سنڌي ڪتاب
1-
(ترجمه) حصن حصين (قلمي پيل آهي).
2-
سمر آخرت ترجمه سفر سعادت (اڌ ڇپايل، باقي ڪتاب
قلمي پيل آهي)
3-
شرح الاسماءُ الحسنيٰ (ڇپايل)
4-
ننڍن ڳوٺن ۾ نماز، جمع جي جواز بابت رسالو.
5-
رفع الريب عن مسئلة علم الغيب.
پارسي ڪتاب
1- تذديه الباب.
عربي ڪتاب
1-
البقريٰ المصلي الجمھ في القريٰ (قلمي).
2-
درج الدرر في وضع الايدي علي الصدر- (ڇپيل)،
مخدوم محمد هاشم جي ڪتاب جي رد ۾.
3-
ڪشف الاستار عن رجال معاني الاثار (ڇپيل)
طحاديءَ جا اسماء الرجال.
4-
نشاط الراغبين في تخريخ احاديث صراط الطالبين.
5-
هدية القلامس في الصلواة في القلانس.
6-
ڪشف الحقيقة عن احڪام العقيقة.
7-
التقريرالسني في تحرير طهارت المني.
8-
القول الانور في حڪم جواز بس الثوب الاحمر.
9-
القول الاظهر في جواز بس الثوب الاصفر.
10-الحڪم
المضبوط في جواز الحرير المخلوط
11-
الاعلام براوية الامام (اسماء رجال مسند ابي
حنيفه)
12-القول
الامتن في حڪم التتن الانتن.
اردوڪتاب
1-
عين المتانة في جواز تڪرار الجماعة.
انهن ڪتابن کان سواءِ ٻيا به رسالا لکيا اٿن، ليڪن
هينئر انهن جو ملڻ نهايت مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته سندن
وفات بعد گاديءَ تان جيڪا ڪشمڪش هلي انهيءَ ۾ ڪتب
خانه کي به وڏو نقصان پهتو هو، ۽ اهڙِ افراتفريءَ
جي دور ۾ ڪنهن کي حوصلو هوندو ه جو سندن ٽڙيل
پکڙيل پنا گڏ ڪري رکي. مٿيان ڄاڻايل ڪتاب ڳوٺ پير
جهنڊه وارا پراڻو ۽ درگاهه شريف نئون پير ڪوٽ جي
ڪتب خانن ۾ موجود آهن.
مولانا رشدالله شاهه جن جنهن دور ۾ پيدا ٿيا اهو
دور عربي ۽ ديني علم جو دور هو، تنهن ڪري سندن وقت
۾ وڏا وڏا عالم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندا هئا. جن
سان سندن خاص ملاقاتون يا بحث مباحثا ٿيندا هئا.
هن هيٺ صرف انهن جو ذڪر ڪرڻ ۾ ايندو. ان وقت جي
عالمن کي تعلقاتن ۽ عمر جي بنيادن تي ٽن حصن ۾
ورهايو ويندو.
1- پهريان اهي عالم جيڪي کانئن عمر ۾ وڏا ۽ سندن
استاد هئا.
2- اهي عالم جيڪي سندن هم سبق ٿي رهيا هئا.
3- اهي عالم جيڪي سندن هم عمر هئا.
1- کانئن عمر ۾ وڏا عالم ۽ سندن استاد:
هن کان اڳ سندن استادن بابت ذڪر ٿي چڪو آهي، تنهن
هوندي به موضوع جي اعتبار سان انهن جو وري ذڪر ڪجي
ٿو. سندن استادن ۾ سندن مرشد پڻ شمار ٿيندو ۽ اهو
به وقت جو برک عالم روحاني هو.
حضرت پير سائين رشيدالدين صاحب العلم
الثالث. قاضي عبدالغني کڏهري مرحوم، قاضي فتح محمد
مرحوم ۽ مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم.
2- سندن هم ڪلاس عالم:
سندن تعليم واري باب ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته پاڻ
مدرسي ۾ ويهي ڪو نه پڙهيو هئائون جو سندن هم ڪلاس
شاگرد گهڻا هجن، سندن والد صاحب کين جدا استاد رکي
ڏنا هئا. تنهن ڪري صرف هڪ عالم سڳوري مولوي محمد
بچل صاحب درس عرف مشائخ پوٽو هنڱورنو تعلقه کپرو
واري جو نالو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو، جيڪو
ساڻن هم سبق ٿي رهيو آهي.
2- سندن هم عمر عالم:
استاد الڪل امام المدرسين مولانا محمد صاحب
احمداڻي لغاري مرحوم.
مولانا عبدالله صاحب لغاري مرحوم، مولانا
عبدالغفور صاحب مفتون همايوني مرحوم، مولانا محمد
عمر ولد قاضي عبدلاغني کڏهري مرحوم، مولانا محمد
صادق صاحب مرحوم (کڏه وارا)، مولوي مير محمد صاحب
نورنگي مرحوم، قاضي سيد اسدالله شاهه ٽکڙائي
مرحوم، مولانا حسن الله صاحب پاٽائي مرحوم، ۽ مفتي
سعدالله صاحب انصاري هالائي جيڪو خيرپور ميرس ۾
مفتي هو.
مٿين سڀني عالمن سڳورن سان سندن سٺا تعلقات هوندا
هئا ۽ ساڻن جلد جلد ملندا رهندا هئا. انهن مان ڪي
عالم سندن استاد هئا ۽ ڪي سندن مدرسه ۾ استاد ٿي
رهيا هئا. ڪن سان وري سندن علمي بحث مباحثا هلندا
رهندا هئا. وٽن عالمن جي نهايت گهڻي عزت هوندي
هئي. جيڪڏهن ڪو ٻاهريون عالم سڳورو وٽن ايندو هو
ته پاڻ کيس امام ٿيڻ لاءِ چوندا هئا ۽ سندس پٺيان
نماز پڙهندا هئا.
سندن همعصر بزرگ ۽ الله وارا:
سندن زماني ۾ خاص طور تي هيٺيان الله وارا بزرگ ٿي
گذريا آهن، جن جي فيض جو هوڪو اڄ تائين به سنڌ جي
ٻچي ٻچي جي ڪنن تائين پهچي رهيو آهي:
1- حضرت مولانا خليفه غلام محمد صاحب دين پوري
رحمة الله عليھ (رياست بهاولپور).
2- حضرت مولانا تاج محمود صاحب مجاهد امروٽي رحمة
الله عليھ.
3- حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه صاحب پاڳاره
رحمة الله عليھ.
4- پير سائين حاجي امام الدين شاهه ٺلاه وارو رحمة
الله عليھ.
5- حافظ عبدالله صاحب سجاده نشين ڀرچونڊي شريف
رحمة الله عليھ.
6- حضرت مخدوم ظهيرالدين (عرف ميان پرو ڄام) سجاده
نشين درگاهه شريف هالا رحمة الله عليھ ۽
7- خليفه محمد خان جمالي مرحوم جو وقت جو وڏو عالم
۽ اهل الله هو.
مٿين بزرگن جا پير سائين رشدالله شاهه جن سان
نهايت گهرا تعلقات هوندا هئا ۽ مولانا خليفه غلام
محمد صاحب مرحوم جن لاءِ فرمائيندا هئا ته اسان
کان جيڪڏهن الله وارن بابت پڇيو وڃي ته اسان هوند
خليفه غلام محمد صاحب جن جو ڏس ڏيون.
خليفه محمد خان جمالي مرحوم کي سندن والد پير
سائين بيعت واري کان خلافت مليل هئي. خليفه صاحب
جن جي برڪت بابت هڪ مثال ڏيڻ نهايت موزون ٿو
ڄاڻان.
پير سائين بيعت وارن کي جڏهين سندن آخري وقت
واريءَ حالت ۾ جماعت وڃي ملي تڏهين کين عرض ڪيائون
ته قبله الله تعاليٰ کان دعا گهرو ته اسان جي
جماعت جا ماڻهو خليفه صاحب جهڙا برڪت وارا ٿين.
تنهن تي پير سائين مرحوم جن فرمايو ته دادا اوهين
دعا گهرو ته اسان جو اولاد شال خليفه صاحب جهڙو
ٿئي.“
مٿيان بزرگ شجاعت، دينداري خواه لِلهيت جي لحاظ
سان اعليٰ درجي جا انسان هئا.
وقت جي وڏن ماڻهن سان تعلقات:
سيد رشدالله شاهه جن پاڻ هر حيثيت سان وڏا ماڻهو
هئا. علم، بزرگي، خانداني طور خواه سماجي ڪارڪن جي
حيثيت سان سندن ذات گرامي ڪامل هئي. انهيءَ ڪري
عام طور انهيءَ وقت جي سڀني وڏن ماڻهن سان سندن
تعلقات سٺا هئا، مگر خصوصي طور سيدالهه آندو شاهه
مرحوم ۽ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ سان سندن
نهايت گهرا تعلقات هئا. مٿيان ٻئي بزرگ جي انڊين
ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر ۽سنڌ جا وڏي ۾ وڏا
ماڻهو هئا. انهن سان ايتري قدر ته تعلقات هين جو
سندن هر حڪم جي تعميل لاءِ ٻئي شخص هر وقت تيار
هوندا هئا.
پير سائين وهب الله شاهه صاحب العلم السادس ڳالهه
ڪئي ته، اسان جا وڏا ڳالهه ڪندا هئا ته پير سائين
خلافت وارا فرمائيندا هئا ته ”جيڪڏهن اتر طرف
اوهان با قبيلي ڪڏهين وڃو ۽ رات ٽڪڻ جي ضرورت
ٿئيوَ ته پوءِ سيد الهه آندي شاهه جن وٽ ترسجو ڇو
ته اهو اسان کي ڀائرن وانگر آهي“.
سندن تعلقات مخدوم صاحب ميان ظهيرالدين عرف پروڄام
جن سان به نهايت سهڻا هئا. مخدوم صاحب جن پنهنجا
ٻه فرزند مخدوم غلام محمد عرف گل پير مرحوم ۽
مخدوم عبدالحسين مرحوم به وٽن پڙهڻ لاءِ موڪليا
هئا.
خلافت تحريڪ ۽ پير سائين
رشدالله شاهه مرحوم:
سال 1338هه ۾ انگريزن چاهيو ته مسلمانن جون
حڪومتون هڪ ٻئي سان لاڳو آهن، انهن جا تعلقات پڻ ۾
خراب ڪجن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ئي سندن بقاءُ هو.
اهو ڦيٽاڙو هنن عربساتن ۾ وجهڻ ٿي چاهيو ڇاڪاڻ ته
اهو ملڪ مسلمانن جو مرڪزي ملڪ هو. انهيءَ ڪم کي
پايهء تڪميل تي پهچائڻ لاءِ هنن شريف حسين جي امير
المؤمنين هجڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. تحريڪ کي زور
وٺائڻ لاءِ جملي اسلامي ممالڪ ۾ ڪوشش ڪري ڪن
مولوين کي خريد ڪيو ويو يعني لالچون ڏيئي کانئن
اهڙيون فتوائون لکائي ملڪ ۾ پکيڙيون ويون ته خلافت
جو حقدار شريف حسين آهي ۽ نه وحيد الدين(ترڪ).
هندستان جي عالمن اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي ته
هيءَ ته هڪ سازش آهي جا صرف مسلمانن کي پاڻ ۾
ويڙهائڻ لاءِ سٽي ويئي آهي. تنهن ڪري هنن هندستان
۾ ان جي خلاف ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. يعني هنن هن ڳالهه
تي زور ڏنو ته ترڪيءَ جو حاڪم وحيد الدين اسلامي
ممالڪ لاءِ خليفه آهي. انهيءَ تحريڪ اڳتي هلي
نهايت گهڻو زور ورتو ۽ خلافت هلچل جي نالي سان
مشهور ٿي.
تاريخ 17- آڪٽوبر 1919ع تي سڄي هندستان ۾
وحيدالدين جي خلافت جي بقاء لاءِ دعائون گهريون
ويئون. اهو خلافت تحريڪ جو پهريون ڏينهن هو.
انگريزن سنڌ ۾ به اهو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي يعني اهڙي
تحرير لکائڻ گهريائون ٿي جنهن ۾ اهو ثابت ٿيل هجي
ته شريف حسين ئي خلافت جو حقدار آهي. آخرڪار مولوي
فيض اڪريم ٺاروشاهي لالچ جي ڏيڻ تي سندن دام ۾ اچي
ويو ۽ اهڙي فتويٰ لکي سرڪار کي ڏنائين، جنهن
انهيءَ تي پنهنجي طاقت جي آڌار تي صحيحون وٺڻ شروع
ڪيون.
ان وقت هالا ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر نبي بخش
هو، جنهن مولوي عبدالعزيز بن مولوي عبداللطيف
حيدرآباديءَ تي صحيحن وٺڻ جو ڪم رکيو. مٿيون مولوي
صاحب جڏهين پير سائين رشدالله جن جي خدمت ۾ پهتو.
تڏهين يڪدم پاڻ مدرسي جي عالمن کي گهرايائون. ڳچ
وقت جي بحث بعد هي طئي ٿيو ته پير سائين جن انهيءَ
رسالي تي مخالفت جي صحيح به نه ڪن. ڇاڪاڻ ته ممڪن
آهي ته گورنمينٽ ڪا ڊاه ڊوه ڪري دستخط ۽ مهر مان
ڪو غلط فائدو نه وٺي.
مولانا دين محمد وفائي مرحوم امروٽ شريف ۾ رهندو
هو. امروٽ شريف ۾ انوقت سجاده نشين مولانا تاج
محمود رح هئا. انهن جي صلاح سان مولانا وفائي
مرحوم هڪ فتويٰ لکي، جنهن ۾ ثابت ڪيو ويو هو ته
شريف حسين خليفو نه بلڪه باغي آهي. اتيجي عالمن
انهيءَ فتويٰ جي تصديق ڪئي. ان بعد مولانا وفائي
مرحوم ۽ مولوي شيخ عبدالعزيز مرحوم انهيءَ فتويٰ
تي عالمن کان صحيحون وٺڻ لاءِ سنڌ جي سير تي نڪتا.
هيڏانهن وري پير سائين جن مولوي عبدالقادر صاحب
احمداڻي سانگهڙائيءَ کي ارشاد ڪيو ته اوهين به هڪ
فتويٰ لکو. فتويٰ تيار ٿي، جنهن ۾ به وحيد الدين
جي خلافت کي حق تي قرار ڏنو ويو ۽ شريف حسين کي
ناحق تي تسليم ڪيو ويو. اها فتويٰ مٿيئن اخبارالحق
۾ غالباً 1918ع يا 1919ع ۾ شايع ٿي هئي. انهن
فتوائن ماحول کي خلافت تحريڪ لاءِ پوريءَ طرح
هموار ڪري ڇڏيو.
هندستان ۾ انهيءَ تحريڪ جڏهن زور ورتو تڏهين علي
ڳڙهه مان شاگرد انگريزي پڙهڻ ڇڏي آيا. جن ۾ خصوصي
طرح هيٺين جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
مولوي محمد عمر کڏهري مرحوم جو پٽ ۽ قاضي عبدالغني
مرحوم جو پوٽو ميان محمد ڪريم، دين محمد عليگ، پير
الاهي بخش، قاضي فضل الله ۽ شيخ فتح محمد، ميان
محمد ڪريم جو تعلق پير سائين جن سان هو، تنهن هتي
اچي خلافت ڪميٽي ٺاهي، جنهن جو صدر پير الحاج
محمد مهدي شاهه پير سائين جن جو فرزند ٿيو.
هيءُ اهو وقت هو جنهن ۾ ڪانگريس جماعت انگريزن کان
آزاديءَ وٺڻ لاءِ ڪم پئي ڪيو. ڪانگريس جي ڪارڪنن
مسلمان جي هن جذبي مان فائدو وٺڻ خاطر خلافتين جي
حمايت ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو خلافتي وري ڪانگريس
جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳا. لهــٰذا پير جهنڊي جي ڳوٺ ۾
به ڪانگريس ڪاميٽي ٺهي جنهن جو صدر پير سائين
ضياءُ الدين شاهه مرحوم حضرت پير سائين رشدالله
شاهه جي وڏي پٽ کي مقرر ڪيو ويو.
مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته چندا گڏ ڪري
ترڪيءَ ڏانهن موڪليا وڃن، تنهن ڪري پير سائين جن
مرڪزي ڪميٽيءَ کان رسيدون گهرايون. رسيدن تي مٿان
قرآن مجيد جي هيءَ آيت شريف لکيل هئي.
مَن يُقرِضُ الله قَرضاً حَسَناً فَيُظعِفھ وَلھ
اَجر ڪَريم.
پير سائين جن انهيءَ فنڊ ۾ دل کولي چندو ڏنو ۽
پنهنجي جماعت خواه متعلقين کي پڻ چندو ڏيڻ لاءِ
چيو. هر جمع تي چندو ٿيندو هو. ٿوريئي وقت ۾ ٽيھ
هزار رپيا (جو انوقت نهايت گهڻو ناڻو هو)، گڏ ٿي
ويا جي ترڪي فنڊ ۾ موڪليا ويا.
چندو ڏيڻ وقت هر هڪ خلافتيءَ جي زبان تي حضرت پير
سائين جن جي همعصر شاعر ۽ بزرگ مولانا تاج محمود
امروٽي رح جن جي ڪلام جي هيءَ مصرع هر وقت هوندي
هئي.
”ڏنو به تو آهه گهرين به تون ٿو اسان کي تَنهن جي
لُٽڻ ۾ ڇا هي.“
مذهبي ۽ سوشل ڪمن سان
سندن محبت ۽ دلي جذبات:
مولوي عبدالقادر صاحب لغاري سانگهڙائي جن ٻڌايو ته
خلافت واري زماني ۾ پير سائين جن ڪاٺياواڙ جي سفر
تي سنبري نڪتا ۽ رسيد بوڪ به ساڻ هئن، پير سائين
جن کي بمبئي ميل جي انتظار ڪرڻ لاءِ ميرپور خاص جي
ويٽنگ روم ۾ ترسڻو پيو. اتي خلافت ڪاميٽيءَ ميرپور
خاص جو پريزيڊنٽ مير الهه بخش خان ٽالپر مرحوم ۽
ڪانگريس جو پريزيڊنٽ ڊاڪٽر وطڻ مل ۽ ٻيا ڪارڪن
ملاقات لاءِ آيا ۽ پير سائين جن سان خلافت تحريڪ
بابت گفتگو ڪيائون. پير سائين جن جي گفتگو مان کين
خلافت جي همدرديءَ بابت بي انداز جوش معلوم ٿيو.
دوران گفتگو مير صاحب مرحوم کان هي لفظ نڪري ويا
ته ”سائين جيڪڏهن اوهين اڳي ايتري سرجوشي ڪريو ها
۽ اسان سان گڏجو ها ته تمام وڏو ڪم ٿئي ها“. پاڻ
جواب ۾ فرمايائون ته، اسان ته اوهان سان اڳي کان
ئي آهيون پر اوهين اسان کي نٿا گڏيو، ائين چئي پاڻ
هيٺين مصرع پڙهيائون:
”آهيان سگ، پوِ لڳ، اٿم هير هڏن جي.“
اها مصرع اهڙي انداز ۽ جذبه سان پڙهيائون جو سڄيءَ
مجلس جي حالت ئي بدلجي ويئي ۽ ملاقاتين تي هن مرد
مجاهد جي گفتگو جو ايترو ته اثر ٿيو جو گريه جهڙي
حالت بڻجي وين. ان بعد گاڏي آئي ۽ پاڻ ڪاٺياواڙ
روانا ٿي ويا.
گورنمينٽ برطانيه کان بيپرواهي:
خلافت واري دور ۾ خلافت ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ مقرر
ٿي. پاڻ ان وقت بي خوش هئا ۽ پنهنجي طرفان سندن
وڏي فرزند پير سائين ضياء الدين شاهه مرحوم جن کي
رضاڪار جي حيثيت سان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ
موڪليائون. سندن فرزند جي رواني ٿيڻ بعد سرڪار جي
طرفان هڪ سرڪاري ماڻهو دعوت نامو کڻي آيو ته
”سرڪار امن سڀا جي ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، جنهن ۾
اوهان جي شرڪت جي ضرورت آهي، تنهن ڪري اوهان کي
دعوت ڏجي ٿي ۽ اوهان کي امن سڀا ڪميٽيءَ جو صدر به
ڪنداسون“.
پير سائين جن اهو خط ڏسي، عليل هوندي به جماعت کي
ڪراچيءَ جي سفر جي تياريءَ جو حڪم ڏنو ۽ ڪلاڪ کن
جي اندر تيار ٿي خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
روانا ٿيا ۽ فرمايائون ته ”دشمن اسان جي ايمان جي
آزمائش وٺڻ لاءِ دين جي مخالفت جي دعوت ٿو ڏئي،
تنهن ڪري اسين ڪراچيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
روانا ٿيون ٿا“.
اها حالت ڏسي سرڪاري ماڻهوءَ پڇيو ته ”سائين مون
کي ڪهڙو جواب ٿا ڏيو. جو آءٌ وڃي پيش ڪريان“. پاڻ
جواب ۾ فرمايائون ته ”جيڪي ڏسين ٿو اهو جواب
سمجهه. اسين هونئن خلافت جي جلسي ۾ ڪو نه وڃون ها؛
هاڻي وڃون ٿا. چئجان ته پير صاحب ڪراچيءَ هليو
ويو“. ائين چئي روانا ٿيا ۽ مارک واه تي پهچي،
ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ۽ اچي شهدادپور لٿا. جتان گاڏيءَ ۾
چڙهي ڪراچيءَ هليا ويا ۽ جلسي ۾ وڃي شريڪ ٿيا.
الوحيد اخبار جو نڪرڻ:
هن زماني ۾ الحق اخبار سکر مان زير ادارت شيخ
عبدالعزيز محمد سليمان جي نڪرندي هئي ۽ ان ۾
خلافتين جون ڪارروايون شايع ٿينديون هيون، جنهن
صورت ۾ اها اخبار ننڍي هئي، تنهن ڪري ضروري ڄاتو
ويو ته، ڪا وڏي اخبار مرڪزي شهر مان ڪڍجي. خلافت
جي مکيه اڳواڻن (جن ۾ پير سائين رشدالله شاهه صاحب
جن جو نالو پڻ اچي وڃي ٿو) فيصلو ڪيو ته وقت جي
خليفي سلطان وحيدالدين جي نالي جي نسبت سان الوحيد
اخبار جاري ڪجي. جنهن جو دفتر ڪراچيءَ ۾ هجي. سنه
1919ع ۾ مذڪوره اخبار چالو ٿي، سندس پهريون ايڊيٽر
شيخ عبدالعزيز بن محمد سليمان مقرر ٿيو ۽ الحق جي
سنڀال مولانا دين محمد وفائي جي سپرد ڪئي ويئي.
لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس ۽ هندستان جي ليڊرن سان
ملاقاتون:
مارچ سنه 1920ع ۾ مرحوم جان محمد جوڻيجو ۽ پير
تراب شاهه راشدي مرحوم جن جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾
خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس جي صدارت
پير رشدالله شاهه جن ڪئي. لاڙڪاڻي اسٽيشن تان
پنڊال تائين اچڻ لاءِ جيڪا گهوڙي گاڏي پير سائين
جن لاءِ آندي وئي هئي. ان کي گهوڙي جي عيوض جناب
شيخ ڪرنل نور محمد مرحوم، مسٽر عبدالجبار وڪيل،
مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين ڪن مشهور ماڻهن
ڪلها ڏيئي آڻي پنڊال ۾ پهچايو. هن ڪانفرنس ۾ حضرت
مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم، مولانا عبدالباري
لکنوي مرحوم، مولانا شوڪت علي مرحوم، ڊاڪٽر سيف
الدين ڪچلو، پنڊت رام ڀڄدت ۽ ٻيا ڪيترائي هند خواه
سنڌ جا عالم خواه بزرگ توڻي سياسي ليڊر ۽ وڏا
ماڻهو شريڪ ٿيا؛ قريباً سٺ هزار ماڻهو سامعين هئا.
انهيءَ وقت عام خيال کي درست ڪرڻ لاءِ هندو مسلم
اتحاد جو پروگرام هٿ ۾ کنيو ويو هو. اتر سنڌ جا
ڪي عالم سڳورا انهيءَ خيال جي خلاف هئا. انهن رٿيو
هو ته ٻاهريان مولوي اچن ٿا انهن سان انهيءَ
مسئلي تي بحث ڪبو. مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم کي
جڏهين تقرير جو موقعو ڏنو ويو ته ان کي ڪنهن سنڌي
خلافتي ڪارڪن هندو مسلم اتحاد تي تقرير ڪرڻ لاءِ
اشارو ڏنو. مولانا صاحب جن قرآن شريف مان سورة
الممتحنھ پاره 27 جون ٻه آيتون پڙهي تقرير شروع
ڪئي! علماءِ ڪرام جيڪي بحث مباحثه لاءِ تيار ٿي
آيا هئا، انهن جڏهين تقرير ٻڌي تڏهين حيران ٿي ويا
۽ رڳو مولانا جن ڏي نهاريندا رهيا.
سندن حق پرستي ۽ همت جا ٻه مثال:
پير رشدالله شاهه جن، جي صدر به هئا جڏهين مولانا
صاحب جن جي تقرير ٻڌي تڏهين هڪدم اٿي بيٺا ۽
مولانا صاحب جن جي پيشانيءَ مبارڪ تي بوسه ڏيئي
فرمايائون ته انا وَجَد ناهُ لَبَحراً. پوءِ
فرمايائون ته اڳي اسان جي فتويٰ هوندي هئي ته
هندوءَ جو مال ڀلي کائي وڃجي پر اهڙي نموني سان
جيئن عزت بچي. جڏهين اڄ اسان مولانا صاحب جي تقرير
ٻڌي آهي، تڏهين محسوس ڪيو اٿئون ته اسان جي فتويٰ
غلط هئي. هاڻي اسان پنهنجي انهيءَ غلط ڏنل فتويٰ
تان رجوع ٿا ڪريون.
|