سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو مرتضائي

صفحو :5

(19)

جنهن کي غم حسنين جي، جو داغ دل تي ناهي دليل

ته ڪين مرهيندو اُنهي کي پاڪ پرور رب جليل

فاطمہ فرزند لاءِ روئندو ڪين سو ڪافر ڪٽيل

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(20)

جڏهن سج الهندا اُڀري ايندو ٿيندو محشر جو مڪان

تاوڙي تاپش ڪندو سج پاند نيزي جي نشان

اُتي غم سبب حسنين جي هيءَ ڇٽندو عالم جڳ جهان

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(21)

ماڳ محشر جي مِلڪَ ۾ هوندي بيبي فاطمہ

اُتي غم ڪريو حسنين جو روئندي بيبي فاطمہ

چي ڪن رُنو منهنجي پُٽن کي ائين چوندي بيبي فاطمہ

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(22)

ياد ڪيو حسنين کي آءٌ ٿو رُئان هِت زارو زار

مان ڪاريندم الله ڪربلا جو ٻُهاريدار

پاڙي پرين حسين جي شل ٿئي مقامي ”منٺار“

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(23)

آس اهڙي ٿو رکان پنهنجي رب سچي رحمان ۾

مراد هئي منٺار جي اُن جي فضل احسان ۾

ته مان منهنجي ٿئي قبر وڃي ڪربلا مئيدان ۾

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

(24)

آس اهڙي ٿو رکان ويسہ قلب جي يقين تي

شل دل سچي منهنجي ٿئي دائم نبيءَ جي دين تي

پوءِ آءٌ مران ڪلمون چئي محمد رسول امين تي

مسلمينو ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي

هن ڏينهن حضرت رسول هو حسين جو ماتمي

 

مداح شريف

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(1)

ڏينهن پهرين ياد ڪر پيارو پِسر رسول جو

ڪوفين ڪيئن ٿي ڪٺو مسند وارو مقبول جو

فرزند بيبي فاطمہ بنت نبيءَ بتول جو

برسر مڃيئين رب جي رضا عذر نه ڪيئين عدول جو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(2)

ڏينهن ٻي ٻاهر اندر رک حب حُسين امير جي

آل هو اصلؤن اهو حضرت محمد مير جي

هو علي جو لاڏلو پيڙهي مرتضيٰ پير جي

تنهن رضا رب جي مڃي جا گهريه هئي تقدير جي

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(3)

ٽي ڏيهاڙي ٽول ٻيا واجب اٿئي دل تان وسار

ساعت اُن سردار جي ساريو سنڀاريو تون سنڀار

آب اُن افسوس ۾ هئي هنجون نت روز هار

پوءِ مان اوءَ مجلس ڏسين داخل ٿئين تون درٻار

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(4)

ڏينهن چوٿين ڪيئن چريا ان مونجهه ۾ مستان ٿيا

لک سوين منصور جيئن ڪئين شمس جيئن ديوان ٿيا

عاشق سڻي ڳالهيون اهي عطار جيئن عُريان ٿيا

ڪي مري ماڳهين پيا پڙ تي پتنگ پروان ٿيا

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(5)

ڏينهن پنجين پيو پور جن کي سيداله سالار جو

سي ترڪ طالب ڪري ويا سک سهنج سنسار جو

ويا ڪنبي ڏسندي لقب قادر ڌڻي قهار جو

ان ورونهه ۾ ويهي رهيا وقت نه ملين ٻي وار جو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(6)

ڏينهن ڇهين ڇو ٿو رهين بي غمي بي دين تون

سڪ بنان سيد سندي ٻي ڪج ڪمائي ڪين تون

حب رکي حسنين ڏي جي ويون مري مسڪين تون

تان وڏا ظالع ٿيئي کڻي شڪر چؤ آمين تون

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(7)

ڏينهن ستين سلطان ادهم هو انهيءَ سِڪ سور ۾

ويو محل ماڙيون ڇڏي ان درد جي دستور ۾

بر منهن ڪري بئران ٿيو پرين سندي ڪنهن پور ۾

ٻيا به سؤ ايهين شاهيون ڇڏي ٿيا مستان ان مذڪور ۾

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(8)

ڏينهن اَٺين اڪبر ۽ اصغر جو ڪجان افسوس تون

ياد ڪر دل ۾ ذرو قاسم وني جو ڪوس تون

اُن سور ۾ ساڪن رهج هن ڇڏ سکن جو سوس تون

حب رکج حسنين ڏي نا ڪج دنيا سين دوس تون

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(9)

لک نائين ڏينهن لعنت ڪجان يزيد ۽ مروان تي

ٻي ابن زياد تي ٽي شمر تنهن شيطان تي

چوٿين عمر بن سعد لعنت نبريل نادان تي

پنجين پاڻي جن جهليو وري فوج تنهن بي ايمان تي

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(10)

ڏينهن ڏهين حضرت حسين جي شهادت ياد ڪر

صبر ۽ سختيون سهڻ اُن جي خصالت ياد ڪر

جنهن شمر خارج سر وڍيو اُن جي خيانت ياد ڪر

۽ سَر پڙهيو قرآن ڪلمون سا هدايت ياد ڪر

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(11)

رهين ڏينهن قطرس مَلڪ سردار ستر هزار جو

سو ميڙي مَلڪ پنهنجا مطيع حڪم وٺي ڏاتار جو

پوءِ آيو قطرس ڪربلا ۾ ٿيو ماتمي مهندار جو

سي اڃا رئندا رهن سانگو ڇڏي سنسار جو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(12)

ٻارهين ڏينهن ٻرٻرادا هاڻ پَهءُ مري هن ماڳ ۾

جان جيئن تان تون گذارج رئن واري راڳ ۾

حب رکي حسنين ڏي ٿيءَ درد واري داڳ ۾

جي انهي محبت ۾ مرين تان سوتڙ ٿئين سڀاڳ ۾

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(13)

تيرهين ڏينهن توبهه ڪجان قادر ڌڻي قهار کان

زڪريا کي جنهن وجهايو ڪرٽ سر ڪاپار کان

سو صبر نبين ڪيو پنهنجي لقب سردار کان

پر واهه واهه صبر سيد ڪيو جو امداد ٿيو ڏاتار کان

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(14)

ڏينهن چوڏهين چاڪ دل جا چڻڪيو ان جا چڪن

جي سدا سيد سچي لاءِ سمجهيو سالڪ سڪن

عاشق اُهي افسوس ۾ آهي سور جاڳيو صادقن

آب اکين مان وهي اهي لئون وار مور نه لڪن

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(15)

ڏينهن پندرهين هو جنهن تي پيار پيغمبر جو

وحي خدمت دار جنهن جو هو ملڪ پرور جو

لقب جنهن لاءِ هو لٿو ٿيو حڪم چادر جو

سو شمر شهيد ڪيو ڪيئن هٿ وهيو ڪافر جو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(16)

ڏينهن سورهين سو سيد نسب نسورو نور هو

نانو نبيءَ جنهن جو محمد مصطفيٰ مشهور هو

والد علي شير خدا سو مرتضيٰ منظور هو

سو جڏهن سوريءَ چڙهيو تان پوءِ سچن کي سور هو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(17)

ڏينهن سترهين سي هئا اُمتي رسول الله جا

جن ڪوڙي دل ڪلمون چيو هئا حافظ ڪلام الله جا

سي وڙهيا سيد سچي سان لشڪر عبيدالله جا

وڃي لعنتي لائق ٿيا سي بي حيا سڀ باهه جا

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(18)

ڏينهن ارڙهين اُن مٿي شافي شفاعت ڪيئن ڪندو

ٿيس سي اڪهسي اولاد جا هنن سين حمايت ڪيئن ڪندو

ان بي رحمن بڇڙن مٿي احمد عنايت ڪيئن ڪندو

پوءِ ڀلا ڪلمون اُني تي هت هدايت ڪيئن ڪندو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(19)

ڏينهن اوڻيهين ادا سو ڪجان اڃا ارمان تون

گُهر خدا کان تان مليئي اسلام جو ايمان تون

حسنين ڏي حب رک سچي ڪر ساهه کي قربان تون

جي نيت نبهيئي سچي تان صحيءَ مسلمان تون

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(20)

ڏينهن ويهين ڪر وري وجود ۾ ويچار ميان

پنهنجو قاضي ڪر قلب ۾ عدل ۽ آچار ميان

اسلام جن تي آئيو آگي وٽان اِظهار ميان

سو رسول جي راضي ڪرين ته حسين جو ٿي پار ميان

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(21)

ڏينهن ايڪيهين امامن جو ڪجان تون يادگير

ته ڪيئن ڪُٺو حضرت حسين يا علي جو پٽ شبير

۽ ڪيئن ڪٺو اڪبر علي ۽ ڪيئن ڪٺو اصغر صغير

۽ ڪيئن ڪٺو قاسم امام سيج تي سيد امير

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(22)

ڏينهن ٻاويهين ٻئي حضرت حسن ۽ ٻيو حسين

خاوند جِني لاءِ خلقيو سڀ ڪارخانو ڪؤنين

هو نبيءَ عاشق مٿن سردار سيد ثقلين

ڪيئن ٿيا قاتل سندن مروان ۽ شمر لعين

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(23)

ٿيو ڏينهن ٽيويهين ٽڪر جيرو حسن اِمام جو

زهر سين ٿي پيو ذرا هڪ سؤ ستر تنهن ڄام جو

قئي منجهان قطرا ٿي نِڪتو ويو وقت آرام جو

سبب تنهن جي شهيد ٿيو هو زلزلو ماتام جو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(24)

ڏينهن چوويهين چَپن ڪوڙن سان پڙهندا قرآن هوا

سي ڪوفي شامي دمشقي اهي نبريل نادان هوا

ڪوڙيءَ دل سان ڪلمون چيئون محمد مٿي بي ايمان هوا

لباس مسلماني مٿن پر قلب ۾ ڪفران هوا

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

(25)

ڏينهن پنجويهين پيغمبر ٿي جنهن کي پاليو

ملڪ جبرائيل جنهن کي سهج مان سنڀاليو

ڪوس ٿيو ڪيڏو مٿو هو آب ريءَ اُڃاليو

صبر تنهن صابر ڪري کڻي ان جفا ۾ جاليو

منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان حسنين جو

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج رو هميشہ رين جو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org