ڪافي (18)
سُر آسا: مارئيءَ جا ورلاپ
ٿل- ڪوهه ڪٺيءَ کي قيد ڪري،
ڪيئي مارن کان ڌار ڙي.
عمر ڏنئي آزار ڙي، ڏاڍي ٿيس لاچار ڙي.
سانگين سان هيس ڪالهه هيڪاندي،
غم وهم کان هيڙيس واندي،
ارادي هن ڪوٽ ۾ آندي،
مفت مٺي پئي موت مري، اکيون اباڻي پار ڙي.
وٺا مينهن ٿيون گلزاريون،
پيون نڪري پٽ پنوهاريون،
اچن ڪنڊا ڪريڙ ٻهاريون.
پڪا پيرون پاند ڀري، ٻاٻاڻن جا ٻار ڙي،
زهر لڳن ٿا تنهنجا کاڻان،
ساوا ساڳ سدا سيباڻان،
پاڪ پنير، لُلر ۽ لاڻان،
ڏکي ساريو ”ڌٿ“ ڏري، ڏنگا ڏئونرن ڏار ڙي.
عمر حال وڃايم روئي،
لال لڱن تان لاٿيم لوئي،
ڍڪينديس آئون تنهنکي ڌوئي،
پٽ پٽيهر ڪر پري، واسيان آئون نه وار ڙي.
نت ”قليچ“ ڪريان ٿي آهون،
روز نهاريان ويٺي راهون،
مان ٻڌن سي دلبر دانهون،
ماروئڙا شل پير ڀري سگهو لهن ڪا سار ڙي.
*
ڪافي (19)
سُر ڀيروي: سسئيءَ جا ورلاپ
ٿل- سرتيون ساهه سڄڻ ويا ساڻ ڪري،
مٺي محبت ۾ پئي مدام مري.
ڦرندي هوتن لاءِ حيران وتان،
ماندي محبن لاءِ مستان. وتان،
پڙهندي سوز وچان سبحان وتان،
سڻي سڏ وري سو مان وري.
جيڏيون جت جڏهن پنهنجا ڏير ڪيم،
سمهي ڪئن سست ٿي اوير ڪيم،
ڏونگر ڏوري تڏهن پٿون پير ڪيم،
پنهون ڪيچ ٿيو پرڏيهه پري.
روئي رت هنجون پنڌ پير پڇان،
ڏئي باهه ڀنڀور کي هاڻ وڃان،
ڪٽي ڪاف ڪشالا ڪيچ ڪهان،
لکيو لوهه قلم جو ڪين ٽري.
اٿي ڳول ڳليون پنڌ پير پهي،
سسئي سڪ اندر سڀ سور سهي،
وڃي ڪيچ رسين چئي ”قليچ“ ڪهي
پسين هوت پنهونءَ کي پير ڀري.
*
ڪافي (20)
عاشق جون آهون
ٿل- درد تنهنجي دلدار، ساري ساهه سڪايو.
ناز ڀريا تنهنجي ناز نهوڙيس، چشمن جي چمڪار،
جانب جيءُ جلايو.
اڱڻ جڏهن تون ايندين اسان جي، صورت جا سردار،
ٿيندم بخت سوايو.
ويٺي سدا تنهنجون واٽون نهاريان،هوت هنئين جا هار،
ڪوڙئين ڪانگ اُڏايو.
ورهيه لنگهي ويا ويٺين وساري، ڪيڙئي قول قرار،
دلبر دل سان لايو.
توتان ”قليچ“ ٿيو قرباني، محب مٺا منٺار،
تنهن سان نينهن نڀايو.
*
ڪافي (21)
سُر جوڳ: وڻجارا
ٿل- ويا وطن وري وڻجارا، محبوب مٺا موچارا.
1. هت آيا قسمت سانگي، سي بر بحر اورانگي،
رهيا وير ويراڳين وانگي، آديسي اڏي اوتارا.
2. هٿ مرلي، مونڍي مڻيان، ڳل ڳانان، جان تي جڻيان،
ڳڻ تنجا ڪهڙا ڳڻيان، لايا نانگن نينهن نظارا.
3. آيا عطر عنبير اُٺائي، ڏنئون جڳ کي واه ويرهائي،
ويٺا ورهه جو وکر وهائي، سوداگر سخن سچارا.
4. ڪريان ڳالهه انهنجي ڪيهي، دل رمزن سان تن ريهي،
پائي پيچ اندر ويا پيهي، پرديسي پرين پيارا.
5. ڪئي سامين سنبت سگهوئي، ملي خاڪ ۽ ڌاڳا ڌوئي،
رميا راه مٿي سي روئي، ڇنا سڱ سناسين سارا.
6. ويا لال ٻڌي لانگوٽي، لاهوت چڙهيا وڃي چوٽي،
ايندا نه مسافر موٽي، پروس ٿيا ويچارا.
7. جڏهن ياد پون ٿا جاني، دل درد کان ٿئي ديواني،
سڪ سوز کان سر گرداني، پل پل ۾ جگر ٿئي پارا.
8. ويون ڪل ”قليچ“ جون واهون، پيو عرش رسائي آهون،
ڪري درد وندن جان دانهون، نت نيڻ وهائي نارا.
*
ڪافي (22)
سُر تلنگ: سمر
ٿل- سڀ سمر پنهنجو سنڀار، اُٿ مسافر ڪر تياري.
جيءُ جشو قسمت وڌو، هت بند ۾، بي اختيار،
ڏينهن پيا پرڏيهه ۾، والي وطن تي واڳ وار،
آهي اندر ۾ انتظاري.
ڏک ۽ سک هن دارفانيءَ جو، چيو ٿن ڏينهن چار،
سالڪن سمجهيو صحي، دنيا آهي ناپائدار،
ٿي وڃي سورن ۾ ساري.
جي گهرين آرام جڳ ۾، وهم دل جا سڀ وسار،
دوست دشمن ڄاڻ هڪ، حرص و هوا کان من کي مار،
تا رکئي صاحب ستاري.
پيچ هر ڪنهن سان نه پاءِ، دانا تون دل اهڙي نه ڌار،
دام جت ويندئي وڪوڙي، ڦٿڪندين اُت بي قرار،
ڪانه ٿيندئي رستگاري.
هو گذر جڏهن گام ۾، تن ۾ طلب هئي سڀ جي تار،
هاڻ پرتؤ سڀ خدا کي، لطف جنهن جا بي شمار،
اسين هلياسين هيڪواري.
قرب وارن سان ”قليچا“ ڪا گهڙي ويهي گذار،
اڄ سڀان هلندين هتان، رئنديون اکيون ڪي زار زار،
ڪئن ڪندي دلڙي ويچاري.
* |