سرائڪي ڪافيون
سريمن ڪلياڻ
1
جنهن تون عشق لڳا اسرار، تنهن تون دم دم هئي ديدار
عشق گهتي جڏهن دام دوالي[1]،
عاشق ڦرندا مست موالي
عشق جي آهي چال نرالي، عشق ڪري دل باغ بهار[2]
عشق جڏهن ٿو رمز رلائي، سوريءَ تي پيو سر چڙهائي
ذاتي نڪتا نينهن پڙهائي، عشق آهي تان سر سردار
عشق ڏيکاري نوري تجلا، اندر ٻاهر هُو
[3] هو الله
عشق پياري جام پيالا، عشق آهي تان عجب خمار
عشق ٻڍل جڏهن فوج اُٿاري، لکين پيو مانجهي ماري
ورد وظائف
[4] عشق وساري، عشق
دي آهي سخت بازار
2
ڏاڍا بره دا باري بار آيا
سر تي عشق عجب اسرار آيا
بره ته بحري باز ڏٺم
تڏهن شوق شاهي شهباز ڏٺم
عاشق شيرين تي فرهاد ڏٺم
وجهي ڏونگر ۾ ڏهڪار[5]
آيا
مجنون ليليٰ تي ديوان ڏٺم
تڏهن حيرت وچ حيران ڏٺم
شاه ڪنعاني
[6] سلطان ڏٺم
ٿي بردا
[7] وچ بازار آيا
هڪ چڪيءَ ۾ چور ڏٺم
تڏهن مرد سچو منصور ڏٺم
اِنهي محبت ۾ مخمور[8]
ڏٺم
چڙهي سوري تي سوار آيا
پڙهي بره سندو ڪو باب ڏٺم
تنهن ۾ ڏوهه نڪو ڪو ثواب ڏٺم
اُلٽو عشق سندو ڪو جواب ڏٺم
پهري جنگ سندو جنسار[9]
آيا
هي جاءِ ٻڍل حَق نور ڏٺم
دل ۾ دلبر جو ڪو حضور ڏٺم
بن[10]
موسيٰ ٿي ڪوه[11]
طور ڏٺم
تجلي تاب تکو چمڪار آيا
3
خاڪي بدن ڀلي يار آيا
دل ڪا درسن[12]
دوست مئن ديدار پايا
تنهنجي سڪ ۾ يار سدا ٿي هيءَ سڪي
پروانا
[13] پر ڏي رويون روز
لکي
من ڪي محبت اچن ويٺي واٽ پڇي
تنهنجي ملڻ ڪاڻ مان اُداسي آهيان
ننڍڙي لاڪون نينهن، جاڪون مئن ڄايا
آڻي عشق عجيب ٻنڌڻ آيا
اڱڻ اسان جي پير تو گهمايا
ستڙي
[14] ٿي سنڀار، جنهن
دم آيا
تنهنجي ملڻ ڪاڻ باسان ٿي باسي
هج تون اسان وٽ پرين ٿيءُ نه پاسي
هن جو مئيءَ کي نينهن نوازي
پنهنجا قول قرار ڪري وئين سجايا
ٻڍل چوي يار سگهو مل سائين
راتيان ڏينهان منهنجون اکڙيون ايڏانهين
هيءَ جو کڙي آه در تيڏي دانهين
تنهنجي درد فراق دونهان ٿي دکايا
4
سک رمز جيتي مرجاوڻ دي
ناهي حاجت
[15] هُنر هلاوڻ دي
شاهه منصور سر سوريءَ ٻولي
رمز انهيءَ اها ڳالهه چولي
لنؤ لنؤ دي وچ ڏتڙي لولي
انااحق الاوڻ دي
علم عقل نون عشق نه مَنندا
جان جان هستي دا حال نه ڀنندا
ڇوڙ تڪيا انهيءَ خاڪي تن دا
نيت نه رک ول آوڻ دي
ڇوڙ دعويٰ هڪ درد ڪون گهن تون
بد هوائي دا بوتا ڀَن تون
مرشد واري مام چاگهن تون
ڪر نه ڪسب
[16] ڪماوڻ دي
پڙه پڙه علم ڪيا فاضل هووين
مرڻ ڪنون اڳي مول نه مووين
جهڙا هووين تهڙا هووين
پڙه آيت آپ وڃاوڻ دي
ٻڍل نفي[17]
اثبات ڪر ڄاڻين
وچ اَپڻا دي آپ نه آڻين
ساري ذات صفات سڃاڻين
احدئون عبد ڇپاوڻ دي
5
نظر پيوسي يار پيارو، ناچو بنڪي آيا جي
اندر تونهين ٻاهر تونهين
هر جڳ دي وچ وسندا تونهين
پوش رنگي سر پايا جي
ڪاٿي ساز سرود وڄائين
ڪاٿي شريعت راه بتائين
ڪاٿي منصور مَرايا جي
احدئون ائين عبد سڏائين
وچ پڃري دي آپ ڇپائين
[18]
اپڻا پيئڙءِ رايا جي
يار ٻڍل جي ڪول
[19] سدائي
ونحن اقرب ناهه جدائي
سيني ۾ آپ سمايا جي
6
وهه دلبر ڪري سينگار آيا
هر صورت دي وچ يار آيا
ڪاٿي ميخانه مخمور ڏٺم
ڪاٿي شريعت شوق ظهور[20]
ڏٺم
ڪاٿي سوريءَ تي منصور ڏٺم
چئي اناالحق اظهار آيا
ڪاٿي مٿي تخت تيار ڏٺم
ڪاٿي چٽو چوڪيدار ڏٺم
ڪاٿي ڪارائو
[21] ڪمدار ڏٺم
ڪاٿي ناچو ٿي نروار آيا
ڪاٿي عيسيٰ[22]
اُتي دائود[23]
ڏٺم
ڪاٿي ابراهيم
[24] خليل الله ڏٺم
ڪاٿي موسيٰ[25]
ڪليم الله ڏٺم
ڪاٿي احمد علي
[26] اظهار آيا
ڪاٿي عجب هي ادريس[27]
ڏٺم
ڪاٿي يحيٰ[28]
نبي جرجيس[29]
ڏٺم
ڪاٿي حسن حسين[30]
شهيد ڏٺم
ڪاٿي احمد ٿي اعتبار آيا
ڪاٿي صحيح ٻڍل سلطان ڏٺم
ڪاٿي پڙهندا ياد قرآن ڏٺم
ڪاٿي ڳل جڻيان[31]
صنعان[32]
ڏٺم
ڪاٿي يوسف[33]
مصر بازار آيا
7
دلبر ساڏي ديري
[34] آيا، عشق ڪيا
آواز اُتي
نوري نيڻ حضور چايس، رمزن لايا راز اُتي
شمس[35]
قمر تان ڪتيان اري، ٻهون[36]
ڇپايا تاب اُتي
جن ملائڪ حوران پريان، ماڻهو ٿيا مشتاق اُتي
مور مرگهه[37]
ٻيا سهسين پکي، نوڙي پيا ڪن نياز اُتي
رمز لڳي دل راضي پازي، تاڙيون کُليا طاق اُتي
صحيح ٻڍل پڙه ياد هميشہ، ڪلمو محمد پاڪ اُتي
8
هر جا وسندا ڍولڻ يار، آيا بازي بيک
[38] بنائي
ڪڏان ماريس دم منصوري، سوريءَ تي هسوار
اناالحق
[39] ٿو آپ اَلائي
ونحن اقرب
[40] واحد ويجهو، وٿ
نه ڀانئج وار
رڳ رڳ ۾ ٿو رمز رَلائي
هر جا ڪيتس جلوه ذاتي، نور ٿيو نروار
جوش وڌو آهي جبل جلائي
هر جاءِ ٻڍل حق نور نظر ۾، دل ۾ ڪر ديدار
ڪعبو مسجد تو ۾ آهي
9
عشق جهوٽا ڏيندا سبحاني دا
مئن ڀي دؤر پڙهيا دل جاني دا
سهڻا يار ميڏا مشهور هيا
تڏهين روشن زمين بي نور
[41] هيا
اهو منجهه قرآن مذڪور
[42] هيا
الف
[43] ميم حڪم هي
حقاني دا
شمس قمر نٿو تاب جهلي
ابرو[44]
سيف[45]
بيٺا تنهنجا مينگهه[46]
ملي
آهه يار مٺو منهنجو محبوب بلي
پر ٿيا نور نبي ڪي نوراني دا
چشمن ڪوئي جو ديدار ڏٺو
تڏهين راتيان ڏينهان ڪو آرام ڦٽو
اکين نال ڪو يار مٺو
اهو سير ٿيو لامڪاني دا
سمجهه ٻڍل پڙهه قل هو الله[47]
سارو قلب ڪري هادي هو هو الله
مليو يار مٺو ٿيا مڙئي ڀلا
سر تي پوش هيس سلطاني دا
10
سر ميري جڏهن عشق آيا، ويکيم تجلا نور حق
عشق ۾ جيڪي اَچن، اُهي سانگ[48]
سر جو نه رکن
پتنگ پروانه پچن، مرڻ نا تن جو مرڪ[49]
موتوا قبل پئه تون مري، ٻڌ خبر هيءَ تون کري[50]
عشق ٿي اوکو وري، ڪر دؤَر دنيا جا ترڪ
هندو مؤمن ڏٺو سي هڪ، ڪونه ڪو تن ۾ فرق
لنءُ[51]
لڳو تان لعل ٿيا، وحدت سندو واريائون ورق
ورهه واريءَ واٽ تي، قربئون پيا ڪامل
[52] ڪسي
سر ٻڍل صدقو ڪري، وحدت جي واديءَ ٿيا غرق
11
رُخ تيرا سڀ نور دلبر، مئن ويکيا اسرار ڀي
اکيان تيڏيان باز بحري، وچ ڪجل دي ڌار ڀي
نين
[53] زنگي هي ته
ظالم، ابرو هي تلوار ڀي
ڏند تيڏي موتي داڻي، لب هيا سي لعل ڀي
زلف ڪالي هن بشهير
[54] مک
[55] روشن گلزار ڀي
شمس تو شرمائيو، تو جهڙو ڪونهي ڪو ٻيو
ڪريان قمر قربان توتان، سؤ ڀيرا سو وار ڀي
گهر ٻڍل جي گهوٽ آئين، سر ڪري سينگار ڀي
جنهن ڳليءَ مان پير پاتئه، سا ڳلي هٻڪار ڀي
12
هر جاءِ ويکيم حق اظهار، ڇم ڇم ڪرڪي آيا يار
ڪاٿي ملان ڪاٿي قاضي
ڪاٿي رمز رنديءَ ۾ راضي
ڪاٿي ڦرندا مست مجازي
کنيس ملامت سر تي بار
ڪاٿي ناچو ناچ نچيندي
ڪٿ منبر[56]
تي چڙهه ٻانگ ڏيندي
ڪاٿي قاتل قتل ڪريندي
پهري جنگ سندو جنسار
ڪاٿي ميم دا برقه پايس
احدئون آڪي عبد
[57] سڏايس
هر جاءِ اپنا حڪم هلايس
ٻوليون ٻولي لک هزار
سمجهه ٻڍل تون هيءُ سر سارو
نانگا هڻ تون نينهن جو نعرو
تو ۾ آهي پرين پيارو
ونحن اقرب ڪر اعتبار
13
دنيا ڇوڙ ته دلبر ويکين، آهين نور الاهي دا
تو ۾ آهي ذات ظهورو
شملا
[58] چا ٻڌ شاهي دا
وحدت دي وچ گم ٿيءُ غازي
مکڙا
[59] ويکين ماهي دا
هت هت عاشق موجان ماڻين
پي پيالا بقائي
[60] دا
عشق ٻڍل اوکي بازي
سودا ڪري صفائي دا
14
رُخ چمن
[61] تمهارا پيارا
ڏسي ٿيا مست عالم سارا
قمر لڄائي جاني
ٿيون حوران پريون حيراني
وه واه سڄڻ تيري پيشاني
ڇا بجلي ڏي چمڪارا
ڏند لب لعل هي سجن[62]
ڪا
ڪيا هي موتي[63]
عدن ڪا
رُخ هي شمع پريم ڪا
سهڻل گل هزارا
وه واه چشم دي چالي
تيريان ديدان مارن دو نالي
تيري نئنان دي چال نرالي
ابرو عجب نظارا
من هي ٻڍل جو گهائي
جاني جسم جاڳائي
اچي سهڻل حڪم هلائي
هر طرف تيرا نعرا
15
عشق آيا جهوليءَ پايا مئن يار دا
ملي جاني، حقاني اسرار دا
ملي محب مکڻ متوالا[64]
جنهن جام پياريم پيالا
ٿيئڙا نينهن نشا خمار دا
مان روز رئان ني ساريان
ڪوڙين ڪانگ
[65] اڏاريان
ويکان منهن مٺي مختيار دا
جڏان پاتم جانب جهاتي
کليا جان جگر سڀ ڇاتي
ٿيئڙا گلبدن گلزار دا
آکي ٻڍل گڏ پرين هوندين تون
هيءَ نال نماڻي نيندين تون
مان نوڪر ٿيان پيزار
[66] دا
16
لڳي آهه سڄڻ دي لولي، دن رين
[1] دل اُداسي
ويکيم تيڏا نظارا، من مون لٿا مونجهارا
ڪر نظر يار پيارا، ڪنجي آڻي تو کولي
طلب تن کي تايو، سورن سمهڻ وڃايو
پَکي پير منهنجي پايو، وڃان گهوٽ توتئون گهولي
[2]
سڪ سوز ڪئي هان ماندي، هڪ وار ناهيان واندي
پڇان روز تنهنجا پانڌي[3]،
آهيان ڳليءَ ڳليءَ تي ڳولي
سڻ تون ٻڍل جون آنهون، دردئون ڪري ٿو دانهون
ڏي ٻهڳڻ[4]
ٻڏيءَ کي ٻانهون[5]،
سڳ هي جهليو ۾ جهولي
17
درد مچايان ڌڙيان يار، سرتيون سورن سمهڻ وڃايو
الف[6]
اسان نون يار پڙهايا، لام
[7] ڏي مول نه لڙيان
يار
دام ديدن جي ۾ دلڙي ڦاٿي، آءٌ امالڪ اَڙيان يار
عشق خليلي
[8] آڙاهه مچايو، سور
انهيءَ وچ سڙيان يار
يار ٻڍل کي طلب توهانجي، خيال انهيءَ وچ کڙيان يار
18
يار اسان دي گهر آيا هي
جنهن دل دا دور ڪرايا هي
يار اسان دا نور
[9] الاهي
وحدت دي جنهن ڳالهه الائي
ساري اُمت سڀ شڪر ۾ آئي
محمد ضامن ڄايا هي
يار اسان کؤن ڌار نه ٿيندو
نال نماڻي گڏ گڏيندو
ائين اسان کي ڪين ڇڏيندو
بار باريءَ سرچايا هي
يار ٻڍل سان رمز رلائي
پنهنجي اچڻ جي ڪئي ڪا ڀلائي
تنهنجي ملڻ جي آهه سڪ سدائي
پيالا خوب پلايا هي
19
ناز تيڏي دل نهوڙي
من ميڏا مستان آهه
مان ٻانهي تون سائين ميڏا، سر تو تون قربان آهه
تو ڏٺي مانکي عيد ٿي، لک ڀيرا شڪران آهه
تيري ملڻ لئه يار ماندي، هيءَ گهڻو حيران آهه
بلبلي جان بت بيراڳي
[10]، درد دل ديوان
آهه
سر سونهن پوشاڪ تيري، سا موتي مرجان آهه
شمس قمر کي لڄائي، سونهن تيري سبحان آهه
ٻڍل آکي احمد من، رب تي ايمان آهه
جاڏي تاڏي يار جو، نعرو سو نيشان آهه
|