]
منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي معنى رڳو ”اِنساني حياتي“
نه آهي، پر اها زندگي – اُها هڪ ۽ جهڳ مڳ جا مون
کي جت ڪٿ نظر اچيٿي ۽ جنهن جو اِنساني حياتي پڻ هڪ
حصو آهي![
نرمل جيوتاڻي
اَرپيم اُنکي
جنهن جي جوت
جوت سان ملي
هڪ ٿِي ويئي!
(نرمل)
مهاڳ
نرمل جيوتاڻي هو هڪ بيتاب مکڙي جا تڙڦي ٿي ٽڙيل گل جي صورت
اختيار ڪرڻ لاءِ، پر قدرت ڪي ٻي طرح چاهيو ۽ مـؤت
روپي خزان جي بگڙيل هوا کيس بي وقتائتو سڪائي
ڇڏيو. نرمل جو سرير غائب ٿيو ليڪن سندس جوت جو
جلوو اڃا پرسڌ آهي. نرمل زندگيءَ جو راز پرکي
زندگيءَ جو مڌر گيت ڳايو. هن کي ساري جات ۾ جوت
ڏسڻ ۾ آئي. هن جي نظر ۾ وڻ ٽڻ، پکي پسون، سڀ هڪ
جانب جو جنسار هئا. نرمل جي اندر تڙڦ هئي برهه هو
۽ هنجي تن ۾ پرينءَ جي تونس هئي. هن پريم جو پيالو
پيتو پر پئندي به ڍءُ ڪين ٿيس. هن آئينده جا سپنا
ڏٺا پر سندس اوچتي موت سبب اهي اڌورا رهجي ويا.
شال سندس سپني جي اڌوري تصوير جا هن پستڪ ۾ چٽيل
آهي، سا ٻيو ڪو لعل جاڳي جو رهيل خال کي ڀري تصوير
کي مڪمل بنائي! ”امر رهي ’نرمل‘“ اها آهي منهنجي
نماڻي پرارٿنا پرڀوءَ جي چرنن ۾.
شيوا ۾
گرداسمل هندو هاءِ اسڪول لڌارام موهنداس
26 جولاءِ 1947ع
ديباچو
جڏهن ٻار پيدا ٿو ٿئي تڏهن ڪجهه عرصو هو رڳو پيو چوڌاري نهاري
کلي ۽ ٽڙي. چوڌاري جيڪي ڏسي ٿو تنهن ڏسڻ ۾ ئي هو
اهڙو محو آهي جو انهي تي سوچي ئي نٿو ته آهي ڇا؟
رڳو ڏسي هو راحت وٺي ٿو. جڏهن وڏو ٿئيٿو تڏهن ٻالڪ
اوستا ۾ جيڪي ڏٺائين ۽ ٻڌائين تنهن تي ويچار ڪرڻ
شروع ڪري ٿو. سرشٽي ۽ قدرت کي ڏسي عجب کائي ٿو ۽
ڪنهن وقت اهو ضرور ويچار اچيس ٿو آخر هي سڀ آهي
ڇا؟ ان ويچار بعد ان ۾ سمايل ٻيو ويچار اچيس ٿو ته
مان ڪير آهيان، ڪٿان آيس، ڪيئن آيس ۽ ڪيڏاهن ويندس
وغيره. مان دنيا ۾ سڀ شيون زنده ڏسان ٿو، پر زندگي
آهي ڇا؟ زندگي کي سمجهڻ جو مسئلو اڄ ڪلهه جو ڪونهي
پر آد جگاد جو. سٿول، جڙ ۽ چيتن وستن جي زندگي
نرالي آهي. انسان، جو جيو، پراڻ ۽ آڪاس جو جڙيل
آهي؛ سو ڪهڙي مقصد سان هتي آيو آهي ۽ انهي مقصد تي
پهچي سگهي ٿو يا نه؛ اهي سڀاويڪ سوال اٿن ٿا. قبول
ٿو ڪجي ته انهنجا پورا جواب ملڻ جي مشڪل نه آهن ته
انهن جوابن کي سمجهڻ گهڻو مشڪل آهي. زندگي سچ پچ،
جيئن نرمل لکيو آهي، رڳو انساني حياتي ناهي.
پرڪرتيءَ ۾ عام هر ڪا وستو زنده آهي. هر هڪ وستوءَ
کي پنهنجو مقصد آهي. هر هڪ وستوءَ کي پنهنجو فرض
پالڻو آهي. جيئن سج، چنڊ ۽ تارا، ڏينهن ۽ رات
وغيره پنهنجي فرض ادائي ٿڌ گرمي ۽ دکه سکه ۾ ڪن
ٿيون. اهڙيءَ طرح قدرت ۾ وڻ ٽڻ، نديون ساگر، جبل
پهاڙ، پسون پکي ۽ جيت وغيره پنهنجي فرض جي پوري
پالنا ڪن ٿا. توهان کي شايد اهو سمجهڻ مشڪل لڳي ته
قدرت ۾ زندگي آهي ڇاڪاڻ ته قدرت زنده آهي ۽ ڇاڪاڻ
ته قدرت ۾ روح آهي ۽ روح ئي زندگي آهي!
گيتا ۽ ٻين ڌرمي پستڪن موجب به روح امر آهي، ڪڏهن مري نٿو ۽ نڪي
ڄمي ٿو. پر قادر قدرت اهڙي خلقي جنهن ۾ انسان کي
ٻڌي عطا ڪيائين جيئن مخصوص ڪري ته آتما امر آهي ۽
جنهن لوڪ مان اُها آئي آهي نيٺ اُتي ئي سمائجي.
جيسين دنيا جي هر هڪ وستو انهي لوڪ ۾ نه پهتي آهي
تيسين اسين انهيءَ وستوءَ کي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾
ڏسي سگهنداسين. انسان جي ديه به يڪدم ڪونه ٿي حاصل
ٿئي. انسان – غير انسانن کان اوچ آهي جو هو پنهنجي
ٻڌيءَ جي شڪتيءَ سان پاڻکي مڪت ڪري سگهي ٿو.
هن پستڪ ۾ نرمل زندگي جا ساري قدرت ۾ ڏٺي ان جو اظهار قلمبند
ڪيو آهي. پنهنجي سفر ۾ اسان کي ڏيکاري ٿو ته سچي
زندگي ڇا آهي ۽ انساني حياتي ڪهڙي فرض ادائي پوري
ڪري جنم مرڻ کان ڇٽي سگهي ٿي.
انسان جي حياتيءَ ۾ گهڻيئي لاهيون چاڙهيون اچن ٿيون. نرمل
سيکاري ٿو ته انهن کي مڙس ٿي منهن ڏيون ڇاڪاڻ ته
حياتي ڪشمڪش آهي. هو دنيا کي هڪ عجب جنگه جو ميدان
سمجهي. چويٿو:
”اٿيئي لاه چاڙهيون الاهي هتي –
پٽڻ ڪين آئين تون ساهي هتي
جڳائي تو بڻجڻ سپاهي هتي –
اگر نا لڙين آ تباهي هتي.“
هو دنيا کي رڳو هڪ خواب ڪونه ٿو سمجهي.
”امرتا اندر پئي بکي سڀ دنيا –
م چو تون ته آهي دنيا هيءَ فنا.“
جڏهن انسان ڪڏهن سوچي ٿو ته دنيا نيٺ فنا ٿيندي تڏهن اهو محصوص
نٿو ڪري ته زنديءَ جي ڪشمڪش ۽ حياتيءَ جو ڪشمڪش ۾
تفاوت آهي. هو موت ڏسي ۽ ٻڌي دهلجي ٿو ۽ جڏهن خيال
ٿو ڪري ته نيٺ موت مون وٽ به ايندو. تڏهن نراس ٿئي
ٿو ۽ نراسائيءَ ۾ پنهنجي فرض ادائي ڀلجي وڃيٿو.
نرمل اسانکي قدرت کي پيار ڪرڻ سيکاريٿو.
نرمل ڏيکاري ٿو ته آخر انسان جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ ان تي ڪيئن نيٺ
رسي سگهي ٿو. ڪامل انسان جيڪو نئون نياپو دنيا کي
ڏئي ٿو سو هنڊائڻ يوگيه آهي. پڙهڻ سان پتو ٿو پوي
ته پوتر ڪير آهي، غريبي ڇا آهي، پاڻ ۾ وشواس رکي
شير ٿي ڪيئن رکجي، سچو پچو ماڻهپو ڇا آهي، همدردي
ڪري ڪيئن خوشي حاصل ڪجي ۽ سؤ مان جو قدر ڪهڙو آهي
وغيره. دکي دنيا پڙهڻ سان پتو ٿو پوي ته دنيا ۾
دکه ڪيئن ٿو حاصل ڪجي، ڇو ٿو حاصل ڪجي ۽ آخر ڪيئن
دکه کي ڦيرائي سکه ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح هر هڪ
ڀاڳه ۾ ڏيکاريو اٿس ته دنيا پيار تي بيٺل آهي ۽
اهو پيار تڏهن ئي ڪري سگهونٿا جڏهن سچائي،
وفاداري، قرباني ۽ پوترتائي سان شيوا جي شاهراه تي
هلنداسين. تڏهن ئي اسين پاڻ کي زنده سڏي سگهون ٿا
۽ دائما رهي سگهون ٿا. اها آهي زندگي!
مان سمجهان ٿو جنهن به قوم ۾ نرمل جهڙا شاعر پيدا ٿين ٿا ۽
زندگيءَ جو راز ڏيکارين ٿا. اها قوم هميش زنده
رهندي. انهيءَ قوم جي تهذيب ۽ سڀيتا امر آهي پر جي
انهيءَ راز کي پروڙي ان موجب عمل ڪريون. ڀارت ورش
۾ اڳه به اهڙا شاعر ۽ فيلسوف پيدا ٿيا آهن جن
زندگيءَ جو راز سمجهايو آهي ۽ انهيءَ ئي ڪري
يونان، مصر ۽ روم وغيره ملڪن جي سڀيتا ناس ٿي پر
ڀارت ورش جي نه ٿي سگهي. ان سکيا جو تاثير اڄ
گهٽبو وڃي ٿو ۽ مان سمجهان ٿو جي جلد انهن آدرشن
کي وري پاڻ وٽ نه سانڍبو ته ڪهڙو شڪ ڪجهه سالن نه
ته صدين بعد ڀارت ورس به مرده ٿي ويندو. اهڙو
زندگيءَ جو راز هن پستڪ مان ملي سگهي ٿو.
شعر جو قدر هونءَ به گهٽ آهي پر سنڌي ساهتيه ۾ تهائين وڌيڪ، نه
ته ڇو نه هن جهڙا پستڪ جلد ڇپايا وڃن. اُچي پني جي
تنگيءَ ۽ ان جي ڇپائڻ ۾ بندش سبب ڪتاب نيوز پرنٽ
پيپر ئي ڇپايو وڃي ٿو ۽ جئن ڪجهه سستو به ٿئي ۽
گهڻا پڙهن. نرمل جي شعر جو قدر اڃا پور نٿو ڪيو
وڃي ڇاڪاڻ ته ان کي پوريءَ طرح سمجهيو نٿو وڃي.
پڙهندڙ هن پستڪ مان سندس شعر جو تخمينو ڪري سگهن
ٿا. جي سندس شعر لاءِ اتساه ڏٺو ويو ته جلدي باقي
به سندس شعر ڇپايا ويندا.
پڇاڙيءَ ۾ مان ڀاءُ لڌارام جو شڪر گذار آهيان جنهن پنهنجو قيمتي
وقت ڏيئي مهاڳه لکيو آهي ۽ جيون ڪلا رسالو ڪڍندڙن
جو، جن هن ڪتاب سوسائٽيءَ پاران پنهنجو خاص پرچو
ڪڍي پڌرو ڪيو آهي.
سيڪريٽري شيوا ۾
نرمل پبليڪيشن سوسائٽي نند گدواڻي
لَهر
اِلاهي اَمَرُ لهر آ زندگي!
(2)
گلن ۾ به ان لهر جو آب آ
ڏئي ۾ به ان کان رهيو تاب آ
مٽي گل پٺيان پنهنجي خوشبوءِ ڇڏي
ذرِي سوز جي ڏِيو دنيا سان گڏي!
(3)
الاهي سندرتا دنيا ۾ بکي،
مٺو نور آغوش ۾ تنهن لَکي
مگر کوج وارو مچي سو چکي!
سدا وهڪ جاري اچي ٿي نظر
مٺي موج ساري اچي ٿي نظر
نڪا ڪا انڌاري اچي ٿي نظر!
مگر غافلن کي نه ڪَل ٿي رهي
نڪا اندر واري اُڇل ٿي رهي
سندر راه تن جي منجهيل ٿي رهي!
(4)
دنيا هڪ عجيب آه ميدان جنگ
جتي دل ڪرڻ تو جڳائي مَ تنگ
رکي هوش محبت سان ميدان رنگ
گهڻو ڏي ٻين کي ڪڻو تون مَ منگ!
اَٿئي لاه چاڙهيو الاهي هتي
پَٽڻ ڪين آئين تون ساهي هتي
جڳائي تو بڻجڻ سپاهي هتي!
انگر نا لڙين – آ تباهي هتي!
دنيا ڪيئن هوندي رڳو خواب ڪو؟
بکي جت الاهي پيو تاب ٿو
سُتل جت رهي نت کلڻ هاب ٿو
عمل بن نه پورهيو پوي ساب ٿو!
امر اندر پئي بکي سڀ دنيا
مَ چؤ تون نه آهي دنيا هيءَ فنا
جتي سالڪن جي ڪمي نا اڃا
اُتي تون ڪمر ڪڇ ڇڏي واسنا!
(5)
هئي زنگي هيءَ اصل ماڻڻي
تکي يا ڍلي تند هئي تاڻڻي
مٺي موج دنيا اندر آڻڻي
ملي مرڪ سان ڪا پلڪ گهارڻي
پرينءَ پار ڊونڊي هئي تارڻي!
اٽل طاقتن هو اُچاريو جيئن
دنيا چڪر غيبي هلايو تيئن
ٿيو ٻار پيدا اِجهو پوءِ ائين!
مڪائين سندس نعمتون پڻ ڪَئين
ڪئين دوس ڀائر ۽ ساٿي سئين!
اثارن جڏهن پاڻ مظاهر ڪيو
دنيا ان جو آدر به ٻاهر ڪيو
ڪنهين پرورش لاءِ ماهر ڪيو
سندس لاءِ موجود آهر ڪيو
سندس راز بانڪو يا ڪانئر ڪيو!
ڪنهي سڏ هتي ٿيو گلستان مان
ڪنهي قهر واري ته طوفان مان
ڪنهي محل سندر جي دالان مان
وري ڪن مُٺن کي ٿيو شمسان مان!
صفا ڀيد هو سفر سامان کان!
جڏهن ٿو ٿئي ٻار پيدا هِتي
سڀان سندس اُپجي ٿو شيدا هُتي!
مچي ڪيئي ماڻي ٿو عهدا هِتي؛
اچي ٿو ڪيل ڀاڙي واعدا هتي
رکي اوچ پنهنجا عقيدا هتي! |