سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :2

غزل

مُنهن خزان ڏي فصلِ گُل جِي اي چمن شهرت غلط،

چند روزه چهچٽي جِي ڇو ٿو ڏين دعوت غلط.

 

سِڪ ۾ سڀڪجهه تون سَهِي وڃ ڪين اي دلِ چور چپ،

يار سان تڪرار ڪوڙو، يار سان حجت غلط.

 

نيشه زَن ٿي نانگ وانگي جان وَرتائين ته ڇا؟

 زلفِ عنبر بار جِي هي ڪنهن ڪَٿي قيمت غلط.

 

راهه ۾ دامن نه پُرزا ٿيو گريبان ڇو بَچي،

نزدِ محمل وٺ اِهو رُخ تون نه اي وحشت غلط.

 

جنهن نمازي قبله رُو ٿي ڪڻڪ جي ماني گهُري،

ڪين ڪعبه تائين پهتو، ڇو ته هُئي نِيت غلط.

 

پيٽ سانگي ڀي نه اي ”سرشار“ دلِ دنيا ۾ ڌر،

پوءِ ٿوري يا گهڻي، پَر غَير ڏي رغبت غلط.

غزل

 

وڃايم واٽ غفلت سان نه ڏِس تون مون وِلهي جو وڙ،

سڄڻ ڏسَ پار ڏيئي پاڻ ڪر ڪو رَهبري جو وڙ.

 

مَڃيان ٿو مون نباهڻ جي نه بيشڪ ريت ڄاتي، پر،

سَڄَڻ سائين سَٻاجها تون سُڃاڻج دوستي جو وڙ.

 

نه آهي ڪا سَهَڻ جي سَگهه چوي ٿو عشق پر مون کي،

”ڏيڻ دلبر کي ڏوراپا نه آهي عاشقي جو وڙ“.

 

سوا چَرئي ٿيڻ جَي ٻيو نه حِيلو ڪو سُجهي مون کي،

ڏِسان ٿو آزمائي قيَس جِئن ديوانگي جو وڙ.

 

نِڪمن کي بَنائي ڪارگر ٿو عشق جو جذبو،

نه ڄاڻن ٿا ڪا پردازي نه ڪو ڪاريگري جو وڙ.

 

اگرچ ميڪشن جهڙو نه وڙ ”سرشار“ ۾ ڪوئي،

خدا ڪارڻ مگر ساقي نه ڇڏ ساقي گري جو وڙ.

(ڪراچي 4-اپريل 1953ع )

غزل

 

دل جو ڌڙڪڻ، درحقيقت، آهه دلبر جيِ تلاش،

”جوهري کي ٿي رَهَي هر وقت جوهر جي تلاش“.

 

عقل سان اسرار ڳولڻ ”سَعي لاحاصل“ مثال،

جئن پري دَاڻو پيل، ۽ مرغِ جي پَر جي تلاش.

 

مهه لقا! توکي رقيبن جي پڇا سونهي نٿي،

مُشتري تا رد ڪَري ڇاڪاڻ ڇنڇر جي تلاش.

 

قيد کان ٻاهر نٿي وحشت ڏنو مون کي ويهڻ،

۽ رَهِي زندان ۾ ديوار ۽ در جي تلاش.

 

چشم تر منهنجو ڏسي ٿي ديدهء شبنم رُنو،

مون ڏِسِي شبنم ڪئي ٿي ديدهء تر جي تلاش.

 

سَي ڪندا ”سرشار“ ڪنهن پَر خيرو شر ۾ امتياز،

عمر ساري جن جو آهي مشغلو شَر جي تلاش.

 

(ڪراچي 3-مئي1952ع)

غزل

جِيئن وِيرِ ٻيٽ ٻوڙَي ٿي ساحل جي آس پاس،

تِئن دردِ دل ٿو دَور ڪري دل جي آس پاس.

 

هُن ٿي سنواريا زُلفَ، ۽ رخسار تي هو هٿ،

مشڪل جو حل جئن ڳولي ڪو مشڪل جي آس پاس.

 

ڪاٽا پتنگ، پر سي نشاني ڇڏي ويا پَرَ،

محفل کان ڏُور ڪجهه ته ڪي محفل جي آس پاس.

 

لَيلى جي رُخ تي ڌارَ هو پردو پيو مگر،

ڀِٽڪيو ٿي قيس پردهء محمل جي آس پاس.

 

بي چارگيءَ تي اُن جي ٿي قُدرت کي کِلَ اَچي،

منزل وِڃائي جنهن هُجي منزل جي آس پاس.

 

”سرشار“ تُنهنجو شِعر عيوبِ سخن کان پاڪ،

چمڪي جئن آسمان تي ڪامل جي آس پاس.

 

(ڪراچي 7- فيبروري 1953ع)

غزل

 

گُوندرن گڏجِي ڪَئي گرنار سان مُنهنجي رهاڻ،

ساز ساٿي، حال محرم يار سان مُنهنجِي رهاڻ.

 

نِينهن نس نس ڪئي سُريلي راڳ رڳ رڳ ۾ پيو،

تَن تنبوري تار وانگي تار سان مُنهنجِي رهاڻ.

 

سِرَ جي بازي هُئي، ڏِنم سر هيج مان هارايو مون،

جِيت سان هر ڪوڙَ کي پر هار سان منهنجِي رهاڻ.

 

نِير نَيڻَن مان وَهي ٿو، نار جئن کنڀات جِي،

هِئن ٿئي ٿِي هُن هِنئين جي ٺارَ سان منهنجي رهاڻ.

 

ٻول ٻيجل آهه تو سان، سَو پَرِي پَرندوئي پَرَ،

ڪا گهڙي ڇڏ ٿِئي کِلِي کنگهار سان منهنجي رهاڻ.

 

”لا اِلَه“ لاهَي ڪَيا ”سرشار“ سڀ پردا پَري،

هاڻ ”اِلا اللهَ“ جَي اِقرار سان منهنجي رهاڻ.

(ڪراچي 2- جولاءِ 1955ع)

غزل

 

سڄڻ جو مون ڏي هو موڪليو سو اگرچه هو هڪ سفيد ڪاغذ،

چُمي اکين سان رکيم جو ڪَنَ تي مون کي بخشي نويد ڪاغذ.

 

نشان هِن ڳالهه جو جو اِهو هو ته ڪاغذي لب سڄڻ جا آهن،

سُفيد ٿي صُلح جي نشاني ڏياري اِهڙي اُميد ڪاغذ.

 

مٿي دونالي ٿا نيڻ چمڪن ته هَيٺ هِي ڪارتوس قابو،

بَچَي جو تيرِ نظر کان اُن جَي، اُهو ڪَري ٿو هِي صيد ڪاغذ.

 

هو زيرِ لب آهه جو زنخدان سو آهه عاشق جي ڪاڻ زندان،

وَڃِي ٿو چاههِ ذقن ۾ پوُري ڪري ٿو دل کي هي قيد ڪاغذ.

 

ذريعهء زار و نياز ٿيا لب وسيلئه دلنواز ٿيا لب،

اِنهن ۾ اِهڙي ئي رمز آهي ٻُڌائي جئن ڪوئي ڀيد ڪاغذ.

 

شِفا جا نازڪ لَبَن ۾ ”سرشار“ آهه سا ڇو نه جڳ جِياري،

اِهو ئي نُسخو ته هو اُنهي ۾، لکيو جو حضرت جنيد ڪاغذ.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

 

شرابِ عرفان جو شيخَ توکان نه ٿي سگهيو اهتمام شايد،

تڏهين ٻين جي به واسطي تو ڪيو اِنهي کي حرام شايد.

 

مراقبه ۾ ڏسان ٿو جلوو اُهو پَسي جي امام هيڪر،

ته بيخودي ۾ وَڃي وِساري رڪوع سجدو قيام شايد.

 

ٻُڌائي سچ سچ اي باغبان اڄ ڪَلِي ڪَلِي مست ڇو ڏسان ٿو،

هِتان ويو پيرڙا گهمائي هُو يار مستِ خرام شايد.

 

هِي هفت افلاڪ ۾ ستارا، غروب ٿي جو طلوع ڪن ٿا،

اُهي به حُسنِ ازل کي هر هر جُهڪي پيا ڪن سلام شايد.

 

دلِ حزين نيٺ ڪجهه ته آهي جو ڪالهه کان هي ڦڙهي پيئي اک،

اميد آهي ته يار جو ڪو اَچِي وَڃي اَڄ پيام شايد.

 

نوازشون غير تي هُجن ڀل، مگر اِهو پڻ يقين آهي،

نه پَير اُت هُو رکي سگهن، جِت جُهڪائي سَرهي غلام شايد.

 

فقيههَ فرسوده عِلم جا سڀ تلاوَ آهن سُڪائي ڇڏيا،

اُميد آهي لِهي وڃي هاڻ ڏيڏريءَ کي زُڪام شايد.

 

نه جُرئتِ رند ۾ تحرڪ نه خطبئه شيخ ۾ حرارت،

 اَچي ويو هَم نفس هِي قومي حيات جو اِختتام شايد.

 

حياتِ گندُم جي رَس پِيڻ سان زمين تي آدم هو آيو ”سرشار“،

عجب هِي ساقي گَري هَلي ٿو اڃا اُهو دورِ جام شايد.

(ڪراچي 8- جنوري 1953ع)

غزل

 

گيسوئي خمدار ۽ رخسار ٿي ويا کير کنڊ،

گڏ ٿيو تسبيع سان زنار ٿي ويا کير کنڊ.

 

هڪ زماني کان سفيدي ۽ سياهي پئي لَڙيا،

شُڪر آهي جو اڄ لَٿو تڪرار ٿي ويا کير کنڊ.

 

هُن جي بزمِ ناز ۾ مون کان سوا ٻيا سڀ هوا،

صلح ٿي جو يار ۽ اغيار ٿي ويا کير کنڊ.

 

آئينه ۾ هُن ڏِسي سينگار پنهنجو هئن چيو،

گهر ڌڻي سان گڏ ٿيو گهر ٻار ٿي ويا کير کنڊ.

 

مَشق ٿيندي ٿيندي وَيئي تيغِ ابرو تيز ٿي،

اَبرو ئي خمدار ۽ تلوار ٿي ويا کير کنڊ.

 

خود بخود ”سرشار“ هُو آيو عيادت لَئي هَلي،

خود مسيحِ وقت ۽ بيمار ٿي ويا کير کنڊ.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

مون چيو شب وِصال آهي قِيل وقال ڇڏ،

هُن چيو ٻيو ڪِي گهُر وِصال جو سوال ڇڏ.

 

شَمع جي قريب ڇو پَتنگ ٿو وِڃي ٻَرين،

رَهه پَري، جمال ڏِس، ۽ نِيتِ وصال ڇڏ.

 

عشق ۾ روا نه آهه چِلو لائي، وِسوِسو،

”يار سان لڳائي دل ۽ غَير جو خيال ڇڏ“.

 

عندليب! ڇو مَلُول تون رهين بَهار ۾،

ڀَڃ قَفَس جِي ميخ ميخ، گوشئهِ ملال ڇڏ.

 

مون چيو وبال آهه عِشق يار هيئن چيو،

ڇو نٿو ڇَڏين ڀلا ڇَڏي به ڏي وبال ڇڏ.

 

داغِ دل ڀلي هَجي ته يادگار حُسن و عِشق،

ڇڏ ڀَلي رِستي چڪَي، خيالِ اند مال ڇڏ.

 

نَائَي نَيڻَ دِل نهِار تو ۾ ئي ته يار آهه،

شَرق و غَرب ناهه ڪٿ جنوب ڇڏ شمال ڇڏ.

 

مون چيو ته سالِ نَؤ ۾ عهد نَؤ ڪرڻ کَپي،

هُن چيو ”الله بخش“! بس اِهو به سال ڇڏ.

(ڪراچي 5- فيبروري 1952ع)

غزل

 

وطن ۾ گرچه هرڪو ٿو رکي اهلِ وطن جو ڏڍ،

مگر مون جئن رهن پرديس ۾ ڇا آهه تن جو ڏڍ.

 

قَفَس ۾ بند بُلبل ڪيئن خزان جا ڏينهن گهاريندي،

جو هُن جي خود بهاري آهه نظارهء، چمن جو ڏڍ.

 

جيئڻ جي لاءِ تَن مَن جو سهارو ڪونه ڪو گهُرجي،

گذاري ڪئن اُهو جنهن کي نه تن جو ڏڍ نه من جو ڏڍ.

 

ڏني تيشه زني ۾ جانِ شيرين ڇو تو اي فرهاد،

جو شيرين جو جياپو خود هو پنهنجي ڪوهه کَن جو ڏڍ.

 

بهار باغِ دنيا سان نه منهنجو ڪو تعلق آهه،

گُلن کي ڇا ڪريان مون کي جو آهي گُلبدن جو ڏڍ.

 

ٻُڌي ڪو شاعري مُنهنجي، بُرو سمجهي، ڀَلو سمجهي،

مگر مون کي ته اي ”سرشار“ آهي حُسنِ ظن جو ڏڍ.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

 

اڄ ڪري وٺ جو ڪَرين ڪم ڪار ڌَڄ،

سو سُڀان هوندو نه جيڪي آهه اَڄ.

 

ڪو زليخا جئن متان پويان پويئي،

مِصر جَي بازار مان ڀورا تون ڀَڄ.

 

قيس جون بس فَرش، تي اکيون ويون،

پرده محمل! خدا لڳ، هاڻ کَڄ.

 

سُور سَختيون سهه ته سوڀارو ٿئين،

پرت ۾ ڪُجهه پوسرڻ کان پوءِ پَڄ.

 

رات ڏينهن جو ڪنهن ڪيو هي رابطو؟

زال ڪاري پر چَڱي ۽ مڙس رَڄ.

 

بي سُرو ”سرشار“ ڪِهڙي ڪم اَچي؟

ٿي سُريلو ساز هرين پوءِ وڄ.

(ڪراچي 4- سيپٽمبر 1955ع)

غزل

 

ٿي سَڏَي اي دل نگاههِ يار چَئو ڪهڙي صلاح،

تيغِ آبرو ٿي ڪري پر وار چَئو ڪهڙي صلاح.

 

ڪُوچهء رُسوائي جو ڪير سير تاب حُسن رک،

طور تي ئي ٿو ٿئي ديدار، چَئو ڪهڙي صلاح.

 

برهه ۾ بوجها ٻيا پڻ ڪيترا، پرتن سان گڏ،

کَڻ خُواريءَ جو به اي دِل بار چَئو ڪهڙي صلاح.

 

رَنگ و بُو ٿاجي لُڀائن لڳ فريب حُسن تي،

ڀل ٿئي ڦاهي گَلَي جو هَار چَئو ڪهڙي صلاح.

 

آزمائين ٿو جي طاقت اي جُنون اندر ته هَل،

ٽوڙ زندان جا در و ديوار چَئو ڪهڙي صلاح.

 

شيخ اي ”سرشار“ مَئي کي ٿو چوي مطلق حرام،

چشمِ ساقي ٿي ڪري ميخوار چَئو ڪهڙي صلاح.

(ڪراچي 1952ع)

غزل

 

رکي عجب ٿي اثر يار جي نگاهه، نه پڇ،

فسانو طور جي موسى ٿيو گواهه، نه پڇ.

 

ڀَسم ٿيو هي سَڙِي طور پڻ تجلي سان،

سگهي نه جاءِ بڻي ڪابه جلوه گاهه، نه پڇ.

 

وڏن وڏن جو جهڪي ٿو سرِ نياز هِتي،

عروج و تمڪنتِ بامِ بارگاهه، نه پڇ.

 

هِلال مِثل پيو يار جو وَڌي جو ڀن،

ٿو ماهتاب ٿئي هاڻ رشڪِ ماهه، نه پڇ.

 

پکَيڙ ڪين سرِ شام، جانِ من گيسُو،

ڪري طَلِسم عجب ٿِي شبِ سياهه، نه پڇ.

 

ڏِسي ٿو جڳ ته بظاهر سُمهي پيو ”سرشار“،

نه خواب جو ڪو پتو آهي، خوابگاهه، نه پڇ.

(ڪراچي 5- اپريل 1952ع)

غزل

 

چمن ڏانهن تو ڪيو جڏهين سڄڻ زلفِ دُوتا جو رُخ،

ته اُت خوشبو ئي خوشبو ٿي بدلجي ويو هُوا جو رُخ.

 

هُجي اي مهه لقا رُخ تُنهنجو مُون ڏي، بس اِهو گهُرجي،

رَهين راضي جَي اِن ۾ تُون نه مَٽ جانب جفا جو رُخ.

 

عطائون غير تي آهن ته مون کي آسرو آهي،

ڪڏهن مُنهنجي طرف ٿيندو سخي تُنهنجي سخا جو رُخ.

 

نه ٻاهر ٻاڦ مون ڪئي، آسمان تي دُونهن ڇو آهي،

نه ڄاڻان ڪِئن وڃي پهتو اتي آههِ رَسا جو رُخ.

 

چوان ڇا ڪيئن سڄڻ مون سان اَچي ٿو پيش محفل ۾،

نڪي بيگانگي آهي، نه آهي آشنا جو رُخ.

 

ڏٺم جو رُخ تي گيسُو بس غلافِ ڪعبه جو شڪ ٿيو،

ڪَيَم ”سرشار“ اُت سجدو ڏِسَي قبله نُما جو رُخ.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

ذڪر مُنهنجو ڪن پيا تو وٽ مَڙهي بهتان ڪجهه،

بيشڪ آهن غير جا پڻ مون مٿي احسان ڪجهه.

 

ناوڪِه مَزگان ڪيو زخمي، زمانو ٿي ويو،

ٿا چُڀن دل ۾ اڃا پڻ تير جيئن پيڪان ڪجهه.

 

يار ايندو يا نه ايندو، پر اچي ويئي قضا،

اي دلِ ناشاد اڄ پورا ٿيا ارمان ڪجهه.

 

دل وئي دلبر ويو مون وٽ ڇڏي رنج و اَلَم،

شُڪر جو اِهي آهن اڃا مهمان ڪجهه.

 

پاڻ بيپرواهه ۽ ڪم ناز غمزن کان وٺن،

ڀروسو هن فوج تي ڪن سنهن جا سلطان ڪجهه.

 

ڪيف آور آهه زاهه رِند جو سجدو رڪوع،

سِک نمازِ عشق جا پڻ تون اچي ارڪان ڪجهه.

 

جي نه ڪن ٿا ڪو خدا ۽ ناخدا ۾ امتياز،

حوصلا تن جا خطا آهن، ڪيا طوفان ڪجهه.

 

عشقَ سانگَي شوق سڀ ”سرشار“ جا پاڻي ٿيا،

يار جي ئي ياد ۾ ويٺو چِٽي ديوان ڪجهه.

(ڪراچي 2- آگسٽ 1952ع)

غزل

 

نه خوشگواري اگرچه آهي، ڪا ٻي سَحَر جي نَسيم کان وڌ،

مگر سراسر اُها به ٿيندي نه گَيسوئن جَي ثمِيم کان وڌ.

 

بدلجي ٿو حُسن جو به معيار هر ڪَنهين جي نَظَر نَظَر سان،

نه ڪوبه مُنهنجي نَظَر ۾ آهي حَسين مُنهنجي وسيم کان وڌ.

 

گُلن جيان داغ دِل جا ڪن ٿا عجيب گُلڪاريون اندر ۾،

اُنهن جي باعث ٿو دل کي سمجهان ته آهه باغِ نعيم کان وڌ.

 

فَسانهء طُور ٿو ٻُڌائي ته هوش مُوسى هو اُت وڃايو،

ته ڪير آهي اڃا جو حوصلو رکي ٿو ڪَليم کان وڌ.

 

کڻي ڪلهن تي هلي ٿو درويش گودڙي جھڻ اَٿَس دولت ڪا،

امير جي سَيجھ ڀي نه آهي فقير جي اُن گِليمِ کان وڌ.

 

هتي ڪو ”سرشار“ خوب ميڙي هزار قسمن جا ڀَل خزانا،

هُتي مگر ڪابه ڪارگر شيءِ نه آهي قلبِ سَليم کان وڌ.

(ڪراچي 1953ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org