غزل
رونق فِزا چمن ۾ فصلِ بهار آهي،
جانِ بهار تنهنجو بس انتظار آهي.
گلشن ۾ گرچه آهن، غنچا، ڪَليون ۽ مُکڙيون،
سينگار پرچمن جو هُو گلعذار آهي.
اَي دلِ ڏَڪِي ڏڪِي هل، بس پير پير کڻ تون،
ديروَ حَرَم نه آهي هِي بزمِ يار آهي.
مُنهنجي ئي خط جا پُرزا قاصد ڏِئي چيو خط،
ايندو اڃا مفصل، هي اختصار آهي.
اَي حُسنِ ليلى دل تنهنجو گذر هو دل ۾،
سو قافلو هليو ويو ليڪن غبار آهي.
”سرشار“ بي نياز پيوند آهيان مان،
دامنِ سان گڏ گريبان ڀي تار تار آهي.
(ڪراچي عيدالفطر 14- جون 1953ع)
غزل
اِئين واردِ بزمِ جانان نه ٿي،
جُنون! هوش ڪر چاڪ دامان نه ٿي.
گُل تَر ۾ آهي اڃا تازگي،
سرِ شام شَبنَم تون گريان نه ٿي.
اَچان ٿو تَجلي تي پروانه وار،
مگر شمع تون برقِ سوزان نه ٿي.
زمانو ٿيو گرچه آسان طلب،
مگر تون ته اي عشق! آسان نه ٿي.
تون پنهنجي به ڪجهه قدر وقيمت سڃاڻ،
پَئي حُسن، اي عِشق! اَرزان نه ٿي.
ٽِمائَي سَگهين ٿو جي ”سرشار“ نيڻ،
ته مِنت ڪَشِ ابرِ باران نه ٿي.
(ڪراچي 27- 1953ع)
غزل
نه محفل آهه سان محفل نه جنهن ۾ يار هُجي،
مگر هُجي ته هُجي اِئين جو همڪنار هُجي.
نه هار هار ٿئي جو نه دل جو هار هُجي،
نه ٺار ٺار ٿَئي جو نه اک جو ٺار هُجي.
نه تِير ڪو تِير نَظَر جو مَٽ آهي،
نه تِير تِير ٿئي جو نه دل جي پار هُجي.
وصالِ يار جِي اي دل نه آرزا ڪر تون،
ڪري سو جنهن کي قيامت جو انتظار هُجي.
خُمار ڏين ته اُهو ڏي خمار اي ساقي،
جو قبر مان به اُٿان ته به اڃا خمار هجي.
بهار مُنهنجِي اي ”سرشار“ دلبهار جي وَس،
ٿيو ڇا باغِ جهان ۾ کڻي بهار هجي.
(ڪراچي 27 آڪٽوبر 1953ع)
غزل
ڪا گهڙي مون کي گوارا يار کان دوري نه ٿي،
دل تي پٿر مون رکيا پر دور مجبوري نه ٿي.
عاشقِ ناشاد جي دل، حسرتن جو هڪ مزار،
آرزو تي جان ڏيندي، آرزو پوري نه ٿي.
پُور هڪ ۾ پَچ، اي دل، ڪثرت ڇڏي وحدت کي وٺ،
ٿي سِرُن جو هڪ بَٺو ڪنڀارَ جي کُوري نه ٿي.
سالڪن جي دل سِيهه ماحول ۾ پاتم سفيد،
گرچه گَپَ ۾ ئي رهي ڪاري نه ٿي، ڀوري نه ٿي.
يادِ ماضيءَ جا اڳيئي چاڪ ٿا دل ۾ چِڪن،
زخمِ تازه! تون چِڪڻ ڇڏ، تون ته ناسوري نه ٿي.
طُور تي پهنچي به ڪو موسى جيان محروم هو،
دوست جي ديدار بِن ڪا دل کي مسروري نه ٿي.
زلف مُشڪين سان پڄائي شرط! ڇا ڪنهن جي مجال!
ڪنڌ لوڏي مُشڪ موٽي، پيش کسٿوري نه ٿي.
ڪوثر وتسنيم جو وعدو بجا، پر اي خدا،
خُلد ۾ ڇا لطف، جي صُهباءِ انگوري نه ٿي.
چشمِ نرگس، چشم غزاله، جي ڪن تعريف ٿا،
سي ڏٺم، پر اَي نگاههِ يار! مخموري نه ٿي.
دل جو ٿيو نخلِ تمنا، گاهه جِئن بيڪار وَلِ،
گل پري، ميوو پري، مُرڳو گجر مُوري نه ٿي.
”ساموئيءَ“ ۾ ڪيترا آيا ”تماچي“ تخت تي،
هاءِ! پر ”ڪينجهر“ ڪناري ڪابه ٻي نُوري نه ٿي.
حُسن کي ”سرشار“ منهنجي شِعر سان شهرت مِلي،
ڇا ٿيو جي شاعرن ۾ منهنجي مشهوري نه ٿي.
(ڪراچي 25- اپريل 1954ع)
غزل
گُلِ رعنا نه لُڏ، باد صبا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي،
ادائي ناز کي اُن جي ادا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
ڪنول آب روان ۾ ٽِڙي مُرڪي، جُهلي، جُهومي،
مگر موجِ حياتِ بي بقا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
تمنائي دل بيتاب آهي وصل جِي جُويا،
مگر محبوب جِي رَمز ۽ رضا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
جُنون مُنهنجو رڳو چاڪِ گريبان تي ئي خوش آهي،
گلن جِي چاڪ صد پاره قبا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
چوي ٿو عقل دردِ عشق جي دهشت کان ڪر توبه،
مگر مون کي دلِ درد آشنا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
گهڻا چنگيز ونادر جي ستم جا مون ٻڌا قِصا،
مگر تُنهنجي صنم طرزِ جَفا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
عجب تشويش ۾ آهي، مريضِ عشق جي حالت،
دوا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي، قضا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
سَرِجام، سِيهه وَرزي، سِيهَه ڪاري جا سَرَ آهن،
۽ ترتيبِ قبائي پارسا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
گُهرڻ ”سرشار“ ڇا گهرجي، اِهو خود آهي مشڪل ڪم،
لَبَن تي ڪُجهه اَچي ٿو ۽ دعا ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي.
(ڪراچي 11- جولاءِ 1954ع)
غزل
دل ۾ وَسي نه يار ته سا دِل نٿي رَهي،
مَحمِل، بغير لَيلى جي، محمل نٿي رَهي.
احسان تنهنجو آهه اِهو اي جمالِ دوست،
جو دل خيالِ، غير ڏانهن مائل نٿي رَهي.
جيڪي ڏسن پاڻ ۾ جَهاتِي وِجهي پرين،
تن جي نَظَر ۾ دُوري منزل نٿي رَهي.
لَکَ اِهتمام ڇو نه هُجن پر بغير يار،
محفل ئي جنهن کي چئجي سان محفل نٿي رَهي.
اي هِجر تون ئي باعثِ اُميدِ وصل آهين،
مشڪل ٿِئي مدام ته مشڪل نٿي رَهي.
اي يادِ يار مُنهنجي نه وس آهه، ڇا ڪريان،
مان روڪيان ٿو دل کي مگر دل نٿي رَهي.
جيسين رَهي نظر جي نه سامهون جمالِ دوست،
”سرشار“ طَبع شِعر ڏانهن مائل نٿي رَهي.
(لاڙڪاڻو 10- اپريل 1955ع)
غزل
هزارين سُکَ، سڄڻ جَي سوزَ، سِڪَ، آزار تان صدقي،
هزارين تندرستيون بِرهه جَي بيمار تان صدقي،
هزارين دولتون هڪ عاشقِ نادار تان صدقي،
سَوَين نوشيروان هڪ پِرت جي پينار تان صدقي.
نڪي تسبيح تان صدقي نڪي زنار تان صدقي،
ٿين عاشق ٿا تُنهنجي گيسوئي خَمدار تان صدقي.
لِڪل هَو خال جو ڌاڻو مٿان هُئي دام زُلفن جي،
پَکَيڙي ڄار تَو اِهڙي، پَکي ٿيا ڄار تان صدقي.
ڪَيَو دل اعتبار اک تي، مگر دل کي ته ماريو اک،
فدا گهر ٻار جنهن تان هو ساٿي گهر ٻار تان صدقي.
ڪَشَي تلوار اَبرو جي ڪري ٿو وار جو دلبر،
ته سئو سئو وار مُنهنجو وار وار اُن وار تان صدقي.
گلاب وڪيمخوابي اَطلَس آهن دلربا ليڪن،
گلابي ڪيمخوابي اَطلَسِي رُخسار تان صدقي.
وِڇايان اُت اکيون پنهنجون گُهَمي جنهن گَسَ مٿان
سهڻو،
سيڪن ٿا ديد، ٿين دلدار جَي ديدار تان صدقي.
جُهڪايا جنهن ٿي جادوگر سَو موسى غَش ٿيو ”سرشار“،
نگاههِ يار جو جادو! نگاههِ يار تان صدقي.
(لاڙڪاڻو 10- اپريل 1955ع)
غزل
ماسَ جا ٽُڪرا گهڻا پر دِل اُها جا دِل هُجي،
هڪ شفاف آئيني وانگر دِيد جي قابل هجي.
زخم ڪو ظاهر هجي جنهن جي ٿئي مرهم پَٽِي،
سو ڪَري ڇا جو ڪَنهِين جي گُهورَ جو گهائل هجي.
سُونهن جي سرڪار جهڙِي ڪانه ٻي سرڪار سخت،
جِت محبت جو جَتائڻ ڏوهه ۾ داخِل هجي.
راههِ الفت ۾ رکڻ گُهرجي، اِئَين ڦوڪي قدم،
هر قدم ڄَڻ مرحلو، هر وِکَ به ڄڻ منزل هجي.
لَيلى بَي پرده اي مَجنون نه ڏس چريو نه ٿي،
حُسنِ عالم سوز کي پردو هُجي، محمِل هُجي.
مُون جِيان جو موج گهيري وِچ هجي، تنهن کي ئي ڪَل،
ڇا ٻُجهي جنهن جو سَفِينوُ برلبِ ساحِل هجي.
هر ڪَنهين وٽ تون نه اي ”سرشار“ پنهنجو هَٿ
ڊِگهيڙ،
سو سچو سوالي جو سيد جي اڳيان سائِل هجي.
(ڪراچي 23- مئي 1955ع)
غزل
آزمايو مون اي ساقي همت مردانه کي،
پر ڏِٺَم افضل انهي کان جرئتِ رندانه کي.
ڪو چئه ليلى ۾ اي مجنون وڃين ٿو هوش ڪر،
بهتر آهي روڪ پنهنجي وحشتِ ديوانه کي.
سَر پڇاڙڻ يار جَي در تي گهُران ٿو بار بار،
چُور ڪندِي سَرَ جي سَٽَ سنگِ درِ جانانه کي.
رک وڃي منهنجي سڄڻ جو بُت ٻين جي اوُٽ ۾،
پوءِ بيشڪ ڏس برهمڻ شهرتِ بتخانه کي.
پاڻ پروانن کي ساڙي شَمع خود ويئي سڙي
ڇا نه قدرت جوت بخشِي سوزشِ پروانه کي.
افسري هوندي به اي سرشار نئڙت ۾ گذار،
ڪا بقا ناهي ميسر شوڪتِ شاهانه کي.
(ڪراچي 6-آگسٽ 1955ع)
غزل
چشم تر جو ٿِئي ڀَلو ڪيائين لُڙڪ نذرانا ٻه ٽي،
بخش بَديون ٿيون سَوين ڀريا مون جُرمانا ٻه ٽي.
پهه پچڻ جو ڪيو پتنگن پک پڇاڙيائون وَس ڪيائون،
پر ڄڀيءَ ڄيري به پهتا تن مان پروانا ٻه ٽي.
ناز جي محلاف غمزه جي دري آڏي نظر،
حُسن وارن جا اِهي آهن پريخانا ٻه ٽي.
سَوَ سُکن سان آشنائيون عُمر جون آيا نه ڪم،
ساٿ تن سورن ڏنو سمجهيم جي بيگانا ٻه ٽي.
سور سُمهندي اَهنج اٿندي لَيٽندي ليڙاٽيون،
سوکڙيون سِڪ جون اچن ٿيون مون ڏي روزانا ٻه ٽي.
لنئون لڳڻ ڌاران ارسطو ٿيو نه افلاطون ٿيو،
سي هوا ديوانا جي سمجهيا ٿي ويا دانا ٻه ٽي.
بعد مردن خانهء ميخوار مان نڪتو اهو،
هڪ صراحي چند پُرزار پُرزار پَيمانا ٻه ٽي.
سِڪ هي سرشاري ڏني جو اڃ جا بُت اونڌا ٿيا،
المَدد اي عشق آهن بُک جا بتخانه ٻه ٽي.
الف ليلى کي ڇڏي ”سرشار“ سڀ پڙهندا اِهي،
يار جي سِڪ جا لِکيئَي جي اهڙا افسانا ٻه ٽي.
(صوفي فقير 10-مارچ 1956ع )
غزل
خدارا ڪَش وري مون ڏي اهو تيرِ نظر ساقي،
جو تَرڪش ٿي پوي منهنجي ڪمان چشمِ تر ساقي!
لبِ تشنه سرِ پيمانه مُمسِڪ جيئن رکان ٿو تيئن،
ڇڏيندو منهنجو سر هرگز نه تنهنجو سنگِ در ساقي.
منقش ڪبعه رُخ تي ڏٺم آيات آبِ زر،
ته پِيتم آبِ زمزم جي بجاءِ آبِ زر ساقي.
تلاشِ ميڪده آهي تلاشِ حق جي مترادف،
گهڻي مشڪل سان تنهنجو مون لڌو اڄ آهه در ساقي.
لباسِ فُقر ۾ ملبوس مستانن کي ڇا پياريئه،
رکن ٿا جي سڪندر کان به وڌ هي ڪروفر ساقي؟
ڪمال قطره مي جو ڇا اندازو ڪري ڪوئي،
نظامِ عقل و هوش آهي جتي زير و زبر ساقي.
عجب اهي پري تائين سخا جو هٿ ڊگهيرين ٿو،
رڳو جي در جهلي بيٺا ٿيا سي بهره ور ساقي.
مليم جو گوهرِ مقصود همرنگ مئي گُلگون،
نه ڇو تو گهوٽ تان گهوري ڇڏيان لَعل و گهُر ساقي.
پري کان ڏي نگاهه نازمان ”سرشار“ کي سُرڪي،
سرِ ميخانه آهي ميڪشن جو شور و شر ساقي. |