

لولي

بسم الله سين هل تون بندا- منهن رکي مديني مندا،

صلواة پڙهه تون  گولا گندا- بلڪل گهڻي بسيار تر.

سيد مٺا سڻ تون سدا گولو ڪري تو در گدا،

انبار عصيانن ٻڌا- بخشش گهران تن جي بدر.

حامي اچو مئي ڏي هلي- محب ماندي ڏي ملهي.

ڳولي جهليم اوهان جي ڳلي- جڳ ۾ چئي جمالي جمر.

محمد خان ٽالپر:

 

محمد خان ولد علي محمد خان ٽالپر ڳوٺ محمد خان ٽالپر لڳ شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ويٺل هو. سندس ڌنڌو زمينداري هو. هيءُ بيمار ٿي پير سائين رشيدالدين رحه وٽ آيو پاڻ سندس علاج ڪيائون ۽ چڱو ڀلو ٿيو. محمد خان جڏهين اچي ڪوٽ تي رهيو. تڏهين مرشد سان سندس زياده نسبت ٿي ويئي، هن پوءِ ڪافيون چوڻ شروع ڪيون. سندس ڪافين مان پير سائين رشيدالدين شاهه رحه جي ڪافين وارو رنگ پيو بکي. هن درويش سنڌيءَ ۽ سرائيڪيءَ ۾ ڪافيون چيون آهن.

لولي

                     ڪيئن ڪريان وڃان ڪاڏي  يار،

                     ملڻ ناهي منهنجي وس ۾.

1- صبر ڪريان تان نه سري،

                      واڪا ڪريان تان نه وري،

   ڏوري ڏسان ڪهڙي ڏس ۾.

2- سرت  واريون  سمجهايو،

                      راز پريان جو رايو، مت ڏيو اوهين مان کي،

                       راول ٿئي جنهن سان رس ۾.   

3- جنهن ڏس جانب محمد آهي،

                   الو ميان، تن کي طلب تاڏي آهي،

                      روح هتي ناهي رس ۾.   

 

(2)

مين ته اصل ڪونون ڀوري يار،

چنگ رانجهن دي چر چوري.

 

 

مين تان اوڳي اصلانن، عشق نه ڄاڻان الوميان،

                               ڏاهي ڪنهين ڏور ڏوري. 

محمد آکي نوي ميان، گهن مت ماهي وي الو ميان،

                             ڀلي کامي شري کيڙا کوري. 

رشدالله شاهه جي شعر جو ٻين شاعرن جي شعر تي اثر:

        هن کان مٿي اهڙن شاعرن جو ذڪر ٿي آيو آهي، جن سان يا ته پير سائين جن جو شاعريءَ ۾ شاگرديءَ وارو ناتو هو يا اهي شاعر جن جي اثر هيٺ پير سائين رشدالله شاهه جن شعر چيو آهي. هن بعد اسان انهن شاعرن جو ذڪر ٿا ڪريون جن پير سائين رشدالله جي شعر کان متاثر ٿي شعر چيو آهي، نه رڳو متاثر ٿيا آهن پر کيس پنهنجو مربي به ڄاڻن ٿا.

مولوي محمد عثمان نورنگ زاده مرحوم:

        مولوي محمد عثمان ويٺل کورواه جو پير سائين رشدالله شاهه جن جو خاص مريد هو. پاڻ هڪ قابل مصنف ۽ بهترين شاعر هو. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان مجموعه خطبات سنڌي- اڪسير احمر، اسرارالجفر ۽ تفسير تنوير الايمان مشهور آهن. مولوي صاحب جن تي پير صاحب جن جو ڪيترو اثر هو. سو سندس هن بيان مان چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو. اهو اظهار هن تفسير تنويرالايمان جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. لکي ٿو ته: -

        ”مونکي اها پڪ آهي ته مون جهڙي ناقص، ڪم فهم ۽ ڪم علم  جي ڪهڙي جاءِ جو انهيءَ ڪلام پاڪ جو تفسير ڪريان . . .. . پر معلوم هجي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ خصوصاً سنڌ ۾ جناب معلي القاب، فياض زمان هاديءِ گمرهان حضرت پير سائين حاجي سيد رشدالله صاحب العلم (جهنڊي وارو) جهڙو نڪو ڪو آهي علامِ علم شريعت جو نڪو ڪو آهي غواص بحر حقيقت جو.

 

اشعار

 

1- مومنن جي لاءِ آهي رحمت حق هر زمان،

              وارثِ دينِ نبي آهي ڀلارو بي گمان.

2- علم ۾ علام جهڙس ڪونه ڏسندين ڪو ٻيو،

             فيضِ حق جو بحر جاري آهي تنهن وٽ بيڪران.

3- شل سدا الله تنهن جي نور سان روشن ڪري،

             سنڌ ساري بلڪ ملڪ ۽ سارو جهان.

4- وارثِ  علمِ  رسول  الله  رشدالله   آهه،

              آيت الله آهي نورالله هادي گمرهان.

 

        ان بعد لکي ٿو ته ”هن تفسير جو پهريون پاره تيار ڪري مرشد کي ڏيکاريم ۽ عرض ڪيم ته هن کي اصلاح به ڏيو ۽ هن جو نالو به رکو، ان گڏ دعا به ڪريو. پوءِ پاڻ وڏيءَ مهربانيءَ سان هن سڄي تفسير کي جاچي ڏٺائون ۽ ڪجهه اصلاح به ڪيائون. ۽ سندس نالو ”تنوير الايمان في تفسيرالقرآن“ رکيائون.

پير مظهرالدين شاهه راشدي مرحوم:

        پير مظهرالدين ولد پير هدايت الله مرحوم سندن سڳو سوٽ هو.  پير سائين رشدالله شاهه جن جي همشيره پڻ سندس گهر ۾ هئي. هن پير صاحب سان پير سائين جن جي نه رڳو ويجهي مائٽي هئي پر سندن قرب به هڪ ٻئي سان تمام گهڻو هو. ايتري قدر جو هڪ ٻئي کي عزيز سان گڏ دوست به ڄاڻندا هئا، پير مظهرالدين  تي انهيءَ صحبت جو اهو اثر ٿيو جو اعليٰ درجي جو شاعر ٿي پيو. سندس ڪلام به پير سائين جن وانگر سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي زبان ۾ آهي. ان کان وڌيڪ مظهرالدين اردوءَ ۾  ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ هڪ هڪ غزل ٺاهيو هو. انگريزي غزل جي صورتخطي سنڌي رکي ويئي. سندس ڪلام، ڪافين، مولودن، مداحن ۽ غزلن تي مشتمل آهي. هُجوم ۾ پڻ پير سائين جي ڪلام جيترو اٿس. اهو ڪلام پير جهنڊه وارن جي لائيبرريءَ ۾ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي ۽ راقم وٽ به هڪ نسخو قلمي آهي. سندس ڪلام جو نمونو هن هيٺ ڏجي ٿو: -

مدح

اي تون سردار ڌار ڏاتار ڏيهن مٿاهون مڙن خاتم المرسلين،

اجهو عالمن لاءِ آڌار امت جي- شهنشاه تون شافع المذنبين.

اي مٺا مظهرالدين مدامي اوهانجو ڀريل ساڻ عيبن من الخاطئين،

و ليڪن اوهين شافع المذنبين ۽ اوهان جو الله ارحم الراحمين.

 

-*-

سهرو

لکيءَ لاڏي سان عهد الــٰــهي ٿيو- ڀلي بنري تي فضل الــٰــهي ٿيو.

ثنا گوئي سندس مان هڪڙو- مظهرالدين مداحي ٿيو.

 

غزل فارسي

 

تاکه مظهرالدين جان جانان خوانده اند

بر سريد مملڪت ودلهاي سلطان خوانده اند

. . . . . . . . . . . . . . . .  . . . . . . . . . . . . .الخ

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

 

غزل اردو

آج ڪيسا دن دلا رنگين هوا- مطرب و ساقي  ساز رنگين هوا.

شيشه رنگين جام رنگين سي نگر- خانه رنگين و هوا رنگين هوا.

فرش رنگين و سقف رنگين سربسر-  بسته و بالين بهلا رنگين هوا.

دوست ميري پاس آيا اس طرح- هاتهه رنگين و قبا رنگين هوا.

مظهرالدين پر پڙاجب پرتوا- صبغة الله سي سدا رنگين هوا.

-*-

پير رشدالله شاهه جن جي هيٺئين غزل کان متاثر ٿي مظهرالدين ساڳيءَ معنيٰ وارو غزل انگريزيءَ ۾ چيو.

رشدالله شاهه:

اي مٺا محبوب مون کي منهن منور تون ڏيکار

هي سڀيئي اندوه دل جا فضل پنهنجي ساڻ ٽار.

1- ڪرم ڪر تون يار جاني مل اچي مشتاق کي،

   پريم ڪر پيمان پورو ڪا گهڙي گهر منهنجي گهار.

            . . . . . . . . . . . . . .  . . . . . .  . . . ..  . .الخ.

 

مظهرالدين:

پليز شو مي يؤر نائيس فيس،

دَئٽ آئي شل نو ٿائوزنڊس گائيڊينس.

سنس ويري لانگ فار دائي ميٽ وٿ،

لُڪ هو آئي هيو ماءِ اِلِ يوزڊ ڪيس.

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . الخ.

 

        پاڻ انسان ۽ موليٰ پاڪ جي وچ ۾ پردو آهي. پاڻ کي پري ڪرڻ سان ئي انسان ذات، الــٰـهيءَ جو ديدار حاصل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ موضوع کي پير سائين رشدالله شاهه هن طرح نباهيو آهي؛-

ڪافي

اهو جو ٿو پسين- سو ٿو پاڻ پسين- ڇو ٿو پاڻ ڦسين.

اتاري اکين تان عڪس اناني- ليو پائي پس پاڪ پيشاني،

مان ۾ منجهي ڇو ٿو مرد مسين.

اوڍي عينڪ بي يبصر جي- سک تون سرت سري انا سر جي،

ته اتا هان انھ عين ڏسين.

اڇلي اٽڪ آءٌ اونده عميٰ ۾- چست نظر رکي نور سما ۾،

ته حق هڪ کي ري حجاب رسين.

اچي فڪر ۾ جو سڀ فاني- لاحول لاشڪ آهي لاثاني.

هلي هل حبَ ۾ ڇو ٿي گسين.

رشدالله  رشيد ٿيو رهبر- ولهن واه سچو آهه سرور،

حڪم تنهن جي کي مڃ ته هسين.

-*-

 

ڪافي

 

مظهرالدين:

 

            پردو آهي پاڻ- پاڻ وڃاءِ ته پرکي پهچين.

1- ونحن اقرب و في انفسڪم- سائين توئي ساڻ.

2- وهم دوئيءَ جو  دور ڪري ڏس- وحدت وارو وٿاڻ.

3- ملڻ مرڻ ريءَ مور نه حاصل- ڄاڻ اهو ٿي ڄاڻ.

4- مظهرالدين پنهنجو پاڻ وڃائين- پوءِ تون پاڻ سڃاڻ.

-*-

 

حافظ فيض محمد جمالي:

        هيءُ فقير ماڙي جلباڻي تعلقي سڪرنڊ جو ويٺل هو. پير سائين رشدالله شاهه جن جي صحبت ۾ سڄي عمر گذري ويس.  پنهنجي مرشد تي مفتون هوندو هو. پير سائين جن جي صحبت ۾ شعر چيائين. سندس شعر جو تمام گهڻو حصو مدحيه آهي. باقي جيڪو شعر اٿس ان ۾ شريعت جي پابنديءَ تي زور ڏنو اٿس. حافظ جي شعر تي پير رشدالله شاهه مرحوم جن جي شعر جو پورو عڪس پيل آهي. حافظ جون سنڌيءَ خواه سرائيڪيءَ ۾ جملي ڇهاسي ڪافيون هٿ آيون آهن. باقي جيڪو ڪلام هٿ آيو آهي ان ۾ ڇهاسي بيت ۽ هڪ مولود اٿس. راقم وٽ اهو ڪلام به قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن هيٺ چند مثال ڏجن ٿا جن مان پڌرو ٿيندو ته فيض محمد جي شعر تي پير سائين جن جي شعر جو ڪيترو اثر پيو آهي.

ڪافي

رشدالله:

 

                نور چٽو نروار ڏٺم- پنهنجي پيرل جو ميان.

1-   بي يبصر ۽ بي  يسمع جو- عين اندر اسرار ڏٺم.

2-   انا احمد وارو اونهو اشارو- تحت قبا تڪرار ڏٺم.

3-  ذوق ذڪرالله زيارت اندر- ظاهر لئه زوار ڏٺم.

4-      لتخرج الناس الظلمات الـــٰي نور- درس اهو ديدار ڏٺم.

ڪافي

فيض محمد:

 

          درد وارن کي ڏي دلداري – جهنڊي وارا يار.

1- طالب تنهن جا توڙ رسائج- هن دنيا ۾ ڪين ڦاسائج،

        نيئي پهچائج پينار.

2- درد وارن جون سڻي دانهون- نيئي پهچائج وٺي ٻانهون،

                                                        سيد تون سردار.

3- مرشد سائين ٿو پاڻ لڪائين- مرسل سان ٿو گڏ جو کائين،

                                                         آءُ ته ڏيان آءٌ توکي پار.

4- فيض محمد ٻانهو تنهنجو – ڪين ڇڏج هي گولو پنهنجو.

                                                         سيد لهج سار سنڀار.

 

مولود

رشدالله:

            مُٺيءَ جو ميڙ مرسل سان، ڪجو قادر قيامت ۾

1- پڇا ويرا مون کي وارث، رکج محفوظ حالت ۾

2- مدد ٿج مالڪا منهنجي، جهليندم جت جنابت ۾

3- لنگهائج پل اندر پُل تان، حامي پنهنجي حمايت ۾

4- حشر جي حول هيبت کان، رکج پرور پناهت ۾

مولود

فيض محمد:

ميلو ڪج موٽي الا منهنجو حضرت گهوٽ سان.

آءٌ ته اصل کان آهيان- لوڪ ساري ۾ لوٺي.

ويٺي نهاريان واٽڙي- اچي من اوٺي.

لڳي باهه برهه جي- پيرن کان وٺي چوٽي.

عاصي فيض محمد چوي- خيالن ڪئي آهيان کوٽي.

بيت

رشدالله :

تان تان ناهه نماز جان جان ڀائين پاڻ،

ترڪ ڪري سڀ تاڻ- تهان پوءِ تڪبير چئه.

 

فيض محمد:

ائين پڙهه نماز ڄڻ سائين ٿو ڏسي.

ڪر سجدو سائينءَ کي ۽ جانب رک جسي.

سائين ڀانئج سامهون ته اکر ڪين گُسي.

دلبر رکج دل ۾ جيئن گهڙي هڪ نه گُسي.

انهيءَ تي وسي محبت سندو مينهڙو.

        انهن شاعرن کانسواءِ  مولانا عبدالله لغاري، پير معشوق شاهه، مولانا غلام الرسول جتوئي، ثناءُ الله ثنائي، امير شاهه ڪڇ وارو، ملان اسماعيل ڪيريو چوٽياروي، پير امام الدين شاهه سندن ڀاءُ، پير سائين ضياءُ الدين شاهه ۽ احسان الله شاهه سندن فرزند، انهن پڻ سندن   صحبت ۾ اچي شعر چيو. جيتوڻيڪ انهن جو شعر  جملي گڏ ٿيل نه آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن هينئر ئي اک پٽبي ته اهو خزانو گم ٿيڻ کان بچي پوندو.

        جهنڊائي خاندان ۽ سندن متعلقين جيڪا علم ادب جي خدمت ڪئي آهي، ان لاءِ جدا ڪتاب گهرجي. الله تعاليٰ پنهنجي ڪنهن بنده کي اهڙي همت ڏيندو جيڪو اهڙو تذڪرو تيار ڪندو، جنهن ۾ مٿين سڀني شاعرن ۽ پير سائين رشدالله شاهه جي پونيرن (محمود شاهه سائل، جو سندن ڀائٽيو آهي. جو پير سائين محب الله شاهه، پير بديع الدين شاهه ۽ پير محي الدين شاهه جن سندن پوٽا آهن ۽ اعليٰ درجي جا شاعر آهن) جي ادبي خدمات جو ذڪر ڪيل هجي. اهڙي ڪتاب تيار ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي. ان بعد ئي خبر پوندي ته هنن بزرگن علم ادب بابت ڇاڇا ڪيو آهي.

ڪلام  ۾ معنوي خوبيون ۽ ان جا موضوع:

هر هڪ شاعر جي ڪلام ۾ ڪي نه ڪي خصوصي خوبيون هونديون آهن، جن جي ڪري سندس ڪلام زنده رهي سگهندو آهي. ڪي شاعر اهڙا هوندا آهن جن جي ڪلام ۾ اهي جملي خوبيون هونديون آهن، جيڪي بين الاقوامي شاعر ۾ هئڻ گهرجن. پير سائين رشدالله شاهه جن جي شعر ۾ فڪر، تصور، ادب ۽ ٻوليءَ جون ڪاريگريون وغيره اهڙيون ته آهن جو انهن خوبين جي بيان ڪرڻ لاءِ  جدا ڪتاب گهربل ٿيندو. هنن چند ورقن تي جيڪڏهين انهن جو وستار ڪبو ته پوءِ اختصار کان ڪم وٺڻو پوندو. پير سائين جن جي ڪلام ۾ هيٺيون معنوي خوبيون آهن:

سنڌ جي شاعرن لاءِ هن کان اڳ لکجي چڪو آهي ته سندن شعر جي ظاهري خواه باطني ڇڪ ۽ ڪشش، محبوب حقيقيءَ ڏانهن هوندي آهي. پوءِ اهو محبوب ڪير به هجي. پير سائين جن جو تمام ٿورو ڪلام مدحيه آهي، جنهن ۾ حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم ۽ پنهنجي مرشد جي تعريف ڪئي اٿن، نه  ته سندن سڄو شعر تبليغ نصايح ۽ توحيد جي تعليم سان ٽمٽار ٿيو پيو آهي.

دنيا فاني آهي:

درويش لاءِ ضروري آهي ته دنيا ۾ ڪنهن تي به ڀروسو نه رکي ڇاڪاڻ ته بي بقا شين تي ڀروسو ڪرڻ چڱو نه آهي. ڪنهن سچ چيو آهي ته:

تڪيه بر ديوار ڪردم- بر سرم باريد خاڪ

خاڪ بادا برسرِ که او تڪيه برغيري کنند.

 

پير سائين جن ٽيهه اکريءَ جي پهرئين بيت ۾ هيئن ٿا فرمائين:

الف: اوريان آسرا ڇڏيا آديسين،

                         ومن يتوڪل علي الله فهو حسبھ رکي ان کي من،

                         ڏيئي ٻين کي ٻن وڃي رسيا رام کي.

محبت جي راه ۾ تڪليفون سهجن:

مولــٰي پاڪ جي طالبن کي دنياوي تڪليفون ڏسڻيون پونديون جيتوڻيڪ اهي تڪليفون دنيا وانگر پائيدار نه آهن، تاهم في الحال ته منجهايو وجهن. دنيا جا جيڪي به اوالعزم انسان ٿي گذريا آهن، انهن سڀني کي سندن عظمت مطابق تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون آهن. مگر آخر ۾ سندن ئي فتح آهي، صحابي رضي الله عنهم جهاد وقت هميشه هي خيال رکندا هئا ته کٽيوسون ته غازي، ڪٺاسون ته شهيد، ان وانگر رشدالله شاهه پڻ طالب کي سمجهائي ٿو ته تڪليفون ڏسي ڊڄين متان. سهوليتون ۽ سهنجايون نه ڳول، سر جو سانگو لاهي عشق جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پئو. جي طلب ۾ مري وئين ته به ڪمايئه ۽ جي محبوب سان ملئين ته به سٺو ٿيو.

لڙ ڏسي لهرين جا دَهلُ نه ڪر دير،

ڪري پئه ڪپر تان ڳولين ڇو ٿي گهيڙ،

سانگو رکي ساهه جو وڃاءِ مَ وير،

ٻڏين تان پڻ ٻيڻو ٿيو پهتينءَ تان پڻ خير،

آب اڀي پير لنگهي ويندينءَ لطف سان.

فاني شين سان دل نه لائجي:

        هيءَ دنيا رڳو ٺلهو بوتو آهي، اسان جو حقيقي وطن به هيءُ نه آهي. انسان هتي مسافر آهي. چار ڏينهن قسمت جا ڪاٽي  پنهنجي اصلي وطن انهن هليو ويندو. بلڪل ائين جيئن ڪو پکي اڏامي ٿڪي پوي ۽ ڪنهن وڻ تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اچي ويهي ۽ جڏهن اٿي وڃي تڏهين سندس نشان به نه رهي. ساڳيءَ طرح طالب به آهي. اهڙيءَ حالت ۾ کيس هن دنيا سان دل ڳنڍڻ نه گهرجي. هتي به پنهنجي خالق مالڪ حقيقيءَ سان محبت رکڻ گهرجي.

ڪافي

            پکيڙا پرديس ۾ روح نه ڪنهن سان گڏ ميان،

1- ماڳ نه هي ميلاپ جو – هم جو هنڌ آهي هڏ ميان.

2- دنيا ساڻيھ سور جو – ڪري لمحو لڏ ميان.

3- سايو ساعت لاءِ گهڻو – اوڳا تنهن ۾ نه اڏ ميان.

4- سورن وارا سڱ جي – ڇني سڀيئي ڇڏ ميان.

سانوڻ سائينءَ کان سواءِ – سوريءَ ڪنهن کي نه سڏ ميان.5-

الله وارو ڪو ڪو آهي:

        الله پاڪ جي محبت جي دعويٰ هر ڪو ٿو ڪري، پر انهيءَ دعويٰ ۾ سچو ڪو ڪو ماڻهو آهي. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ هي ڳالهيون ضروري آهن: توحيد تي پڪو هجي. الله وارن سان محبت هجيس ۽ انهن سان واڳيل هجي، جنهن کي الله علم ڏئي. محبت جي ميدان ۾ تڪليفن کان نه ڊڄي ۽ آرام طلب نه هجي.

ڪافي

 

ٿل: رنگ رنگيءَ جي رتي ڪا – هزارن ۾ هڪڙي.

1- وتي چري وحدت جو – محبت منجهه متي ڪا.

2-  صفت صبغت الله جي -  سکي هوندي ستي ڪا.

3- جبل جهاڳي جت لاءِ – طلب منجهه تتي ڪا.

4- ڇلي پوندي ڇپر ۾- گهوٽ جي جنهن کي گتي ڪا.

5- پهچي ڪڏهين ڪينڪي – سيجن تي ته ستي ڪا.

6- پٺيءَ پير پنهل جي- سيد ٿيندي جُتي ڪا.

محبت لاءِ سوال سائين کي ڪجي:

        پنهنجي مولا پاڪ کان جيڪي گهربو سو ملندو۽ طالب لاءِ نهايت ضروري آهي ته هو معمولي شيءِ به  سائين کان گهري. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته توهان جي جتيءَ  جي ڳلي ڇڄي پوي، پيسا به هجنو، ڳنڍڻ وارو به موجود هجي ته به پنهنجي خدا کان سوال گهرو ته موليٰ پاڪ منهنجي هن ڪم ۾ مدد ڪج. الــٰهي عشق جيڪو انسان جو حقيقي مقصد آهي، ان لاءِ تمام ضروري آهي ته عجز ۽ نئڙت سان مولا پاڪ کان مدد گهرجي، ڇو ته رب سائينءَ کان ڪنهن به حالت ۾ بي نياز ٿيڻو نه آهي. پير رشدالله شاهه سائين اهو سبق اجهو هن طرح ٿو پڪو ڪري ۽ ٻين لاءِ گس ٺاهيو ڇڏي .

ٿل: سائين مون کي سڪ جو سبق سيکار- ٻي واتون وائي وسار.

         درس ويهاري دردوندن جي- ڳڻتيون منهنجون ڳار.

         ٽڳا ٽيڏا سڀئي ٽوڙي- وٺي وٽ ۾ ويهار.

          ذرو ذوق ذڪر جو ڏيئي- جڏو جيئڙو جيار.

         منگان محبت ري نامور نه- سو مون ڏيج ڏيار.

         رشدالله جي روح اندر ۾- ياد رهين تون يار.

 

ٻانهو بي وس آهي:

درويش جڏهين فنا في الله جي منزل کي پهچي ٿو تڏهين پاڻ ڪجهه به نٿو رهي. سندس حالت محبوب جي هر هڪ صفت سان گڏ بدلبي رهي ٿي. هن جي پنهنجي طبيعت تي ڪا به  دسترس نه آهي، سندس وس ڪو به ڪو نه ٿو هلي، نڪو وري هلائڻ جي ڪوشش ئي ڪري ٿو. اِهو مضمون پير صاحب رحه هيئن سمجهايو ۽ بيان ڪيو آهي:

ٿل: ڳالهه ڪهڙي مان ڪيان ڪيان – پنهنجي پورن جي ميان.

1-   يحي، يميت سان ياري پائي – دم مران دم جيان جيان.

2-         ڪڏهين ڪُل ۾ ڪڏهين جز ۾ - ڪٿ منهن ڪين ۾ ڏيان ڏيان.

3-  ڪٿي عابد ڪٿي فاسق – ڪٿي ٻئي نا ٿيان ٿيان.

4-  ڪڏهين جلالي ڪڏهين جمالي – ڏيلا ڏيک ڏيان ڏيان.

5-   ڪڏهين بادل ڪڏهين بودل- ڪڏهين بي دل سهيان سهيان.

6-    ڪڏهين سڪر جا – ڪٿ سڪر جا – پر پيالا پيو پيان پيان.

7-  رشدالله کي رمز رنگيءَ جي- هوان ڪڍيو ني هيان هيان.

 

درويشن کي دنيا جي ڪاڻ نه آهي:

        الهه جي راه ۾ هلندي جيڪڏهين دنيا جا لاڳاپا ڇڄن ته ڀلي ڇني ڇڏجن. اهڙا درويش هن دنيا ۾ پيا آهن جيڪي ٻنهي جهانن جو آسرو  لاهيو وتن: هنن کي کپي يار جو ديدار، ٻيو هن دنيا جي مزن ۽ بهشت جي سوادن کي ڇا ڪندا. اهڙا ماڻهو اهڙي غار ۾ ٿا وڃيو پون ۽ غرق ٿين، جتان سندن نڪرڻ نهايت مشڪل آهي. انهن جيئري ئي پاڻ کي ماري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري سندن ڪل ڪم ڪاريون هلڪا ٿي ويا. جيڪڏهين قسمت  سان ڪو اهڙو درويش هٿ اچي وڃي ته ان جي پيرن جي جُتي ٿي وڃجي. پير سائين جن اهو خيال پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح پيش ڪيو آهي:

 

ڪافي

ٿل: صفا سمورا سڱ ڇني – گوبو ويا گرنار ۾،

               ڪانوٽيا ڪهسار ۾ - ڪامل ڪارونڀار ۾.

1-   هِن هُن جڳ جو لاهي آسانگو- لڄ شرم جو لنگهيا لانگهو،

نانءُ  رکايائون  سر  تي نانگو  – ترڪ  ڪئي ڪل ڳالهه تني،

                                                                                  دور ٿيا هن دار ۾.

2-  سڃ اختيار ڪري آديسي – ڇڏي ديس ٿيا پرديسي،

                 سمجهي صحت اتي ماهيسي – ويا ڳجهي ڪا ڳلي ڳنهي،

                                                                                  اونهي ڏاڍي غار ۾.

3-  موتوا واري واٽ وتائون -  پنهنجو پاڻ پڻي ڪيائون،

                سڌون سموريون صاف سٽيائون- رهيم نه من ۾ ماءُ متي،

                                                                                   هلڪا ٿيا هرڪار ۾.

 

4- منهن ماهيسين نور الــٰهي – رشدالله حضور الــٰهي،

ديد ديدار دستور  الــٰهي – هيڏي ملي آهه بخش جني،

تن جي پئه پيزار ۾.

ٻانهون نيٺ ٻانهون:

 

ٻانهون ڪيترو به مٿانهون ٿيندو ته به عبدالله هوندو ۽ خود خدا نه ٿيندو. جيڪي ماڻهو اهڙي دعويٰ ڪن ٿا (همئه اوست جا قائل) اهي دراصل ڪو نه ٿا سمجهن. لومڙي ۽ شينهن به ڪو هڪ جهڙا ٿيا؟ الله تعاليٰ جهڙو ڪير به ڪونه آهي. هن جهڙو ٿيڻ ته پري ٿيو پر سندس تعريف جي پڄاڻي ڪرڻ به ناممڪن آهي. ٻانهي کي گهرجي ته نئڙت نه ڇڏي. گولي ٿي گذاري ته پوءِ محب ملندس. پير سائين جن اهو مضمون هن ريت نباهيو آهي:-

ڪافي

سائينءَ سان ڇا سينو ساهي – ٻانهي ملهه وڪاڻي.

شينهن سان ڪئين شامل ٿيندي لونبڙ نڌر نماڻي.

ليس ڪمثلڳ لا شڪ لالڻ- مان آهيان مئي مهاڻي.

صفت ڪري صاحب جي – ڪندو ڪير پڄاڻي.

رشدالله چئي رحمئون- ڪندو گوليءَ سان گڏجاڻي.

الله تو ۾ آهي:

انسان جي دل ڪعبة الله آهي. اها موليٰ جي رهڻ جي جاءِ آهي. انسان پنهنجي بي سمجهيءَ سبب اها ڳالهه ڪا نه ٿو سمجهي. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته سڄي بدن ۾ هڪ گوشت جو ٽڪرو آهي، ان جي خراب ٿيڻ سان سڄو بدن خراب ٿيو وڃي ۽ ان جي سٺي ٿيڻ سان سڄو بدن سٺو ٿيو وڃي. طالب جي لاءِ ضروري آهي ته پاڻ کي سڃاڻي . الله تعاليٰ فرمايو آهي ته آءٌ ٻانهي کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهيان. ۽ جيڏانهن به نهاريندو اوڏانهين پنهنجو رب ڏسندؤ. انسان الله تعاليٰ جو رازدان آهي ۽ کيس رب فرمائي ٿو ته تون رڳو سعيو ڪر ته آءٌ پاڻهي تنهنجو وسيلو ٿيندس. پير سائينءَ جي ڪلام ۾ اهي ڳالهيون نهايت سهڻي نموني سمجهايل آهن.


*  پير رشيدالدين سندن والد پاڻ ڪن فقيرن جا نالا پنهنجي شعر ۾ وڌا آهن. ساڳيءَ طرح پير رشدالله پڻ ڪيو آهي. دراصل ڪافي سندن چيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org