سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو مرتضائي

صفحو :6

(26)

ڏينهن ڇَويهين ڇٽندي اُمت سندس انصاف ۾

هڪ ڏينهن قضا، قادر ڪندو، ائين مالڪ لکيو مصحف ۾

ته جي خاتون بخشي خون تان عالم ڇُٽن اوصاف ۾

پوءِ ڪير مٽ تن سان ٻيو پنهنجي دل ڪريو درياف ۾

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(27)

ڏينهن ستاويهين صبر آگي سندن  آزمائيو

سور سختيون ڏاج ڏک صاحب مٿن سنباهيو

ته به درد جي درياهه ۾ تن پير پتنگن پائيو

پوءِ منجهه قيامت ڪل رکندو رب اني جو رائيو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(28)

ڏينهن اٺاويهين لقب عاشق انهن جو ٿا چون

جي محبتيءَ مچ ۾ امالڪ پتنگ وانگر ٿا پون

توڙي مٿن روز سروزو آب ريءَ راتين نون

ته به مرد مڙيا ڪين ڪي سورهه اڳيان لکن سون

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(29)

اوڻٽيهين ڏينهن امامن جي طلب تون تات ڪر

ڏينهن سڀ ڏک  ۾ گذاري رئڻ گريو رات ڪر

حُب رکي حسنين ڏي اهي پچارون پرڀات ڪر

هاڻ پؤ مري منٺار تون ان ورونهن منجهه وفات ڪر

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(30)

ڏينهن ٽيهين ٽول اٿئي رک حُب حسين امير تي

ٻي آهي سوغات تولاءِ سڪ سيد جي رکڻ سرير تي

ٽين آهي سوغات تولاءِ ويساهه ڪرڻ فقير تي

چوٿون چئو ڪلمون قلب سين حضرت محمد مير تي

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

 

 

 

 

 

 

 


 

مداح

سي حرفي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

1

الف هيءَ افسوس مون کي آئون هتي ڇو ٿو جئان

هو مناسب هي مون کي صدقو شهيدن تان ٿيان

حُب رکي حسنين ڏي ۽ پساهه پيرن منجهه ڏيان

هوند ڪربلا مئيدان ۾ پيالا شهادت جا پيان

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

2

بي انهيءَ آئون باهه ساڙيس هاءِ وس منهنجو ويو

سر صدق سيد مٿان قربان مون ڪيئن نا ڪيو

ريءَ ملڻ محبوب جي منهنجو نه مقصد ڪو ٻيو

ان درد ۾ دانهون ڪريان خاطر پرين جي  پيو

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون  اِمام

3

تي تات سندين مون کي آهي من اندر محبت مدام

بنان حب حسنين جي آهي ٻي عبادت سڀ حرام

ائين لکيو فرقان ۾ آهي سو سچو رب جو ڪلام

حضرت حديثون ائين چيون آهن جنهن تي صلواتون سلام

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

4

ٿي انهي سڪ ۾ سڙي ۽ ڏيل منهنجو پيو ڏري

هئي ڏکن ڏٻرو ڪيس ۽ ماهه منهنجو ويو ڳري

من وڃي ”منٺار“ چئي ملان مالڪ کي مري

پوءِ مان ميڙائو ڪري واحد وڇوڙيل جو وري

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

5

جيم جيئڻ منهنجو هتي افراط آهي سڀ جنجال

هِت هنجهون هاريان پيو ڏس هاءِ هيڻو منهنجو حال

منهنجو مقصد آهي مرڻ ۾ من مري ٿيندم وصال

آئون اِمامن جو ٿيان منهنجو روز راتو ڏينهن سوال

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

6

حي اِمام حسين جي آئون ٿو سڙان هن سو ۾

مون کي روز غمناڪي گهڻي ماتم سندي مذڪور ۾

هئي لکي تقدير ائين اِن درد جي دستور ۾

نيٺ منهنجو آهي مرڻ ان ورونهه جي وهلور ۾

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

7

خي اڃان کامان پچان پيو روز پنهنجي روح ۾

آئون هنجون پيو هاريان واءِ واءِ انهيءَ ورونهه ۾

پور مون کي ٿا پون لهريون اچن سَو لُوهَه ۾

آئون امامن جو ٿيان منهنجو سوال سنجهه صبوح ۾

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

8

دال اُن دک درد ماريس هاءِ يارو ڪيئن ڪريان

اُن جوش ۾ جيرا ڦڦڙ اُن باهه ۾ بڪيان ٻريان

سور سختيون ياد ڪريو پوءِ آب سين اکيون ڀريان

آءٌ امامن وٽ وڃي شل سر سندم سنت ڌريان

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

9

ذال ظاهر يا خدا منهنجي دانهن سُڻ فرياد جي

صاحب سچا تون ڪر شرع سائين  عليءَ جي اولاد جي

ڏي مدد مولا ڌڻي پنهنجي فضل ۽ اِمداد جي

پاڙ پَٽِ جيڪي ڦريا اُن جي اهل بنياد جي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

10

ري رڙيون رب پاڪ صاحب من سُڻي وهلو وري

هٿ پنهنجو هيڻن يتيمن تي ڌڻي داور ڌري

داد منهنجي دانهه جو من ڪرم سين قادر ڪري

جي وڙهيا سيد سچي سان شل سي وڃن دوزخ تري

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

11

زي زخم ڪوفين ڪيا هاءِ هاءِ امام حسين کي

ٿيا سمهان سوئر اچي اُن بادشاهه ڪوئنين کي

منهن ڪارو مردود جو جنهن ڌڪ هنيا دارين کي

سؤ ڀيرا شيري شِمر لانت هجي اُن لعين کي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

12

سين صدقي سِر ڪريان حضرت حسين امير تان

آئون صدقي قربان ٿيان وارث وسيلي وير تان

مروري گهوريان مٿو تنهن مديني جي مير تان

پوءِ من لهن گوندر گهڻا مون درد جي دلگير تان

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

13

شين ڪربلا شهيدن جو آهيان گولو غلام

مون مڃيو اسلام اُن جو من اندر محبت مدام

آهي منهنجو وارث وسيلو هر دو عالم ۾ اِمام

مون کي شال نصيب ٿئي ڪربلا سندن مقام

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

14

صُئاد صبر سيد ڪيو ۽ مڃي رضا رب پاڪ جي

نت ناهي طاقت جو جهلي دهشت ڌڻي لولاڪ جي

ويئي عمر روئندي لنگهي ان غم ۾ مون غمناڪ جي

هاڻي من سندم ميلو ٿئي ۽ هي لهي ٽيپ فراق جي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

15

ضُئاد دل منهنجي سندو دارون سندن ديدار هاءِ

جيءُ اندر ۾ جرجلو منهنجو بدن بيقرار هاءِ

رات ڏينهن گريو گهڻو ۽ روئڻ زارو زار هاءِ

ريءَ ۾ ملڻ محبوب جي ماندو گهڻو ”منٺار“ هاءِ

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

16

طُيءِ ذرو تل ڪين ترسيا مڃي هليا رب جي رضا

جيئن لکي لوح قلم سين آئي قادر جي قضا

شائق شهادت جا ٿيا اولاد مانجهيءَ مرتضيٰ

ڪافر ڏينهن قيام جي يزيد لوڙيندو جزا

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

17

ظُئي زهر حضرت حسن کي اصل مردودن مُڪو

مڃي رضا رب پاڪ جي تنهن چاهه مان پيتو چُڪو

يزيد جهنم ۾ وڃي دوزخ اندر ٿيندو ڦڪو

پوءِ سو پيدا ڪين ٿيندو باهه ڪيو جنهن کي ڀُڪُو

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

18

عين يا حضرت علي سُڻ درد واري دانهن تون

ٿي مدد هيڻن يتيمن جو وسيلو واه تون

سور سختي جي وقت ۾ وٺ ٻُڏِن جي ٻانهن تون

کڻ خنجر دُل دُل چڙهي ۽ ڪر ڪفر تي ڪاهه تون

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

19

غين غم آهي مون کي حضرت علي اڪبر جو هاءِ

ٿيو هلڻ هئه هئه ادا اُڃ م علي اصغر جو هاءِ

شاديءَ جي ڏينهن ٿيو سر جدا قاسم شاهه انور جو هاءِ

ويو قيد ۾ قرآن پڙهندو سر حسين سرور جو هاءِ

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

20

فَي فڪر آهي مون کي جو ڪربلا ۾ ڪيس ٿيو

واٽ ويندن تي اچي ڪافر ڪميڻي قصد ڪيو

پاڻي پليتن بند ڪيو ۽ حياءَ هچارن جو ويو

هو حڪم حق جو اصل نه ته ڪير صابر ٿئي ٻيو

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

21

قاف ڪربلا جي پڙ ۾ ويري آئيا ڪئين وير تي

هئي دغا دشمن جي دل ۾ لشڪر مڪا جنهن مير تي

هو رسول الله جو دستار حسين امير تي

سو اُتي راضي رهيو الله جي تقدير تي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

22

ڪاف ڪارو اُن وقت افسوس ۾ ٿيو آسمان

زلزلو ساري زمين ۾ جنهن مٿي جملو جهان

حورون پريون هيءَ هيءَ چَون افسوس ۾ چريون انان

مون کي ان ماتام جو آهي قلب دل جيري ۾ ڪان

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

23

لام هو لشڪر گهڻو جملي يزيدن جي جمات

هئا ڪي منجهن قرآن پڙهيل جن نا ڇڏي هڪڙي رڪات

سي ڦري دشمن ٿيا مردود سي حملو حمات

هئا وڙهيا سيد سچي سان جنهن مٿي پڙهجي صلات

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

24

ميم هو موڳن مٽيو دنيا جي خاطر دين کي

شامين شهيد ڪيو محمد جي تخت نشين کي

قيد ۾ ڪوفي ڳنهي ويا عابد مسڪين کي

رنج ڪيو ڪوفين ڪتن رب جي رسول امين کي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

25

نون نوراني جُبو رسول جو رت ۾ ڀريو

ڪيئون سر جدا هو جنهن مٿي دستار محمد جو ڌريو

ڦرئلن کي ڦاهي وانگر اچي طوق لعنت جو ڍريو

ها وئي جهنم جي اندر وجهندن ملڪ ور ڏيو وريو

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

26

واءُ واءِ ويلا ادا هي مهينو ماتم جو هاءِ

حب رکي حسنين ڏي گريو ڪريو اُن غم جو هاءِ

ڪيئون قتل اڪبر ۽ اصغر ۽ سر وڍيائون قاسم جو هاءِ

جنهن کي غم ناهي اُهو اولاد ناهي آدم جو هاءِ

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

27

هي ڪريو هئي هئي ادا جو ڪربلا ۾ ٿيو قهر

ماهه محرم جي ڏهين ۾ هو هنڌين ماڳين حشر

حورون پريون هئي هئي چوَن اکين منجهان هارين جر

عرش ڪرسي ٿرٿليا اُن سوز ۾ شمسو قمر

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

28

الف امر مڃي ويا هئي جيئن گهريه جلشان جي

اها پرک پرور ٿي لڌي ان جي صبر ايمان جي

وري بي حيائي رب ڏٺي يزيد ۽ مروان جي

سي ثيا دشمن دوزخي جي فوج هئا ڪفران جي

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري نئون اِمام

29

لا لقب اعليٰ امامن کي شهادت جو مليو

ٻيو اجر حسنين کي هر دم هدايت جو مليو

ٿيا والي ڪونين جا منڍ سڀ نيامت جو مليو

محشر جي ڏينهن امام کي حڪم شفاعت جو مليو

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

30

ي اُنبڃي يادگيريءَ ۾ مري ڇڏيان جهان

پوءِ مان پئي منٺار جو ظاهر نبي هِت هُت ضمان

شل منهنجي ڪربلا ۾ ٿئي قبر پرين پيراندي مڪان

قلب مان ڪلمون چئي مرڪي ٿيان شل مسلمان

هاءِ ماتم ڪين وسري ڪربلا واري قيام

ڇو نه آئون صدقي ٿيس سر ساهه گهوري تئون اِمام

 

 

 

مداح

سوال نامو

 

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

1

سوال منهنجو تون سڻج اي يا خدا پروردگار

۽ سوال منهنجو تون سڻج اي يا محمد مختيار

۽ سوال منهنجو تون سڻج اي يا علي دل دل سوار

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

2

مون کي مير حسين جي مؤليٰ متابعت ڪر نصيب

ڪربلا جو ڪُٺو اُن جي شهادت جو نصيب

ته ملان مير حسين کي اهڙي نعامت ڪر نصيب

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

3

سر سندم صدقي ڪريان تنهن حسن مير حسين تان

سر سندم صدقي ڪريان اُن بادشاهه ڪونين تان

سر سندم صدقي ڪريان دارالبقادارئين تان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

4

سر سندم صدقي ڪريان حضرت علي اڪبر مٿان

سر سندم صدقي ڪريان حضرت علي اصغر مٿان

سر سندم صدقي ڪريان قاسم شاهه انور مٿان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

5

سر سندم صدقي ڪريان تنهن فاطمہ فرزند تان

سر سندم صدقي ڪريان تنهن نبيءَ جي دلبند تان

سر سندم صدقي ڪريان تنهن بادشاهه مسند تان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

6

سر سندم صدقي ڪريان سيد سچي سعدات تان

سر سندم صدقي ڪريان تنهن عليءَ جي اولاد تان

سر سندم صدقي ڪريان تنهن فاطمہ بنياد تان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

7

سر سندم صدقي ڪريان عليءَ جي پٽن ۽ پوٽن مٿان

سر سندم صدقي ڪريان تن نبيءَ جي ڏوهٽن مٿان

سر سندم صدقي ڪريان حسين جي قدمن مٿان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

8

مير محمد ٿي چميو تنهن جي حُسن جمال کي

ڪافرن ڪيئن ٿي ڪُٺو لاڏلي تنهن لعل کي

آءٌ اڃان جيئرو آهيان آهي حيف منهنجي حال کي

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

9

سوال منهنجو تون سُڻج اي جڳ جا مالڪ جلشان

سوال منهنجو تون سُڻج يا نبيءَ عالم زمان

سوال منهنجو تون سُڻج يا شيري خدا شاهي سبحان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

10

سوال منهنجو تون سُڻج يا الله آزي ٿو ڪريان

مقصد منهنجو هي آهي نميو نيازي ٿو ڪريان

سا سدا سنديم سڻج آءٌ جا پينار پازي ٿو ڪريان

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

11

آئون جنهن جو طالبو سو رب ڏيکاريندم حسين

ماڳ محشر ۾ مون کي ديدار ڪاريندم حسين

حوض ڪؤثر جا پيالا اُت پياريندم حسين

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

12

دو جڳ ۾ مون کي مسڪين سين همراهه ٿيندا پنجتن

هن غم ۾ مون غمگين سين همراهه ٿيندا پنجتن

پنهنجو ڪري تلقين سين همراهه ٿيندا پنجتن

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

13

منهنجو اِرادو اهو سو پڄائيندم رسول

سوال منهنجو هي آهي عرض اگهائيندم رسول

نالو شهيدن جي جماعت ۾ لکائيندم رسول

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

14

منهنجو اِرادو اِهو ته حسنين جو ٿيان غلام

سوال منهنجو هي آهي سائين روز راتو ڏينهن مدام

ته مرڻ کان پڄاڻا ڪربلا ”منٺار“ جو ٿيئي مقام

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

15

منهنجو اِرادو اهو سو پڄائج تون الله

شل نيت نبهي سنديم مون تي ڪندا نرمل نگاهه

آئون مران ڪلمون چئي مٿي مير محمد شهنشاهه

ماهه محرم جي ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان

حب رکي حسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

مداح

بيان قيامت جو

 

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

1

هي قصو سڻو قيامت جو حديث حبيبي

ڪئي ولين روايت جي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

2

جڏهن خدا پاڪ پرور لاءِ انصاف ايندو

اچي ڪندو اي عدالت ٿيو حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

3

اُتي رب رسول ڪريم کي ائين چوندو پاڪ پرور

ته آڻيو بيبي بتولت جي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

4

پوءِ نبي پنهنجي نياڻي کي اچي عرض چوندو

ته بابا هل ته ٿيئي هدايت تون حسينڻ جي حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

5

اُتي ايندي پاڪ دامن روبرو رب جي

هوندو اُهو وقت وصاليت ٻئي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

6

اُتي رکي رنج سامون خود الله جي اڳيان

ڪندي فرياد فاطمہ جا حسينڻ جي حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

7

اُتي آرياڻي کي عرض الله ائين چوندو

ته مون کي بخش خون خاتونت تون حسينڻ جي حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

8

پوءِ ڪندي بخش خون بيبي دل جي حضورئون

ڪري منظور معرفت جا حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جي حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

9

هونديون کٿيون لويون اُن جون بيبي جي بدن تي

هئي ڪندي سوءَ جي عادت حسينڻ جي حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

10

ٿيندو حڪم جبرائيل کي ته آڻ جورا جنت مان

من ڪري نئون لباس نئامت جا حسينڻ جي حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

11

چوندي لاهيو سوءَ صاحب رب اول انهن جي

جي ٿا مومن ڪن متابعت ٿيو حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

12

جي ڏهئي ڏينهن محرم جا غم ۾ گذارين

اها رسول جي به زيارت ڪن حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

13

جي ڪارا ڪن ڪپڙا روئن مومن مدامي

ڀلي پهريون ڪن سي پوشاڪت حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

14

آءٌ ان کان پوءِ پهريندس اِهي جورا جنت جا

مون کي دل ۾ آهي دريافت آهيون حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

15

ڪندو انهي طرح الله موجب چوڻ جي

ڪندو اول اُن تي عنايت جي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

16

جي ساڻس گڏ شهيد ٿيا هوندو شاهي شان انهن جو

ملندين بهشت جي بشارت جي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

17

اول ملنديون اُن کي جايون جنت ۾

هئي جيڪا سنديس جماعت حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

18

اڄ به عاشقن کي ٿئي اهڙي اِمدادي

جهڙي ٿي حر ۽ ڀاڻس کي هدايت جي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

19

ڀاڱا صحي ملندا سچن صادقن کي

ان جي مهابي ۾ مطابعت جي حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

20

پوءِ اذن مهت ملندو محمد مصطفيٰﷺ کي

سو ڪندو شافي ٿي شفاعت ٿيو حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

21

ڪي عاشق ڪن اعتبار مانجهي مرد ويچار

جي واقف آهن ولايت حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

22

ڪئين ملان ۽ ٻيا مولوي وٺي رشوت ڦري ويا

ڪيائون روا ايءَ شهادت نه ٿيا حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

23

ٻارنهن سو ٻانگن جا هئا پليت جي پاسي

ڏنئون راءِ خيانت نه ٿيا  حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

24

تنهن کان پوءِ ڪلمي گوءِ آڻيندو جنت ڏي

سڀ جملي جماعت ٿيو حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

25

اُتان ڪڍي ڪافرن کي احمد ڄام ايندو

ڪري معافي سڀ خيانت ٿيو حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

26

سي منٺار جي آڌار پنجتن سردار

ڏيندم روبرو رهائشت آهيون حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

27

چئي ڪلمون قَلُوبَئون وسهي يقينئون

آهي نيت ساڻ نعامت ٿيو حسينڻ جا حبدار

ڏسندا ڪانه قيامت حسينڻ جا حُبدار

هوندا صحي سلامت حسينڻ جا حُبدار

 

مداح شريف

 

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

1

حسينڻ مرشد ملائڪن جو جي طالب تلقين ٿي ويڙا

حسينڻ اوجر آنبين جو جي نبي مرسلين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

2

حسينڻ گر پير غؤثن جو جي غوث العالمين ٿي ويڙا

حسينڻ قادر قطبن جو جي قطب ڪاملين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

3

حسينڻ وارث ولين جو جي وليءَ واصلين ٿي ويڙا

حسينڻ استاد عاشقن جو جي جملي ئي عاشقين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

4

حسينڻ سرتاج صابرن جو جي سونهارا صابرين ٿي ويڙا

حسينڻ آهي تاج تارڪن جو جي دنيا کان تارڪين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

5

حسينڻ سلطان سخين جو جي سخي صالحين ٿي ويڙا

حسينڻ فياض فقيرن جو جي فقير صادقين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

6

حسينڻ ارباب عابدن جو جي خدا جا عابدين ٿي ويڙا

حسينڻ زمان زاهدن جو جي زاهد ذاڪرين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

7

حُرَ ۽ ڀاڻس کي هدايت هئي جي عين اليقين ٿي ويڙا

حسينڻ سرتاج شهيدن جو جي شهيد شاڪرين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

8

حسينڻ مهندار مسڪينن جو سي موچارا مسڪين ٿي ويڙا

راحب ٻانڀڻ پٽن سوڌو جي جنت جا نشين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

9

ڪر ملان پٽ ملوئي جو پارسي پاسي تنهن ظالمين ٿي ويڙا

اُهي حسن حسين جي حب ريءَ انڌا نابين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

10

وٺي رشوا ڏنئون فتوا سي ساڪن سجين ٿي ويڙا

هئا لباس المومنين ظاهر ۾ پر قلوب الڪافرين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

11

جي پٺيرا پنجتن کان پڙهيل سي دشمن سندا دين ٿي ويڙا

هئڻ هستيءَ ڪيڙا حرام سي ابليسي طالبين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

12

چوي ”منٺار“ محشر ۾ پنجتن امين ٿي ويڙا

ڪلمي وارا سي صحيءَ ڇُٽندا جي صادق يقين ٿي ويڙا

هزارين حسنين جا حبدار موچارا مسلمين ٿي ويڙا

ڏس ته امام جي اولي اپارين عارفين ٿي ويڙا

 

بيت راڳ، ڪيڏارو

1

چئي ڪيڏارو ڪربلا جو ياد ڪجان تون ڏينهن

علي جي اولاد تي مرغ وٺڙو مينهن

موليٰ جو منٺار چئي نيبهه ٿيڙس نيهن

سوره سيد شينهن عاشق حق الله جو

2

محرم چنڊ چمڪيو آيو عاشورو

ڪي غازي غم حسين جو پتنگ ڪن پورو

جي مٿو مير حسين تان ڪن صدقي سمورو

اُن کي اُجورو ملندو محشر ۾ منٺار چئي

3

محرم چنڊ چمڪيو عاشورو آيو

غازين غم حسين جو ڪن ڪن ڪمايو

جن من اندر منٺار چئي ماتم مچايو

سو دم سجايو جو پاسي پنجن تنن جي

4

حسن مير حسين لاءِ روئان راتو رات

آءٌ هيءَ هيءَ ڪريو هٿ هڻان مون کي طلب تنين جي تات

منٺار چئي اُن ماتام جي شل ڪسي وڃان ڪات

پوءِ مان منهنجي بات پچار جي پرينءَ حسين وٽ

5

حسن مير حسين لاءِ پچان نت پيئي

عمر سندن افسوس ۾ مون کي وهامي ويئي

منٺار چئي ان ماتام جي ڪل ڏيان ڪيهي

جيهي جا تيهي اهيا ڳالهه اندر ۾

6

حسن مير حسين کي سڪان ۽ ساريان

اُن جي افسوس ۾ هَنجون هاريان

منٺار چئي ان ماتام ۾ هئي ڀڻي ڳوڙها ڳاڙيان

دم نه وساريان مانه ميڙائو مون ٿئي

7

حسن مير حسين لاءِ رُئان راتو ڏينهن

هاريان آب اکين مان جيئن وسن وڏا مينهن

منٺار چئي ان ماتام ۾ آءٌ اٺوئي پهرايئن

هئي هئي ڪريان ڪيئن جو رب راضي ان رمز ۾

8

هردم حب حسين جي رکڻ آهي روا

اڙين جي اِمام ريءَ ڪانهي ڀُت ڀوا

هُت سيد کانسواءِ ٻيو عرض ڪڇندئي ڪونه ڪو

9

هردم حب حسين جي رکج اندر روح

منجهه افسوس اِمام جي ويٺو ڪر ورونهن

ته محشر منجهه صبوح مُنهُن مرڪئي منٺار چئي

10

هردم حب حسين جي ڪر وجود ۾ وظاف

ڪن ساراهون سيد جون محمد ﷺ ۽ مُصُحاف

متان مُنجهين منٺار تون دل ۾ ڪر درياف

ته ڪندو مؤليٰ گناهه معاف خالق بدلي خون جي

11

هردم حُب حسين جي صادق رکن سچيار

سي واليءَ ولايت جا عاشق جيئن عطار

ٻيا ڪوڙين ٿين ڪفار بنا حب حسين جي

12

هردم حب حسين جي ڪر مؤمن مطالعي

ڪر اُٿي ياد الله کي سيد سنڀالي

ته ٿِئين هِتِ هُتِ حوالي محمد جي منٺار چئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org