سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گلدستهء قليچ

صفحو :4

 

غزل (15)

يار کي منٿ آزي

1.      عاشقن کي به ته اي يار، ڪڏهن ياد ڪجي

دلِ ناشاد کي ڪو دم ته سڄڻ شاد ڪجي

 

2.      جي ڪريون عرض ته ڪاوڙ مان هڻي تير، تفنگ

داد خواهن سان ڀلا، اهڙو ڪو بيداد ڪجي

 

3.      گهاؤ دل تي جهلي، تو در تي وري پيا گهاريون

تنهنجي هن ظلم، ستم جي ڪٿي فرياد ڪجي

 

4.      طوق گردن ۾ اسيريءَ جو ۽ پيرين زنجير

دل گرفتار کي آزار مان آزاد ڪجي

 

5.      عمر وئي گذري، جدائيءَ جي جفا ۾ جاني

هاڻ پڇاڙيءَ ۾ ڀلا، وصل جي امداد ڪجي

 

6.      رات غم جي وئي لنگهي، وصل جو هاڻ آيو ڏينهن

شهر دل جو ٿيو ويران، سو آباد ڪجي

 

7.      طرز ”سانگيءَ“ جي تي، تولاءِ غزل جوڙيو ”قليچ“

هي ته حاضر آهي، هاڻ ٻيو به ڪو ارشاد ڪجي.

 

*

 

غزل (16)

ريل جي سواري

 

چڙهو اڄ ريل تي يارو، عجائب هيءَ سواري آهه

اٿوَ وڃڻو جي، اُت نت اوهان لاءِ انتظاري آهه

 

هوا پاڻي، مٽي ۽ باهه، مان جوڙيائون هيءَ انجن

بدن جي هيءَ بناوت، روح جي هيءَ رمز ساري آهه

 

لنگهو در معرفت جو، سمجهو اسٽيشن کي هيءَ دنيا

ٻرن ٿا لالٽن جنهن ۾، بتين جي جت بهاري آهه

 

حقيقت جون کڻيون جهنڊيون، ملائڪ اِئن پڪارن ٿا

بيٺا هن دست بستہ سڀ، حڪم حاڪم جو جاري آهه

 

شريعت جي سڙڪ سيڌي، طريقت جا سليپر هت

سنوان وحدت جا سنگل ٿيا، چڙهيو هت هيڪواري آهه

 

رکيو اَٿوَ هنطرف ڪانٽو، ترازو عدل جو يارو

تري نيڪي بدي جنهن ۾، نڪا ڪا پاسداري آهه

 

اُٿو پاسنجرو ٿي تار جي ٽڪ ٽڪ، خبر آئي

اچي وئي لئن ڪلئر هاڻ، سفر جي سڀ تياري آهه

 

سڻو ٿا جا اوهين سيٽي، سا اسرافيل جي ٿي ڦوڪ

سفر جي وائي آهي جا، پري کان ڪنهن پڪاري آهه

 

ڪريو ڀاڙي جي ڪا ڳڻتي، هي سودو نقد بازيءَ جو

ٽري جي وقت ويو سر تان، ته پوءِ بيهڻ خواري آهه

 

کڙو آهه موت جو بابوُ، ٽڪيٽ هر ڪنهن کي بيٺو ڏئي

وڄي پئي دمبدم گهنٽي، عجب غفلت خماري آهه

 

ملي جڏهن پاس يا ٽڪٽ، کليو گاڏيءَ جو دروازو

ويهو سمجهي ڪلاسن ۾، هي گاڏي درجي واري آهه

 

اتاريو ريل گاڏيءَ نئي، جتي هر ڪنهن کي لهڻو هو

وري ورتئون ٽڪٽ ساري، عجب هيءَ راهداري آهه

 

نه هوندو جيڪڏهن مقصود منزل جو ٽڪٽ ڪنهن وٽ

ته پڪڙيندس پوليس ان دم، جن اهڙي اختياري آهه

 

هي آهي سير دنيا جو، ڪري سو، جنهنجو جيءُ چاهي

شرف عزت تي ناهي ڪي، فقط دولت جي ياري آهه

 

ڪو ويو ملتان، ڪو لاهور، ڪو بمبئي وڃي پهتو

هي قدرت آهي، قادر جي، هيءَ بازي هڪ نياري آهه

 

قبر جي آخري منزل، جتي منڪر نڪير ايندا

۽ پڇندا ڇا عمل آندئي، عمر جت تو گذاري آهه

 

ڇٽين جي ان هنڌان، تا وڃ، مزا ڪر، ورنه اي احمق

اُتي هڻندئي وڃي هانڃي ۾، جت توبهه ۽ زاري آهه

 

”قليچا“ فڪر ان جو ڪر، جو ٿورا منٽ اٿئي باقي

وٺج ٻلڙي، جو هيءَ ڳٺڙي گناهن جي به باري آهه

*

 

 

ڪافي (17)

عشق جا عذاب

 

ٿل-    دردن جو دل ۾ دلبر دونهون اچي دکايو

محبت جو مچ مچائي جيرو جگر جلايو

 

هٿ سان ڦٽيون حبيبن توڙئون تڙيو طبيبن

قربئون ڪهي قريبن ساڙڻ جو ڪيو به سعيو

 

جن سان رکي محبت، تن تي وجهي مصيبت

رحمت جي لاءِ زحمت سؤدو ڪري سوايو

 

سوريءَ تي ڪي چڙهائي ٻڪري جان ڪي کلائي

ڪي ڪرٽ ۾ چيرائي ڪن کي وجهي ڪهايو

 

لذت اچي ٿي جن کي سورن کي ٿا سڪن سي

ڪارڻ ڪسڻ جي پڙ تي گردن اچن جهڪايو

 

جي عشق توکي آهي وڃ تون ”قليچ“ ڪاهي

سر ڏي هٿن سان لاهي پورهيو ٿئي سجايو

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org