ڀاڱو ٻيون
شعر ۽ شعري
ماحول:
پير صاحب جن جا وڏا قادري ۽ نقشبندي طريقن جا مرشد
هئا. انهن ٻنهي طريقن ۾ بغير ساز سرود جي ڳائڻ
ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته راڳ هڪ طرف روح جي راحت آهي
ته ٻئي طرف طبيعت ۾ رقت ٿو پيدا ڪري. اهو ئي سبب
آهي جو درويشن وٽ سماع نهايت لازمي آهي.
پير سائين رشيدالدين بيعت واري وٽ حاجي الهه بخش
فقير
هميشه درگاهه تي رهندو هو ۽ سندس
آواز اهڙو ته مٺو هوندو هو جو چون ٿا ته جڏهين هو
ڪو ڪلام شروع ڪندو هو تڏهين ٻڌندڙن کي وجد ۾ آڻي
ڇڏيندو هو. پير جهنڊي وارن جي جماعت ۾ اڃا ڳچ
جيترا ماڻهو حيات آهن، جن حاجي الهه بخش ابڙي کي
ڏٺو هو. هيءُ فقير هر وقت مجلس ۾ حاضر رهندو هو ۽
جڏهين پير سائين جن وردن وظيفن کان واندا ٿيندا
هئا تڏهين نهايت سريلي آواز سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو
ڪلام چوندو هو.
حاجي الله بخش فقير کانسواءِ ٻيا به ڪي فقير پير
ڪوٽ تي رهندا هئا، جيڪي ڪافيون ڳائيندا هئا. حاجي
غلام حسين ٽالپر ويٺل ڳوٺ محمد خان ٽالپر لڳ
شهدادپور ڳالهه ڪئي ته منهنجو والد مرحوم محمد خان
قريباً ويهارو سال پير سائين بيعت وارن جي صحبت ۾
رهيو هو. سندن آواز نهايت وڻندڙ هوندو هو ۽ الله
بخش فقير ابڙي سان گڏجي ڪافيون ڳائيندو هو. هتي
يعني پير جي ڳوٺ رهڻ ڪري سندس شاعريءَ جو ملڪو وڌي
ويو ۽ شعر چيائين. حاجي غلام حسين وڌيڪ سندسوالد
لاءِ ٻڌايو ته سندس ڪافين جو ڪتاب سندس هٿ اکرين
لکيل هو پر اهو گم ٿي ويو.
خليفو محمد خان جمالي مرحوم جنهن لاءِ هن کان اڳي
لکي آيا آهيون ته پير سائين جن جو خاص خليفو ۽
الله وارو هو ۽ نهايت وڏو عالم هو، ان تي به هنن
مجلسن جو ايڏو اٿر ٿيو جو شعر چوڻ شروع ڪيائين.
سندس ڪجهه احوال رساله مهراڻ جي سوانح نمبر 1957ع
۾ آيو آهي. جو رئيس نور محمد خان جماليءَ، ڳوٺ
نبي بخش جمالي تعلقي هالا جي ڏنو آهي. خليفي صاحب
جو سمورو ڪلام رئيس وٽ محفوظ آهي.
راقم جا وڏا پير سائين جهنڊه وارن جا مريد هئا.
انهن جي واتان به واندڪائيءَ جي وقت ۾ ڪيترائي
ڀيرا ترنم سان ڪافين ٻڌڻ جو موقعو مليو هوم. ان
وقت ته ڪا به خبر ڪا نه هوندي هئي، مگر هڻي خبر ٿي
پوي ته اهو مرشدن جي ماحول جو اثر هو.
مون کي موجوده ٽنهي درگاهن تي وڃن جا موقعا تمام
گهڻا ملندا آهن. اڃا تائين به پراڻا فقير جڏهين
ايندا آهن تڏهين ويٺا ڳائيندا آهن. حاجي يوسف
جمالي، صالح فقير جمالي ۽ صديق فقير ڪنڀر
انهيءَ زماني جا ماڻهو آهن، انهن جو جڏهين به
درگاهه تي اچڻ ٿيندو آهي تڏهين ضرور روڻ ڀوڻ ڪندا
آهن.
پير سائين جن جڏهين جاءِ تان ٻاهر ايندا هئا تڏهين
به فقير دروازي تي ويٺا مولود چوندا هئا ۽ پير
سائين جن جي ٻاهران اچڻ تي ته وڏي آواز مولود چيا
ويندا هئا. اهو رواج هاڻي قريباً بند ٿي چڪو آهي.
تنهن هوندي به ڪي ٻڍڙا فقير اڃا تائين پنهنجي رسم
کي وٺيو اچن.
بنده کي سال 1955ع کان 1957ع تائين پير سائين
ضياءَ الدين شاهه صاحب العلم الخامس جن جي صحبت ۾
رهڻ جو موقعو مليو آهي. ڪيترا ڀيرا پير سائين جن
کي سندن والد يا پير سائين بيعت وارن جون ڪافيون
ترم سان چوندي ٻڌو. ان وقت پاڻ زارو قطار روئندا
هئا.
سنڌ جا شاعر جيڪي به ٿي گذريا آهن، انهن ۾ اڪثر
حصو عالمن جو آهي. باقي جيڪي آهن، انهن مان به ڳچ
جيترا ته عالمن جا صحبتي ٿا معلوم ٿين. ڇا به هجي
ته به سنڌ جي سڀني شاعرن جو مول مقصد هو روحانيت
جي تبليغ ڪرڻ. اهو ئي سبب آهي جو قاضي قاضن ۽ شاهه
عبدالڪريم جيڪي ابتدائي شاعر ٿا معلوم ٿين
انهن جي ڪلام ۾ روحانيت جي تبليغ ٿي نظر اچي. ٺتوي
عالمن ته ديني مسائل، فقھ جا ڪتاب ۽ قرآن مجيد جا
ترجمان به نظم ۾ ڪيا. پير جهنڊه وارن جي ڪتب خاني
۾ اهي ۽ ٻيا شعر جا ڪتاب قلمي حالت ۾ پيل آهن، جي
مون پاڻ ڏٺا آهن. ساڳيءَ طرح شاهه صاحب رحه پڻ
توحيد ۽ روحانيت جو مبلغ اعظم آهي. انهيءَ حالت ۾
لازمي آهي ته هر اهو عالم ۽ باعمل ماڻهو، جنهن جو
تصوف سان واسطو هجي سو ضرور شعر چوي.
پير سائين جن جي لائبرريءَ ۾ عربي، فارسي اردو ۽
سنڌيءَ ۾ شعرن جا ڪتاب تمام گهڻا پيل آهن ۽ اهي
پير سائين جن جا پڙهيل هئا. سندن نوٽ انهن ڪتابن
تي لڳل آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ فهيم ۽ صاحبِ دل
عالم تي ضرور اڳين شاعرن جو اثر ٿيڻ گهرجي. پير
سائين رشدالله شاهه جن حافظ شيرازي رحه جي غزل،
”ساقيا برخيز درده جام را- خاک برسرڪن غمِ ايام
را“ . کان متاٿر ٿي انهيءَ غزل جو ترجمو ڪيو آهي:
اي اٿي ساقي ڀري ڏي جام کي،
خاڪ هڻ تون غم سندي ايام کي.
----
1- ڏي پيالو مئي سندو تان ڏنهن مٿي،
آءٌ ڪڍان هن گودڙيءَ بدنام کي.
2- آهي جي وٽ عاقلن خواري گهڻي،
مان گهران ٿو ڪين ننگ ۽ نام کي.
3- ڏي پيالا ڪيترا ڏينهن هن شراب،
خاڪ هڻ هن نفس نافر جام کي.
4- دود دانهن دل ڏکويل مون سندي،
ساڙيو جي درد وارن خام کي.
5- ڪونه ڏسندو سرو ڏي ٻيهر وري،
جنهن ڏٺو ان سروَ سيم اندام کي.
6- ساڻ دلبر آهه خوش خاطر گهڻو،
باريڪ نيئين دل ڪنا آرام جي.
7- حال ڀائي دل چري پنهنجي سندو،
ڪين ڀانيان خاص ٿو ۽ عام کي.
8- ڪر صبر سيد مٿي ڏک ڏينهن رات،
نيٺ لهندين ڏينهن هڪ تون ڪام کي.
پير سائين جن ديوان حافظ جو نه رڳو گهرو
مطالعو ڪيو آهي پر ان کان پوريءَ طرح متاثر به ٿيا
آهن. مٿئين ترجمه کانسواءِ پاڻ هڪ غزل اهڙو به چيو
اٿن جنهن ۾ اڌ سنڌي ۽ اڌ پارسي آهي. پارسيءَ
واريون سٽون حافظ جي غزل جون آهن.
ملاحظه ڪريو:
مطلع: ڪڏهين ايندو وري والي- برين عشاق افتاده،
ڪندو مئيءَ جو اندر خالي- زغم
دوري رخ ساده.
مقطع: ڪرين ڪن ڳالهه پهرينءَ کي- صبر برگير
رشدالله،
آهي سرڪار لا اُبالي- سواران
راڪند پياده.
پير سائين جن ٻيو هڪ فارسي غزل چيوآهي،
جنهن ۾ شروعات حافظ جي پهرئين غزل جي پهرينءَ مصرع
سان ڪئي اٿن:
الا يا ايها الساقي آدرڪاشا د نادلها،
که با اين ره شود شايد قطع اين دور منزلها.
راشدي خاندان سنڌ ۾ نهايت اعليٰ درجي جو خاندان
آهي، سندن علمي ۽ ادبي خدمتون ايتريون ته ڪيل آهن
جو جيڪڏهن سندن خاندان جي ادبي تاريخ لکجي ته
نهايت لاجواب ٿئي. هن خاندان ۾ تمام گهڻا ماڻهو
بهترين شاعر ٿي گذريا آهن. هڪ علمي خاندان جو عالم
فرد ان تي سندس وڏن جو اثر پوڻ نهايت لازمي آهي.
ڇاڪاڻ ته موروثي اثر مڃيل حقيقت آهي. ان کانسواءِ
سندن والد ۽ مرشد پير سائين رشيدالدين شاهه، اعليٰ
درجي جا شاعر هئا. سندن شعر جو ڪتاب سنه 1329هه ۾
سندن فرزند پير ميان ياسين شاهه عرف پير محبوب
شاهه حيدري پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جنهن ۾
ٻه سؤ نَوَ ڪافيون، چار لوليون، هڪ ڇلو، ٻه مولود
۽ ڪجهه بيت لکيل آهن. اهڙي الله واري ۽ شاعر جي
صحبت ۾ رهندڙ ماڻهوءَ تي شاعرانه خيالن جا اثر پوڻ
هڪ اڻ گسُ امر آهي.
مٿين ڳالهين مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پير رشدالله شاهه
جن جي شاعر ٿيڻ لاءِ سڀ ڪجهه موجود هو. ماحول،
موروثي اثر ڪتابن جي مطالع جو اثر، سماع جون
جلسون، روحانيت ۽ ان جي تبليغ جا جذبات، مطلب ته
هر اها ڳالهه جا شاعر کي گهرجي اها پير سائين جن
وٽ موجود هئي. اهو ئي سبب هو جو پير سائين جن
اعليٰ شاعر ٿي پيا.
هڪ عام غلط خيال جو ازالو:
هيستائين جن به مؤلفن- مصنفن ۽ محققن شاعرن تي جو
به ڪجهه لکيو آهي ان ۾ هيئن ضرور ڄاڻايو اٿن ته هن
بزرگ کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي، جنهن سندس ڪپاٽ
کولي ڇڏيا. ڪي ليکڪ ته مورڳو مجازي عشق کي حقيقي
عشق لاءِ پُل ٿا ڄاڻن. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ هو
ڪن حالتن ۾ ڪوڙا قصا ٺاهيو به بزرگن ڏانهن منسوب
ڪن. جي ڪو قصو نه ٿا ٺاهيو سگهن يا ايمانداري
اجازت نٿي ڏئين ته به هيئن ضرو چون ٿا ته ”هن کي
ضرور مجازي عشق جي چوٽ آئي هوندي. دراصل اهو ڪُليه
قاعدو نه آهي، جنهن تي هروڀرو زور ڏجي ۽ من گهڙت
قصن سان کيس ثابت ڪجي. ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهين
پنجن شاعرن مان ڪنهن هڪ لاءِ مجازي عشق ثابت نه
ٿيو ته قاعدي جو عام هجڻ غلط ثابت ٿي پوندو. اسان
هن جاءِ تي ضروري ٿا سمجهون ته اويسي لفظ جي معنيٰ
۽ مفهوم سمجهائي پوءِ مٿئين قاعده تي تنقيد
ڪريون.
عام طور اويسي طريقو صوفيانه الفاظن ۾ هن کي چئبو
آهي ته جيڪو ماڻهو ظاهر ۾ ڪنهن جي به بيعت ۾ نه
هجي پر روحاني طور يا خواب جي ذريعي ڪنهن اصحاب
سڳوري رضه يا حضور صلي الله عليھ وسلم جن کان فيض
حاصل ڪيو هجيس، ان کي اويسي طريقي جو درويش چئبو.
هنن لفظن تي غور ڪرڻ بعد معلوم ٿي ويندو ته جهڙيءَ
طرح ظاهري مرشد وٺڻ کانسواءِ به ماڻهو روحانيت جو
صاحب ٿي سگهي ٿو. تهڙيءَ طرح مجازي عشق کانسواءِ
به ماڻهو حقيقي عشق وارو ٿي سگهي ٿو. ڇا اصحاب
سڳورا صاحبِ حال نه هئا؟ جي هائو ته پوءِ انهن
ڪهڙو مجازي عشق ڪيو. هتي ڪو صاحب کڻي چوي ته اهي
جو نبي عليھ صلواة والسلام جن جا شيدائي هئا، انهن
لاءِ هيءُ جواب آهي ته ”اطيعو الله واطيعوا رسول“
مان معلوم آهي ته الله ۽ رسول جي اطاعت ڪرڻي آهي.
يعني جنهن رسول جي اطاعت ڪئي، تنهن الله تعاليٰ جي
اطاعت ڪئي. ساڳيءَ طرح رسول خدا جي محبت ڄڻ ته خدا
جي محبت آهي. هن ۾ شخصيت پرستيءَ جو ڪو به سوال ڪو
نه آهي، مجازي عشق ۾ شخصيت پرستي هوندي آهي.
هن ڳالهه جي صفائيءَ بعد اسان هن چوڻ تي حق بجانت
آهيون ته سڀ ڪنهن درويش لاءِ مجازي عشق ضروري نه
آهي. انهيءَ ڳالهه مڃڻ بعد انهيءَ قاعدن جون حدون
هاڻي وسيع نه رهيون. پير سائين رشدالله شاهه رحه
جن پنهنجي مرشد جا تابعدار هئا. جنهن کين متابعت
نبوي ۽ الله تعاليٰ جي اطاعت کانسواءِ ٻي ڪا به
ڳالهه ڪا نه سيکاري. اهو ئي سبب آهي جو پير سائين
جن ڏانهن مجازي عشق جي نسبت ڪري نٿي سگهجي. عشق جي
ميدان ۾ پاڻ ”اويسي“ آهن. سندن شعر جي مطالعي مان
معلوم ٿيندو ته سندن جملي شعر ۾ ڪنهن به جاءِ تي
مجازيءَ جي بوءِ به ڪانه ٿي اچي.
سندن استاد شاعر ۽ انهن جي شعر جو اثر:
طريقت جي اصولن موجب پهريون درجو فنا في الشيخ
آهي. ان بعد فنا في الرسول ۽ آخر ۾ فنا في الله.
پير سائين رشدالله شاهه جن بلند پايه جا درويش هئا
۽ پاڻ اهي سڀ منزلون طئي ڪيون هئائون. سندن فنائيت
جو اهو حال جو هر حال ۾ مرشد ۾ فنا هئا. ڇا خوراڪ
۽ پوشاڪ، ڇا اٿڻي ويهڻي ڇا عبادتون. مطلب پوريءَ
طرح پنهنجي شيخ ۾ فنا هئا. اهڙيءَ صورت ۾ سندن شعر
جو حقيقي استاد صرف مرشد ئي ٿي ٿو سگهي ۽ هو به
ائين. پير سائين بيعت وارن جو ڪلام ڏسي سندس فرزند
جو ڪلام ڏسبو ته پوريءَ طرح معلوم ٿيندو ته پير
سائين رشدالله شاهه جي سڄي ڪلام تي سندس والد جو
اثر آهي. هن هيٺ چند اشعار ٻنهي بزرگن جا ڏيئي،
اسان اها ڳالهه ثابت ٿا ڪريون ته پير رشيدالدين
شاهه جن کي جڏهين پير محمد ياسين شاهه ڄائو تڏهين
پاڻ هيٺيون سهرو ٺاهيو هئائون:
سَهرو پير رشيدالدين شاهه جو چيل.
سدا سايو،
رب جو رايو پير
محبوب شاهه تي.
1- عمر ڏني اٿس آگي اعظم دين سندو دعيو.
2- اميءَ عالم ۾ ڪئي اظهاري مليس من لڌنا مايو.
3- الله اسان تي ڪئي احساني ڳڻ سندس ڳايو.
4- رحمت عام ڪئي رب پرور- ڄام جڏهين ڄايو.
5- شرق غرب ۾ ٿيا شڪرانا پير جو پيو پايو.
6- مومن مغفور ٿيو موليٰ جو چت ۾ جنهن چاهيو.
7- شاه شريعت جي ٿي شادي- ستڙ ٿيو سعيو.
8- سور ياسين ساره سيد جي فائق فرمايو.
9- پاران پيغمبر جي ڪيو پورو لائق منهنجو لايو.
10- ٻڌي موڙ والي والضحيٰ جا عالم لئه آيو.
11- اوليائي تحت قبائي پوش پانو پايو.
12- رشيدالدين ٿورا مڃ رب جا نرڙ سدا نايو.
سهرو پير رشدالله شاه جو چيل
سچو سرور دين موليٰ ملايو- سرتيون نت آيو- سوته
ڀلي ڄايو.
1- پنيون اميدان- ٿيون اڄ عيدان- واليءَ ولهيءَ جو
ويڙهو وسايو.
2- گلم گياليون هنڌ هنڌ نراليون- ويل انهيءَ ۾ آڻي
وڇايو.
3- مشڪ ملايو عنبر آڻايو- گلن ڦلن سان ڇت ڇنڊي
ڇايو.
4- خير مبارڪ ڏيئي اچي هر هڪ- سائينءَ لايو ڪييو
سجايو.
5- سرتيون سهيليون، ساجهر سويليون ڳيچ منهنجي گهر
گڏجي ڳايو.
6- شربت شيريني فالودو فرني- ويڙهي ويڙهي ويهي
ورهايو.
7- هيرا جهنور زيورن زيور- گوهر تان سڀ گهور
گهمايو.
8- لک لک ڀيرا ڪيان سوڀيرا- رب پڄايو روح جو رايو.
9- آءٌ اڄاڻي آهي سڄاڻي- سيد پنهنجو پاڻ ڀلايو.
10- مٽي مدائي منهنجي ندائي- پير پکي اچي پرور
پايو.
11- بخت منهنجو بالا ڪيو رب تعاليٰ- سهج ٿيو مون
سان سڀني سوايو.
12- رشدالله سنجهه صباح- نم درداتا نرڙ نوايو.
--
ٻنهي سهرن ۾ ساڳيو قافيو آهي. هر هڪ ۾ ٻارهن
مصرعون آهن،
پنهنجي فرزندن جا اصلي نالا وڏن جا اٿن ان سبب کين
ٻين نالن سان سڏيو اٿن ته متان چڙ وقت وڏن جي نالي
وٺڻ سان کين گهٽ وڌ ڳالهائي وجهون. ساڳئيءَ طرح-
ڳڻ ڳايو- پير (پانو) پايو- نرڙ نوايو وغيره اصطلاح
پڻ ساڳيءَ سٽ ۾ ڪم آندا اٿن.
پيرسائين بيعت وارن چار لوليون چيون آهن. جيڪي
حضور عليھ الصلواة والسلام ۽ پير سائين جن جي
مرشد جي شان ۾ چيل آهن. چئني لولين ۾ جملي ڇٽيهه
بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ چار سٽون آهن. ان بعد
اٿلاڻي آهي. ساڳيءَ طرح رشدالله شاهه جن پڻ پنهنجي
والد جي تتبع تي لولي چئي آهي، جا پاڻ مرشد جي
تعريف ۾ چئي اٿن. لوليءَ ۾ ڪل ٽيهه بند آهن ۽ هر
هڪ بند چئن سٽن جو آهي. اٿلاڻي به هر هڪ بند جي
پٺيان آهي. طوالت سبب صرف هڪ هڪ بند ڏجي ٿو، جيئن
ٻنهي لولين جي بناوت، خيالات ۽ ٻوليءَ مان پورو
اندازو لڳائي سگهجي:-
پير سائين بيعت وارا:-
ثابت اسان کي سنڌ ۾ موليٰ ملايو.
وما ارسلنا من رسول الا بلسان قومھ فائق فرمايو.
لٿو شڪ لواءِ سان جڏهين پرور پسايو.
سڀ مٿي سايو هجي شاه حمد جو.
آءُ وري سڄڻ آءُ وري.
-*-
رشدالله شاهه:-
لِواءَ ڏٺي لالن جي پون شڪ لهي.
ڪَسون ڪٽون قلب جون وڃن ڪل ڪهي.
بيرق جي برڪت سان- ٿئي سينو صاف صحيح.
اولي هيٺ رهي دم ڏس رشدالله چوي.
وه واه سڄڻ وه واه.
پير رشد الدين جن جي هڪ لولي الف- بي وار چيل آهي.
جنهن ۾ پاڻ شين تائين بند جوڙيا اٿن. پير رشدالله
وري ان جي تتبع ۾ ٽيهه اکري ٺاهي آهي. لوليءَ خواه
ٽيهه اکريءَ جي ٻولي خواه مضمون بلڪل هڪجهڙا آهن.
فرق صرف هيءُ آهي جو هوءَ لولي آهي ۽ هي بيت آهن:
لولي پير سائين بيعت وارو
1- الف احببت جو جڏهين راول رکيو رايو،
اُعرف جو عاجز لئه تو سعيو سنباهيو،
ونحن اقرب جي نار ۾ منهنجو روحڙو
ريجهايو،
سرت سمجهايو توهان تبصرون جي.
2- بي بره جو باب ٿيو سڪ جي ڪاڻ سبب،
محب معنيٰ جو ڪيو محبت منتخب،
خلق الانسان من تفاوت ۾ سر رکيائون سڀ،
رهبر ٿيو رب جاني جدائيءَ جو.
سي حرفي پير رشدالله رحه
1- الف اوريان آسرا ڇڏيا آديسن،
وَمَن يتوڪل علي الله فهو حسبھ رکي ان کي من،
ڏيئي ٻين کي ٻن وڃي رسيا رام کي.
2- بي- بيهن نه ڪنهين ائين پيا اورين،
مڻيون محبتي من ۾ سڀڪنهن دم سورين،
من طلب شيئًا وَجد وجد ڳوريو پيا ڳورين،
جوش انهيءَ ۾ جهورين- جوڳي پنهنجي جيءَ کي.
چون ٿا ته هڪ دفعي پير سائين رشيدالدين شاهه جن ڪڇ
ڀڄ ڏانهن سفر تي ويا هئا. انهيءَ سفر ۾ ساڻن گڏ
پير محمد ياسين شاهه عرف پير محبوب شاهه به هو. ان
وقت پير محبوب شاهه ننڍو هو. جتي منزل هين اتي
مڇر، ڄوا، منگهڻ ۽ ڪارڙا گهڻا هئا، جن جي چڪن پائڻ
سبب محبوب شاهه کي ننڊ نه آئي. پير سائين بيعت
وارن کي ان ڳالهه جو ڏاڍو اثر ٿيو ۽ پاڻ هيٺيون
ڪلام چيائون:
ٿل: مڇر محبوب کي نا چئه- پگهر پاسي وڃي تون پئه.
1- خليفو خاص خالق جو- مٺو محبوب مالڪ جو،
بدن تنهنجي کون رک تون ڀئه.
2- ڪهي وڃ ڪارڙا ڪنهن ڏس- منگهڻ کي ڏيھ ڪو ٻيو ڏس.
ڄوَن جي شل وڃي سڀ ڄو.
پير نورالدين شاهه ولد پير رشدالله شاهه تي نالو
پير سائين بيعت وارن جو آهي. والد جي ادب سبب پير
سائين رشدالله شاهه جن، کين رشيدالدين جي عيوض
نورالدين سڏيندا هئا، جنهن نالي سان اڄ سوڌو مشهور
آهي. پير سائين جن جو هن پٽ سان پيءُ(مرشد) جي
نالي سبب ڏاڍو پيار هو. پاڻ به پنهنجي والد
بزرگوار وانگر پٽ کي هڪ ڪلام ۾ هن طرح دعا ڪئي
اٿن:
ٿل- نورشاهه نوري- هوت حضوري. ڪندو پيغمبر جي پرڪل
پوري.
1- ٻي يبصر جو بهروان بيشڪ- ذوق ذڪر الله تنهن ۾
ضروري.
2- ڪنز مخفي آهي تحت قبا جي- پرس اها ڪنهن پيرولي
پروڙي.
3- مثل نورهِ حضيٰ مربيءَ جي- طور چڙهي پس طور
ظهوري.
4- جام جم جو جامو جانب جو- دل مان وئي ڪر دور
دهوري.
5- آئينه سڪندر عين عجيبن- احول پٽي ڏس عين اڌوري.
6- زاد طعام جي ظن کي زائي- ذات پسج اتهون ظاهر
ظهوري.
7- رشدالله چوي ري شڪ آهي- صورت سيرت ساڳي سموري.
پير سائين بيعت وارن جيڪو به ڪلام چيو آهي، ان ۾
گهڻو ڪري پنهنجو سڄو نالو ڪم آندو اٿن- ۽ نالي جي
اڳيان اڪثر ڪري (رحماً رشيدالدين چوي….. الخ)
رحماً لفظ ڪم آندو اٿن. ساڳيءَ طرح سندس فرزند به
پنهنجي ڪلام ۾ نالي وجهڻ وقت ڪيو آهي:
رحماً رشيدالدين چوي- ميلو ڪندو مختار.
رحماً رشدالله، شاهن سندو شاهه بخشي، سڀ گناهه
سادن سپاري.
ڪي ڪلام اهڙا به ملن ٿا جي چيل سندن آهن مگر نالا
ٻين ماڻهن جا پيل اٿن. مون سان درگاهه شريف جي هڪ
جهوني مريد ڳالهه ڪئي ته پير سائين جن بعض حالتن ۾
ڪن حال وارن فقيرن جا نالا پنهنجي شعر ۾ وجهي
ڇڏيندا هئا. اهو اڪثر هن حالت ۾ ٿيندو هو جو جيڪي
فقير سندن خدمت ۾ مٺي سر سان ڳائيندا هئا ۽ پاڻ
کانئن راضي ٿيندا هئا ته پوءِ اهو سندن راضپي جو
انعام هوندو هو.
پير سائين رشيدالدين شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هيٺين
ماڻهن جا نالا ڪم آندا آهن:
نورل فقير، محبو فقير، محمد عالم، عبداللطيف، الهه
بخش، صابر فقير، عيسو فقير، محمد، گيهي شاهه،
يوسف، عبدالڪريم، مهدي شاهه، جمال، حافظ، ابراهيم
وغيره. هڪ ڪافيءَ ۾ خود رشدالله شاهه جو نالو به
وڌو اٿن.
پنهنجي مرشد ۽ شاعريءَ ۾ استاد جي پيروي ڪندي
رشدالله شاهه جن پڻ ڪن ماڻهن جا نالا پنهنجي شعر ۾
ڪم آندا آهن. انهن مان ڪجهه هي آهن:
الهه بخش فقير، سانوڻ فقير، علي خان، ناٿو فقير،
الهرکيو، حسين، دوست محمد، مولينون ۽ مرزو فقير.
|