غزل
دلدار دلا رام دلين کي، ٿُو ڌتاري،
سينگار ڪري يار مِٺو، محب ٿو ماري.
تلوار کان پڻ تيز ٿيا، يار جا ابرو،
بيجان ڪيا ڪَيئين، اِنهي اک جي اشاري.
هِي مام محبت جي، ته موت ڪين پروڙي،
چاڙهي ته وڃي چوٽ ڇڏيو، تنهين نظاري.
طوفان ڪڍيو منهن، ته ڪنارو به پري آهه،
قادر کي پَوي ڪَهلُ جو، ٻيڙو هي اُڪاري.
مينديءَ جي ڪري، مهٽ ٿيا هٿ حِنائي،
ڪاڪُل به ڪُلهن تي، وجهي يار سنواري.
مون کي ته سڄڻ رَيءَ نه سرَي ڪابه ٿي ساعت،
ڇاڪاڻ ڀلا مون کي، هُو ويٺو آهه وساري.
دل کي ته وڻي ڪين ٿي، هِي ڀِيڙ ۽ هلچل.
”سرشار“ ڏٺو جن آهه، گوشه ۾ گذاري.
(ڪراچي 10- جون 1950ع)
غزل
عشق جو ورتم سبق، خود يار ٿي، اغيار ٿي،
گُل به ٿي، بُلبُل به ٿي، ويرانه ٿي، گلزار ٿي.
عشق بنجي حُسن جو، خود رازدان بڻجي پيس،
دل به ٿي، دلبر به ٿي، دلڪش به ٿي، دلدار ٿي.
تُرش روئي تُند خوئي جو، پَتو مون کي پيو
خوبرو سان، روبرو ٿي، خود خوش گفتار ٿي.
پاڻ پنهنجو ئي نياپو، پاڻ کي پهتو ڪيم،
باز ٿي، پرواز ٿي، قاصد ڪبڪ رفتار ٿي.
ڪئن مسيحائي ٿئي ٿي، سو به مان سمجهي ويس،
درد ٿي، دارو به ٿي ۽ ويڄ ٿي بيمار ٿي.
ويس وَيلي سرسئائي مون لَڌَو پنهنجو پتو،
مَئَي به ٿي مينا به ٿي، ساغر به ٿي ”سرشار“ ٿي.
(ڪراچي 10- جون 1950ع)
غزل
هِي هوشربائي تنهنجي سوا، اي يار! پيارا ڪير ڪري،
دل چقمق وانگي، چُرندي ڦُرندي، پارا پارا ڪير ڪري.
ٿين هاڻ سياڻو ٿو بيحد، ڏين منهنجي ڳالهين کي رد
ڪد،
جَي دل نه ڌتارڻ سان مقصد، اکڙين جا اشارا ڪير
ڪري.
ڪُجهه حُسن مٿي مغرور نه ٿي، هي ڦرندڙ گهرندڙ
ڇانوَ اَٿي،
اِن هوندي ڀي سمجهي ۽ سُڻي، هِن حُسن تي آرا ڪير
ڪري.
اي حُور شمائل، رشڪ پِري، هي بيپرواهي ڪنهن کي
سَري،
ڪر دل وارن جي ٽَهَل ذري، نه ته نيهه نظارا ڪير
ڪري.
ڇو جوکي ۾ ڪو جان وِجهي، ڪانڀار ڪُنن ۾ ڪير گهُڙي،
هِن ريت هٿن سان خود پنهنجي برباد سهارا ڪير ڪري.
”سرشار“ سلامت ميخانو، ساقي ٿو پياري پيمانو،
جَي هو به ٿئي ڪُجهه بيگانو، سڌڙين جا سُڌارا ڪير
ڪري.
ڪراچي 10- جون 1950ع)
غزل
سڄڻ سهڻو صنم بنجي، خدا جو شان ٿو نڪري،
ته منهنجي دل جو پڻ اڄ ڪو نه ڪو ارمان ٿو نڪري.
عجب سان آئينه اڳيان ڏِسي، ٿو يار ڪَرَ موڙي،
بُتِ ڪافر جي واتان ڪلمئه ”سبحان“ ٿو نڪري.
اچي ٿو مدرسه مان جو، پيو ٻاٿون ڏئي ٻاهر،
جو ميخانه منجهان نڪري ٿو، سو مستان ٿو نڪري.
نظر آهي عجب مشڪلڪشا، پير مُغان تُنهنجي،
جتي مشڪل کان مشڪل، مرحلو آسان ٿو نڪري.
اَسيرِ زلف ڪنهن کي، ٿو بنائي ڪو ڪري آجو،
نئون نت حُسن جي، دربار مان فرمان ٿو نڪري.
رُخ روشن مٿان هو، زُلف پاسيرا ڪري بيٺو،
اجهو ڪڪرن منجهان، هاڻي مههِ تابان ٿو نڪري.
زمرد ۽ عقيق آهن، لبِ جانان جي وچ جڙيل،
کَرَو هِن کاڻ مان، ياقوت ۽ مرجان ٿو نڪري.
رکي اشعار ۾ تو هِي، عجب ”سرشار“ رنگيني،
ٿئي عنوان هڪ پورو، ته ٻيو عنوان ٿو نڪري.
(ڪراچي جولاءِ 1950ع)
غزل
حُسن جو دل تي، نئون نِت وار ٿيندو ٿو وڃي،
ڪارگر جو هو قدم، بيڪار ٿيندو ٿو وڃي.
داغِ دل زخمِ جگر، خونِ تمنا، ضبطِ غم،
جان کان بيزار هِي، بيمار ٿيندو ٿو وڃي.
نا توانائي ڪيو، هِي حال آخر ۾ اَچي،
ڪنڌ پنهنجو پڻ ڪلهن تي، بار ٿيندو ٿو وڃي.
واٽ ويندي ٿو شڪاري گهُور سان گهائل ڪَري،
تِير اَبروءَ جو به دل جي، پار ٿيندو ٿو وڃي.
جت ڏسان ٿو يار جي، صورت اچي پيئي نظر،
ڄڻ ته هرجائي سراسر، يار ٿيندو ٿو وڃي.
زخم ٿا رنگت مَٽائين، ڄڻ ٽِڙي ٿو گل نئون،
سوز ۾ سينو گُل گُلزار، ٿيندو ٿو وڃي.
المدد اي وحشتِ دل، المدد دستِ جُنون،
چاڪ دامن ۽ گريبان، تار ٿيندو ٿو وڃي.
ميڪده جَي در تي جَو جَوڀي پياسي ٿو پڄي،
ساقيا! تنهنجي هٿان، ”سرشار“ ٿيندو ٿو وڃي.
(ڪراچي 10- آڪٽوبر 1950ع)
غزل
اي دلِ نادان نه هر ڪنهن، حُسن تي ديوانه ٿي،
جو فريبِ حُسن کان بهتر اٿئي بيگانه ٿي.
ڪر نه هرجائي هميشه هر طرف وارا وَٽاَ،
يا وسائي ڪو حَرَم يا زينتِ بتخانه ٿي.
قابل سوزش بنائي پاڻ کي ٿي سرخرو،
شمع جي وَٽ ٿي ٻرِي وڃ يا پَرِ پروانه ٿي.
نينهن جي نَيزي چڙهي وڃ پوءِ ڏس ديدار يار،
”قصئه منصور ٿي، يا طُور جو افسانه ٿي.
مست چشَمن جي نشي کان جا خطا ٿي، سا معاف،
عفوَ جي قابل هميشه لغزشِ رندانه ٿي.
پاڻ ساقي تو پياري پُر ڪيو ”سرشار“ کي،
مَئي به ٿي مِينا به ٿي، ساغر به ٿي ميخانه ٿي.
(ادبي ڪانفرنس حيدرآباد 10- نومبر 1950ع)
غزل
اهو ئي ٿو ٿئي مون کي تعجب حالِ انسان تي،
ڀنڀلجي ٿو وڃي دنيا جي هر ڪنهن ساز سامان تي.
جتي خطري ۾ آهي آشيانو باد وباران ۾،
ڇَڪَن ڇو عندليب آهين ڦُرائي دل گُلستان تي.
بجاءِ شمعدانن جي ٻَرَن ٿا داغ سيني جا،
مڙئي شادماني منحصر آهي چراغان تي.
ڏسون ٿا پيو وَسي ڪاشانئه اغيار تي بادل،
مگر ڪهڙي ميار آهي، اسان جي ابرِ باران تي.
نڪي هي جسم ئي جُهڪيو نه دل مائل خدا ڏانهن ٿي!
رهيو قبضو حَسِينن جو سدائين جسم ۽ جان تي.
اگرچ، يار جا ابرو ٿيا منصور لئه سُوري،
اِنهي هوندي نچن عاشق ٿا هُن جي نوڪِ مزگان تي.
نه هو آبِ حيات جاودان پيڻو سڪندر کي،
وڃي پهتو اگرچه هو ڪناره آب حيوان تي.
مڄاڻان چنڊ تي لٽڪي پيو ڪو نانگ ڪاريهر،
ٿيو دوکو مگر مون کي سڄڻ جي زلف پيچان تي.
سَهي سگهندو نه ڪو ”سرشار“ جلوو يار جو هرگز،
رکَي دعوا جو موسى جئن اچي نڪري سو ميدان تي.
(ٺٽو 17- اپريل 1951ع)
غزل
دنيا جي اي دل بيماري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي،
پاڻ نه ڄاڻون دنيا داري جنهن، کي هوندي تنهن کي
هوندي.
دنيا جا جي ناز کڻن ٿا، ننڊ ڦٽي ٿي خواب ڏسن ٿا،
تات اِهائي طاري جاري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي.
عشق اسان جو اوهي واهي، عشق اسان کي راهه بتائي
نعمت آهي عشق جي ياري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي.
ڪانه پڇا درويش رکن ٿا، ڪير اچن ٿا ڪير وڃن ٿا،
تونگرن جي تابعداري، جنهن کي هوندي تنهن کي هوندي.
در در جيڪو آس رکي ٿو، ڀٽڪي ٽلڪي لوڌ جَهلَي ٿو،
عزت پنهنجي پاڻ پياري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي.
گهوڙن تي ڪي گهوٽ گهمن ٿا، کنڀ کڻي فرڙاٽ اُڏن ٿا،
نفس مٿي حاصل هسواري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي.
محشر مولا سخت سُجهي ٿو، تون نه ڍڪين ٻيو ڪير ڍَڪي
ٿو،
پردهه پوشي، پردهه داري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي.
جام حقيقي جان جياري، ڏاتر ٿو ”سرشار“ پياري،
خالق بخِشي خاص خُماري، جنهن کي هوندي تنهن کي
هوندي.
(ڪراچي 14 مئي 1951ع)
غزل
جمالِ يار هر شئي ۾ ڪري ٿو جلوه آرائي،
مگر محدود ۽ مستور آهي چشم بينائي.
خِرد لاچار آهي، فَلسفو مغلوب، دانش چپ،
ڏِسن ڇاڇا چَوَن ڇا سان نه بينائي نه گويائي.
نڪي فرش زمين جون وُسعتون ڪنهنجي نگاهن ۾،
نڪي جو لانگه ڪنهنجِي بساطِ چرخِ مينائي.
نه دل جي پَنکِڙين ڄاتو طلسمِ رنگ وبُوءِ گُل،
نه پاتي چشمِ حيرت لاله ونرگس جي رعنائي.
اگر محرم ٿيڻ چاهين ٿي اي دل! رازِ فطرف جي،
ته ٿي تون بزمِ مهرو ماهه واَنجم جِي تماشائي.
تلاشِ رنگ وبُو ”سرشار“ ڪئي ڀئونري ۽ مون گڏجي،
لَڌو ساقي جو درمون ۽ گُلن جو هُو ٿيو شيدائي.
(ڪراچي 17- ڊسمبر 1951ع)
غزل
نَظر جي شمشيرِ ناز چمڪي، ته ڪار سازي اڃا به
ٿيندي،
پيار وارن جا سر سلامت، هِي تيغ بازي اڃا به
ٿيندي.
نِگَهه ملائڻ سان ناز واري، ڪيا سَوين دل جا ٽُڪرا
ٽُڪرا،
خدا سلامت رکي نِگَهه کي، ته دلنوازي اڃا به
ٿيندي.
اگرچه محمود بعد ٻيهر ته سومناٿ سَر ڪَيو ڪنهن،
غُرورَ جو بُت ڀَڃَڻ گُهري ڪو، ته فتحِ غازي اڃا
به ٿيندي.
نٿو نمازي ٿِئين جو دل مان، رُڪوع سجدي جو ذوق
هليو ويو،
جُهڪائي دل کي تون پائي جَهاتِي، ته دل نمازي اڃا
به ٿيندي.
اگر بعد ق و يقين هو پير مُغان جي دَر تي پيو ئي
رهندو،
ته رندِ ميخانه کَي ميسرَ مَئي حجازي اڃا به
ٿيندي.
نه جيت جو آسرو ڪو آهي، نه هار جي حد نه حوصلو ڪو،
مگر هِي ”سرشار“ آهه دعوا، قماربازي اڃا به ٿيندي.
(ڪراچي 10 مارچ 1952ع) |