غزل
بهاري ٿي ڏِسين بلبل، مگر ڪجهه باغبان کان ٻُڌ،
بهاري جي حقيقت واقفِ دورِ خِزان کان ٻُڌ.
ٻُڌائي سو سگهي جَنهن جي مٿان سڀ ماجرا گُذري،
اسان جو داستانِ درد و غم بس خُود اسان کان ٻُڌ.
ڪُٺل جو يار جو آهي، نه مُرده سمجهه اي زاهد،
صدائي قُم باذِني ٿي اَچَي هر اُستخوان کان ٻُڌ.
اگرچ خونِ ناحق جو ڪري انڪار خود قاتِل،
بيانِ قتلِ جانِ راز، سيفِ خُونچکان کان ٻُڌ.
جَلَن ٿا ڪيئن جمالِ يار تي مستانه پروانا،
”اِها ساري حقيقت شمعِ محفل جي زُبان کان ٻُڌ“.
عجب هِي عشق وارا ٿا سَهڻ جي سَگهه رکن ”سرشار“،
توانائي جو افسانو ڪنهن اِهڙي ناتوان کان ٻُڌ.
(ڪراچي 8- جنوري 1953ع)
غزل
سوا ساجن سُهائي ناهه ڪا حدِ نظر تائين،
جو چانڊوڪي به ٿي موقوف هُن رشڪِ قمر تائين.
نه مان محرابِ ابرو تائين پهتس، پر زهي قسمت،
سرِ لَب ڪيو جبين شوق سجدو سنگِ در تائين.
به بزمِ عاشقان گهُرجي، حديثِ ڪيف و سرمستي،
حديثِ هوش ڪم ڏيندي فقط زيد و بَڪَر تائين.
نه مَٽ داندانِ دلبر سان بَڻيا، جانچي ڏٺم هڪ هڪ،
عقيق نيلم و ياقوت کان لَعل وگُهَر تائين.
سڄڻ جي توشه خانه ۾ ڪَمي هٿيار جي ڪهڙي،
اٿس تير و ڪمان و خنجر و تيغ و تَبرَ تائين.
خدا ڄاڻي ته اُنجي حسرتن جو حشر ڪهڙو ٿيو،
جو نڪتو گهر مان ۽ پهتو نه موٽي پنهنجي گهر تائين.
اچي ٿي مغفرت از عالمِ بالا باستقبال،
اڃا پهنجيٰ ٿو مَسَ اشڪِ ندامت چشمِ تر تائين.
محيطِ ڪائنات و عالم ملڪوت آهي عشق،
نه وَسعت عشق جيِ محدود آهي بحر و بر تائين.
اُها ئي منهنجي دل آهي وَسين ٿو جنهن ۾ تون دلبر،
نه آهي فاصلو ڪو مُنهنجي در کان تُنهنجي در تائين.
پياري ٿو ڇڏي ”سرشار“ ساقي مئي سان گڏ گهوٽي،
سُفوفِ جلت و حُرمت کان، تخمِ خَيرو شر تائين.
(ڪراچي 17- آڪٽوبر 1954ع)
غزل
بسرِ بزم ساقي خوش لقا جا ڏٺم خيال نوان نوان،
جي ڪمال هواسي نوان نوان جي هُوا جمال نوان نوان.
رُخِ برق ريز مٿي ڏٺم، ته هو پردهء گيسو پيل،
ڪڍي ڪفر مان ڪيا ڪلمه گو، سيهه خال بلال نوان
نوان.
برِ شَفَق، مون هلالِ عيد جي آسري جو ڪئي نظر،
ته ڪمانِ ابرؤ يار ۾ ئي ڏٺم هِلال نوان نوان.
رُخِ آتشين شُعله فِزا، ڪيا گِبر سڀ آتش پرست،
ويا سُوءِ آتشِ طور هُو! ته مليا مثال نوان نوان.
نه اي مرغِ دل پَئَي دانه وَڃ تههِ دام آهي سياهه
خال،
جو گرفِت جا هُو صنم سِکي ويو اَٿئي وبال نوان
نوان.
بشرابخانهء وَصل تون نه پي بادهه اي ”سرشار“ جلد،
جي پئين ته پي تون جَهلي جَهلي ته وزَن وصال نوان
نوان.
(ڪراچي 28- اپريل 1953ع)
غزل
نه خالي آهه ويندي جا ڪڍان ٿو دَرد جي دل مان،
اِها فانوس گُل ڪندي لَڏيندي شمع محفل مان.
غُبار ڪاروان سان گڏ اڏامندو اَچي مجنون،
نهاري تون ته ڏس ليلي لِياڪو پائي محمل مان.
مٽي ڀي پاڪباز عشق جي ڇا مانُ پائَي ٿي،
پسِ مُردن بَنَي ڪُوزو وخُو جو ٿو، انهي گُل مان.
گُلن ۾ يا ته اَڄ آهي نه سا خوبي جا اڳ ۾ هئي،
يا نڪري ويو اڳوڻو سوز آوازِ عنا دل مان.
فقيهه شهر قرآن کان حديثن کان رَهي ڪورو،
ڪري ٿو لطف اندوزي فقيهانه مسائل مان.
نه آهي بي سبب ”سرشار“ وحشت کي ڇڏي ويٺو،
ڏسي ڪو آزمائي اَڄ ڪَڍي مجنون سلاسِل مان.
(ٺٽو 23- مارچ 1951ع)
غزل
رَهي ٿِي عشق وارن جي اِها حالت اڃا تائين،
اکيون آليون، ڳجهيون ڳالهيون عجب عادت اڃا تائين.
نهاريندي نهاريندي، ستارا سڀ ٿيا رُخصت،
نٿي پوري ٿئي ليڪن شبِ فرقت اڃا تائين.
نِدامت فاش گوئي، لَغزشِ پا، هوش، بي صبري،
رکي ٿو عشق مون تي ڪانه ڪا تُهمت اڃا تائين.
جمالِ يار گو هڪ بار چمڪيو طورِ سينا تي،
رهي ٿي چشمِ موسى مائل حيرت اڃا تائين.
پيا رخسار تي گيسو نگهباني رکن ساڳي،
رهي ٿي آبِ حيوان تي اِها ظلُمت اڃا تائين.
چتائي مون به هر ڪنهن بار دلبر کي ڏٺو ليڪن،
اکين کي آهه ديدِ يار جِي حسرت اڃا تائين.
خدارا رک اِهو تيرِ نظر جو سلسلو جاري،
سهڻ جي اي ستمگر ٿو رکان طاقت اڃا تائين.
گهڻا پينار مُنهنجي بعد آيا ۽ وٺي هليا،
سخي! ڇو ڪين مُنهنجي ٿي اَچي نوبت اڃا تائين.
محبت پست ڇو ٿيندي بلندي تي جو حُسن آهي،
صنوبر سَرُو جِيان آهي قد و قامت اڃا تائين.
اڃا گجگوڙ پاسَي ٿي اچي وِڄَ ٿي ڪري ڪڙڪو،
اَچي ٿي آشيان تي ڪانه ڪا آفت اڃا تائين.
نوازش تو گهڻي ساقي پيارڻ جي ڪئي ليڪن،
پياسن کي رهي ٿي اُڃ جِي شدت اڃا تائين.
براءِ فاتح خِواني هُو آيو ڪيترا ڀيرا،
لڀي ان کي نٿي مُنهنجي مگر تربت اڃا تائين.
شرابِ ناب جي پيتَي زمانو ٿي ويو ساقي،
چَٽي چَپَ ٿو مگر پايان اُها لذت اڃا تائين.
بتن کان پاڪ ۽ خالي خدا جو گهر ڀلا ڪيئن ٿِئي،
رَهي ٿي ڪعبئه دل ۾ به ڪا مورت اڃا تائين.
سُڀان بڻجي پوي ٿو ”اَڄ“ نئون سج روز ٿو اُڀري،
ڪَجَي ڇا جو نٿي گذري اِها مُدت اڃا تائين.
ٻڌايو زاهِدن تِسنيم کي ڪيڏو مگر افسوس،
هَلَي ٿي دخترِ انگوُر جي شُهرت اڃا تائين.
گريبان چاڪ ۽ ”سرشار“ دامن تار تار آهي،
نٿي سُک سان ڇڏي مون کي وَيهڻ وحشت اڃا تائين.
(ڪراچي 15- فيبروري 1952ع)
غزل
هُن چيو ته ڳول ڳولا، بيهوش ڪيستائين،
مون چيو ته نيٺ رهندي روپوش ڪيستائين.
جي تون لڌين نه مون کان، مون کي، ته ڳولي لهندين،
صياد کان بَچي ٿو خرگوش ڪيستائين.
کڻ طور تي نه موسى لاهي پَرَي ڦٽو ڪر،
تو ساڻ ڏس هَلي ٿو پاپوش ڪيستائين.
ڇڏ پاڻهي پيان مان ساقي سڄي صُراحي،
ڪو ناز نينِ مِينا بردوش ڪيستائين.
هِي حُسن ڪَمسِني جو گهائل ڪندو زمانو،
مادر جو نيٺ هوندو آغوش ڪيستائين.
هُو بُت بنيو رهيو بُت مون نيٺ آرزو چئي،
بلڪل ڀَلا رَهي ڪو خاموش ڪيستائين.
جيڪا ڪرين عنايت ساقي سگهو ڪري وٺ،
مهمان ميڪدهه ۾ مينوش ڪيستائين.
پرڀات ٿي وئي ڏِس ڇڏ هاڻ خوابِ غفلت،
اَي پرت جا پکيئڙا مدهوش ڪيستائين.
زاهد ريا جو جبو لاهي رکين ته بهتر،
جو ڪُوڙ ڪنهن کي ڏيندو سَنتوش ڪيستائين.
”سرشار“ سرد رک تون هاڻي ذرا طبيعت،
نيبهه ٿِئي جوانيءَ جو جوش ڪيستائين.
(ٺٽو 26- نومبر 1950ع)
غزل
ٿي نه تون مايوس اي دِل، ڇانئجي آيو ملهار،
ٿي ڪري ڪوڪار ڪوئل، ڇانئجي آيو ملهار.
لاهه گهونگهٽ بادلن جو ٿي کِنوڻ کِلندي اَچي،
زلف رَيڙهي، تن مان تون کِل، ڇانئجي آيو ملهار.
بِرهه جي بوندن مِلِي برسات جي رِم جهم رَچي،
تون اي محبوب رِل مِل ڇانئجي آيو ملهار.
ويو وڇوڙو پرت پاڻي خاڪ پيتو، ٻئي گڏيا،
هم گريبان آب ۽ گِل ڇانئجي آيو ملهار.
پرت جو پيغامِ فطرت رقص و موسيقي بَهَم،
نِنهن جو ناقوس نازل ڇانئجي آيو ملهار.
سڀ ٿيا ”سرشار“ ڪم سَوَلا جو سيد ڪئي نظر،
مست ساقي، مست محفل ڇانئجي آيو ملهار.
(ڪراچي آگسٽ 1952ع)
غزل
نه فرقت ۾ تمنائي وصالِ يار پيدا ڪر،
غمن جو پاڻ تي اي دل نه ايڏو بار پيدا ڪر.
چوي ٿو عقل هِي چاڪِ گريبان آهه رُسوائي،
جُنون ويتر چوي ٿو جا مئهِ حد تار پيدا ڪر.
مشابه زلف جي آهي تون رنگت ۾ ته ڇا ٿي پيو،
اڃا خوشبو اُها اي نافئهِ تاتار پيدا ڪر.
گدائي بينوا جَي دلقپوشيءَ جي ڪرامت مچ،
وگرنه شيخَ اهڙا جُبه و دستار پيدا ڪر.
نه هر موزون عبارت شعر چئبي آهه اي شاعر،
مَعاني جو غزل ۾ ڪو نه ڪو اطوار پيدا ڪر.
ڏسان ٿو بَرق جو رخ آهه خرمن ڏي، مگر ”سرشار“،
چَوي هِي طبعِ موزون ٿي ته تون انبار پيدا ڪر.
(ڪراچي ڊسمبر 1952ع)
غزل
نه آهي عشق وارن کي ذرو ڀي اِبتلا جو ڊپ،
بَني گلزار ٿِي جو آتشِ نِمرود ڇا جو ڊپ.
تصور ۾ رکن ٿا جي هميشه زلف دلبر جا،
ڏڪائيندو ڀلا تِن کي ڪِٿي ڪاري بلا جو ڊپ.
سجھڻ جي بي نيازي خُو بَنايم بي نياز اهڙو،
نه تُهمت جو رکان ڀولو نه آهي اِفترا جو ڊپ.
رُخِ زيبا خلوصِ رنگ سان اخلاص هِي بخشيو،
جزا جي ناهه خواهش ڪانه آهي ڪو سزا جو ڊپ.
عطائي يار پڻ آهي عتابِ يار کي ويجهي،
وفا جي آسري هوندي رکان ٿو مان جفَا جو ڊپ.
ڪريان ٿو شاعري ”سرشار“ مان طبع رَسا باعث،
صِله جِي آرزو ناهي نڪو ڪنهن جي گِلا جو ڊپ.
(ڪراچي 4- آگسٽ 1951ع)
غزل
اي دل يار سان اِهڙي ياري ڪري وٺ،
جو محبوب کي ئي مياري ڪري وٺ.
چمن کي کَپي اَشڪ جو آبِ زمزم،
تُون اَي چشمِ تر آبياري ڪري وٺ.
پرهه ٿي ڦُٽي ننڊ جي ويل ناهي،
اُٿ اي دل اُٿي آهه و زاري ڪري وٺ.
خزان ۾ چمن جو نظارو نه هوندو،
بهاري ۾ بلبل بهاري ڪري وٺ.
اَچي مُندَ برسات جِي تنهن کان اڳ ۾،
ٻَنِي کَيڙ کانٽي به هاري ڪري وٺ.
سبيل مَئي مسلسل آهي جاري،
ته ”سرشار“ تون ميگساري ڪري وٺ.
(ڪراچي 5- مئي 1951ع)
غزل
نه ايندين تون ته آڻيندي قضا تو وٽ،
هلي هي روح ايندو دلربا تو وٽ.
پِنڻ جي ئي بَهاني سان اي لَيلى،
اَچي نڪتو بڻي مجنون گدا تو وٽ.
چَيَم ڇو ٿو وهارين غَير کي چياءِ،
ڪرين ڇا جَي اَچي ڪو آشنا تو وٽ.
سينان مزگان نظر خنجر ڀرون ڀالا،
عجب آهي! ته آهي ڇا نه ڇا تو وٽ.
لکڻ مشڪل، اچڻ مشڪل، چوڻ مشڪل،
ڪريان ڪئن غم بيان دل جو مٺا تو وٽ.
پِئي ”سرشار“ جي ديدون ملائين تون،
نظر خود آهه ساغر ساقيا تو وٽ.
(ڪراچي 7- اپريل 1951ع)
غزل
وَجودِ عشق آهي حُسن جي اظهار جي باعث،
ظهورِ حُسن آهي پر نمودِ يار جي باعث.
بنان سينگار مون کي ٿو وَڻي سُهڻو مگر جڳ لَئي،
نمائش جي ٿيو قابل سڄڻ سينگار جي باعث.
خَمِ ابروئي جا نان ڪم ڪري ٿو تَيغ بران جو،
ڪِرن ٿا ڪيترا هِت هُت اِنهي تلوار جي باعث.
حَرم کان اڳ اَڏيو هو دير تڏهن ٿيو حَرَم ظاهر،
ته اَهميت مِلي تسبيع کي زُنار جي باعث.
جَڏهين ميڙڻ لڳي ٿو ڪو ته ميڙيندو وڃي ليڪن،
ڪَشش خرمن ڪري ٿو بَرقَ کي اَنبار جي باعث.
سِڪندر وٽ نه سي جي هو رکي ٿو حُسن جون فوجون،
سڄڻ ”سرشار“ وَڌ، هِن لشڪر جَرار جي باعث.
(ڪراچي 3- فيبروري 1951ع)
غزل
شُعاع ديد جا ٿيا سلسلا خارج،
ته سِينه مان ڪَيَم دل دلربا خارج.
اَلا يا اَيُها الساقي! ٻيو ساغر،
ڪلهوڪا اڄ وڃن ٿيندا نشا خارج.
وِسامِي شَمع ويئي صُبح جو جڏهين،
ته پروانا به محفل مان ٿيا خارج.
ڪتاب طِبِ اُلفت ۾ ڏٺم پنهنجو،
مرض خارج علامت ۽ دوا خارج.
سِرائي دارِ فاني مان بَعَد حسرت،
ٿين ٿا روز ڪَئين قافلا خارج.
نه معلوم اِبتدائي عِشق اي ”سرشار“،
ته آهي خود سوالِ اِنتها خارج.
(ڪراچي 3- مارچ 1951ع) |