سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو مرتضائي

صفحو :1

رسالو مرتضائي

منٺار فقير

ڇپائيندڙ پاران

شاعريءَ جي صنف ۾ وائيءَ کان پوءِ ڪافي به سنڌ جي آڳاٽي صنف آهي، جا ڳائي وڃي ٿي. سنڌ جي صوفين ۽ بزرگن انهيءَ صنف تي خوب طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان ۾ عقيدت جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڀريا آهن. سنڌي شاعريءَ جي تذڪري ۾ گِنان ۽ دوهن (ڏوهيڙن)، مولودن ۽ مداحن کان پوءِ وائي ۽ ڪافي جي صنف کي واحد جي واکاڻ ۽ پنجتنن جي ساراهه لاءِ سنڌ جي سدا حيات اهلِ رشد ان جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي.

منٺار راڄڙ جو صوفياڻو تڪيو کپري جي ماڳ ”کاڻي“ ۾ آهي. تصوف جي هن سلسلي جو لاڳاپو سروري جماعت سان آهي، هن ”درگاهه“ (منٺار فقير راڄڙ) تي هر خميس يعني جمع جي رات تي سماع ۽ صوفيانه راڳ رهاڻ جي محفل لازمي طرح ٿيندي آهي. جتي صوفي راڳ سان حاضرين جو روح ريجهائين ٿا.

هي ڪتاب ”ڪلام منٺار فقير راڄڙ“ جو رسالئه مرتضائي ۾ الله ۽ الله جي رسول  ۽ مداحن ۽ سہ حرفين وارن طويل نظماڻي شعر تي ٻڌل آهي، سو اسان جي ديني اثاثي واري مذهبي ادب جو هڪ اڻٽٽ حصو آهي، جنهن ۾ عقيدتمند پنهنجي حب جو اظهار شاعريءَ جي وسيلي ڪري ٿو.

هي ڪلام سن 1928ع ۾ ٻيراڻيءَ جي صوفي سيٺين جمعيتراءِ پٽ راءِ صاحب نارائڻداس ۽ پرتاب راءِ پٽ شامنداس ڇپرايو. هيءُ پنجتني رسالو 1987ع ۾ ٻيهر عقيدتمندن پاران ڇپرايو ويو ۽ ٽيون ڀيرو هن رسالي کي ڇپرائڻ جو اعزاز سنڌي ادبي بورڊ کي وڃي ٿو. اميد آهي ته تصوف جي عقيدت مندن جي حلقي ۽ عام پڙهندڙن ۾ هي ڪتاب پڙهيو، پرجهيو ۽ ساراهيو ويندو.

ڄام شورو، سنڌ                                    اعجاز احمد منگي

جمع 27 جمادي الثاني 1428 هجري                  سيڪريٽري

بمطابق 13 جولاءِ 2007ع                          سنڌي ادبي بورڊ

 

برڪت ڀريا لفظ

عالي جناب مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب الموليٰ‘

سجاده نشين درگاهه سروري هالا نوان

رسالو مرتضائي، منٺار فقير راڄڙ جو اهو ڪلام آهي، جنهن ۾ صرف پنجن تنن جو ذڪر آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪافي، مولود، مدح، غم نامه، سوال نامه، قيامت جو بيان، حب نامون ۽ بيت شايع ٿيل آهن. انهن ۾ ان وقت جي مروج شاعري موجب رِقت آميز انداز استعمال ڪيو ويو آهي.

هن کان اڳي منٺار فقير جو ڪلام رسالو رهنمائيءَ ۽ رسالو اصل خدائي شايع ٿيل آهي. هي سندس ڪلام جو ٽيون مجموعو آهي. جيڪو جون- 1928ع ۾ جميعيت راءِ ولد صاحب راءِ، ديوان نارائڻداس ۽ پرتاب راءِ ولد شامنداس ٻيراني وارن، ڇپايو هو، جنهن ۾ نه رڳو ٻوليءَ جون چڪون آهن پر پروفن جون به گهڻيون غلطيون آهن. هن ڇاپي کي مرحوم ولي بخش فقير جي مشورن ۽ موجوده فقير ولي محمد جي ڪوشش سان پياري خان شر، سيد گل شاهه، حاجي فيض محمد هنڱورجي ۽ سرفراز راڄڙ گڏجي وڏي عقيدت ۽ محنت سان ڇپايو آهي. جيئن ته هن ڪتاب جا پروف محترم نياز همايوني پڙهيا، جيڪو پاڻ به سنڌي زبان جو سٺو  شاعر آهي. سندس محنت قابل تحسين آهي انهي ڪري به هن نئين ڇاپي ۾ پروف جون غلطيون گهٽ ۾ گهٽ آهن.

اميد آهي ته هي ڪتاب اهلِ سخن ۽ ڪافي گو شاعرن لاءِ سٺي سوکڙي ثابت ٿيندو.

هالا 9- سيپٽمبر 1985ع               طالب الموليٰ

رسالي مرتضائيءَ ۾ منٺار فقير جو اهو ڪلام آهي جيڪو پاڻ امام پاڪ جي شان ۽ واقعي ڪربلا تي لکيو اٿس، فقير منٺار کي مرشد جي محبت سان گڏ امام پاڪ جي محبت به نس نس ۾ سمايل هئي، جنهن جو اظهار سندس ڪلام ۾ نمايان نظر ايندو. هيءَ رسالو پهريون دفعو منٺار فقير جي حياتيءَ ۾ 1928ع ۾ ڇپيو، ٻيو دفعو 1987ع ۾ ڇپرايو ويو. هي ٽيون دفعو سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرايو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري اعجاز احمد منگي ۽ اراڪين جي محنت يقينن قابلِ داد چئبي اميد ته درگاهه منٺار فقير تي موجود باقي مواد ڇپرائڻ ۾ بورڊ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اسين فقير محمد بخش سندس خاندان ۽ منٺار فقير جي مڙني محبتين لاءِ دعاگو آهيون ته الله پاڪ کين فقير جي ڏسيل واٽ تي هلائي ڪامياب ڪري.

 

مخدوم محمد امين فهيم

سجاده نشين

درگاهه غوث الحق مخدوم سرور نوح رحه

15- مارچ 2007ع

 

واديءَ سنڌ جو مشهور و معروف الهامي شاعر منٺار فقير راڄڙ

 

شڪر ادائي

رسالي مرتضائيءَ ۾ فقير منٺار سائين ﷣ جن جو اهو ڪلام آهي جيڪو پاڻ ڪربلا جي واقعي تي ۽ امام پاڪ جي شان ۾ چيو اٿن. جنهن ۾ ڪافيون، ڏهر يا بيت، مولود، مداحون، سي حرفي، سوال نامون، ۽ قيامت جو بيان وغيره شامل آهن. هن رسالي کي پنجتني يا شهنشاهي رسالو به چيو ويندو آهي. هي رسالو پهريون دفعو 1928ع ۾ فقير سائين جي حياتيءَ ۾ ٻيرانيءَ جي سيٺين جميعت راءِ ولد راءِ صاحب نارائڻ داس ۽ پرتاب راءِ ولد شامنداس جن ڇپايو جيڪي سندسن معتقد هئا ۽ ان وقت ٽئي رسالا، خدائي. رهنمائي ۽ مرتضائي ڇپايا هئائون. مرتضائي رسالي کي پنج تني يا شهنشاهي به چئبو آهي. ٻيو دفعو گهڻي عرصي بعد وري 1987ع ۾ پياري خان شر ۽ غلام ڪريم شر جي ڪوشش سان ڇپجي منظر عام تي آيو، پر ڪافي عرصي کان پوءِ وري ڇپائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي، ۽ اهو ڪم سنڌي ادبي بورڊ وارن انتهائي خلوص سان ڪيو کين جس هجي، آءُ انتهائي شڪر گذار آهيان قبلا مرشدنا مخدوم امين فهيم سائين جن جو سندن نوازش جي نظر رهندي آئي آهي، رهندي اچي ۽ انشاءَ الله تا وقت رهندي. آءُ قبله جميل الزمان سائين جن جو به مشڪور آهيان سندن رهنمائي به اسان سان هر وقت رهي آهي ۽ رهندي. ان سان گڏ آءُ قبلا مخدوم حبيب الله سائين ۽ قبله مخدوم نعمت الله سائين جن جو به احسانمند آهيان جو هن سڄي ڪم ۾ سندن ڀرپور ساٿ رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترم اعجاز احمد منگي صاحب ۽ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جو به مشڪور آهيان جو سندن ذاتي دلچسپي سبب ئي هيءُ رسالو جلد ڇپجي سگهيو. آئون جناب گل حسن درس سروري صاحب ۽ محمد صادق درس جو به شڪريو بجا آڻيان ٿو جو سندن اڻٿڪ محنتن جوئي نتيجو آهي جو سڀ ڪم وقت سر ٿي سگهيو.

والسلام

فقير محمد بخش ’ضامن‘

 

سجاده نشين درگاهه حضرت منٺار فقير﷣

27 ذوالقعد 1427 هه، 19 ڊسمبر 2006ع اڱارو

مخدوم حبيب الله سائين جو بنگلو، قاسم آباد حيدرآباد سنڌ

 

 

رسالو مرتضائي (2)

سوانح حيات حضرت فقير منٺار سائين عليہ رحمة

حضرت فقير منٺار سائين عليہ رحمة جن اڄ کان اٽڪل ڏيڍ سؤ سال کن اڳ موجوده ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ تولد ٿيا، سندن طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏي مائل هوندي هئي. سندن وڏا اصل کان ئي سرور نوح فقير عليہ رحمة جن جا مريد هئا. مخدوم امين محمد سائين پکن ڌڻي عليہ رحمة جن جڏهن پکن شريفن جي  چلاڪشي ڪري واپس هالا شريف آيا ته جماعت گهڻي اچي گڏ ٿي پاڻ ڇوڪراڻي عمر جا هئا کين اشتياق ٿيو ته آئون اڄ ذڪر وٺان. حالانڪه ان ڏينهن ڪنهن کي به ذڪر ڪونه ٿي مليو. خليفو پراڻا هالا جو شاهه صاحب هو پاڻ ان کي عرض ڪيائون ان سائين کي عرض ڪيو پاڻ فرمايائون ته اڄ اچي ذڪر ڏيون ٿا ان طرح ان ڏينهن فقط کين ئي ذڪر مليو. پاڻ جوانيءَ کي رسيا ته امين محمد سائين پکن ڌڻي عليہ رحمة جن جو وصال ٿيو کين مرشد جي جدائيءَ جو وڏو صدمو رسيو ۽ پاڻ ملول رهڻ لڳا ان عرصي ۾ کين مجازي عشق جي چوٽ به لڳي پر ڪامل مرشد جي مهر نظر سان مجازي عشق حقيقيءَ جو روپ ورتو ۽ پاڻ شعر چوڻ لڳا ان دوران هڪ رات اثر مهل ڏسن ٿا ته امين محمد سائين جن گهوڙي تي اچن پيا پاڻ اٿي گهوڙو ورتئون سائين فرمايو ته فقير گهوڙو ڇڏي ڏيو، اوهين هيڏانهن اچو پاڻ هڪ پنو ڪڍي چيائون ته پڙهه، فقير سائين عرض ڪيو پڙهيل ڪونه آهيان پاڻ فرمايائون ته پڙهه اسين ٿا پڙهايون اها هڪ ڪافي هئي جا پڙهائي وئي.

لاهي ويهه مَ لڏ، لاهه مَ لڏ، هل ته پهچين هوت کي.

(سڄي ڪافي رسالي خدائي ۾ موجود آهي.)

ڪافي پڙهائي جتي هينئر سندن درگاهه آهي ان جاءِ لاءِ فرمايائون ته هي اوهان جو مڪان آهي. گهٻرائبو ڪونه. اسين اوهان سان گڏ آهيون ۽ پاڻ روانا ٿيا صبوح ٿيو ته فقير سائين جن پڙهيو به وڃن ۽ لکيو به وڃن ۽ اها ڪيفيت ٿي جو جيڪي زبان مبارڪ مان نڪري اهو ٿي پوي.پوءِ پاڻ ٻارهن سال کن سير و سفر ۾ گذاريائون سنڌ جي بزرگن ملتان تائين ۽ اجمير شريف تائين درگاهن تي حاضريون ڏنائون. کين امام پاڪ جي محبت ننڍي هوندي کان ئي هئي. محرم شريف جا ڏينهن تمام غم ۾ گذاريندا هئا کين ڪافي دفعا امام پاڪ جي زيارت نصيب ٿي مثال طور هڪ واقعو ڏجي ٿو. هڪ دفعي پاڻ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي عليہ رحمة جي حاضري ڏئي موٽيا هڪ طالب به ساڻن گڏ هو واٽ تي رات پئجي وَين اهو خاصخيلي قوم جو ڳوٺ هو. ان وقت ۾ هڪ وبا اچي پئي هئي جنهن سبب هزارين موت ٿيا هئا ماڻهو هڪڙا لاش دفنائي ايندا هئا ته ٻيا پيا هوندا هئا. پاڻ ان ڳوٺ مان ماڻهو سڏايائون، پيراڻون نالي ڳوٺ جو چڱو مڙس نڪري آيو پاڻ ان کي چيائون ته مسافر آهيون رات رهنداسون ۽ ننگر به ڪبو. ان ٻڌايو ته هنيئر سڄو ڳوٺ وبا ۾ ورتل آهي سڀ عورتون مرد سڪرات جي حالت ۾ آهن ان لاءِ ننگر جي معذرت باقي رات ڀلي رهو پاڻ اتي رهي پيا ڪجهه مهل کان پوءِ خواب جي نموني ڏسن ٿا ته چار ماڻهو آيا آهن ۽ اسان کي وٺي پيا وڃن. کين هڪ لانڍيءَ ۾ ڇڏي اهي ماڻهو ويا هليا سامهون هڪ واٽ هئي جنهن  تان ڪافي ماڻهو آيا ويا پي پاڻ انهن کان پڇيائون ته ڪٿان پيا اچو ته انهن چيو ته اوهان کي خبر ڪانهي ڇا. امام صاحب جن آيل آهن هو پريان سندن تنبو لڳل آهن اسين اتان پيا اچون پاڻ به اوڏانهن روانا ٿيا اٿي وڃين ڏسن ته هڪ شاهه صاحب آهي (اهو غالبن کپري تعلقي جوئي شاهه صاحب هو. فقير ولي بخش سائين جن نالو به وٺندا هئا) جيڪو ننگر پيو وڌائي شاهه صاحب ساڻن مليو ۽ ٻڌايائين ته چڱو ٿيو اوهين اچي ويا. امام صاحب جن اوهان کي ياد پي ڪيو، هاڻ ڪجهه دير بيهو ته آئون فارغ ٿيان ته حاضري ٿو ڪرايان پاڻ اتي بيٺا ته هڪ آواز آيو ته اي فقير منٺار هڪ ڪلام ٻڌائي وڃ پاڻ اوڏانهن ڌيان ڏنائون ته شاهه صاحب چين ته ايڏانهن ڌيان نه ڏيو ڪجهه مهل کان پوءِ وري ساڳيو آواز آيو شاهه صاحب وري منع ڪين ڪجهه مهل کان پوءِ وري آواز آيو ته اي فقير منٺار اسم الله جو اٿئي ڪلام ٻڌائي وڃ شاهه صاحب وري منع ڪئي ته پاڻ چيائون ته جيڪو به آواز آهي هاڻ ته اسم الله جو وڌو اٿن هاڻ ته اوڏانهن وڃبو ته شاهه صاحب چين ته پوءِ پهرين حاضري ڪريو. پوءِ اوهان جي مرضي شاهه صاحب اجازت وٺي کين اندر ڇڏيو، پاڻ ڏسن ته امام حسين عليہ السلام جن کٽ تي ويٺا آهن. ڪچهري لڳي پئي آهي پاڻ به قدم بوسي ڪري ويٺا، ڪچهري ڪري موڪلائڻ مهل پاڻ عرض ڪيائون ته هيئن سڏ ٿي ٿيا ان لاءِ ڇا ڪجي ته امام پاڪ جن فرمايو، ته فقير اهي شيطان آهن اڄڪلهه جيڪا وبا پئي آهي سا انهن جي ڪري آهي اسان هتي انهن شيطانن کي پڪڙڻ لاءِ ڪئمپ هنئي اٿئون. ڪجهه پڪڙيا آهن باقي پڪڙبا. فقير صاحب جن عرض ڪيو ته قبله سڏڻ سان گڏ اسم الله جو وڌو اٿن، پاڻ فرمايائون ته پوءِ ٺيڪ آهي پر ڪجهه ترسو ائين فرمائي ڪاغذ قلم گهرايائون ان تي ڪجهه لفظ لکي فقير سائين جن کي سڏي ساڄي ٻانهن ۾ ٻڌي فرمايائون ته هاڻ ڀلي وڃو هاڻ اوهان محفوظ آهيو، ڪو نقصان نٿو پهچي سگهي. پوءِ پاڻ ان سڏن واري طرف پاسي ۾ ئي لڳل تنبوءَ ڏي ويا اتي ڏسن ته واقعي شيطان آهن جيڪي ٻڌا پيا آهن زنجيرن سان اتي پهتا ته وري اک کلي پين ۽ گڏ جيڪو طالب هئن ان کي چيائون ته پيراڻي کي سڏ ڪر پيراڻي کان پڇيائون ته هت ڪو ڪاغذ قلم ملندو ان ٻڌايو ته هڪ واڻيي جو هٽ آهي ان کان ملي ويندو سو اتان وٺي آيو ڳوٺ ۾ جيترا ماڻهو بيمار هئا اوترا پرچا ٺاهي انهن تي امام پاڪ جيڪي اکر لکي کين ٻڌا هئا اهي لکي انهن کي ڏنائون ته پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ٻَڌڻ شروع ڪر ۽ سڀني بيمارن کي ٻڌ. هو سڄي ڳوٺ ۾ ٻڌي واپس اچي ته سندس ڀاتي بلڪل ٺيڪ ويٺا آهن، تن چيو ته هي ڪهڙو جادو ٿي ويو اسين ته سڪرات ۾ هئاسون هاڻ ته مٿي ۾ سور به ڪونه رهيو آهي. پيراڻي چين ته جنهن جي ڪري ٺيڪ ٿيا آهيو هاڻ اٿي ان جي خدمت ڪريو ان طرح اهو خاصخيلين جو ڳوٺ ۽ ان ڪري ٻيا خاصخيلي به سندن معتقد ٿي پيا جن سان ڪافي وقت تعلق هلندو آيو. اڃا به ڪن گهرن سان هلندو اچي. ان طرح ٻيا به واقعا آهن. محرم شريف جي پهرئين کان وٺي ماڻهو ايندا ويندا هئا. 10 تاريخ تي ٻڌجي ٿو ته ٽيهه چاليهه ديڳين تائين ننگر هلندو هو. پهرين محرم کان ٽيجهي جي نياز تائين پاڻ تمام غم ۾ گذاريندا هئا مرثيه خواني به ٿيندي هئي.

هڪ دفعي 10 تاريخ محرم شريف تي ننگر هليو پي پاڻ پنهنجي پاٿاريءَ تي ويٺا هئا سياري ۾ مچ تي اترطرف سندن پاٿاري هوندي هئي ۽ اولهه طرف ڪنهن به آيل سادات جي پاٿاري هوندي هئي. باقي لانڍيءَ ۾ ٻيا ماڻهو ويهندا هئا هڪ شاهه صاحب آيل هو جيڪو پنهنجي پاٿاريءَ تي ويٺو هو ته ڪم واري ماڻهو مان ڪنهن اچي آهستي ٻڌايو ته سائين سامان کٽي پيو آهي. ائين قدرتي ٿيڻو هو نه ته اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه ٿيو اهو چوڻ شاهه صاحب به ٻڌي ورتو ۽ فقير سائين کي چيائين ته سائين مون کي اجازت ملي ته ننگر جو بندوبست آئون ڪريان. پاڻ چيائون ته شاهه صاحب اوهان تڪليف نه ڪريو انتظام ٿي ويندو. پر شاهه صاحب زور ڀريو ته پاڻ اجازت ڏنئون شاهه صاحب بٺيءَ تي آيو. هڪ ديڳ جو سامان بچيل هو اها ديڳ رڌايائين ماڻهو اڃا به ڏهه پندرهن ديڳين جا رهيل هئا. شاهه صاحب ديڳ تي ڪپڙو ڏئي وڌائڻ شروع ڪيائين ماڻهو کارائيندا ويا سڀ ماڻهو کائي ويا. ڪم وارن به کاڌو جڏهن سڀني کائي بس ڪئي ته شاهه صاحب اٿيو. ۽ ديڳ تان ڪپڙو لاهين ته صرف هڪ ڪڻڇي وڌ ٿي آهي. باقي ديڳ ڀري پئي آهي. اهڙا اهڙا ماڻهو سندن ڪچهريءَ ۾ شامل هوندا هئا. جو ڄڻ رهيل ماڻهن کي سڌو امام جي ننگر مان وٺي کارائي ڇڏيائون ۽ اهو برڪت جو اثر اڄ تائين هلندو اچي ۽ هلندو رهندو. پاڻ پنهنجو قبو ۽ مسجد شريف ۽ پنهنجي قبر مبارڪ پاڻ ٺهرايائون رمضان المبارڪ جي عيد پڙهي سڀني عزيز و اقارب کي درگاهه تي وٺي اچي ٻڌايائون ته هي اسان جي آخري آرامگاهه آهي. اسين باقي اوهان وٽ ڏهه ڏينهن آهيون ته سندن ڀائيٽي حاجي مير حسين چيو ته سائين اوهان ته ٺيڪ ٺاڪ آهيو اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو ته پاڻ مسڪرائي فرمايائون ابا اسان کي پنهنجي ملڪ وڃڻ جي خوشي آهي. اسان الله سائينءَ کان گهري ته محرم شريف جي ڏهين تاريخ هئي سو تاريخ ڏهين ملي آهي باقي مهينو شوال جو مليو آهي. ان طرح پاڻ 10 شوال 1353 هه 16 جنوري 1935ع هن دارالفانيءَ مان دارالبقا ڏي اسهيا.

پاڻ پنهنجي هڪ مرثيي ۾ فرمائن ٿا ته:

ماهه محرم جيءُ ڏهينءَ تاريخ ۾ شل دم ڏيان،

حب رکي حسنين ڏي، روئندي هتان راهي ٿيان.

کين هڪ فرزند هو فقير پير بخش جيڪو عين جوانيءَ ۾ ئي پنهنجا ٻه ننڍڙا پٽ فقير ولي بخش ۽ فقير قبول محمد ڇڏي وصال ڪري ويو.

پاڻ پنهنجي پوٽن جي تربيت ڪيائون کين نپائي وڏو ڪيائون ۽ سندن اولاد ڏٺائون. فقير سائين جي وفات بعد سندن پوٽو فقير ولي بخش سائين عليہ رحمة جن سجاده نشين ٿيا. جيڪي هڪ ڪامل فقير ٿي گذريا آهن. قبي ۽ مسجد شريف کان سواءِ باقي درگاهه شريف تي جيڪو به تعميراتي ڪم ٿيل آهي. سو گهڻي ڀاڱي سڀ سندن رياضت جو ثمر آهي. پاڻ محرم شريف جا ڏينهن چاهي ميلو، مرشدن جي حاضري مهمانن سان رهاڻيون، فقير جي حبدارن سان نباهڻ يا مڪان جي خدمت، هر ڪم ۾ اڳرا رهيا ۽ وڏا مثال قائم ڪيائون فقيريءَ ۾ اميري ڪيائون جنهن هڪ دفعو ساڻن ڪچهري ڪئي ان کي ساري عمر ڪونه وساريندا سندن مفصل سوانح حيات ۽ شعر سندن رسالي ”پرين تنهنجيءَ پياس ۾“، ۾ موجود آهي، جيڪو منٺار فقير اڪيڊمي طرفان 1999ع ۾ شايع ٿيو آهي. فقير ولي بخش سائين عليہ رحمة جن تاريخ 29 محرم الحرام 1404 هه 5 نومبر 1983ع ڇنڇر رات راهه رباني ورتائون.

سندن مرثين پڙهڻ جو انداز اڃا نٿو وسري سڄي مجمعي جي اک آلي هوندي هئي ۽ پاڻ ذڪر تسبيح جيڪا 10 محرم جي صبوح جو درگاهه تي ٿيندي آهي ان ۾ سماع ۾ ملائي مرتضائي رسالي جو هڪ ٻه ڪافيون پڙهندا هئا، هلندي سماع ۾ اهو انداز وري ڪنهن کان نه ٻڌو ويو. سندن شعر مان هن ڪتاب جي مناسبت سان سندن ٻه ڪافيون هتي ڏجن ٿيون:

 

ڪافي

ٿل:        علي شاهه مردان شيرِ خدا تون، هوئج گڏ هميشه ٿيج ناجدا تون.

1.      تون هين حق حيدر علي شاهه صفدر، ڪنبائي قلعو ٿو کٽيو ڪوٽ خيبر

مٿان مير محمد فائق فدا تون.

2.     ڏيو تندرستي توحيد توڪل، ڪر معاف مون تان مڙئي مير مشڪل،

آهين شاهه شاهن، ناهين گدا تون.

3.     ڏيو حب حسنين جي مونکي هردم، دنيا دين جا سڀ پورا ڪريو ڪم

۽ مون کي ميل مرسل، نورالهدا تون.

4.     آهين وير وارث ولايت جو والي، اسين آهيون تنهنجا آلي موالي

ڪرين پير پوري، من جي مدا تون.

5.     ولي بخش آهي تنهنجي در سوالي، وريو ڪونه توکان ڪڏهن ڪوبه خالي

سخي شاهه آهين، سيد سڻ سدا تون.

 

ڪافي-2

ٿل: رک هردم حب حسنين سندي، تنهن وارث واليءَ ڪؤنين سندي.

 

1.      جنهن جو بابو علي ۽ نانو نبي، تنهنجي وصف ٻي ڪهڙي ڪبي،

جنهن رضا سڀ مڃي ربي، ڏس بي حيائي شمر لعين سندي.

 

2.     جي ڀانئين ته راضي الله ٿئي، مٺو مير محمد شاهه ٿئي،

عين آل علي فقراهه ٿئي، ته وٺ دامن دوست دارين سندي.

 

3.     چئو يا حسين ۽ چئو يا علي، سڀ نبي چون ٿا غوث ولي،

ته حب حسين جي آهي ڀلي، تنهن سيد صاف سقلعين سندي.

 

4.     ولي بخش ڪيم وسارج تون، ٻيو هردم غم ۾ گذارج تون،

سردار سيد کي سارج تون، رک طلب تنهن طرفين سندي.

 

ڪافي- 3

ٿل: ڪريو مومن ماتام مهندار سندو، هردم حسين سردار سندو.

1.      ڇا خون حسين جو برڪت ٿي، صلوات سيد تي رحمت ٿي،

قاتل حسين جي تي لعنت ٿي، جو دشمن ٿيو دلدار سندو.

2.     جنهن کي غم حسين جو ناهي اصل، سو ته يزيد جو آهي نسل،

بي حيا بڇڙو بلڪل، ٿيو دوزخ مڪان تنهن مردار سندو.

3.     جيڪي حب حسين جي ٿا رکن، پروانه ٿي پڙ ۾ پچن،

ڪهڙي قيامت آ ڪاڻ تن، جن غم آهي غمخوار سندو.

4.     آئون سو صلواتون سلام چوان، مٿي آل نبيءَ امام چوان،

جنهن کي ٻيئي جهان انعام چوان، آهيان طالب تنهنجا تاجدار سندو.

5.     امامن لاءِ او ساريان، انهي غم ۾ شال گذاريان،

هنجهون هئه هئه هميشه هاريان، ٿيندا پوش پناهه پينار سندو.

6.     علي اڪبر شاهه هو همشڪل، محمد مٺو جيئن ڄڻ مرسل،

سو به ڪفارن ڪيو قتل، پوٽو عليءَ حيدر ڪرار سندو.

7.     علي اصغر شاهه صغير سان، ڪئي ڪيڏي موذين مير سان،

سو به شهيد ڪيائون تير سان، اولاد اڙين آڌار سندو.

8.     حامي حسيني يار هو، گوهر غازي غمٽار هو،

سورهيه سپهه سالار هو، تنهن عباس علمدار سندو.

9.     ائي نائين محرم ماهه جي، سڃين سيج رهي قاسم شاهه جي،

اچي مرضي ٿي اها الله جي، ڪريان ڪهڙو بيان قربدار سندو.

10. هلي حر آيو منجهان قرب ڪاهي، سڀ سورهيه سانگا سر جا لاهي،

چيائين سر صدق سو وار آهي، تنهن قولَ پاريو اقرار سندو.

11.  سڀ هئا بهادر باوفا، سر تي سٺئون ڪيڏي جفا،

ٿي شان ان جي ۾ شفا، ڏيندا دان مون کي ديدار سندو.

12. ولي بخش تي اهي وڙ ڪندا، جو ديدار لاءِ آهي سوالي سندا،

پوري ڪندا اها من جي مُدا، اهو چوڻ آهي محب منٺار سندو.

فقير ولي بخش سائين عليہ رحمة جن جي وصال بعد سندن اڪيلو فرزند فقير ولي محمد سائين عليہ رحمة جن درگاهه جا سجاده نشين ٿيا. کين پنهنجي والد سان بي انتها محبت هئي پاڻ سندن جدائي برداشت ڪري نه سگهيا، ۽ ڏيڍ سال کن جي قليل عرصي ۾ ئي تاريخ 25 رجب 1405 هه 17 اپريل 1985ع تي وصال ڪيائون کين اسين ٽي فرزند آهيون. فقير محمد بخش ”ضامن“، فقير لطف علي، فقير خادم علي، مون کي پنجن فرزندن جو اولاد آهي. (1) فقير ولي بخش (2) فقير ولي محمد (3) فقير اعجاز علي (4) فقير فياض علي (5) فقير محمد طلحه عرف فقير رياض علي. لطف علي فقير کي ٻه فرزند فقير اياز علي ۽ فقير عرفان علي آهن. امام پاڪ جا مڙئي حبدار اسان مڙني لاءِ دعاڳو رهن ته الله سائين اسان کي ڪامياب ڪري ۽ امام پاڪ جي سچي حب نصيب ڪري، آخر ۾ آئون مرشدنا قبلا مخدوم محمد امين فهيم سائين جن کي عرض ڪندس ته پاڻ ان خاص نظر ڪرم سان نوازين، جيڪا وڏن کان وٺي ٿيندي آئي آهي ۽ خاص دعا ڪن ته اسين فقير جا سچا ٻهاريدار ٿيون الله سائين فقير سائين جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. اسين جيڪي ڪجهه به آهيون سو سڀ پنهنجي مرشد ۽ امام پاڪ جي خاص عنايتن جي طفيل آهيون، جيڪي وقت به وقت ٿينديون آيون آهن. ٿينديون اچن ۽ انشاءَ الله تا قيامت رهنديون، جيئن فقير سائين جي هڪ ڪافي آهي ته:

ڪوئي پاڻ وٺي ڪنهن کي پرني ته اهو اوکيءَ ۾ ان کي نه ڇڏي

هوند هر حال ۾ سو همراهه ٿئي، اهو جيتر جوان حيات جئي

ته به سام سندي ڪنهن کي نه ڏئي، توڙي سوليءَ تي بادشاهه سڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org