سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گلدستهء قليچ

صفحو :3

 

غزل (11)

 

يار کي عرض

ماڻا ڪري نه مار سڄڻ تون ذري ذري

پاڻا نه ڪر تون مون کي پيارا پري پري

 

هيڪر نهار نيڻ کڻي ناز مان پرين

وئي عمر انتظار ۾ آزيون ڪري ڪري

 

هردم هنجون وهائي ڪري ياد توکي دل

ڳالهيون ڪري هزار ڳڻن جون ڳري ڳري

 

مون ڪيو ڪسڻ قبول مگر تون ڪو قياس ڪر

خنجر وهائي حلق تي قاتل هري هري

 

دلبر اچي ڪو ڏيج دلاسو ”قليچ“ کي

محبت ۾ تنهنجي محب مٺا پيو مري مري

*

 

 

 

 

غزل (12)

نيٺ ڇا ٿيندو؟

هي دور دنيا ۾ تنهنجو تمام ٿيندو نيٺ

هي پر سگهوئي حياتيءَ جو جام ٿيندو نيٺ

 

اجل جي ڪوچي ۾ آخر به ٿيندو تنهنجو گذر

مڪان، قبر ۾ تنهنجو مقام ٿيندو نيٺ

 

يقين سمجهه ته منڪر نڪير سان هڪ ڏينهن

جواب سوال ۾، تنهنجو ڪلام ٿيندو نيٺ

 

هجين اگرچ هتي تون، سڪندر ۽ دارا

خسيس خاڪ کي تنهنجو سلام ٿيندو نيٺ

 

هي تنهنجو نرم ۽ نازڪ بدن، مُئي کان پوءِ

ڪنن ڪينئن جو قبر ۾ طعام ٿيندو نيٺ

 

چيئي جو حرف هتي ۽ ڪيئي هتي جو ڪم

سو نيڪ و بد، سو حلال ۽ حرام ٿيندو نيٺ

 

هي وعظ تنهنجو، وصيت، هي قول تنهنجو ”قليچ“

قبول پير و جوان خاص و عام ٿيندو نيٺ

*

غزل (13)

هٿ ڇا آيو؟

سٽي سي زلف سهڻي جا، هوا کي هٿ ڇا آيو؟

بدن نازڪ ڪري قابو، قبا کي هٿ ڇا آيو؟

 

محبت ۾ مٺي محبوب، جي ناهي مرڻ مشڪل

ڪڏهن مون ساه ڪيو صدقي، قضا کي هٿ ڇا آيو؟

 

شهيدن کي مليو منجهه ڪربلا درجو شهادت جو

سوا لعنت جي ٻيو اهل جفا کي هٿ ڇا آيو؟

 

ڏنئين ٿي حسن حيرت جهڙو، هي هي جڏهن حسينن کي

ڪري تڏهن سنگدل تن کي، خدا جي هٿ ڇا آيو؟

 

گدائيءَ مان ڏئي شاهي، ڪري بدبخت بختاور

هڏا کائي، رهي تنها، هما کي هٿ ڇا آيو؟

 

ڏجي جيڪي، ملي حق کي، ۽ ڏيندڙ کي ثواب انجو

سخا مان پوءِ سخيءَ جي هت، گدا کي هٿ ڇا آيو؟

 

ٿئن خونخوار وڌ دلبر، ڪسن خونين جگر عاشق

رڱي هٿ حسن وارن جا، حنا کي هٿ ڇا آيو؟

 

رسي ماڻا ڪري محبوب، منهن موري ۽ مهڻا ڏي

منجهان ان آشنائيءَ، آشنا کي هٿ ڇا آيو؟

 

”قليچ“ آيو سڄڻ آخر، گهڻو روڪيو رقيب اُن کي

عداوت ڪيئين ته ڇا ٿيو؟ بي حيا کي هٿ ڇا آيو؟

*

 

غزل (14)

منهنجي آڏو

 

حاضر آهين اي دوست، سدا تون منهنجي آڏو

هر جا آهين هر شڪل ۾ موزونُ منهنجي آڏو

تون ئي تون رهين خيال اندر منهنجي هميشہ

تُون تُون ٻڌان، جي مک ڪري ڀوُن ڀوُن منهنجي آڏو

ٿيو عشق منجهان علم، لدني مون کي حاصل

گردن به جهڪائي اچي گردون منهنجي آڏو

سڏجن ٿا فصاحت ۽ بلاغت ۾ جي استاد

ڪن شرم کان، ٻارن جان اغوُن غوُن منهنجي آڏو

عالم جي مدرس ٿي، هلائين ٿا نت بحث

طاقت نه اٿن، ڪن اچي ٽين ڦوُن منهنجي آڏو

حڪمت ۾ آهي اصل ارسطو منهنجو شاگرد

ڇوڪر آهي مڪتب جو افلاطون منهنجي آڏو

جڏهن عشق جي مستيءَ ۾ وڃان ڪوهه و بيابان

ڊوڙي اچي فرهاد ۽ مجنون منهنجي آڏو

ميزان ۾ همت جي، مون کي لک به آهي ڪک

جولان ۾ هاٿي به آهي جوُن منهنجي آڏو

شاعر سڀئي حيران رهن بزم سخن ۾

ڪنهن کي ٿئي جرئت جو ڪري چوُن منهنجي آڏو

جڏهن شعر چوڻ جو ڪو پوي دل ۾ ڪڏهن پُور

بيٺو آهي نت، هٿ ٻڌيو مضمون منهنجي آڏو

ٿيو آهيان قناعت کان ”قليچ“ آئون تونگر

ٿيو غرق، خزانو ڏسي قاروُن منهنجي آڏو

*

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org