پاڻ جڏهين مولانا شوڪت علي مرحوم جي تقرير ٻڌائون
تڏهين فرمايائون ته هيءُ اسدالله آهي. مولانا
عبدالباري صاحب فرنگي محله لکنوي جن جڏهين تقرير
ڪئي تڏهين فرمايائون ته هيءُ ولي الله آهي.
ٻئي ڏينهن اهي سڀئي علماءَ ڪرام نواب غيبي خان جي
بنگلي تي پير سائين جن جي ملاقات لاءِ آيا ۽ اهو
مسئلو تحرير طور پيش ڪيائون ته ”شريف حسين بغاوت
ڪئي آهي، تنهن ڪري سياست طور حج بند ڪجي ۽ ماڻهن
کي حج تي وڃڻ کان منع ڪجي ۽ پير سائين جن کي
چيائون ته توهان هن فتويٰ تي صحيح ڪريو. پاڻ اها
ڳالهه ٻڌي فرمايائون ته اسان انهيءَ فتويٰ کي درست
ڪو نه ٿا سمجهون جڏهين ڪفار مڪھ تي قابض هئا،
تڏهين به حج ٿيندو هو. هينئر به حج بند نه ڪبو
توڙي سياست طور هجي.
اهڙيءَ طرح پاڻ ايتري قدر متاثر هوندي به صحيح
ڳالهه چئي ڏنائون ۽ پنهنجي سمجهه موجب جيڪو غلط
فيصلو ڏنائون ان تي عمل ڪرڻ لاءِ انڪارڪيائون.
سندن تصوف بابت خيال:
پير سائينجن تصوف جا قائل هئا. مگر وحدت الوجود
(همھء اوست) جي خلاف هئا. سندن تحرير خواه تقرير ۾
ڪٿي به اها بوءِ ڪا نه ٿي اچي ته ڪو هو همھء اوست
جا قائل هئا.
سندن سوٽ مرحوم پير نصرالله شاهه همھء اوستجو قائل
هوندو هو. انهيءَ پير صاحب سان هميشه سندن تحرير
مقابلو هلندو رهندو هو. پاڻ فرمائيندا هئا ته ”حال
جو صاحب هجڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ هنن ماڻهن کي ته رڳو
قولي دعويٰ آهي ۽ تن، تنن ڪيئن همھء اوست ٿي
سگهندو. اهو ڪفر آهي.
وحدت شهود (همھ از اوست) تي سندن مسلڪ امام رباني
رحمة الله عليه وارو هو. وحدت وجود جي رد ۾ سندن
ڪتاب به تصنيف ٿيل آهن. وحدت وجود جو مسئلو اڪثر
ڪري شاعر چورائيندا آهن. پير سائين جن جيتوڻيڪ
نهايت اعليٰ درجي جا شاعر به هئا. تاهم سندن شعر ۾
هڪ لفظ به اهڙو نظر ڪو نه ايندو، جنهن مان اهڙي
ڳالهه ظاهر ٿيندي هجي.
سندن مزاج:
پاڻ نهايت رحمدل ۽ شفيق هوندا هئا، سندن شفقت
ايترو ته همه گير هئي جو جنهن به ماڻهوءَ کان پڇبو
هو ته اهو ائين چوندو هو ته پير سائين جن جو سڀ
کان گهڻو پيار ۽ محبت مون سان آهي، جماعت سان سندن
نهايت گهڻو پيار هوندو هو.
مولوي ولي محمد ڪيرئي نظرپوريءَ مون سان ڳالهه ڪئي
ته پير سائين جن هڪ دفعي نماز پڙهڻ لاءِ ڪوٽ کان
ٻاهر نڪتا. فقيرن ڪنهن جاءِ جي ڀت جي اوساري پئي
ڪئي. انهن جا ڪپڙا ۽ هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئا. منهنجو
والد (مولوي ولي محمد جو) به انهن ڪم ڪندڙن ۾ هو،
تنهن پير سائين جن کي پيرين پئي ملڻ جو خيال ڪيو
پر مٽيءَ ۾ ڀريل هئو ۽ پير سائين جن جي هٿن ميرن
ٿيڻ جي ڊپ کان پٺتي هٽي بيٺو. پير سائين جن اهو
اندازو لڳائي ورتو سو يڪدم پاڻ اچي فقير کي ڀاڪر
پائي مليا. سندن اڇا ڌوتل ڪپڙا گپ ۾ ڀرجي ويا.
سندن انهيءَ عمل فقيرن تي ڏاڍو اثر ڪيو. ساڳيءَ
طرح اولاد عيال سان به نهايت ٻاجهاري نموني ۾
هلندا هئا. باقي شريعت شريف جي خلاف ذري جيتري
غفلت ۽ مخالفت به برداشت ڪو نه ڪندا هئا ۽ ڪا به
ڳالهه شريعت جي خلاف ڏسندا هئا ته يڪدم مناسب
تنبيھ ڪندا هئا ۽ هدايتون ڏيندا هئا.
مولوي عبدالقادر صاحب احمداڻي لغاريءَ ڳالهه ڪئي
ته ”پير سائين جن جو سندن فرزند پير نورالدين شاهه
سان ڏاڍو پيار هوندو هو ۽ سندس ڏاڍو لحاظ ۽* ادب
ڪندا هئا. (ڇاڪاڻ ته مٿس پير سائين بيعت وارن جو
نالو هو جي سندن والد ۽ مرشد هئا) هڪ دفعي ڪراچيءَ
جي سفر ۾ هئاسون ۽ مانيءَ کائڻ لاءِ هڪ سيٺ جي
جاءِ تي وياسون. جڏهين کاڌو سندن آڏو ۽ جماعت جي
آڏو رکيو ويو ته دستور موجب پير نورالدين شاهه جي
جاچ ڪيائون ۽ فرمايائون ته اهو ڇو حاضر ڪو نه آهي،
کيس وٺي اچو. مڄاڻ ڪو پير نورالدينشاهه آيو پئي ۽
انوقت ڏاڪڻ تان چڙهي رهيو هو. جڏهين پير صاحب
دروازي مان منهن ڪڍيو تڏهين سندن نظر مبارڪ وڃي
نورالدين شاهه جي ڏاڙهيءَ تي پيئي جا تازي ڪوڙيل
هئي. پاڻ بيحد گرم ٿي ويا ۽ فرمايائون ته ”توهان
تي پير سائين بيعت وارن جو نالو آهي، انهيءَ ڪري
اسان جي ڳچيءَ ۾ رسي آهي، جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن
پيو گهل، پر شريعت پير سائين جن کان وڏي آهي. ڇا!
تو کي پنهنجي پيءُ جي ڏاڙهي نٿي وڻي. انهيءَ وقت
سندن طبيعت ۾ ايترو جلال هو جو سوين ماڻهن مان
ڪنهن کي به ڪڇڻ جي مجال ڪا نه هئي. نورالدين شاهه
اتيئي دروازي تي بت بڻجي بيهي رهيو، ماني جيئن
جماعت جي آڏو پيل هئي، تيئن پيئي رهي، ڪنهن کي به
هڪ لقمي کڻڻ جي طاقت ئي ڪا نه ٿي.
ڪجهه وقت بعد جڏهين سندن جلاليت ڪَمِ ٿي تڏهين
جماعت منٿ ۽ زاري ڪري معافي ورتي. هوڏانهن هيتري
شفقت جو پنهنجي آغوش ۾ آڻي دعائون ڪن. هيڏانهن
ايڏو جلال جو غير شرعي ڪم لاءِ ڪجهه به برداشت نه
ٿئي.
الله وارن سان صحبتون:
پاڻ سندن والد ۽ مرشد ڪريم پير سائين بيعت ڌڻي رحه
جي صحبت ۾ روحاني فيض جي تربيت ورتائون جا سندن
سمجهه لائق ٿيڻ کان وٺي سندن عمر جڏهين چاليهه سال
ٿي، تيستائين هلي.
مرشد جي وفات بعد سندن متابعت پوريءَ ڪرڻ لاءِ
حضرت خليفي مولانا غلام محمد صاحب دينپور شريف
وارن جي خدمت ۾ ويا. جيئن سندن مرشد خليفه صاحب جن
جي مرشد حافظ محمد صديق صاحب رح ڀرچونڊيءَ وارن
جي خدمت ۾ پاڻ لڪائي ويا هئا. سندن والد صاحب جن
خليفه پير قنبر علي شاهه ٽنڊه محمد خان وارن کي
پير ڪري ۽ پاڻ فقير ٿي ويا هئا ۽ حافظ صاحب جن وٽ
هڪ رات رهي ساڻن صحبت ڪئي هئائون. حافظ صاحب جن
کان پاڻ ڪيتريبه لڪ ڪيائون ته به هن ولي الله پير
سائينجن کي سڃاڻي ورتو ۽ فرمايائين ته (پير قنبر
علي شاهه کي) سائين اوهان جو خليفو (پير سائين جن
جي نالي) وڏيءَ منزل جو صاحب آهي. ان کي پير قنبر
علي شاهه سچي ڳالهه ٻڌائي ڏني. ساڳيءَ طرح پير
رشدالله شاهه خليفه محمد خان جماليءَ رحه کي پير
بنائي پاڻ خليفه ٿي دينپور شريف خليفه غلام محمد
صاحب جن جي خدمت ۾ ويا. خليفه صاحب جن به کين
سڃاڻي ورتو پوءِ ته ڏاڍيون صحبتون ڪيائون. پاڻ
خليفه صاحب جن وٽان موٽي آيا پوءِ هميشھ فرمائيندا
هئا ته اسان کان جيڪڏهن ڪو الله واري جي خبر پڇي
ته اسين هوند ان کي عالم- عامل ۽ ڪامل خليفه غلام
محمد صاحب خانپور (دينپور) وارن جو ڏس ڏيون. ڇاڪاڻ
ته سندن صحبت ۾ رهڻ سان ماڻهو ظاهري توڙِ باطني
علم مان فيضياب ٿو ٿئي. پاڻ اهڙو اعلان سندن تصنيف
ڪيل ڪتاب ارشاد المريدين ۾ڇپارائي ڇڏيو هئائون.
علم باطنيءَ کانسواءِ ظاهري علم وارن سان به
روزانه علمي خواه ديني مسئلن، قرآن ۽ حديث جي
تحقيق تي تبادلهءِ خيالات ڪندا رهندا هئا. خاص طور
تي سندن استاد قاضي فتح محمد صاحب ۽ حضرت مولانا
عبيدالله صاحب جن سان سندن صبح توڙي شام گفتگو
ٿيندي رهندي هئي. ۽ تصنيف خواه تاليف جو ڪم شغل
جاري رهندو هو پاڻ جڏهين سفر تي ويندا هئا تڏهين
اول اها نيت ڪندا هئا ته رب سائين هن سفر ۾ اهڙا
الله جا ٻانها ملاءِ جن کان اسين ڪجهه سکون. يا
ته ڪي اهڙا ٻانها ملن جي اسان کان ڪجهه سکن. يعني
ته اسان جو سمورو وقت سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ پورو ٿئي.
سندن مجلس ۽ ان جا آدب:
هن کان اڳي ذڪر ٿي چڪو آهي ته پير رشدالله جن
پنهنجي زندگي متابعت محمديءَ موجب بڻائي ڇڏي هئي.
سندن هر هڪ ڪم، چرپر، عبادتن خواه گفتگو ۾ سنت
نبويءَ جو لحاظ رکيل هوندو هو. ان ڪري سندن مجلس
جو طريقو خالص اسلامي هوندو هو. پاڻ اشراق کان
پوءِ قرآن مجيد جي تلاوت کان واندا ٿي وڃي نيرن
ڪندا هئا. جتان جلد ئي موٽي اچي اوطاق ۾ ويهندا
هئا. سندن ڪچهريءَ ۾ اچڻ لاءِ اجازت وٺڻ جي ڪا به
ضرورت ڪا نه هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندن در تي ڪو به
دربان ويٺل ڪو نه هوندو هو. هر هڪ ايندڙ ماڻهو
سلام ورائي اچي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ۽ ظاهري ٺاهه
ٺوهه جهڙوڪ
ڪپڙو ڳچيءَ ۾ وجهي ٻانهون ٻڌي ويهڻ جي ڪا به ضرورت
ڪا نه هوندي هئي. پير صاحب هر هڪ ماڻهوءَ سان
(ويٺي) ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ خوش خير عافيت بعد ڪم
ڪار جو به پڇندو هو. سندن ڪچهريءَ ۾ ڪو به بيهوده
گفتگو ڪو نه ڪڍندو هو، نڪا وري ڪا اهڙي چرپر ٿيندي
هئي، جنهن مان سنت جي مخالفت ظاهر ٿئي. ڪچهريءَ
مان اٿڻ وقت هر هڪ ماڻهو موڪلائي پوءِ اٿندو هو.
ڪو به ماڻهو ڪم ڪار لءِ ايندو هو ته ان جو ڪم يڪدم
ڪيو ويندو هو.
ڪچهريءَ ۾ پاڻ بعض حالتن ۾ کٽ تي ويهندا هئا ۽
ڪڏهين پٽ تي ويهندا هئا ۽ ويهڻ وقت تڪيه تي ڀر
ڏيئي ويهندا هئا. الحاصل سندن مجلس خالص اسلامي
مجلس هوندي هئي. سندن ڪچهريءَ ۾ اڪثر ڪري هيٺين
قسمن جا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا هئا:
عالم- طالب العلم- مريد- دعا ڦيڻي وارا- علاج وارا
وغيره. (پاڻ اعليٰ درجي جا حڪيم هئا. سندن نسخا
سندن پونئيرن وٽ ڪتابي صورت ۾ محفوظ آهن).
علم نجوم ۽ علم جفر جي واقفيت:
پير رشدالله شاهه جن علم جفر ۽ علم نجوم جا تمام
گهڻو ڄاڻو هئا. سندن ڪتب خاني ۾ هن فن تي تمام
گهڻا ڪتاب هئا. مگر شريعت جي احترام ڪري اهي سڀ
ڪتاب ناس ڪيا ويا.
مولوي عبدالقادر صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ
دفعي پير سائين جن مون کي ٻڌايو ته مولوي صاحب
اسان کي
مستحصله به مالڪن سمجهائي ڇڏيو آهي. تنهن تي مون
عرض ڪيو ته قبلا مستحصله ڇا آهي پاڻ فرمايائون ته
مولوي صاحب جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سون ۽ چانديءَ
ٺاهڻ جو نسخو هٿ اچي وڃي ۽ مٿيون مسئلو به سمجهه ۾
اچي وڃي ته هو هوند مستحصله ۾ سون ۽ چانديءَ کي
ٺاهڻ کان وڌيڪ خوش ٿئي. هن فن جي واقفيت بعد پاڻ
جڏهين سمجهيائون ته هيءُ شريعت جي خلاف آهي تڏهين
عمل ڇڏي ڏنائون.
رشدالله شاهه جن جون ڪرامتون ۽ سندن دعائن جو
قبول ٿيڻ:
پير سائين رشدالله جن جي والد حضرت پير سائين
رشيدالدين عرف بيعت ڌڻي رحه جن جو قول آهي ته ڪشف،
ڪاني ۽ ڪرامت ٽيئي ڪفر جو ٽڳو، مڙس اهو ڀلو جيڪو
ٽنهي کان ڀڳو. ڪشف، ڪانيءَ ۽ ڪرامت بابت پير
رشدالله شاهه جن جي به ساڳي راءِ هئي. تنهن هوندي
به جيئن قدسي حديث شريف ۾ اچي ٿو ته ٻانهون جنهن
وقت دعا ٿو گهري تنهن وقت الله تعاليٰ فرمائي ٿو
ته جيستائين آءُ اها قبول نٿو ڪريان تيستائين شرم
ٿو محسوس ڪريان، يا ٻئي هنڌ اچي ٿو ته ”ٻانهو
جڏهين الله تعاليٰ کي راضي ٿو ڪري تڏهين الله
تعاليٰ ٻانهي جا هٿ ٿو ٿي پئي، جنهن سان هو ڪم ٿو
ڪري. سندس ڪن ٿو ٿئي جن سان ٻڌي ٿو. ٻانهي جون
اکيون ٿو ٿئي، جن سان ڏسي ٿو. ٻانهي جي زبان ٿو
ٿئي، جنهن سان هو ڳالهائي ٿو“ هن حديث جو مطلب آهي
ته الله جا نيڪ بندا ڪو به اهڙو ڪم ڪو نه ڪندا
آهن، جيڪو الله تعاليٰ جي منشا جي خلاف هجي، تنهن
ڪري ٻانهو جيڪو به ڪم ڪندو سو ضرور الله تعاليٰ
پورو ڪندو.
پير سائين جن الله وارا هئا ۽ سندن هر هڪ ڪم ۾ رب
جو راضپو خيال ۾ رکيل هوندو هو. تنهن ڪري سندن دعا
هر وقت الله تعاليٰ جي دربار ۾ قبول ٿيل هوندي
هئي، پاڻ جيڪا به دعا گهرندا هئا سا منظور ٿيندي
هئي. پير سائين جن جي جماعت مان اڃا تمام گهڻا
ماڻهو زنده آهن، جيڪي سندن ڪرامتن جا ڪيترائي
واقعا ٻڌائيندا آهن. هتي صرف هڪ واقعو مثال طور
پيش ڪجي ٿو، خود راقم جي وڏن سان تعلق رکي ٿو ۽
راقم اهو پنهنجي والدين کان بارها ٻڌو آهي.
منهنجي چاچي سيد خان محمد شاهه ولد سيد محمد شاهه
بخاريءَ مرحوم ڳالهه ڪئي ته ”هڪڙي سال سنڌو نديءَ
جو رخ هن طرف ٿي پيو ۽ ڪيئي هزار ايڪڙ زمين ۽ ٻه
چار ننڍا ڳوٺ جهڙوڪ: ڳوٺ بدر لاکو، ڳوٺ ڀيڏا، ڳوٺ
بولو ماڇي پٽيوال جي اوطاق وغيره به درياءُ پائي
ويو ۽ اسان جون زمينون به درياءُ پائي ويو.
درياءُ ڳوٺ امين لاکي کان ٽن فرلانگن جي مفاصلي تي
اچي پهتو هو ۽ زور سان پئي پاتائين. جيڪڏهين هڪ
ڏينهن باقي پائيندڙ رهي ها ته امين لاکي جو ڳوٺ
به کڄي وڃي ها. درياءَ جي انهيءَ پائڻ واريءَ
رفتار سڄي ڳوٺ ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو. آءٌ هڪ ڏينهن
فجر سان پريشان ٿي پير سائين جن وٽ ويس، پاڻ
ڳالهه ٻڌي دعا به گهريائون ۽ تعويذ به لکي ڏنائون.
اهو تعويذ مون خواجه خضر کي سلام ڏيئي اچي درياءَ
۾ اڇلايو. ٻئي ڏينهن آءٌ وري پير سائين وٽ ويس پاڻ
فرمايائون ته ميان خان محمد شاهه اسان ته درياءَ
کي رات مانجهندن جي هيٺان وهندو ڏٺو آهي (ان
درياءَ کي رات مانجهندن جي هيٺان وهندو ڏٺو آهي
(ان وقت درياءُ مانجهندن کان پنج ميل پري وهي رهيو
هو) الله تعاليٰ جي قدرت ٿي جو ٻيءَ رات درياءُ
پنهنجو رخ ئي بدلائي ويو، درياءُ اڄ تائين امين
لاکي کان پنج، ڇهه ميل پري وهي رهيو آهي. سندن
ٻيون به ڪافي ڪرامتون بيان ڪيون وينديون آهن. پر
هتي طواليت سبب ڪو نه ٿيون ڏجن.
سندن شاديون، اولاد ۽ گهريلو زندگي:
سيد رشدالله شاهه جن جدا جدا وقتن تي جملي پنج
شاديون ڪيون (هڪ وقت گڏ ٽي حرم هئن) جن مان جملي
ست پٽ ۽ چار نياڻيون ٿين. سندن فرزندن مان چار اڃا
تائين زندهه آهن. 1- پير الحاج محمد مهدي شاهه، 2-
پير نورالدين شاهه، 3- پير سرورالدين شباهه، 4-
پير شرف الدين شاهه.
سندن هر هڪ حرم لاءِ رهڻ جي جاءِ علحده هوندي هئي
۽ هر هڪ گهر لاءِ ساليانه خرچ پکو مقرر ڪري ڇڏيندا
هئاجو وقت سر کين ملندو رهندو هو. گهر ۾ اٿڻ ويهڻ
جو نمونو نهايت سادو ۽ سنت مطابق هوندو هو.
دينداريءَ جو خاص خيال رکيو ويندو هو. سڄي ڪوٽ
اندر ڪو به هڪ ماڻهو اهڙو نه هو جيڪو اسلام جي
ارڪانن جي ادا ڪرڻ جو پوريءَ طرح پابند نه هجي.
رمضان شريف ۾ اڪثر پردو ڪرائي اهل پرده ماڻهن کي
قرآن مجيد جو ختمو ٻڌارايو ويندو هو يعني زالون به
پردي جي پٺيان تراويحون پڙهنديون هيون. گهرو ڪم
ڪار اندريان ماڻهو ٻانهين جي مدد سان ڪندا هئا ۽
کين گهر جي ڪم ڪرڻ ۾ ڪو به عار ڪو نه هوندو هو.
گذر اوقات:
سيد رشدالله شاهه جن ٻين پيرن وانگر مريدن جي هٿن
ڏانهن نهارڻ کي نهايت خراب سمجهندا هئا.
جيتوڻيڪسندن وقت ۾ دنيا ترقيءَ ڏانهن مائل هئي
تاهم پاڻ ٺٺ ٺاهه کان نفرت ڪندا هئا. هن دور ۾ سنڌ
۾ موجوده نموني تي زراعت نه هئي، تنهن ڪري واپاري
۽ نوڪري وارن ماڻهن کانسواءِ ٻيا ماڻهو ايترو
ڪشادگيءَ سان گذر ڪو نه ڪري سگهندا هئا. اهو ئي
سبب هو جو سيد رشدالله جن جا مريد کين ايترو گهڻو
نذرانو ڪو نه ڏيندا هئا جو سندن وقت انهيءَ تي
گذري. سندن ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي اولهه طرف مارک واه
(مبارڪ) وهندو هو. انهيءَ تي نار ڪرائيندا هئا.
سندن ڳوٺ جي چؤطرف سٺ ايڪڙ کن زمين جا، مخدوم صاحب
هالن واري ڏنا هئن جي اڄ تائين به سندن پونئرن جي
قبضي ۾ آهن. اها زمين واري تي آباد ڪرائيندا هئا.
۽ ان مان آيل پيدائش تي گذر ٿيندو هونِ. سندن وڏو
فرزند پير سائين ضياءُ الدين شاهه مرحوم پڻ جدا
نار ڪرائيندو هئو. ان کانسواءِ باقي ڪوٽ جا پير به
جدا جدا نار ڪرائيندا هئا ۽ انهيءَ تي ئي گذر
ٿيندو هون.
سيد رشدالله شاهه جن کي گوجري ڏانهن زمين هوندي
هئي اها مقاطع تي ڏيندا هئا ۽ اڪثر ڪري ان جو
مقاطع ڌمڻ سنگهه ۽ ميٺا سنگهه کي ڏيندا هئا. انهن
پيسن کي به پنهنجي گذر اوقات لاءِ استعمال ڪندا
هئا.
لنگر خانه:
مون سان پنهنجي وڏن ڳالهه ڪئي ته پير سائين خلافت
وارن جي وقت ۾ اهو ڪو به ڏينهن خالي ڪو نه هو،
جنهن ۾ سوين ماڻهو پير ڪوٽ تي نه آيل هجن ۽ ڳوٺ جي
مسجد خواه ٻيون اوطاقون هميشه ماڻهن سان ڀريون
پيون هونديون هيون. ايترن ماڻهن جي کاڌي پيتي لاءِ
جماعت جي طرفان لنگر فنڊ قائم ڪيو ويو. جماعت سڄي
سال جو خرچ پاڻ ڏيندي هئي ۽ لنگر خانه جو
بورچيخانه به ٻاهر هوندو هو ۽ ٻاهران آيل عوام کي
سادي سودي ماني کارائڻ ۾ ايندي هئي. اسان جا وڏا
وڌيڪ ٻڌائيندا هئا ته نگر جي دال ۾ جيڪا لذت هوندي
هئي سا انهن کي محسوس ٿيندي جن اها دال کاڌي
هوندي. اهو ئي سبب هوندو هو جو ٻاهران آيل وڏا
ماڻهو به ٻين طعامن سان گڏ لنگر جي دال ضرور
طلبيندا هئا. جهنڊه وارن پيرن جو لنگر اڄ تائين به
ساڳئي نموني تي هلندو اچي. ۽ اهو پڳ واري جي
نظرداريءَ هيٺ هلندو آهي.
غير مسلمن سان رواداري:
اسلامي تعليم ۾ هن نڪته تي خصوصي طرح زور ڏنل آهي
ته غير مسلم ماڻهن سان بنا سبب جي نه وڙهو ۽ انهن
سان سهڻو برتاءُ ڪريو. پير سائين جن لاءِ هن کان
اڳ بيان ٿي چڪو آهي ته پاڻ شريعت جا پورا پابند
هوا. انهيءَ ڪري غير مسلم قومن جي فردن سان سندن
نهايت سهڻو برتاءُ هوندو هو.
مولوي عبدالقادر صاحب لغاريءَ ڳالهه ڪئي ته هڪ
دفعي نوابشاهه ضلعي جي مريدن ۾ پاڻ هليا هئا سندن
گوجري واريءَ زمين جو مقاطع دار سيٺ ڌمڻ سنگهه
آيو. پاڻ ان کي رلي چوڻي ڪري وڇارائي ڏنائون ۽ ان
تي کيس وهاريائون. وڌيڪ مولوي صاحب ٻڌايو ته مون
کي دل ۾ ٿورو خيال ٿيو ته هي ڇا ٿا ڪن؟ پاڻ منهن
ڏانهن نهاري سمجهي ويا ۽ فرمايائون ته مولوي صاحب
حديث ۾ اچي ٿو ته اذا جاءَ ڪريم القوم فاڪر موه.
يعني جڏهين اوهان وٽ ڪنهن به قوم جو وڏو ماڻهو اچي
تڏهين اوهان ان جي عزت ڪريو.
چون ٿا ته خلافت ۽ ڪانگريس واري هلچل جي دور ۾ هڪ
دفعي جڏهين ساڻن گانڌي مهراج ڀاڪر پائي مليو تڏهين
پاڻ جماعت کي فرمايائون ته اسان گانڌي مهراج جي دل
روشن ڏٺي يعني گانڌيءَ کي قلبي ذڪر هو.
هڪ دفعي ڪو هندو چڻن جا ڪُهرَ رڌي مسجد ۾ کڻي آيو
۽ اچي عرض ڪيائين ته سائين هي جماعت کي ورهائي ڏيڻ
۾ اچن. پاڻ هڪ فقير کي حڪم ڪيائون جنهن سڀني
حاضرينن ۾ اهي ورهايا. هندوءَ جي وڃڻ بعد ڪنهن عرض
ڪيو ته قبلا! هي ڇا هندوءَ جي شئي ڪيئن کائبي!!
پاڻ فرمايائون ته دادا هندوءَ ڏانهن ڏسون يا
اماڻيندڙ ڏانهن ڏسون. مطلب ته سندن طبيعت مبارڪ ۾
غير مسلم لاءِ به عزت جو مادو سمايل هو.
ذڪر اذڪار ۽ درود وظائف:
پاڻ هميشه اسر جو اٿي تهجد پڙهندا هئا، ان کانپوءِ
يارهن سو دفعا صلوٰة سڳوري پڙهي کٽ تي آرامي ٿيندا
هئا. جيڪڏهن سفر ۾ هوندا هئا ته نفلن بعد حافظن کي
حڪم ڏيندا هئا ته قرآن پاڪ جي تلاوت ڪريو. حافظ
جڏهين ٻه يا ٽي سيپاره ٻڌائيندا هئا، تڏهين فجر جي
بانگ جي مهل ٿيندي هئي. پاڻ پوءِ سنت پڙهي
ايڪيتاليهه دفعا الحمد شريف پڙهندا هئا. فجر نماز
ادا ڪري جماعت ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا ۽ هڪ
فقير اٿي بيهي وڏي آواز سان الاسماءُ الحسنيٰ سنڌي
ترجمه سان جماعت کي ٻائيندو هو. پوءِ اشراق پڙهندا
هئا. اشراق بعد سوا سيپارو قرآن مجيد جي تلاوت
ڪندا هئا. ان بعد نيرن لاءِ جاءِ تي ويندا هئا.
انهن عبادتن کانسواءِ پاڻ اٺن پهرن ۾ جيڪي دعائون
۽ وظيفه پڙهندا هئا اهي قرآن شريف جي پندرهن
سيپارن جيترا ٿيندا. سندن وظائف هڪ ڪتاب ۾ لکيل
آهن. جو موجوده سجاده نشيننوٽ آهي. سندن وظيفه ۽
دعائون اهي آهن، جيڪي قرآن مجيد ۽ حدث شريف ۾ آيل
آهن. ڪا به اهڙي دعا ڪا نه پڙهندا هئا جيڪا بناوتي
هجي. ازانسواءِ پاڻ دعائون به اهڙن وقتن تي پڙهندا
هئا جن تي اهي دعائون حضور صلي الله عليھ وسلم جن
خود پڙهندا هئا. جمع جي ڏينهن مقرر وظيفن کانسواءِ
سورة ڪهف پڻ تلاوت فرمائيندا هئا.
حليه:
پاڻ قداور ۽ جسم ۾ ڀريل هئا سندن منهن مبارڪ ڪشادو
۽ حشمت وارو هو. سندن ڏاڙهي مبارڪ گول ۽ گهاٽي
هئي. سندن رنگ پڪو، اکيون روشن ڪاريون ۽ نهايت فيض
واريون هيون. سندن نظرن ۾ فيض جو اٿر هو. پيريءَ ۾
سندن ڏاڙهي مبارڪ سفيد ٿي ويئي هئي.
پوشاڪ:
پاڻ سنڌي سلوار ۽ پيراهن ڊگهو ساڄي پاسي ڳچيءَ سان
پهريندا هئا. مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا. ڳچيءَ ۾
رومال هوندو هون، جنهن ۾ تسبيح ۽ ڪن ۽ ڏند کوٽڻيون
ٻڌل هونديون هيون. جمعي جي ڏينهن گول دستار مبارڪ
پنهنجي قديمي دستور موجب ٻڌندا هئا ۽ بالا پوش به
استعمال ڪندا هئا. سياري ۾ جوراب پائيندا هئا ۽
ساڄي هٿ ۾ لٺ کڻندا هئا. ۽ پيرن ۾ کڙين ڀڳل جتي
پائيندا هئا. سندن ڪپڙا ۽ جتي وغيره اڃا به پيل
آهن، جي پراڻي دستور موجب ڪنهن زماني ۾ جماعت کي
برڪت خاطر ڏيکاريندا هئا. اهي تبرڪات هينئر ڏيکارڻ
۾ ڪو نه ايندا آهن. مگر محفوظ آهن.
وفات:
سنه 1340هه ۾ پاڻ بي خوش ٿي پيا. کين مالڪن جي
ملاقات لاءِ سڏ ٿي چڪو هو. دوائن ڪو به فائدو
ڪونه ڪيو. آخر رمضان شريف ۾ وصال ڪيائون. انگريزي
سنه 1922ع هو. وفات وقت سندن عمر 63 ٽيهٺ سال هئي.
کين پنهنجي چاچي ۽ والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. ڳوٺ
پير جهنڊه وارن جي مسجد جي ڀرسان چوڪنڊيءَ ۾ جملي
پير صاحبن جون قبرون آهن. ۽ اهي سنت مطابق ٺهيل
آهن. يعني سندن صرف لوڙهه زمين کان مٿي ڏسڻ ۾ اچي
ٿي.
|