سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام رشيد الله

صفحو :2

نقشبندي طريقو:

سيد محمد راشد شاهه رحه جو والد سيد محمد بقا رحه شهيد نقشبندي سلسلي ۾ به اجازت ورتل هو. سندن اهو سلسلو هن ريت آهي:

محمد بقا، مخدوم اسماعيل، خواجه جمال الله، حاجي ايوب خواجه سعدي، سيد آدم بنوري، خواجه احمد فاروقي، مجدد الف ثاني، خواجه باقي باالله، خواجه امڪنکي، خواجه محمد درويش. خواجه محمد زاهد، خواجه عبيدالله خواجه محمد بابا سماسي، خواجه علي راميتني، خواجه محمود، خواجه عبدالخالق، خواجه ابو يوسف، خواجه ابو علي، خواجه ابوالحسن، حضرت امام جعفر صادق، حضرت محمد قاسم، حضرت سلمان فارسي، حضرت ابوبڪر رضه، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وَسَلّم.

مٿين ٻنهي سلسلن مان معلوم ٿيندو ته سيد رشدالله شاهه ٻنهي طريقن جو مرشد هو. قادري خواه نقشبندي طريقي ۾ ذڪر، فڪر ۽ لطيفا ساڳيا آهن. صرف مراقبي جي خيال ۾ فرق آهي. يعني قادري طريقي موجب مراقبي ۾ مرشد جي صورت پچائي ان ۾ فنا ٿيڻو آهي ۽ نقشبندي طريقي ۾ اسم ذاتيءَ جو نقش دل تي پچائڻو آهي. سيد ضياءُ الدين شاهه رحه هڪ دفعي ذڪرن ۽ فڪرن بابت گفتگو ڪندي فرمايو ته ”مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري پير سائين جن فرمايو ته ذڪر جون چار تسبيحون يعني لا الــھ الا الله، الا الله ـــــ الله ــ ۽ هو قائم ٻيا مڙيئي منسوخ وڌيڪ پاڻ فرمايائون ته اسان جي والد يعني سيد رشدالله شاهه هٿ، هٿ تي گهي ائين فرمايو هو ته هن حقيقت مان ظاهر ٿو ٿئي ته سيد رشدالله پنهنجي سجاده نشينيءَ بعد صرف چار تسبيحون قائم رکيون هيون ۽ پنهنجي جماعت ۽ مريدن کي انهن چئن تسبيحن جي تلقين ڪندا هئا.

مسند نشيني:

سنه 1317هه ۾ پير سائين بيعت وارن وفات فرمائي. ان بعد پاڻ سندن خليفه ۽ جاءِ نشين ٿيا. ان وقت سندن عمر چاليهه سال هئي. سندن مرشد نهايت ڪامل هو ۽ پاڻ چاليهن سالن جي عمر تائين سندن برڪت ڀرين ڪچهرين مان فيض ياب ٿيندا رهيا. ٻئي طرف  ظاهري علم جي پڻ تڪميل ڪيل هين، تنهن ڪري تبليغ ۽ رشد و هدايت جو سلسلو باقاعدي جاري رکيائون. لکن جي تعداد ۾ سندن مريد ٿيا. سندن جماعت سنڌ کانسواءِ ڪڇ ڀڄ، بمبئي، ڪاٺياواڙ، سيلون ۽ آفريڪا وغيره ۾ پکڙي پيئي آهي ۽ سندس تعداد جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونه آهي.

علمي ذوق:

هن کان اڳ هي ٻڌايو ويو آهي ته سيد صاحب جن ظاهري علم ۾ عالم هئا ۽ سندن ڪا به گهڙي اهڙي نه هئي جنهن ۾ ڪو نه ڪو علمي بحث ٿيندڙ نه هجي. تحصيل بعد به جيڪڏهين ڪو نالي وارو عالم وٽن ايندوهو يا ڪٿي کين  ملندو هو ته ان کان ڪجهه سکي سندس شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪندا هئا. سندن پوٽي علامه حافظ بديع الدين شاهه کان معلوم ٿيو ته:

”هڪ دفعي مدرسه دارالرشاد جي امتحان ۽ وزٽ لاءِ مولانا حسين  بن محسن انصاري اليماني قاضي رياست ڀوپال آيو ته پير سائين جن انهيءَ علامه صاحب جن کان حديث جي سند حاصل ڪئي.

انهن عالمن کان سواءِ ٻيو به جيڪو عالم کين ڪٿي به ملندو هو ته پاڻ انهيءَ جي صحبت مان به ضرور ڪجهه نه ڪهه حاصل ڪندا هئا. سندن علم ۽ عالمن لاءِ عزت جي سلسلي ۾ سندن هي شعر گواهه آهي:

روح ۾ رايو رکين جي ٿو علم جو اي ادا،

جاهلن جان ٿي پڻي پڙهين سندي پيزار جي.

قرآن ۽ حديث سان سندن نهايت گهڻو ذوق هو ۽ پنهنجي زندگي سموري نبوي سنت سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئائون. پاڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿن:

قوتِ دل و جان من شغل ڪتاب و سنن،

شغل ڪتاب و سنن، قوتِ دل و جان من.

* *

منزلت و شان من پيروي سنت است،

پيروي سنت است منزلت و شان من.

مطلب ته سندن زندگيءَ جي هر هڪ چرپر سنت طريقي تي ٿيندي هئي.

ڪتب خانو گڏ ٿيڻ:

هڪ عالم لاءِ نهايت ضروري آهي ته وٽس ڪتابن جو ذخيرو هجي. حضرت سيد رشدالله شاهه جن به نهايت وڏا عالم هئا ۽ سندن وڏن جو ڪتابن سان نهايت گهڻو چاهه هو. تنهن ڪري پاڻ سندن ڪتب  خانه جي ڏاڍي توسيع ڪيائون. انهيءَ زماني ۾ پير جهنڊه وارن جي لائيبرري هندستان جي ٽن مکيه لائبيررين مان هڪ هئي، ۽ خصوصي طور قلمي ڪتابن جو تعداد منجهس گهڻو هو. سندن لائبريري هن طرح گڏ ٿي:

ڪجهه ڪتاب سندن وڏي ڏاڏي سيد محمد راشد شاهه جن جي ڪتب خانه مان ورثي طور آيا. ۽ ڪي ڪتاب چوٽيارين تعلقي سانگهڙ مان مليا ۽ نادر قلمي ڪتابن جو ذخيرو ننگر ٺٽي مان حضرت مولانا مخدوم محمد هاشم رحه جي ڪتب خانه مان هٿ آيو انهن ڪتابن کان سواءِ ڳچ جيترا ڪتاب ابناءَ غلام الرسول السورتي ۽ شرف الدين يحيٰ ڪتبي وارن کان خريد ڪيا هئائون.

سال  22-1323هه۾ پاڻ جڏهين حج جي اراده سان حرمين شريفين ڏانهن سفر ڪيو هئائون تڏهين اتي تمام گهڻا ڪتاب خريد ڪيائون، انهن ڪتابن بابت پاڻ فرمائيندا هئا ته اسان حرم شريف ۾ مالڪي مصلي وٽ ڪعبت الله شريف ڏي نظر ڪيو ويٺا هئاسون ته هڪ تجلي ٿي ۽ آواز آيو ته ”رشدالله ڪتاب ته تو پاڻ لاءِ ورتا آهن اسان لاءِ ڇا ورتو اٿئي؟“ اهو آواز ٻڌي اسان کي ڏاڍو خوف ٿيو ته هيترا ڪتاب ورتم شايد درگاهه الــٰهي ۾ قبول نه پيا. اتي وري آواز  آيو ته ”اسان لاءِ اهو آهي ته اهي ڪتاب خلق کي پڙهي ٻُڌاءِ“.

قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولوي عنايت الله صاحب حج جي سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. پاڻ کين مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي ڪتب خانن ۾ جيڪي ناياب ڪتاب هئا، انهن جي مالڪن جي اجازت سان نقل ڪرڻ جو چيائون. انهن ٻنهي نهايت قيمتي ۽ اڻ لڀ ڪتاب اتان نقل ڪيا.

مولوي عنايت الله مرحوم ته ڪتابن  نقل ڪرڻ لاءِ ٻه اڍائي سال اتي رهيو پيو هو ۽ ڪتاب نقل ڪري پيو موڪليندو هو. ان کان سواءِ اتي جيڪو به ڪتاب جتان ۽ جيتري ۾ مليو ٿي اهو اتان ۽ اوتري ۾ خريد پئي ڪيائون. ’ارشادالفحول‘ امام شوڪانيءَ جو ڪتاب پاڻ ٻه سؤ رپيا ڏيئي خريد ڪيائون جو ڇاپجڻ بعد ٻن رپين ۾ وڪامندو رهيو. هڪ ڪتاب رپئي ورق جي حساب سان به خريد ڪيائون. سندن چوڻ هوندو هو ته ڪنهن به ڪتاب مان اسان کي جيڪڏهين صرف هڪ نئون مسئلو معلوم ٿي ويو ته انهيءَ ڪتاب جي قيمت اسان کي مِلي ويئي.

مولوي محمد اسماعيل پٺاڻ مرحوم ويٺل سعيدآباد نيو کي رڳو ڪتابن نقل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد دکن موڪليو هئائون. مولانا مرحوم اتي اٺ مهينا رهيو پيو هو ۽ مولانا حسن  الزمان ۽ مشهور خلافتي عالم مولانا عبدالباريءَ لکنويءَ جي ڪتب خانن مان ڪتاب نقل ڪري موڪليندو رهندو هو.

ان کانسواءِ مولانا  زين العابدين آردي دکنيءَ کان به حديث جا قلمي ڪتاب  خريد ڪيائون. انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب (قلمي) سنن الڪبريٰ بيهقي ڏهن جلدن ۾ هو جو مولانا زين العابدين رحه جو پنهنجي هٿ اکرين لکيل هو. اهڙيءَ طرح هي مشهور ڪتب خانو گڏ ٿيو ۽ ان بعد وقت به وقت نوان ڇپيل ڪتاب پڻ گهرائيندا رهيا.

مطالعه جو شوق ۽ تحقيقات ڪرڻ:

حضرت پير سائين جن کي مطالع جو ايڏو ته شوق هو جو جيڪو به نئون ڪتاب گهرائيندا هئا اهو جيستائين مطالعو نه ڪندا هئا. تيستائين جلد ٻڌڻ لاءِ نه ڏيندا هئا.

مولوي عبدالقادر صاحب سانگهڙائيءَ ڳالهه ٻڌائي ته آءٌ جڏهين ڪتب خانه عاليه جو محافظ هوس ۽ اتي مفتي ٿي ڪم ڪندو هوس تڏهين مون ڏٺو ته سموري ڪتب خانه جي اڪثر ڪتابن تي سندن نوٽ لڳل هئا. حيران ٿي کانئن پڇيم ته قبلا! اهي سڀ ڪتاب توهان جا پڙهيل آهن؟ پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته هائو اهي سڀ ڪتاب اسان جا مطالع ڪيل آهن. وڌيڪ فرمايائون ته الله تعاليٰ جي مهرباني آهي جو جڏهين ڪنهن ڪتاب جو مطالعو شروع ڪندا آهيون تڏهين اسان جي نظر جي آڏو هڪ شمع ٻرندي هلندي آهي. جتي اها وسامي ويندي آهي، اتي سمجهندا آهيون ته اهو مسئلو متابعت نبويءَ جي خلاف آهي ۽ اتي نوٽ لکي ڇڏيندا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان ڪتاب جلد پڙهي سگهندا آهيون ۽ ائين معلوم ٿيندو آهي ته اهي ڪتاب اڳيئي پڙهيل آهن.

درگاهه ڳوٺ پير جهنڊه جي موجوده سجاده نشين پير وهب الله شاهه جن هڪ دفعي ڳالهه ٻڌائي ته ”اسان پنهنجي مائٽن کان ٻڌو ته پير سائين جن منجهند جو آرام ڪندا هئا ته به سندن کٽ تي چوطرف ڪتاب رکيا هوندا هئا ۽ پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي ويندي هين. ان کان سواءِ مانيءَ کائڻ وقت به ڪو نه ڪو ڪتاب ويٺا پڙهندا هئا“.

مولوي عبدالقادر صاحب سانگهڙائيءَ ٻڌايو ته پاڻ جڏهين به ڪنهن مسئلي ۾ اختلاف ڏسندا هئا ته انهيءَ مهل مدرسي جي عالمن کي گهرائي بحث ڪري صفائي ڪري ڇڏيندا هئا. وڌيڪ مولوي صاحب چيو ته اهو اڪثر ڪري تڏهين ٿيدنو هو جڏهين پاڻ اندر هوندا هئا ۽ يڪدم هنڌ ڪرائي اسان کي گهرايو ويندو هو. اهڙا بحث خاص طور سندن ترجمه ۽ تحقيق ڪيل ڪتاب ثمر آخرت ۾ آيل حديثن جي تحقيق ڪرڻ وقت ٿيندا هئا.

دراصل سندن اهو ڪتاب نهايت شاندار علمي ڪارنامو آهي. افسوس آهي جو اهو ڪتاب ائين قلمي رهجي ويو ۽ سندن تبليغ ڪرڻ واري منشا پوري ڪانه ٿي. راقم اهو ڪتاب ڏٺو آهي، منجهس جيڪي به مسئلا بيان ٿيل آهن سي سڀيئي صحيح حديثن سان ثابت ڪيل آهن.

چون ٿا ته پير صاحب جن وفات وقت به ڪتابن ڏانهن ڏسي فرمايو ته يار هاڻ ته جدا ٿيو ٿا وڃون. اهو هو سندن مطالعي جو شوق.

علمي ۽ ادبي خدمتون:

راشدي خاندان جو خاص شغل علم ۽ روحانيت سان رهيو آهي. علامه پير سائين رشدالله جن بلند  پايه جا عالم هئا. انهيءَ علم جي ذوق جي پورائيءَ لاءِ پاڻ عاليشان ڪتب خانو گڏ ڪيو هئائون. سندن هر وقت خيال رهندو هو ته اهڙو ڪو ڪم ڪجي، جنهن جي ذريعي دين جي خدمت ٿئي ۽ علم جهڙيءَ نعمت سان ماڻهو مالا مال ٿين. انهيءَ خيال کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ پاڻ ديني مدرسو کولارايائون، جنهن مان تمام پري پري جا ماڻهو تعليم حاصل ڪري ويا. بهتر آهي ته مدرسه جو مختصر پر مفصل احوال ڏجي، ڇاڪاڻ ته علمي خدمتن جي سلسلي ۾ پير سائين جن جو هيءُ ڪارنامو اهڙو  هو جو قيامت تائين وسرڻ جو نه آهي.

مدرسه دارالرشآد- ڳوٺ پير سائين جهنڊه وارو:

حضرت مولانا عبيدالله مرحوم جن سال 1310هه ۾ امروٽ شريف ۾ اچي عربي مدرسو جاري ڪيو ۽ اتي هڪ پريس به قائم ڪيائون. مولانا صاحب کي ڪتابن جي مطالع جو تمام گهڻو شوق هو. جڏهين کين معلوم ٿيو ته ڳوٺ پير جهنڊه واري تعلقي هالا ۾ هڪ وڏو بزرگ موجود آهي، جيڪو پير سائين روضي ڌڻي رحمة الله عليھ جن جو پوٽو آهي ۽ وٽن ڪتب خانو به آهي، تڏهين انهيءَ شوق جي پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ هن طرف اچڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ رڪ اسٽيشن کان روانه ٿي اچي سرهاري اسٽيشن تي لٿا ۽ اتان پياده تيرهن ميل پنڌ ڪري رات جو بيگاهه وقت ۾ اچي مسجد شريف ۾ سمهي پيا. صبح جو حضرت سيد رشدالدين شاهه صاحب العلم الثالث ۽ سندن فرزند مولانا رشدالله شاهه صاحب سان مليا. ڳالهين ڪندي پنهنجو علمي مقصد پيش ڪيائون.  بزرگ تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ خنده روئيءَ سان مولانا کي ڪتب خانه جي ڏسڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جي اجازت ڏنائون. بعض حالتن ۾ مولانا صاحب جن ڪي ڪتاب امروٽ شريف به کڻي ويندا هئا. حضرت پير سائين رشيدالدين شاهه جن سال 1317هه ۾ وفات ڪئي. ان بعد به  مولانا صاحب جن ڀيرو ڪو نه ڀڳو.

پير سائين بعيت وارن جي وقت ۾ فقط حافظ سڳورا پير سائين جن وٽ رهندا هئا ۽ مسجد شريف ۾ ويهي طالبن کي قرآن شريف ياد ڪرائيندا هئا. ان وقت وڏا استاد ٻه هئا: هڪ حافظ محراب مرحوم بلوچ ۽ ٻيو حافظ امين محمد صاحب متوو ڪڇي.

پير سائين رشدالله شاهه جن کي خيال آيو ته ناظره ۽ حفظ قرآن جو درس پير سائين بيعت ڌڻي رح جو شروع ڪرايل آهي، جنهن مان سوين حافظ ۽ هزارين ناظره پڙهڻ وارا ڪامياب ٿي ويا آهن- ڇو نه ائين ڪجي جو عربي مدرسو جاري ڪجي ۽ ديني شعور ماڻهن ۾ پيدا ڪجي.

انهيءَ ارادي جو اظهار پاڻ مولانا عبيدالله صاحب جن سان ڪيائون. مولانا صاحب جن بخوشيءَ مدرسي جو اهتمام ۽ ڪم قبول ڪيو. ۽ مدرسو 1319هه/ 1901ع جي ماهه رجب ۾ شروع ٿيو. مدرسه ۾ پهريان استاد پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿيا سي هن ريت آهن:

1- حضرت مولانا عبيدالله، 2- مولانا نجم الدين صاحب ڊرياله ضلع جهلم، 3- مولانا محمد صاحب احمداڻي (استاذالڪل) ۽ 4- مولانا عبدالله صاحب لغاري مرحوم.

مدرسه دارالرشاد جيڪي ماڻهو پيدا ڪيا تن جي اپٽار لاءِ تمام وڏو مقالو گهرجي. ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته هن مدرسه مان تمام گهڻا شاگرد فيض ياب ٿي نڪتا ۽ سنڌ جا جملي مدرسا هتان جي شاگردن ئي وڃي کوليا. ان ڪري هن مدرسي کي جيڪڏهن ام المدارس چئجي ته به بلڪل صحيح آهي.

هن مدرسي جي طالبن هڪ طرف سڄيءَ سنڌ ۾ خصوصاً ۽ مڪران لس ٻيلي وغيره ڏانهن عموماً تعليم عام ڪرڻ لاءِ مدرسا کوليا ته ٻئي طرف وري ملڪ جي آزاديءَ لاءِ به پروگرام رٿي ڪم ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري هڪ دفعو برطانيه سرڪار هن مدرسي کي باغين جو درسگاه ٺهرائي بند ڪررائي ڇڏيو هو.

مدرسي جا شاگرد:

هونئن ته تمام گهڻا ماڻهو هتان تعليم جي تڪميل ڪري ويا آهن، انهن جو بيان ڪرڻ طوالت جو سبب ٿيندو، تنهن ڪري هتي چند ممتاز عالمن جا نالا ڏجن ٿا، محض انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙن کي معلوم ٿئي ته پير سائين جن ديني علم جي ڪيڏي نه خدمت ڪئي هئي.

هيٺيان عالم سڳورا هن مدرسي جا فاضل آهن:

1- پير ضياء الدين شاهه خلف الرشد حضرت مولانا رشدالله شاهه صاحب رحه.

2- مولانا احمد علي صاحب لاهوري مرحوم.

3- مولانا محمد اڪرم صاحب انصاري هالا نوان.

4- مولوي ابوالحسن صاحب درس هوٿي مشائخ.

5- مولوي جان محمد صاحب درس هوٿي مشائخ.

6- مولانا محمد الياس صاحب جمالي کَتيرو تعلقو هالا.

مٿيان عالم سڳورا مدرسي جا پهريان شاگرد هئا. ان بعد هيٺين عالمن کي تحصيل جي پڳ ٻڌائي ويئي:

1-     مولوي سيد عبدالله شاهه صاحب سربازي (ايران مڪران).

2-    قاضي مولوي حبيب الله صاحب ميمڻ ٺيڙهي.

3-    مولوي عبدالحئي صاحب نوحاڻي بلوچ ڪنگورو ضلعو ٿرپارڪر.

4-    پير احسان الله شاهه مرحوم.

5-     مولوي عبدالعليم صاحب متوو مرحومم.

6-    مولوي علي حيدر صاحب جمالي تعلقو هالا.

7-    مولوي عطاءُ الله صاحب انڍهڙ مرحوم ضلعو سکر.

8-    مولوي غلام رسول صاحب لاشاري قنبر.

9-    مولوي محمد مبارڪ صاحب ڀٽو ڳوٺ پير بخش ڀٽو ضلعو لاڙڪاڻو.

10-مولوي عبدالقادر صاحب لغاري احمداڻي، سانگهڙ.

11- مولوي دين محمد شيخ وارئي شريف رياست بهاولپور.

12-مولوي رحيم بخش سومرو شڪارپور.

13-مولوي محمد اسماعيل صاحب پٺاڻ مرحوم.

ڏسڻ ۾ ايندو ته هن مدرسي جيڪو ڪم سنڌ ۾ ڪيو آهي، ان جو سهرو سيد رشدالله شاهه صاحب جن جي سر تي ٿيندو ۽ اها سندن نهايت اعليٰ درجي جي علمي خدمت آهي.

ان کانسواءِ هن مدرسي ۾ تمام گهڻا وڏا عالم وقت بوقت ايندا رهندا هئا ۽ ڪن کي مدرسه جي ساليانه امتحانن لاءِ گهرايو ويندو هو.

هيٺيان مشهور بزرگ جدا جدا وقتن تي هتي آيل آهن:

1- مولانا حسين بن محسن انصاري اليماني، قاضي رياست ڀوپال.

2- مولانا شيخ الهند محمود الحسن صدر مدرس دارالعلوم ديوبند.

3- مولانا حافظ محمد احمد صاحب مهتمم دارالعلوم ديوبند.

4- مولانا اشرف علي صاحب ٿانوي مرحوم.

5- مولانا غلام محمد صاحب صدر مدرس مدرسه نعمانيه لاهور.

6- ڊاڪٽر ضياءُ الدين وائيس چانسلر علي ڳڙهه يونيورسٽي.

7- مولانا محمد ميان صاحب ناظم جمعيت العلماءِ هند.

مدرسه دارالرشاد ۾ درس نظاميءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. گوياڪِ هيءُ مدرسو ديوبند جو نقل هو. راقم کي پنج سال هن مدرسه ۾ رهڻ ۽ خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو هو. انهيءَ عرصي ۾ اهي پراڻا ڪاغذ پيو اٿلائيندو هوس، جيڪي ان وقت جا بهترين يادگار آهن.ان کانسواءِ نصاب تي رکيل ڪتابن جي مطالعي جو موقعو به سال ٻه مليو. ڏسڻ ۾ آيو ته جاميٽري، رياضي، انگريزي، علم طبعي، علم ڪيميا، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره تي به ڪافي ڪتاب هئا. ان وقت جون ساليانه ڪارروايون ڏسڻ بعد معلوم ٿيو ته هن مدرسه ۾ سڀڪنهن نموني جي تعليم ڏني ويندي هئي.

انجمن السواد الاعظم:

مولانا عبيدالله رحه جن جي مشوره سان پاڻ فتوائن ڏيڻ لاءِ هڪ انجمن ٺاهيائون. جنهن جو نالو انجمن السواد الاعظم رکيو ويو. انهيءَ انجمن جا هيٺيان ميمبر هئا:

1- پير جهنڊه ڳوٺ جا عالم جهڙوڪ مولانا رشدالله شاهه، قاضي فتح محمد صاحب، پير سائين ضياءُ الدين شاهه صحب وغيره.

2- مدرسه دارالرشاد جا جملي اساتذه صاحبان.

3- محله کڏه ڪراچيءَ جا عالم سڳورا جهڙوڪ مولانا محمد صادق صاحب، مولانا محمد عثمان نورنگ زاده کورواهي، معلم الفقه سنڌ مدرسة السلام ڪراچي، مصنف تفسير تنوير الايمان.

4- مولوي محمد صدي صاحب صدر مدرس مدرسه مظهرالعلوم کڏه ڪراچي

جڏهن مدرسه دارالرشاد مان عالم فتويٰ لکندا هئا ته اها وڌيڪ تصديق لاءِ ڪراچيءَ موڪلي ويندي هئي. جڏهين اتي جا عالم سڳورا تصديق ڪري موڪليندا هئا تڏهين فتويٰ جو نقل دفتر ۾ رکيو ويندو هو. ان بعد فتويٰ سائل کي ڏني ويندي هئي.

ان کانسواءِ ٻيو هڪ جدا ڪتاب پڻ هوندو هو، جنهن ۾ صرف پير سائين خلافت وارن جون فتوائون ۽ تحريرون داخل ڪيون وينديون هيون.

تصنيف ۽ تاليف:

مدرسي جي شروعات واري دور ۾ هي مشورو ۽ فيصلو ٿيو ته عربيءَ جو علم عام ڪجي، ان لاءِ هيءُ قانون پاس ڪيائون ته جيڪو به شاگرد چار درجا سنڌي پڙهيل هجي، ان کي صرف جو علم سنڌيءَ ۾ شروع ڪرائجي. انهيءَ خيال جي تڪميل لاءِ پاڻ قاضي فتح محمد صاحب جن کان هيٺيان ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايائون:

ارشادالصرف، هداية النحو، ڪافيه،  شافيھ مالا بدمنھ، اصول متاشي، نحو مير ۽ علم الصيغھ.

مٿئين فيصلي کان سواءِ هيءُ به فيصلو ٿيو ته تبليغ جو سلسلو به شروع ڪجي. ان جي صورت اها مقرر ٿي ته ننڍا ننڍا ديني ڪتاب ترجمه ۽ تصنيف ڪري ڇاپرائي پڌرا ڪجن ۽ اهي مفت تقسيم ڪجن. انهيءَ خيال کي عملي جامه پهرائڻ لاءِ پير رشدالله شاهه جن قلم هٿ ۾ کنيو ۽ هيٺيان ڪتاب تصنيف خواه تاليف ڪري شايع ڪرايائون:

توحيد نامو، الاسماءُ الحسنيٰ، ارشادالمريدين، الفارقة بين اهل الله و اهل المارقه، التنقيد المعقول في تسويد المجهول بيعت نامو ۽ زالن لاءِ بيعت نامو.

 انهن ڪتابن کانسواءِ به پاڻ سنڌي، پارسي، عربي ۽ اردوءَ ۾ به ڪتاب تصنيف ڪيائون، جن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:


*  صرف اسماءُ الحسنيٰ ياد ڪرائي الله تعاليٰ جي نوانوي اسمن سان تعلق، تعبد ۽ تخلق پيدا ڪرڻ سيکاريو.

*  مولانا صاحب هندستان جي مشهور اهلِ حديث عالم نواب صديق حسن خان جو استاد ۽ علامه شوڪاني اليمانيءَ جو شاگرد هو. کيس فتح الباري شرح بخاريءَ جا چوڏهن ئي جلد ياد هئا.

*  سندن زندگيءَ ۾ پير جهنڊه وارن جو ڪتب خانه نهايت اعليٰ پيماني تي پهچي ويو.

*  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جي ڪتب خانه وارا ڪتاب مولانا عبدالله صاحب لغاريءَ مرحوم آندا هئا.

**  حديث جا اڪثر ناياب ڪتاب اتان نقل ڪرايل آهن.

*  ثمر آخرت سندن بي مثال ڪارنامو آهي. هيءُ ڪتاب سفر سعادت جي نالي سان پارسيءَ ۾ لکيل هو، جنهن ۾ حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن جي عبادتن، عادتن، وغيره تي روشني وڌل آهي ۽ صحيح حديثن سان هر هڪ مسئلو  ثابت ڪيل آهي. پير سائين جن اهو ڪتاب اٺٽيهه سال لاڳيتو تحقيق ڪري لکيو. سندن فرمان هو ته اسان ڪتب خانو جنهن ڪم لاءِ گڏ ڪيو آهي. اهو ڪم آهي حضور صلي الله عليھ وسلم جن جي مڪمل حياتي صحيح حديثن سان ظاهر ڪرڻ. آخر ڄمار ۾ يعني وفات وت به ٻه باب اهڙا هئا جن جي تحقيق ڪرڻ رهجي ويئي ان لاءِ پاڻ فرمائيندا هئا ته پاڻيهي الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي کي توفيق ڏيندو  جو اهو ڪم پورو ڪري وٺندو. ذڪر ڪيل ڪتاب جو آڳاٽو ڇپيل آهي سو به هينئر ناياب آهي، باقي اصلي نسخو قلمي صورت ۾ سندن ڪتب خانه ۾ پيل آهي.

*  هتي وچ ايشيا جي مسلم ممالڪ جا شاگرد به پڙهندا هئا. سرڪار کي جڏهين اها خبر پيئي تڏهين شڪ جاڳيس ته هنن ماڻهن جا خفيه تعلقات ٻاهرين سان به آهن.

*  پويان ٻئي ڪتاب حضرت پير سائين بيعت وارن يعني سندن والد مرحوم جن جا لکايل آهن. باقي جملي ڪتاب سندن لکيل آهن ۽ اهي هينئر به سندن اولاد ڇپارائيندو ۽ ورهائيندو اچي.

**  سندن لکيل ڪتابن مان اڪثر مون پاڻ ڏٺا آهن. وڌيڪ تصديق لاءِ حضرت مولانا عبدالقادر سانگهڙائيءَ ۽ علامه بديع الدين شاهه صاحب جن کان پڻ پڇي پوءِ لکيو اٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org