سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو مرتضائي

صفحو :2

ته به سام سندي ڪنهن کي نه ڏئي، توڙي سوليءَ تي بادشاهه سڏي.

مون 1989ع کان باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ شعر جي ڪافي صنفن تي لکيو آهي، ڪتاب جي مناسبت سان هتي پنهنجيون ٻه ڪافيون آخر ۾ ڏبيون. منهنجي مڙني اهله علم حضرات کي گذارش آهي ته رسالي ۾ ڪي ڪميون رهيون هجن يا ڪي تجويزون هجن ته آگاهه ڪندا جيئن آئيندي ڇاپي ۾ خيال رکجي سگهجي.

سرور ٿو ساڻين ٿئي، ساڻ مداحي منٺار
جنهن کي حب حضرت نوح فقير جي، تن ۾ آهي تار
ٻي حب حضرت حسين جي، هجي منجهه وجود جي وار وار
يا پرور پاڪ دگار، اهي آسون اميدون پڄائين
 

اهي ئي آسون اميدون پڄائين، منهنجن پوٽن پڙ پوٽن
سي سدا هجن سنرا ۽ جڳ ۾ شال جيئن
اميدون اولاد جون شاديون اکين ڏسن
هجن هدايت ڀريا، منجهان مومنن
چڱيءَ نيت چون، ڪلمون محمد ”صلعم“ مير تي.
 

فقير محمد بخش ضامن

ڪافي

ٿل:        ٿي مدد مشڪلڪشا، مشڪل مڙئي آسان ڪر،

درد ٿيا دل ۾ گهڻا، دارون سگهو درمان ڪر.

1.      عرض ڪيم ٻانهون ٻڌي، سگهڙو سڻين لهه سار تون،

اي عيبدارن جا اجها، مون تي اهو احسان ڪر.

2.     حال منهنجي جي حقيقت، معلوم توکي آ مڙئي،

دشمنن تي دهشت سان، هيڪر اچي دهمان ڪر.

3.     سڀ مخالف مات ڪر، ٿا خارجي جيڪي کسن

هِت هُت حمايت مون سندي، هاڻ عليٰ الاعلان ڪر.

4.     ٿي جلد واهرو وسيلو، ڪانه توريءَ ڪا ڳلي،

مهر ضامنتي ڪري، امداد عالي شان ڪر.

 

ڪافي-2

ٿل:        تڏهن ڳوڙها اکين مان ڏاڍا ڳڙن، جڏهن ڪربلا جون گهڙيون ياد پون.

1.      هو شان شاهي حسنين جو، ثاني سندن نه ڪو ٿيو،

هيڏو انهيءَ تي قيس ڪيو، ناحق اچي تن ظالمن.

2.     ڪوفين کي هئي دل ۾ دغا، واعدا ڪري ٿيا بي وفا،

هاڻ تن تي سؤ سؤ دفعا، ٿا مومن مڙئي لعنت مجن.

3.     يزيد ۽ مروان ٻئي، ٿيو شمر سو شيطان ڀي،

۽ طرفدار ان جا سڀئي، شل دوزخ سندو ٻارڻ ٿين.

4.     جن هو امام کي رنجائيو، ڪربلا جو قيس ڪرائيو،

انهن کي ملائڪ وراڻيو، ٿا باهه ۾ هر هر هڻن.

5.     مومن اها ٻڌيو خبر، ڏينهن راتيون هارين جر،

ٿين پاڻ کان ٿا بي خبر، دل ۾ درد جا دونها دکن.

6.     اها آس آهي من ۾ مدام، ڪن من غلامن جو غلام،

ڪريان عرض ٿو صبح و شام، شل ضامن اها امداد ڪن.

خادم الفقراه

فقير محمد بخش ’ضامن‘

سجاده نشين درگاهه حضرت منٺار فقير سائين ﷣

کاڻي P.O تعلقه کپرو ضلعو سانگهڙ سنڌ.

ڪلياڻ

ٿلهه:   حق الله، حق محمد ميان، حق جو نور ٿيو نروار.
1.   حديثون پنجتنن جي باب، چيون حضرت نبي جناب،
          پاڪدامن جو منجهه حشر حساب، ٿيندو احسان مٿي سنسار.
2.  اول ”امام علي“ اظهار، ٻيو ”امام حسن“ حقدار،
         ٽيون ”امام حسين“ سردار، چوٿون ”عابدين“ سچو سچيار.
3.   پنجون حضرت ”محمد باقر“، ڇهون ”جعفر صادق“ سرور،
         ستون ”موسيٰ“ ڪاظم منور، ۽ اٺون ”علي رضا“ اظهار.
4.   نائون ”حضرت تقي“ امام، ڏهون نرمل ”نقي“ جو نام،
       يارهون ”عسڪر“ عليہ السلام، ۽ ٻارهون ”مهدي“ ملڪ مختيار.
5.  جيڪي ٿيا غلام سندن گولا، لٿا ڀو تن مٿان ڀولا،
        سي آهن منهنجا اجها اولا، هيءُ ٿو مدح سندين چوي ”منٺار“.

ٿلهه:  ’محمد‘ يا ’علي حيدر‘، ۽ ’حسن‘ ’حسين‘ ياد ڪر تون.
1.  ”زين العابدين“ ۽ ”باقر“، رکج جيءَ جان ۾ ”جعفر“،
       ”موسيٰ ڪاظم“ مٺو منور، سي دلئون دن رين ياد ڪر تون.
2.  ۽ ”علي رضا“ اڪمل کي، ”تقي“، ”نقي“، نرمل کي،
        ”عسڪر“ مير مڪمل کي، اهي والي ڪونين ياد ڪر تون.
3.   ”مهدي امام“ رک من ۾، طلب ڪر تات تنهن جي تن ۾.
        ايندو اخير جي سن ۾، سو اُجاريندڙ عين ياد ڪر تون.
4.    تون رک ”منٺار“ حب تن ڏي، علي جو دستار آيو جن ڏي،
        ٻيا ئي غير کي ٻن ڏي، ٻي وڃائي ساري غين ياد ڪر تون.

 

ٿلهه:   خدا جي ڪارخاني ۾، عليءَ جي مختيارڪاري آ

1-                 مدت منهنجي علي الله، ڪرم الله وجہ الله،

خدا جو شير اسد الله جنهن جي دلدل تي سواري آ.

2-                حمايت هي علي حيدر، ساقي جيڪو حوض هي ڪؤثر،

کٽيو جنهن ڪوٽ هو خيبر، تنهن جي فتحداري آ.

3-                خبر هن حال منهنجي جي، اندر احوال منهنجي جي،

گذر ۽ خيال منهنجي جي، تنهن کي معلوم ساري آ.

4-                تنهن جي مڃي ”منٺار“ غلامي ٿو، موليٰ علي جي مدامي ٿو،

ڪري سيد جي سلامي ٿو، ٻولي ٻانهپ برداري آ.

 

ٿلهه: حسن حُسين پٽ حيدر، مون کي موليٰ ملائيندو!

1-                 ٿيان ٻانهون اڳيان تن جي، ادب ۾ آءُ امامن جي،

الله سائين هٿان اُن جي، ڪدهه ڪوثر پلائيندو.

2-                مون کي آهي طالب ڏهون تن، ڏسان من شال کي پرين،

الله ڏيندوم سڪ سندين، انهيءَ حُب ۾ هلائيندو.

3-                شيطاني شر ڪنان مالڪ، رکي وٺندم خدا خالق،

جي ڪم ابليس سان تعلق، مالڪ ان کان بچائيندو.

4-                مطيع ”منٺار“ آهي جن جو، طالب تحقيق ٿيو تن جو،

سڪندڙ سونهن سندين جو، الله آسون پڄائيندو.

 

ڪلياڻ:  تار چئنچل

ٿلهه:   يا شهنشاهه شيرِ خدا، ٿِيءَ مدت دلدل جا سوار.

1-                 يا علي موليٰ علي! منهنجي تو بغير ناهي ڳلي،

لا فتيٰ اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار،

2-                شاهه تون، درياهه تون، علي ولي الله تون،

هر انبياءِ همراهه تون، ننگڙو سڃاڻج نامدار!

3-                مون غرض ڪر غمناڪ جو، تون صاحب لولاڪ جو،

تون هٿ آهين حق پاڪ جو، اي ساقي ڪوثر مختيار!

4-                مون آزي عرضدار جي، تون سڻ سدا پينار جي،

اچي ماڙَ ٿي ”منٺار“ جي، يا حضرتا حيدر ڪرار!

 

ٿلهه:   مون کي ڏي مدد موليٰ علي، سائين واسطي الله جي.

1-                 دلدل جو آهين هسوار تون، ۽ حيدر ڪرار تون،

منهنجو ٿي اچي آڌار تون، نيازِ رسول الله جي.

2-                انميين کي توهو اُجاريو، اسلام ظاهر ڪرايو،

ڪُل ڪفر تو ماريو، ساڻ هڪل هيبت الله جي.

3-                تو  سيباڻو سبحان کي ڏنئي عقيدو ايمان کي،

تو ڪنبايو ڪنفران کي، آڻي رنڊ بيهاريئي راهه جي.

4-                تون ڏي مدد ”منٺار“ کي، تنهنجي ڀان ڀٽ مڱڻهار کي،

پنهنجي در سندي پينار کي، محابي محمد شاهه جي.

 

ٿلهه:   رب! شهادت ڪر نصيب، مون کي نيت يا حسين

1-                 يا خدا! سڻ سوال تون، ۽ سوال سڻ ڪر ڀال تون،

مون کي ڏي حلاجي حال تون، حرمت حضرت ڪونين.

2-                عاشقن جي مطابعت، سا بخش هادي! مون هدايت،

ڪر نصيب سان نعامت، ٻيا گهران ٿو ڪاڄ ڪين.

3-                ڏي شهادت ڪر ڀلائي، سڻ عرض منهنجو الاهي!

۽ ڀال ڪر اِها ڀلائي، ته مهند مُرڪن منهنجا نين.

4-                سڻ عرض ”منٺار“ جو، اڄ مون عيبدار جو،

مقصد اهو پينار جو، سائين! سڻ هدا سنديم سين.

 

تلنگ                                                                     تار ڪلواڙو

ٿلهه:   حسنين جو ٿي حُبدار مومن! حسنين جو ٿي حبدار،

        ته مُرڪين پوءِ سڀاڻي محشر ۾.

1-                  جو دشمن مير حسين جو منڪر، تنهن  تي قهار ٿيندو رب قادر،

        پيندس ڪين ضمان پيغمبر، تنهن کي ٿا ڪوٺن لقب ڪفار مومن.

        تنهن کي ٿا ڪوٺن لقب ڪفار، اُن جي جهنم جاءِ سڙي ٿو سقر ۾.

2-                  جنهن کي حُب حسنين جي آهي، تنهن لاءِ دوزخ جو نالو ئي ناهي،

        اُٿو جاءِ جنت فردوس ۾ ٺاهي، ڪر اهو يقين اعتبار مومن!

        ڪر اِهو يقين اعتبار، وسهج پاڪ خدا پرور ۾.

3-                  جڏهن مخفي مام الله جي آئي، تڏهن شاهه حسين شهادت پائي،

        سا هٿ ڪيائين سوغات بقائي، اهو به عبرت جو اِسرار مومن!

        اهو به عبرت جو اسرار، ٿيو ذاتي ذات هڪ ئي نور نظر ۾.

4-                ٿي ”منٺار“ اصل اُنهن جو، سڪندڙ پياسي پنج تنن جو،

        سوالي رهه ديدر سندن جو، ٿيءُ ظاهر باطن زوار مومن!

        ٿي ظاهر باطن زوار، ته ڪندئي لائق، رکندئي پنهنجي لشڪر ۾.

 

ٿلهه:     مون کي من ۾ آس مدام، سائين! مون کي من ۾ آس مدام.

  ٿي حُبدار حسين جي، هجان لشڪر ۾.

1-                       اَنا احمد بلا ميمي، روحڪ روحي دمڪ دمي،

  لحمڪ لحمي، جسمڪ جسمي، اُن جو جدا جدا ڌريل نام، سائين!

  اُن جو جدا جدا ڌرين نام، هونئن هڪرو حق ڏس ته حديث اکر ۾.

2-                      حق ذات مان ذات ظهور ٿياسي، وليٰ وٽ منظور ٿياسي،

  حق نور منجهان نِج نور ٿياسي، آهن اُن تي صلوات سلام سائين!

  آهن اُن تي صلوات سلام، جي پنجنئي پاڻ پهريائين چادر ۾.

3-                        حُبدار حسين جي تي رحمت الله جي، بغضدار حسين جي تي لعنت الله جي،

  سچي سا حديث رسول الله جي، اهو نبي ڪريم جو ڪلام، سائين!

  اهو نبي ڪريم جو ڪلام، ويسهه آندم پيغمبر ۾.

4-                      ڪي صاحب ڪِن جا پير پيارا، ڪي صاحب ڪن جا آهن سردارا،

  شايد هوندا اُن حاڪمن ڏي اُهي حبدار، آهي منهنجو محبوب امام سائين،

  آهي منهنجو محبوب امام، جو ٿيڙو شهيد ڪربلا جي سفر ۾.

5-                       چئي ”منٺار“ مراد اهائي، آهي منهنجي ويسهه واري اعتقاد اهائي،

  من بخشي امام امداد اهائي، آءُ ٿي گذاريان سندس غلام سائين!

  آءُ ٿي گذاريان سندس غلام، توڙي هِتي توڙي هُتي محشر ۾.

 

ٿلهه:     حَسن حسين جي لاءِ هاءِ، ميان حسن حُسين جي لاءِ،

ڪرڻ سَر قربان مناسب.

1-                               جنهن کي حُب حُسين جي ناهي، اهو آدم انسان به ناهي،

          اهو اؤلاد يزيد جو آهي، جي پڙهي قرآن سڻاءِ هاءِ ميان!

          جي پڙهي قرآن سڻاءِ، ته به چوڻ نه تنهن کي مسلمان مناسب.

2-                      هنجهون مير حسين لاءِ هارج، سور سيد جو ڪيم وسارج،

          غم انهيءَ ۾ گوشت ڳارج، آب اکين مان وهاءِ اهاءِ ميان!

          آب اکين مان وهاءِ، ڪرڻ اهو ارمان مناسب.

3-                              صدق شاهه حسين تان ٿجي، ساهه پساهه نيت تنهن ڏجي،

          پيالو شهادت وارو پئجي، سِر ارڏهون اُڇلاءِ هاءِ ميان!

          سِر اوڏهون اُڇلاءِ، ٿيڻ پتنگ پروان مناسب.

4-                      اي ”منٺار!“ مڙد جي ٿيڙا، سي پرزا ٿي پڙ ۾ پيڙا،

          حيف حياتيءَ جا هي ڏينهڙا، جيئڻ نه توکي جڳاءِ، هاءِ ميان!

          جيئڻ نه تو کي جڳاءِ، ڇڏڻ هي جهان مناسب.

 

ٿلهه:       هن مهل ۾ مؤليٰ علي علي سائين! هن مهل ۾ مؤليٰ علي.

    اچي مشڪل ڪاٽ مون مسڪين جو.

1- ٿا کِسن خارج هيل هچارا، ٿي پشتي پُٺ پنهنجي تون سڳ پارا،

    آءُ هِتي، تو حيدر ڌارا ٿو ڳوليان ڪانه ڳلي ڳلي سائين!

    ٿو ڳوليان ڪانه ڳلي، تون آهين ڌڻي ۽ مالڪ، رسول جي دين جو.

2- مون کي اَجهو اولو اوٽ اوهان جي، تاري اٿم تحقيق توهان جي!

    تون سڀڪنهن اوکيءَ ويل اسان جي، ٿي واهر وارث ولي ولي سائين!

3- جو تنهنجي دروازي جي سگ جو دشمن، رکي رقيب جو ظالم ٿو ظن،

    سو ڪر ڀَسم ترت ئي ٿئي رهزن، تنهن هڻ تڙيل کي تلي تلي سائين!

    تنهن هڻ تڙيل کي تلي، ته لهي غم مون ويچاري غمگين جو.

4- تنهنجي ميراثيءَ مڱڻهار جي، پينوءَ ويچاري، پَٽ ڀان پينار جي،

    ۽ هاڻ هتي پوءِ مهند ”منٺار“ جي، ڪر سڀڪا ساعت ڀلي ڀلي سائين!

    ڪر سڀڪا ساعت ڀلي، ٿو آءُ هي لفظ چوان آمين جو.

 

ٿلهه:                 هئي هئي مير حُسين ماتم کئون،

ديءَ ملڪ روَون انسان سوين.

1- شمر لعين، بي ايمان نادان آهي، جنهن شاهه حسين شهيد ڪيو،

    تنهن کي لعنت ٿا لک ملڪ ڏين، منجهه فلڪ سڀ ڪنهن آسمان سوين.

2- ڪربلا جو هنگام قيام ڏسي، هئي هئي حورن ڪيو هو ماتام ادا،

    سارا انبياء نبي منجهه بهشت جنت، اهو غم ٿا رکن غلمان سوين.

3- محمد مير موسيٰ نبي ڪليم الله، ابراهيم ۽ نوح نبي الله،

    ڪن ٿا گريو غم، رت روز روَون، حضرت آدم ڪيا ارمان سوين.

4- چئي ”منٺار“ سؤ وار صدقي، جند جان قربان شهيدن تان،

    ان سور ڪَنئون، لک پور پون، مون کي قلب هينئڙي ۾ ڪان سَوين.

 

ٿلهه: هيء هيء نيت امام حسين جي، سِر پنهنجو ڏيڻ مناسب پار اٿئي،

1- ڇڏ حرص دنيا جي هوسَ کي، ڇڏَ لذت سکن جي سانگن کي،

    طالب موليٰ جو مذڪر، ايءَ حديث چئي سردار اٿئي.

2- عاشق مرڻ قبول ڪري، آيا پرت منجهان پنهنجا پير ڀري،

    پوءِ مراد اَهي منظور ٿيا، جن جا سوريءَ تي سِر ڌار اٿئي.

3- اچ تون! رضا منجهه راضي ٿيءَ کڻي پتنگ بهادر غازي ٿي،

    جي تون مٺو سر ساهه ڪندؤن، تان پوءِ محبت منجهه ميار اٿئي.

4- وقت ويل هٿ ڪين اچي، ڪو ڪروڙ پدم لک سؤ خرچي،

    جنهن تنهنجو رنگ صاف رچي، اُها مهل ”منٺار“ اٿئي.

 

ڪيڏارو                                                                 تار چئنچل

ٿلهه:                 ڪندو بابت بندو ڇا بيان جي،

شهيدي شاهه حسين جي شان جي.

1- ڪا جا ڌڻيءَ ڪونين جي، ثابت سيد ثقلين جي،

    حق ۾ حسن ۽ حسين جي، تعريف ڪيل جلشان جي.

2- هو ذاتي مليل ذات ۾، اعليٰ ارض السماوات ۾،

    جنهن جي عزت ڪل آيات ۾، هلي معنيٰ ڏسو قرآن جي.

3- جڏهين ايندي ويل قيام جي، تڏهين اک اُپٽبي عام جي،

    پوءِ ڏسندا عزت امام جي، جڏهين ٿيندي مهل ميزان جي.

4- اُن جا چوندو مناقبا ”منٺار“ ڇا، چوندو سار، جڳت سنسار ڇا،

    ڪندا شاعر ئي شمار ڇا، جن جي طاقت ناهي ڪا زبان جي.

 

ٿلهه:               ڪر غم حسين امام جو، جو پيارو محمد ڄام جو،

1- جنهن جو غم حضرت رسول کي، تنهن مؤليٰ جي مقبول کي،

    ڏک بيبيءَ پاڪ بتول کي، آهي ڪاڙهو روز قيام جو.

2- جنهن لاءِ حورون پريون هيءَ هيءَ چون، رت روز راتو ڏينهن رَئن،

    سارا انبياء ارمان ڪن، ڪن ملڪ هُل ماتام جو.

3- پنهنجي دل ڪجانءِ درياف ۾، ته مالڪ چيو آهي مصحف ۾،

    ڇٽندو عالم سندس اوصاف ۾، مون کي قسم رب جي ڪلام جو.

4- اي ”منٺار“ تون جيتر جيئن، ته گهُر الله وٽان ائين،

    ۽ پوءِ پاڙيسي من ٿئين، تنهن ڪربلا جي مقام جو.

 

ٿلهه: تڏهين دل اندر فرياد ٿئي، جڏهين ڪربلا جو ڏينهن ياد ٿئي.

1- جهڙ اؤکي حُسينڻ سان، هئي، تهڙي نه سختي ڪنهن سُئي،

    اهڙي روئڻ رُڃ ۾ رُهي، نابي عدل بي داد ٿئي.

2- جي مير محمد جا مٺا، هئا ڏيهه ساري جڳ ڏٺا،

    تيئن ڪل نه ڪي ڪونڌر ڪُٺا، تيئن ڪو ناقبيلو باند ٿئي.

3- اڃا هَئي هَئي پيو ڪريان هتي، جو تن لاءِ تڪا ٿيس نه تِتي،

    ۽ ملڪيت يتيمن جي جتي، لُٽجو، ناحق برباد ٿئي.

4- آهي ”منٺار“ جو مقصد ميان ته پيالو شهادت جو پيان،

    حَسنين جي حملي ۾ ٿيان، شل مون تي اِها امداد ٿئي.

 

ٿلهه:       شهزادا شاهه حسين جا، ڪٺا ڪربلا منجهه ڪافرن،

امام کي اوڻيهه سؤ، تن زخم ڪيا هئا ظالمن.

1- هئي هئي حسين فقير کي، موذين ڌتاريو مير کي،

    ۽ آندائون امام امير کي، لکي ڪوڙا ڪاغذ ڪوفين.

2- پيئي من ۾ بي مراد کي، ڪيائون قابو نديءَ فرات کي،

    لڳي اُڃ عليءَ جي اولاد کي، جي پاڻيءَ بنا جيرا جلن.

3- لشڪر يزيدي هئا گهڻا، جيئن مثل واريءَ جا ڪڻا،

    هُئا امام ٻاهتر ڄڻا، سَوَ لک ڪُٺا ته به سورهن.

4- جي لشڪر يزيد بي ايمان جا، هئا حافظ ڪلام قرآن جا،

    سڏايو اُمتي آخر زمان جا، ڪن ڪِيس ۽ ڪلمان پڙهن.

5- جنهن جو جبرئيل هو دايو، جنهن کي نبيءَ پاڻ نپايو،

    تنهن تي شمر خنجر وهايو، لک لک هجي تنهن لعنتن.

6- جڏهن الله محشر جو ڏينهن تپائيندو، تڏهن رب رسول کي سڏائيندو،

    سو اچي بيبيءَ کان خون بخشائيندو، تڏهين اُمت ڇٽندي کان دوزخن.

7- ”منٺار“ چئي ماتم چوان، ڏينهن رات پرين لاءِ روئان،

    پنجتن جي پاسي شل هئان، مهندام هميشہ ئون مالڪن.

 

ٿلهه: جي هَئي هَئي حسين ڪري ويا، اُهي عاشق پنڌڙو پري ويا.

1- غم انهيءَ ۾ منصور هو، جنهن کي شاهه حُسين جو سُور هو،

    ٿيو مقصد سندن منظور هو، تڏهين سُوريءَ تي سرڙو ڌري ويا.

2. اِن افسوس ۾ عطار هو، جنهن کي غم انهيءَ جو ويچار هو ،
    سِر ڏيڻ تي هموار هو، اَچي عشق جي ۾ آري ويا.

3- ٻيو شمس شاهه تبريز هو، جنهن کي غم حُسين جو تيز هو،

    پنهنجي الله سان آميز هو، تڏهين حق وارا هوڪا ڀري ويا.

4- ڪيو اِن سوز صوفيء، سِر جُدا، جنهن اُڇلي ڏنو نام خدا،

    ٿيو سندن مقصد مَدا، جو ڀالي تي غزل گَهڙي ويا.

5- ائين مجنون ڪيئن مستان هئا، اُن درد ۾ ديوان هئا،

    ان جوش ۾ سي جوان هئا، ٻر ٻر جيئن باهه ٻَري ويا.

6- اي ”منٺار“! اهڙا هزار هئا، جي مُلڪ ساري ۾ سُئا،

    سَوَ پيا ڳنن پُوڄين پوئا، جي محبت انهيءَ ۾ مري ويا.

 

 

ٿلهه:       اِمام کي ڪيو اَمر الله، تڏهين ڪُسڻ آيو هو ڪربلا.

1- لاءِ حسين فقير هيءَ، هئي لکيءَ تقدير هئي.

    سا ڪئي قبول امير هئي، جيڪا گهُري رب جَل جَلا.

2- هو اِرادو الله ڪريم کي، سو سيباڻو سيد سليم کي،

    ڏنا ڏَک يار يتيم کي، سورن جا سِر تي سر سلا.

3- ٻڌي جبرائيل ملائڪ کان، رُنو فاطمہ فراق کان،

    تڏهين جواب ٿيو رب پاڪ کان، ته حسنين لاءِ ٿيندا جر جلا.

4- گهر ”منٺار“ حب حسنين جي، جن کي بادشاهي ڪوئينن جي،

    ڪر صدا هيءَ ڏينهن رَين جي، پنجتن اڳيان پائي پَلا.

 

ٿلهه: جنهن کي نبيءَ پاڪ نپايو، تنهن کي ڪافر ڪيئن ٿي ڪُهايو.

1- لک لعنتون يزيد کي، ڏيو عامر ۽ ٻي عبيد کي،

    هجي لعنت شمر شديد کي، جنهن خارجي خنجر وهايو.

2- منجهه ظاهر مسلمين هئا، پيغمبر جي پاسي ڪين هئا،

    اُهي بي رحم بي دين هئا، جن رسول جو روح رنجايو.

3_هو ڏوهٽو حضرت رسول جو، فرزند علي مقبول جو،

    هو پيارو بيبي بتول جو، پٽ معاويي جي مارايو.

4_اي ”منٺار“ هن ماتام جي، آهي ڪل سچن کي قيام جي،

    جن کي حب حسين امام جي، تن کي آرام نه آيو.

 

راڻو:     تار ڌاڌرو

ٿلهه:     ڪربلا جي ڪا خبر ڪبوتري ڪئي،

فرياد يا رسول! هڪل تنهن اچي هنئي.

1_ تنهن پکڙاٽون پکيءَ جون، هيون رتيون رت ٻئي،

    ٻولي هاءِ حسين جي، اچي لات تنهن لَئي.

2_پرولي جنهن پکيءَ جي، جان پروڙيئون پيئي،

    ته سيد شير شهيد ٿيا، ۽ ڪري رڪ رئي.

3_پوءِ کڻي ڏٺائون خاڪ سا، جا رسول ويو ڏيئي،

    تان برابر خون ٿي، جيئن چاڳلي چئي.

4_ ٿي قاتل جھلي ڪانه دهشت، شاهه جي دئي،

    پوءِ مٿو ڏنائين ”منٺار“ چئي، نماز ۾ نئي.

 

ٿلهه:         مدام ڪريو مومنا! افسوس امامن جو.

ته ڪربلا  ۾ ڪيئن ٿيو هو ڪوس امامن جو.

1- محمد مير يا رسول، پناهه پوش امامن جو،

      يا حيدر قرار، همٿ هؤش امامن جو.

2- يا حضرت عباس جگر گوش امامن جو،

      ۽ حُرُ هدايت ويو وٺي، ٿيو دوس امامن جو.

3- ويو جهنم منجهه يزيد تڙيل، ڏوس امامن جو،

      ۽ جنت جاءِ ٿيو مڪان، سو فردوس امامن جو.

4- ”منٺار“ کي مدام جاڳي، جوش امامن جو،

      گهڻو آسرو اٿم وڏو، سوس امامن جو.

 

ٿلهه: دل اکين سان جن ڏٺو امام جو عَلم،

تن کي ڪين وسرندو ميان! ڪربلا جو غم.

1- ارواح تن عاشقن جا جيئڙا نه جم،

جن کي داغ درد جو، آهي من مٿي ماتم.

2- عاشق لک امام جا، ڪروڙيون پدم،

سي چون صَلوات صلي الله عليہ وَسلم.

3- مصَلت موچاري مون کان، ۽ ڪي پڇن جي ڪم،

چوان ته حب چڱي حسين جي، ڪريم جو قسم.

4- ”منٺار“ کي مدام، اها آسڙي عزم،

شل نوڪري نصيب ٿئي، حسين جي هردم.

 

ٿلهه: اصل ڏينهن الست جي، امام ڪيو اقرار،

تڏهين ڪربلا جي ڪُسڻ لاءِ، حُسين ٿيو هموار.

1- طاقت ذرو تِر جيترو، نه يزيد جو اختيار،

اِها ڳالهه هئي مخفي ڳجهي، رڳو عشق جو اِسرار.

2- حُسين کي حق ٿي ڇڪيو، هو ابليس جو تڪرار،

هو وڃي ذات ۾ ذاتي ٿيو، همت وڏي هوشيار.

3- اُن جُوءِ ۾ شيطان دشمن، ڪونه هو ڪفار،

جتي معراج مردن ٿي ڪيو، هو دوست جو ديدار.

4- تنهن سدائين سردار جو، هي منگتو ”منٺار“،

هو فيض جو ڪارڻ اسان، سرور سختي ڏاتار.

 

آسا:   تار تين تار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org