ٿلهه: مون سان ٿي همراهه علي حيدر تون! نيازِ نبي
۽ نامِ الله،
مون ٻڏندڙ کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي پار اُڪارج منجهؤن
اوڙاهه.
1- رکيم آس اُميد اوهان ڏي، ٻي نه منهنجي واهر
واهه،
ٿو ڀانيان دل ۾ ته ٿيندي مون ٿڪل تي، پنجنتنن جي
پاکر پناهه.
2- ريءَ حب تنهنجي هن دنيا ۾، ٿيڙا هزار گهڻا
گمراهه،
ٻيا حُبدار هٿان تنهنجي سوين سڌريا اُهي ٿيا غوث
قطب عارف اولياء.
3- منهنجو ٿي اُستاد ڪري امدادي، اي علم باطوني جا
علماء،
سوئي سبق پڙهاءِ ته صاحب رب وٽ ٿيان، منظور ڌڻيءَ
جي درگاهه.
4- آهي ”منٺار“ مداحي تنهنجو، سوالي سائل سنجهه
صباح،
مون تي حسن حسين امام جي صدقي، ڪر ڪا نواز جي نظر
نگاهه.
ڪانرو: تار ڌاڌرو
ٿلهه: سرڪار خدا جيءَ جو، تون مختيار يا علي!
ٿي حمايت مون سندي، هر وار يا علي!
1- ’لا فتاح الا علي‘ حديث رسولي،
’لاصيف الاذوالفقار‘ تنهنجو هٿيار، يا علي!
2- تون شير خدا جو صفدر آهين اسد الله،
تون آهين دُلدل مٿي هسوار، يا علي!
3- تون ساقي ڪوثري آهين، يا حيدري قرار،
۽ ڪُل ولين جو تون آهين ڏاتار، يا علي!
4- هيءَ عرض اوهان کي ڪري، حبدار حسيني،
سو تنهنجو، ڀان گهري دان، ٿو ”منٺار“ يا علي!
ٿلهه: سرتاج وَلين جو، تون سلطان يا علي،
ڪر سگهو مشڪل منهنجو آسان، يا علي.
1- مَلڪ جبرائيل جو، اُستاد تون آهين،
۽ ڪُل پيغمبر جو تون نگهبان، يا علي.
2- آهي قول محمد جو، ’لحمڪ لحمي‘ لاءِ اوهان،
ته جسم جان هيڪڙو، ناهي ٻيو گمان، يا علي.
3- ’قوتِ پروردگار‘، لقب تنهنجي لاءِ،
تون شير يزدان، شاهه پهلوان، يا علي.
4- آهي ”منٺار“ مداحي تنهنجو، ۽ حبدار حسيني،
سو تنهنجو ڀان، گهري دان، ڏي ايمان، يا علي.
ٿلهه: يا محمد! يا علي!، حسنين سر جا ڏاتار ٿيا،
1- اردالسموات آسمانن، سونهن سي سينگار ٿيا،
سج چنڊ تارا ۽ ڪتيون، تائب سندن تڪرار ٿيا.
2- عاشق ۽ معشوق رب، لقبن ٻنهي مختيار ٿيا،
پوءِ رضا رب جي قبولي، حق سين هموار ٿيا.
3- انا احمد بلاميمي، اهڙي مثل اِظهار ٿيا،
لحڪم لحمي، جسمڪ جسمي، خود اهو اِسرار ٿيا.
4- ”منٺار“ چئي محبوب سي، ساقي سندم سردار ٿيا،
نبين ولين قطبن جا، مهڙ سي مهندار ٿيا.
ٿلهه: آهيان سوالي محمد يا علي، حسن ۽ ٻئي حسين
جو،
1- سجاد زين العابدين، باقر، اوجر عينين جو،
جعفر، ڪاظم علي رضا، تنهن نور نبيءَ جو نين جو.
2- تقي، نقي، اصغر علي، مهدي ڌڻيءَ دارين جو،
دستار جن تي آئيو، سيد الثقلين جو.
3- شافي محشر جا اُهي، آهن رهنما دن رين جو،
ساقي لقب جن کي مليو، آهي ڪؤثر ۽ ڪؤنين جو،
4- آءٌ مطيع اُن جو آهيان، ۽ لاٿم نقطو غين جو،
”منٺار“ مڱڻهار ڪيو، سوال سڻندم سَين جو.
ملاري: تار تين تار
ٿلهه: حسن حُسين جي لاءِ هاءِ! عرش زمينون آسمان
سڀ رُئن،
1- بادل روئي آگم سارو، گوڙ حسين جو آهي، نغارو،
خود آب الله وهائي هاءِ! مٿيان ملڪ مڪان سڀ رُئن.
2- رُئن حسين لاءِ نبيءَ نرمل، سور انهيءَ ۾ اڪمل
مڪمل،
ساري روئن ٿي خلق خُداءِ هاءِ!، جملي جوڙ جهان سڀ
روئن.
3- پکي پکڻ روئن سڀ ذاتيون، مَلڪ ماتامي روئن
ڏينهن راتيون،
ڪَن وائي حُسينا، واءِ هاءِ!، افسوس انهيءَ ارمان
سڀ رُئن،
4. حوران به روئن، پريان به روئن، يا حُسين جي
ٻولي چوئن،
هت بهشت جنت جي جاءِ، هاءِ! غم ۾ انهيءَ غلمان سڀ
روئن.
5- جهنگل روئن وڻ ٽڻ سارا، سور حسين جي ڪيا سمونڊ
سڀ کارا،
تنهن سهڻي سيد جي لاءِ هاءِ!، اُڀن سندا دربان سڀ
روئن.
6- روئن سندن ”منٺار“ ماتامي، حسن حسين جي مڃي
غلامي،
جوئي پنبڻيون، روز پُساءِ هاءِ!، جند جان اکيون
قربان، منهنجون روئن.
ٿلهه: محرم ۾ ماتام، افسوس امامن جو ڪريو
زلزلو،
1- حيف هجن مروان شمر کي، دين ڇڏي جن کنيو ڪفر کي،
هئڙن نسل حرام، تڏهن آيا فوج ڪري غلغلو.
2- غم حسين جو شمس قمر کي، سور سمونڊ جي آهي بحر
کي،
روئن ٿا مَلڪ مدام، ڪرسيءَ عرش ڪيو ٿرٿلو.
3- جيڪي نبي آهن فردوسي، ڪل جي ڪافر تي دل ڪوسي،
ڪن ٿا حشر هنگام، سور انهيءَ جو اٿن سُرسلو،
4- چئي ”منٺار“ انهن جو آهيان، سندن ماتامي پيو
سڏايان،
مون کي من ڪوٺين ڪري غلام، منهنجي ناهي انهيءَ
ريءَ ٻيو بلو.
ٿلهه: ڪربلا جو ڏينهن، مومن! ياد ڪر تون.
1- علي جي اؤلاد تي، ”موليٰ وسايو ڏس مينهن.
2- شير شهادت رسيا، نيبهه ٿيئڙن نينهن.
3- حب رکي حسنين ڏي صدقو سيد تان ٿيءَ.
4- لاءِ محبوبن اي ”منٺار“! مرڻ پيالو پيءُ.
ٿلهه: حسنين جي لاءِ ڪر هاءِ هاءِ ادا! سِر نام
خدا جي اُڇلاءِ، هاءِ هاءِ!
1- حسين سچي جي پارئون، مَلڪن به ڏنيون اوڇنگارون،
تو تي ته هزار ميارون، جيڻ نه تو کي جڳاءِ، هاءِ
هاءِ!
2- حسنين جي تون رهه غم ۾، ٿي ڪيم ڪچو انهي ڪم ۾،
دل دوڙ پنهنجي سڀ دم ۾، منهن مونن جي وچ پاءِ،
هاءِ هاءِ!
3- حسنين جي غم ۾ هوئج، هئي هئي ته هميشه چوئج،
ڏينهن راتيون تون نت روئج، ۽ اکين مان آب وهاءِ،
هاءِ هاءِ!
4- آدم ۽ حوا ٻئي افسوس ۾، سڀ نبي رو وَن فردوس ۾،
حورون ۽ ٻيون پريون جلن جوش ۾، خوشيون کلڻ ته تو
نه رهاءِ، هاءِ هاءِ!
5- سُڄن ڳالهيون امامن واريون، اهڙيون قيامتون
ٻيون نه ڪاريون،
سي ڪيئن تو ”منٺار“ وساريون، تنهنجي حيف حياتي
اهاءِ، هاءِ هاءِ!
ٿلهه: هر دم افسوس امام جو، آيو محرم ماهه
ماتام جو هاءِ!
1- ڪربلا ۾ قيام ڪهاڻي، جتي شاهه شهادت ماڻي،
پليو هو پليتن پاڻي، ڏهئي ڏينهن تسيو طعام جو
هاءِ.
2- هاءِ هاءِ حشر ٿيو هولي، يا حسين يا حسين يا
حسين جي ٻولي،
پائي ملڪن سُوءِ جي چولي، ٿيو قضيو ڏينهن قيام جو
هاءِ.
3- ڪريو ياد عليءَ جي پُٽن کي، نبين به رُنو هو
تِنکي،
۽ واجب آهي مسلمانن کي، ته مَر رو وَن اَهل اسلام
جو هاءِ!
4- رَهه شاهه حسين جي سورَ ۾، ويٺي اُٿي وهلور ۾،
رهه ماتام جي مذڪور ۾، تو کي دم دشمن عيش آرام جو
هاءِ!
5- حُج حاڪم رب سان ناهي، جو اهڙا ڪوس ڪرائي،
تنهن سان ڪير ٻيو شراڪت ساهي، جنهن تي لقب ته
قهرئي نام جو هاءِ!
6- ”منٺار“ روئج ڏينهن راتيون، تون هاڻ نه گهرج
حياتيون،
گهر مؤت شهادت ڪاتيون، من ٻانهون ٿئين تون عليءَ
ڄام جو هاءِ!.
ٿلهه: هاءِ هاءِ! حسين زاري، سائين سڻ فرياد
يا علي،
1- جيڪو والي تنهنجي مسند جو، پڳدار پيارو محمد
جو،
هليو حڪم مڃي خاوند جو، ڪربلا ۾ قيامت ڪاري.
2- ڪر علي شاهه عدالت، ٿيءَ موليٰ شير مدارت،
هڻ لعين شمر کي لعنت، ڪر دُلدل تي هسواري.
3- سڻ عرض سندم اولاڻون، ٿي دين شريف جو داڙون،
پَٽ بيک ڪفر جون پاڙون، اسلام کي ڏي آڌاري.
4- ”منٺار“ سندءِ مڱڻهارو، تو کان پني هيئن
پينارو،
ته مون کي حسن حسين هڪ وارو، سي امام اکين سين
ڏيکاري.
ٿلهه: قهري قهار تون آهين رب ڏاڍو الله جلشانا.
ڪربلا ۾ شاهه ڪهايئي افسوس اٿم ارمانا.
1- بيبيءَ سچيءَ جا پيارا دل دادلا دلدارا،
معصوم هئا موچارا سي پٿون ڪرايئي پروانا.
2- حضرت علي جا فرزند ڪوڏئون نپايا محمد،
سي ڪوٺي ڪهايئي خاوند آڻي ڪٽڪ ڪفرانا.
3- دل جاني نبيءَ جا جيارا سڀ فوج جا سالارا،
اسلام جا ته اوجارا اُهي صوبا مارايئي سلطانا.
4- ذڪريا نبي چيرايئي يوسف مصر وڪڻايئي،
يونس مڇي منجهه پايئي بحرن اندر غرقانا.
5- جيڪوئي ته عالم اُپايئي، تنهن کي ذائقو موت
چکايئي،
ٻيو باقي ته ڪونه بچايئي هڪ تونهين بقائي صبحانا.
6- تو جو نالو قهار سڏايو اُت ڀڳئي سڀن جو ڀانيو،
”منٺار“ ڳچي پاند پايو پري توبہ زاريون ۽ جانا.
ٿلهه: حسنين جي لاءِ حورون غلمان، عاشق مشتاق
ملائڪ سڀ،
ڏهئي ڏينهن ماهه محرم جا ٿا ٿين، غمناڪ ملائڪ سڀ.
1- اهو افسوس انبين کي، منجهه فردوس نبين کي،
ايءُ وڏو وهلور ولين کي، رُئن پنج تن پاڪ ملائڪ
سڀ.
2- روئي خاتونِ جنت بتول، روئن موليٰ سندا مقبول،
۽ رُئن رفيق ساڻ رسول، منجهه لولاڪ ملائڪ سڀ.
3- بنا لشڪر يزيد بي ايمان، ٻيا رو وَن سڀ قوم جا
سلطان،
زمينون ۽ مٿيان آسمان، عرش افلاڪ ملائڪ سڀ.
4- آهي چوڻ ڪامل ولين جو، ته آهي شان شهيدن جو،
۽ اعليٰ اقبال امامن جو، ڪَنئون ميثاق ملائڪ سڀ.
5- سو پنهنجا پرکي اوزار رب عالمين، پرکئين اوزار
يزيد ظالمين،
پرکئين اوزار حسين صابرين، آزمايائين اخلاق ملائڪ
سڀ.
6- ايندي جڏهين ويل قيامت جي، ملندي موڪل اُن جي
سبب شفاعت جي،
لهندي جتي سُوءِ خاتونت جي، ملندي ماتمين پوشاڪ
ملائڪ سڀ.
7- ڪري سيد تي صلوات سلامي، هردم هروار ٿو مدامي،
۽ روئي ٿو ”منٺار“ ماتامي، منجهه سڪڻ فراق ملائڪ
سڀ.
ٿلهه: تنهن عاشق جو اقبال الله ڄاڻي، جو حسينڻ
سرتاج عاشقن جو،
رکايو رب پاڪ جنهن جي سِر تي، اعليٰ ڇٽ تاج عاشقن
جو.
1- ٻُڌو جنهن تنگ تؤڪل جو، سينگاري سنج ساج عاشقن
جو،
2- ٿي رضا تي رب پاڪ جئي راضي، قبوليئي ڏک ڏاج
عاشقن جو،
3- ٿي صابر ايوب کئون به سرسو، سو رکيائين رواج
عاشقن جو،
4- سڀ سهي سِر سُو ساٿيئڙن جا، ڪيائين قاسم وارو
ڪاج عاشقن جو.
5- پوءِ پاڻ به ٿيو شهيد سجدي ۾، ڪيئين موچارو
معراج عاشقن جو،
6- جنهن جو ٿيو سِر سوار نيزي تي، جو مجرب علاج
عاشقن جو،
7- اڃا هن ڪماليت کي ڪين رسيو منصور، جو شاگرد
هلاج عاشقن جو.
8- من ٿئي ”منٺار“ سندس حُبدار، جو پياسي محتاج
عاشقن جو.
ٿلهه: شائق شير جا عاشق، مڙيئي منصور ٿي ويڙا،
ڪيئون سِر ساهه پنهنجا صدقي، انهيءَ دستور ٿي
ويڙا.
1- جي ٻاهتر شهيد ٿيا ساڻس، سي معراجي مثل طور ٿي
ويڙا.
2- جي فنا في امام جا عاشق، سي نور منجهان نور ٿي
ويڙا.
3- ٻيا حسنين جي حُب ري، انڌا معذور ٿي ويڙا.
4- ڏنئون رِيا جي فتويٰ وٺي رشوت، سي ماياتي مغرور
ٿي ويڙا.
5- ڪي سڻي ڳالهيون غم اُنهي جون، ڦٽيل چڪ چُور ٿي
ويڙا.
6- ڪي ماتامي ”منٺار“ حسيني حُبدار، سي ملنگ منظور
ٿي ويڙا.
ڀيروي: تار ڌاڌرو
ٿلهه: بنا حسنين جي حُب کان، اصل آسرو نه محشر جو،
سچي اها ڳالهه، ڪر اعتبار، قسم الله اڪبر جو.
1- اصل ايمان انهيءَ جو ويندو، نڪي سو مسلمان مؤمن
ٿيندو،
نڪي نبي زمان اُنهيءَ جو پيندو، نڪا ٻي شفاعت بخش
سرور جو.
2- جو خارج خراب ڪيل خاوند جو، آهي سو دشمن احمد
جو،
نڪي سو ڏسي منهن محمد جو، پاڙو نه ملندس پيغمبر
جو.
3- جنهن جي حب حسنين ڏي ناهي، سو اصل ابليس جند
آهي،
جي عليءَ جي دروازي تي وڃي دانهين، ته به ملندس نه
قطرو ڪو ڪؤثر جو.
4- نڪا تنهن جي جاءِ جنت ۾، ٻيو نڪو ڀاڱو نعمت ۾،
ٿيندو ڪاڻيارو قيامت ۾، پوءِ لقب ملندس ڪافر جو.
5- ويچارو ”منٺار“ پني ٿو پينار، ته هجان شل حسنين
جو حُبدار،
هجان شل نوڪر هميشہ هروار، آءٌ سندن درگاهه جي در
جو.
ٿلهه: هُئا حسن حسين عليءَ جا فرزند، جن تي ربي
عشق هو آيو،
سي مڃي مرضي مرد ويڙا، جيڪو هو رب پاڪ جو رايو.
1- هئي اها معلوم امامن کي، ڪُسڻ جي ڪل عشاقن کي،
نه به ٿي گهڻي محبت مشتاقن کي، ڏيڻ سِر جو اصل
سعيو.
2- هو اِهو اسرار عبرت جو، ڳجهو مخفي راز رحمت جو،
سو وٺڻ جامو شهادت جو، شهيدن ڪربلا ڏي ڪاهيو.
3- ڏٺئين ٿي ظالم يزيد ڪافر جو، ڏٺئين ٿي صبر
حُسين سرور جو،
ٿيو امتحان الله اڪبر جو، جنهن عاشق جو ايمان
آزمايو.
4- هي ملنگ ”منٺار“ سندن درجو، آهي سائل حُسين
سرور جو،
سو پيالو حؤض ڪؤثر جو، گهري عليءَ کان امداد سِر
نايو.
ٿلهه: مدد منهنجي جلد ڪر تون، هيڻون ڏسي منهنجو
حال، علي حيدر!
ڪجان مشڪل اچي آسان، ته ٿئي آجوکو احوال، علي
حيدر!
1- دُلدل جو هسوار آهين تون، حڪم رب جا هلائين
تون،
مون کي ڪنان ويرين ڇڏائين تون، ته لهي سور جو ڪال،
علي حيدر!
2- قوت پروردگار پهلوان آهين، ولين جو سرتاج سلطان
آهين،
مُريدن مطيعن جو به نگهبان آهين، مون سائل جو سڻ
سوال، علي حيدر!
3- مهابي محمد پيغمبر جي، مهابي حسنين سرور جي،
قدم ڏيڻ سين ڪؤثر جي، ڀلارا ڪر ڀال، علي حيدر!
4- چوي ٿو ”منٺار“ عيبن دار، منگت مڱڻهار، تون در
پينار،
آءٌ گهران ٿو ڀَٽ ڀان، تون آهين، ڏاتار، پنهنجو ڏس
اقبال، علي حيدر!
پيروي: تار اولنگهه
ٿلهه: حُبدار آهيون حيدر جا ميان، علي شهنشاهه
صفدر جا ميان!
1- علي مالڪ مڪمل ميران، علي قادر قطب ڪبيران،
علي پير پهرو ٿيو پيران، ٽوڙيئي ڪوٽ قلعا خيبر جا
ميان!
2- حسن منهنجي حسين حمايت، والي وارث آهن ولايت،
شان جنين جي منجهه شهادت، آهن مالڪ ٻئي محشر جا
ميان!
3- زين العابدين مير منور، محمد باقر دل جو دلبر،
آءٌ به غلام انهيءَ جو نوڪر، اسين جماعتي شاهه
جعفر جا ميان!
4- موسيٰ ڪاظم جو شان شهانو، علي رضا جو آهيان
ٻانهو،
تقي نقي نئون سر قرباتو، اسين اَمر بندا اصغر جا
ميان!
5- مهدي مالڪ مير مڪمل، اعليٰ افضل نور اڪمل،
آءٌ ته زيارت ڪارڻ سائل، آهيون سڪدار سچي سرور جا
ميان!
6- منگي ”منٺارو“ منڌ موالي، شؤق شراب جي لاءِ
سوالي،
ڪري پنهنجي هٿ پاڻ پيالي، ڏيندم قدح ڀري ڪؤثر جا
ميان!
ٿلهه: سردار حسين کي ساريان، تڏهن آب اکين مان
هاريان،
1- سيد جي سختيءَ جون ڳالهيون، سڻيو ڪوهه جهان ۾
جاليون،
حيف اسان جون هي خوش حاليون، پاڻ پنهنجو ڇو نه
ماريان.
2- شاهه حسين لاءِ ملڪ رو وَن، حورون پريون غم ۾
هو وَن،
عرش زمينون هئي هئي چو وَن، پوءِ آءٌ ڇو نه او
ساريان.
3- سوز حسين جو سور اندر ۾، ويتر ٿيو وهلور اندر
۾،
غم اِهو معمور اندر ۾، ۽ گوندر ڏينهن گذاريان.
4- ٻانهو سندن ”منٺار“ مدامي، شاهن شاهه جي مڃي
غلامي،
حَسن ۽ حُسين ٻئي ٿيندا حامي، جنهن وقت سنڀاريان.
ڀيروي: تار ڌاڌرو
ٿلهه: ڏک ڏاج پيارن مٿي مؤليٰ مڪايو، ايمان عاشقن
جو الله آزمايو.
1- آدم کي به الله، بهشت مان لوڌايو،
پوءِ آڻي ابراهيم کي، آڙاهه چڙهايو.
2- حضرت يونس کي، مڇيءَ ۾ لوڙهايو،
ڪڍي کوهه مان يوسف کي، مصر ۾ وِڪايو.
3- ذڪريا نبيءَ کي، ڪرث سين چيرايو،
پوءِ حسن مديني ۾، زهر سين مارايو.
4- اُهي ڪُسڻ ڪن قبول، جن تي عشق آيو،
پوءِ ڪربلا جي ڪوس ۾، تِن پير پايو.
5- حضرت حسين ڏيڻ سِر سنباهيو،
تنهن واسطي خدا جي، ڪُلهن کان ڪپايو.
6- شاهن شاهه شبير، ڏٺو رب جو رايو،
سو اَمر علي زادن، برحق ٿي ڀانيو.
7- تن سِڪ ۾ صابرين، شاڪرين سڏايو،
ان مرڻ کان ”منٺار“، پاڻ نا لڪايو.
ٿلهه: ويندڙ واسطي خدا جي، منهنجو نيج نياپو،
۽ نيج نياپو، منهنجو نيج نياپو.
1- آهي اِمام جيڏانهين، تنهنجو پڻ پنڌ تيڏانهين،
وڃج تون تتي هلي، جتي منهنجي جيءَ جو جياپو.
2- منهنجا نياز بي انداز، ڪجان عرض ادب سين،
آءٌ تنهنجي گولي، ڪر سؤلي، ٻيو منهنجو سڱ نه
سياپو.
3- جي اچي عجيب، سو قريب، هت حبيب هيلو ڪو،
ته آءٌ بهار سا تنهن وار، هوند قرار ٿيان پوءِ.
4- چئي ”منٺار“ سو سردار، جي آڌار اچي مون،
ته ساهه صحبت ۾، آءٌ محبت ۾، سر سُنت ۾، ڏيان
پوءِ.
ٿلهه: قاصد کي سو نياپو ڏيڻ، هو ڪو فرضي،
جڏهين آيو ڪربلا ۾، ٿو واهي لُڙڪ لرزي. |