ڪافي (23)
سُر ڀيروي: جوڳي
ٿل- جس جوڳيئڙن کي آهي، جي وئڙا توڙ نباهي
جنگ جوان لڏيا لاهوتي، نفي ڪيائون سڱ ثبوتي
خاڪ ملي ڪيئون انگ ڀڀوتي، ويس وڳا سڀ لاهي
سفر سنبريا سورهيه سامي، سانگ سٽي ٿيا نانگا نامي
ديسي ٿيا پرديس مقامي، ماڳ مٽيءَ جا ٺاهي
ڪاپڙين جي ڪل نه ڪائي، ڳالهيون تنجون سڀ ڳجهائي
واريئون ترت وڃڻ جي وائي، سورن ساٿ سنباهي
وس وڏي هئا سامي سياڻا، سڃ بيراڳين ڪيا سڀ ڀاڻا
مارين تن جا محبت ماڻا، ڳالهه اندر دل ڳاهي
جن جا پنڌ ”قليچ“ پڇيائين، ڳوڙها جن لاءِ ڳل وهائين
سي جوڳيئڙا ”جهد“ منجهائين، قاف رسيا وڃي ڪاهي.
*
ڪافي (24)
رند
ٿل- پيتو جن محبت جو جام، رند وتن ٿيا مست مدام
مي پي مست ٿيا متوالا، مذهب ملت کان ٿيا پالها
ڄاڻن ڪفر نڪو اسلام
بود ڇڏي نابود ڌڻيائون، هوش عقل سڀ ترڪ ڪيائون
نام وڃائي ٿيا گمنام
ڪين مسيتن مان تن ڄاتو، ڪعبو قلب اندر تن پاتو
پاڻ جماعتي پاڻ امام
رهن شرع تي مور نه راضي، پنهنجا مفتي پنهنجا قاضي
سمجهن ڪين حلال حرام
ڪيائون تن سان تهدل تعدي، جوٽيئون جيءَ سان جنگ جهادي
نفس نجس کي ڪيائون قتلعام
ساري سمجهه ”قليچ“ طريقت، رمز رندن جي آهي حقيقت
دائم رهه تون تنجو غلام
*
ڪافي (25)
سُر سورٺ: سڄڻ جي تصوير
ٿل- تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير – ڏسي تڪبير چوان
منهن مصحف تنهنجو عين اشارا
ساري سڀ تقرير ڪري تفصير چوان
نيڻ خماري، قاتل ابرو
خوني خنجر تير چئي شمشير چوان
زلف سياهه سراسر خم خم
رهزن سي رهگير، ظالم زنجير چوان
حسن ڪيا حيران هزارين
ملڪ ملڪ جا مير، پيغمبر پير چوان
سور ”قليچ“ سڀئي سهه سر تي
ڪهڙي آئون تقدير اڳيان تدبير چوان
*
ڪافي (26)
سُر کماچ: مارئيءَ جا ورلاپ
ٿل- هيڻا ٿئڙم حال، عمر ڪو ترس ذرو ڪر
آئون مسافر تو وٽ ماندي، بند ڪيئي ڇو بيوس باندي
جيءُ وڌئي جنجال
تڳي تو وٽ عمر اڻانگي، سيني ۾ ٿا وسنم سانگي،
سڪندي ٿئڙم سال
عمر آڇ م زيور زريون، هيرا موتي ڀانيان ڀريون،
لوئي وڻي ٿي لال
روز وهايان ٿي رت ريلا، ڪري ياد ڇپر جا ڇيلا،
ماروئڙن جا مال
ڪر ”قليچ“ عمر کي آزيون، بنديءَ ساڻ ڪري نه بازيون
ملي مارن شال
*
ڪافي (27)
سُر سارنگ: مارئيءَ جون آهون
ٿل- سڪندي ٿئڙم سال، سانگيئڙن کي ويٺي آئون ساريان
مور نه وسرن عمر اباڻا، سور جنهين جا ساهه سيباڻا
لهندا سي نيٺ سنڀال
ٻن هَي تنهنجون زريون زيور، هيرا موتي پٽ پٽيهر
لوئي وڻي ٿي لال
مينهن وٺا ڦر ڦوڳ ڦلاريا، ويڙيهچن تا ويڙهه ولاريا
مارن ڇوڙيا مال
محبت تنجي مون کي ٿي ماري، جيڏين سرتين کي نت ساري
جر وهايان جال
عمر الله لڳ ڏينم نيڪالي، تو در آهي ”قليچ“ سوالي
هيڻيءَ جا ڏس حال
*
ڪافي (28)
سُر تلنگ: سورن جو انعام
ٿل- جنهن جي سور وڌي دل سٽي سٽي
تنهن کي صبر اچي ڪئن يار ري
عاشق سانگو سر جو ناهي، سوريءَ تي وڃي قصدئون ڪاهي
ڪين ڪڏهن منهن مٽي مٽي
پئي پرتئون زهر پيالا، درد دمادم قهر ڪشالا
قرب منجهان سڀ ڪٽي ڪٽي
دل ويچاري محبت ماري، بار برهه جا جنهن تي باري
دوست ڦٽي ڪئي ڦٽي ڦٽي
ٿيو ”قليچ“ فراق ۾ فاني، جان جلائين تولاءِ جاني
گهار تنهن سان ڏينهن ٻٽي ٻٽي
*
ڪافي (29)
سُر جوڳ: جوڳي
ٿل-
جوڳي جادوگر جان جگر ۾، دونهان روز دکائن ٿا
انگ ڀڀوتي مک ۾ مرلي، پورب پنڌ پڇائن ٿا
جوڳ جڳت جا ڌاڳا ڌوئي، سامي ساڌ سڏائن ٿا
سري سري ست نام جپي، سي رمز ۾ رام ريجهائن ٿا
پنهنجو پاڻ عدم ۾ پيهي، وهم وجود وڃائن ٿا
ڪل ”قليچ“ نه ڪاپڙين جي، موڙها مور نه پائن ٿا
*
|