سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :5

غزل

جنهين وٽ عشق آيو اُن ۾ اِهڙو انقلاب آيو،

جو زلفِ يار وانگر بيقراري، پيچ وتاب آيو.

 

ڪَلِي مُرڪي ٽِڙي گُل پاڻ استقبال ۾ نِڪتو،

هَلِي جو باغِ دل ۾ پيڪرِ حُسن وشباب آيو.

 

بعد ناز وادا پهتو سڄڻ جو دل جَي گوشه ۾،

ته ڄڻ هڪ لشڪرِ زرين قبا پا، در رڪاب آيو.

 

پَسائي پاڻ ته جلوو ڪيو گُستاخ موسى کي،

مگر بيهوش موسى تي وَرِي تُنهنجو عتاب آيو.

 

ٿيو ڇا حَشر مُنهنجَي نامه برجو هُت خدا ڄاڻي،

نه قاصد پاڻ ئي موٽيو نڪي خط جو جواب آيو.

 

حياتيءَ جا حُوا آثار گُم دنيا ۾ اي ”سرشار“،

نه جيئن دور ۾ ساقيءَ هٿان جامءِ شراب آيو.

(ٽنڊو محمد خان 20- آگسٽ 1952ع)

غزل

 

اي مجسمِ حُسن آهيَ ڪهڪشانِ آرزو،

صاحبِ قوسِ قُزح تون آسمانِ آرزو.

 

گردش ۾ گو آهي فَلَڪ، پرعزمِ دل گردش فگن،

هُت هو شڪسته آرزو هِت هِي جوانِ آرزو.

 

يار جو تيرِ نَظرَ مَشاق آهي مُو بَهُو،

آبرو ئي خمدار اُن جو خود ڪمانِ آرزو.

 

يار جي هو بدگُمانيءَ جو گُمان اُن کي مگر،

شُڪر جو نِڪتو نه سچ اهڙو گُمانِ آرزو.

 

اشڪِ غَم ۽ نالئه دل، بس قطار اندر قطار،

”سُوءِ منزل ٿو وڃي هِي ڪاروانِ آرزو“،

 

لختِ دل، خونِ جگر سان ٿي تمنا هڪ شَجَر،

ڪير ٻيو ”سرشار“ اهڙو ميزبانِ آرزو.

(ٽنڊو محمد خان 5- نومبر 1952ع)

غزل

 

اکڙين سان اکيون مليون، ميخاني سان ميخانو،

اڄ ڇو نه ڀلا ٽَڪري، پيماني سان پيمانو.

 

هِن چشم سِکي ڪنهن کان هي رسمِ هم آهنگي،

مستانه سان مستانو فرزانه سان فرزانو،

 

”والشمس“ رخِ زيبا، ”والليل“ سِيَهه گيسو،

مسجد سان ملي مسجد، بتخانه سان بتخانو.

 

صندوقِ لب لاله محفوظ ڪيا موتي،

اَڏيو جو هُنن گڏجي ڪاشانه سان ڪاشانو.

 

گيسوءِ مُعَطرِ وٽ جو بادِ صبا گُذرين،

منهنجو به وڃي چئجان شڪرانه سان شڪرانو.

 

اي شَمعِ رَخِ تابان ”سرشار“ تي ڪر ٿورو،

ڀل گڏجي اچي تو وٽ پروانه سان پروانو.

(ڪراچي 1- ڊسمبر 1952ع)

غزل

اي دل سو زِمانو ياد اَٿئي، جو عشق جيَ وڻ ۾ ٻُور نه هو،

هڪ عيش مَسرت جو عالَم، سَڪ سوز جو سِيني ۾ سُور نه هو.

 

ڇو غرق ٿي ڪشي بحرِ غم جيَ موجن ۾ ڄاڻي ٿو خدا،

گرداب نه هو، طوفان به نه هو، ساحل به گهڻو ڪُجهه دُور نه هو.

 

نيڻن جو نشو ته معاذ الله، پر اڳ جا نشا اهڙا به هوا،

پلٽي ته صراحي ثابت هئي ۽ جام ڪِريو ته به چُور نه هو.

 

هي حال نه هو، هي قال نه هو، بي راهه رَوي ته به اهڙي جو،

بتخانه وٽ منزل هوندي خود بيتِ خدا ڀي ڏُور نه هو.

 

پر هڪڙي اچانڪ پيئي نظر، تبديل سڄو ماحول ٿيو،

دامن ٿي بچائي مون پنهنجي پر اُن کي بچڻ منظور نه هو.

 

ڇا حُسن جي محمل ۾ ليلي جو مثل هوڪو پردهه نشين؟

اُف قيس جي قسمت! جو جلوو مستور به هو! مستور نه هو.

 

هر جاءِ هو آهي جلوه گر پر طور بهانو ٿي آيو،

موسى جو اِئين مدهوش ٿيڻ محتاجِ جمالِ طور نه هو.

 

گُلشن ۾ ڏٺم ”سرشار“ عجب هر گُل کي خمارِ مينوشي،

ڇا لاله، بنفشو ڇا سُنبل، گل ڪو نه هو جو مخمور نه هو.

(ڪراچي 1- آگسٽ 1953ع)

غزل

 

گُذر جيسين لبِ ساحل نه ٿيندو،

سُڪونِ زندگي حاصل نه ٿيندو.

 

گريبان چاڪ اي مجنون بدلجي،

دريچئه پرده محمِل نه ٿيندو.

 

نه ٻَرندي شَمع، پروانا نه ايندا،

اگر هُو زينتِ، محفل نه ٿيندو.

 

فريبِ حُسن کائيندي به عاشق،

فريبِ حُسن جو قائِل نه ٿيندو.

 

مسيح مُلڪ تنهنجو سر سلامت،

مگر توکان علاجِ دل نه ٿيندو.

 

مثالِ زُلف اي ”سرشار“ خَم ٿي،

ملڻ محبوب سان مشڪل نه ٿيندو.

(ڪراچي 24 مئي 1955ع

غزل

 

ساقيءَ جي اکَ مثال ڪو ساغر نه ٿي سگهندو،

هِي جام اُهو آهه جو گهر گهر نه ٿي سگهندو.

 

ڪئن حُسنِ ازل جَلوه گرِ بزم ٿئي، موسى!

هڪوار ٿيو طور تي ٻيهر نه ٿي سگهندو.

 

سِيني ۾ ٿا سانڍين سَڄَڻ تنهنجو فسانو،

اوراق ۾ محدود هَي دفتر نه ٿي سگهندو.

 

تلقين ڪَرين ضبطِ اَلَم جي ٿو مگر دوست!

ڪنهن وقت کڻي ٿيو ته ٿيو اڪثر نه ٿي سگهندو.

 

هر وقت هُجي مصحَف رُخ دِيدَ جي سامهون،

هِي اهڙو سبق آهه جو ازبر نه ٿي سگهندو.

 

اکيون ته نظارن ۾ کڻي مَحو رکان پر،

دل جو ڪو ٻيو تو سوا دلبر نه ٿي سگهندو.

 

عاشق جي ٿو هر وقت رَهي پَير ۾ چَڪر،

گهر گهاٽ ڪرڻ چاهي ته ڪو گهر نه ٿي سگهندو.

 

وَٺ پَرک! اُٿن حُسنِ فناياب جون ڇوليون،

دامن جو ڪِنارو به ڪڏهين تَر نه ٿي سگهندو.

 

وِکَ وِکَ تي نئون کيل ته ڇا عقل به ڊوڙي،

ميدانِ طلِسمات ائين سَر نه ٿي سگهندو.

 

ڪم شيخَ جي دستار ڪفن ۾ به نه ايندي،

جي ڊيگههَ مان ڪَپجي به سَهِي، ڀَر نه ٿي سگهندو.

 

زَر قاضِي حاجاتِ جهان آهه، بجا آهه،

پر قاضِي حاجاتِ عَدَم زَر نه ٿي سگهندو.

 

”سرشار“ کي ڇڏ ويٺو رَهي تُنهنجي ئي دَر تي،

در تنهنجي جو مَٽ ڪوئي ٻيو دَر نه ٿي سگهندو.

(حيدرآباد 31- ڊسمبر 1955ع)

غزل

اي بهار جانِ فزا هِي تنهنجو احسان ٿي ويو،

جو اُجڙ هو گلسِتان سو گُل بَدامان ٿي ويو.

 

زلف دلبر کي ڏٺو جڏهين نظام ڪهڪشان،

رقص ۾ آيو ٿيو اجزا پريشان ٿي ويو.

 

جلوه آرائي سڄڻ تنهنجي طلوع آفتاب،

ذرو ذرو تنهنجي آمد کان درخشان ٿي ويو.

 

تير مزگان کي تلاش ترڪش سَروپش هُئي،

حَمدَالله دل ۾ هِي پيو سته پيکان ٿي ويو.

 

زاهد بي نور منهنجي يار جو جلوه ڏسي،

ڪعبه دل ۾ وڃي پهتو مسلمان ٿي ويو.

 

درد بن دل هُئي اڪيلي حال ڀائي ڪو نه هو،

درد سو دلبر ڏنو جو حال پرسان ٿي ويو.

 

چوٽ پويان چوٽ کائي زخم ڇا تازه ٿيا،

واهه جون ڪليون ٽڙيون جو باغ بستان ٿي ويو.

 

بي خودي ”سرشار“ کي بخشي سڄڻ هيئن ٿا پڇن،

ڇا وڃي پيتئي جو ههڙو حال تو سان ٿي ويو.

(صوفي فقير 19- فيبروري 1956ع)

غزل

رُخِ تابان ته زلفِ دوتا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو،

ڪُسوفِ شمس ٿيندو ڪين يا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

جمالِ يار آهي مستقل، ٻيو حُسن سڀ فاني،

ته فاني حسن دلڪش دلربا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو،

 

سڄڻ جو اَبروءِ خمدار جياري ٿو هزارن کي،

مگر مون لئه اهو تيرِ قضا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

گواهي رند جي سو ڏئي ٿي دستِ قاتل تي،

بجائي خون جي رنگ حنا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

جڳائي آستانِ يار تي جُهڪندي ٿي دم نڪري،

جبينِ شوق! هڪ سجدو ادا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

غرورِ حسن ۾ ڀل ڪو خدائيءَ جي ڪري دعوا،

صنم سهڻو خدا ناهي، خدا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

نه ڊيڄار اي اجل، تون وڌ ۾ وڌ ماري سگهين ٿو پر،

فنا کان اڳ فنا جو ٿيو، فنا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

درونِ قلب آهي مائلِ حرص وهوا واعظ،

سرِ محراب وصبر پارسا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

ڪري وٺ جذب نور حق يد بيضا جي صورت ۾،

رڳو جي طُور تي جلوه نما ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

مٺا محبوب تنهنجو رنج ماري ٿو وجهي مون کي،

زمانه جي سڄو مون کان خفا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

عجب عقده ڪشائي سان سنواري يار ٿو گيسو،

اسين مشڪل ۾ هو مشڪل ڪشا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

ڪناري کي ڪناري سان ملائي موج دريا ٿي،

ڪنارو جي ڪناري کان جدا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

پري آهي پرين ته به آءُ سمجهان ٿو سڄڻ اوري،

جي جانب جيءَ کان منهنجي جدا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

اڳيئي جرمِ محبت جو نتيجو خوب سمجهان ٿو،

قياسِ جُرم زيرِ التوا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

رياڪاري جي ٿيندي سِرَ پوشي تابڪي زاهد،

حربر چين جي بند تبا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

خدائي رزق ٿي آهي ڪري ٿو جو شڪم کي پر،

خدائي گندم رجئو ماسوا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

 

نه چشم يار جو مٽ آءُ ڀانيان چشمئه حيوان،

اگرچه خضر لئه آبِ بقا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

غرض ياري سان آهي سا نباهيندس بهر صورت،

”جي سهڻو سنگدل ۽ بي وفا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

خدا شل ڪَلَ نه ٿيڙي ۽ ڪَٽَر اک مان وڃي نڪري،

ڪليڪٽر ٿي پيس بختِ رسا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

محمد مير تان جن وبشر حورو پري قربان،

هي منهنجو ساهه سيد تان فدا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

 

لکي ٿو لوح جو مالڪ محمد مير جون وصفون،

رڳو ”سرشار“ هڪ وقفِ ثنا ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو.

ڪراچي 29- جون 1954ع ۽ نوابشاهه 25- آگسٽ 1957ع

غزل

فراقِ يار کان دل جي تپش ۾ رقص ڪريان ٿو،

پَچن ٿا داغ ۽ تن جي خلش ۾ رقص ڪريان ٿو.

 

به بزمِ ناز جڏهين ٿو هجومِ عاشقان گڏ ٿئي،

ته هڪڙي قرب واري جي ڪشش ۾ رقص ڪريان ٿو.

 

صراحي کي چيو بادهه ته ساقي جي نگاهن ۾،

ڏسان ٿو مست، جامِ بادهه ڪش ۾ رقص ڪريان ٿو.

 

حضورِ يار منهنجي لغرشِ پا عفو جي قابل،

جو هن بيتاب دل جي ڪشمڪش ۾ رقص ڪريان ٿو.

 

لُڏي قاصد ڏنو خط يار کي ۽ هُنَ پڇيو هي ڇا؟

چيائين: هيج ۾ هلندي روش ۾ رقص ڪريان ٿو.

 

شبِ مهتاب، اي ”سرشار“ تنهائي ۾ ستائي ٿي،

ته يادِ حسنِ روئي ماهه وش ۾ رقص ڪريان ٿو.

غزل

 

آشنا تنهنجو ٿو، ٻي هر شئي کان بيگانو رَهي،

پنهنجي دنيا پاڻ ٺاهي، مست مستانو رَهي.

 

قلب ۾ ڪعبه وَسائڻ جي، ڪيم ڪوشش مگر،

دل بُتن جي ڀيڙ ۾، هردم ٿي بتخانو رَهي.

 

ڪاش هِڪڙي بيخودي، طاري هجي ٻنهي مٿي،

مان به ديوانو رهان ۽ هو به ديوانو رهي.

 

مُنهنجي استقبال خاطر، چشمِ ساقي منتظر،

۽ هجومِ ميڪشان سان، پُر ٿو ميخانو رَهي.

 

تُنهنجي ڪاشانه جو سنگ در، هجي منهنجي جبين،

۽ فلڪ جي اوج تي شل، تُنهنجو ڪاشانو رَهي.

 

مان مجسم عشق آهيان، تنهن ڪري ”سرشار“ اڄ،

ٿو زمانه جَي زُبان تي، منهنجو افسانو رَهي.

(ڪراچي 27 مئي 1950ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org