71
عشق جي منزل زور راند ڪرڻ مون چائي
جيئري مري ڪو ميدان ملهائي
چڙه سوريءَ تي ڪر نه ڪو سانگو
آهي اصل کؤن عشق اڻانگو
هيءَ سر گهورڻ گهور، ڪوپا ڏي ڪنڌ ڪپائي
عشق جي بازي جيڪو ئي لڳائي
پرواني جان پاڻ پهچائي
بت ڀڃي
[1] ڪريو ڀور، عاشق
جان جلائي
يار زوراور
[2] زهر جو لاتي
هٿ پريان جي ڪهڻ جي ڪاتي
ماس ڪلهن تؤن ڪور، ڏي تون لڱن تان لاهي
ڏس ٻڍل تون هردم هادي
يار وڇائي ٿو گلن سان گادي
پنهنجي اندر ۾ اور، جانب جهاتڙي پائي
72
جي عاشق ٿئين ته ڇڏ عام کي
وجود مؤن ڏس ڄام کي
لنگهي عام کؤن عاشق ڇٽا
ڪاتيءَ بنا پيا ٿي ڪٺا
في الله ۾ نيئي کتا
محڪم مليا اسلام کي
جيڪي عام کؤن پاسي پيا
تن دل جا درسن[3]
مڙيئي ڪيا
صاف ٿي سمجهي ويا
مردن ڄاتو هڪ مام کي
پٽي عين
[4] ڏس وجود جا
پوءِ دور ڪر محبوب جا
تو وٽ تنبو حبيب جا
روح ۾ تون ڳولج رام کي
رخ تي ٻڍل ريهي اِهو
پيچي پرين جو پيچ
[5] پيو
قالو بليٰ تي قول ڪيو
ياد ڪري انجام کي
73
ڏسي جانب جو جمال
درد ديوانڙي ڪئي هان
جانيءَ ريءَ
[6] جهان ۾
ساعت
[7] ڀانيان سو سال
صدقو يار سڄڻ تؤن
مڏيون هي سڀ سال
قاصد چئج قريب کي
هن هيڻيءَ جو حال
آءُ اڱڻ تان عيد ٿئي
سڻ ٻڍل جو سوال
74
اَچي لڳي توسان ياري، جنهن مون کي باهه برهه جي ٻاري
آهون دانهون سڻ تون مئيءَ جون
دوست ڏجانءِ دلداري
[8]
ڏتڙءِ پيالا محبت والا
نينهن نشو ٿيو خماري
[9]
سور سڄڻ جا ڦٽ چاڪ اندر
رو رو ڪريندي هان زاري
مهر مولا جي ٻاجهه ٻڍل تي
صاحب ڪئي آه ستاري
[10]
75
جتي عاشق هڻندا نعرو
اُتي سرواهن
[11] جو سٽڪارو
شوق شمع تي اچن ٿا ڪاهيون
ڪنڌ ڪلهن کان ڏين ٿا لاهيون
پتنگ پنهنجو پاڻ پچايون
پڙ ۾ ڪن ٿا پسارو
[12]
اڏي عجيبن ڪسڻ جي کوڙي
عاشق ڏين ٿا سر اچي ڊوڙي
مڙن ڪين مڙڻ کؤن
توڙي سر ڏين ٿا سارو
لامڪان
[13] کؤن ٿيڙا نازل
حق تنهين کي آهي وري حاصل
بيشڪ آهن بالله واصل
[14]
عرش ڪن ٿا اوتارو
سمجهه ٻڍل کي چڙهيون فوجان
دم دم دل تي آون اوجان[15]
عاشق ماڻن مرجان موجان
هڻي نينهن نغارو
76
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيو
ديدان دام وجهي ديوان ڪيو
طلب توهان جي ڪا تات اٿم
وائي مٺي ڪا وات اٿم
ڏک تنهنجو ڏينهان رات اٿم
برهه بت ڀڃي بيران
[16] ڪيو
لنؤ لنؤ اندر مان ويٺي لڇان
دم دم دانهون ڪيان پانڌي روز پڇان
بره بار آيا ڪنهن سان ڪين ڪڇان
سورن ساه اندر سامان ڪيو
تنهنجو سور سڄڻ مان ڪنهنکي سليان
بره باهه ٻاري جوش منجهه جلان
طعنا لوڪ ڏئي جهولي[17]
آءٌ ٿي جهليان
هيڻو حال ڏسي ارمان ڪيو
جن اِنسان ملڪ حوران ديو پريون
تجلي تاب تنهنجي چوري ڪيون سي چريون
ڪُٺيون قرب تنهنجي ڪيون ذوق ذريون
موهي ملڪ سارو تو مستان ڪيو
آءُ تون ٻڍل جي ڪول
[18] مٺا
نالي نانءِ الله جي ڪجهه ٻول مٺا
ماڻو محب ڇڏي گهنڊ کول مٺا
توتان جان جسو مان قربان ڪيو
77
يار بنا ٻيو ڪير
گهٽيون گهير ٿو گهمائي
ونحن اقرب[19]
ويجهڙو، تنهن ۾ فرق[20]
نه آهي ڦير
هندو مؤمن هيڪڙو، ناهي ويري
[21] نڪو وير
[22]
وڻ کستوريءَ واسيا، سرها ٿيا سڀ سير
[23]
اڱڻ ٻڍل جي عيد ٿي، پرينءَ پاتو آه پير
[24]
78
سگهو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون
سچ جي سرڪ[25]
صاف وئين ڪا پياريون
تنهنجي سورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان
پائي پاند ڳچيءَ پر
[26] جي پيش پوان
ابرو عاشق تي ڪن ٿا ڪان سنوان
ڏاڍي ڇوه
[27] ڇنڊيون وڙهن
ويچاريون
تنهنجي سڪ ۾ يار سدا ٿي هيءَ سڪي
پروانا
[28] پر ڏي رويون روز
لکي
من ڪي محب اچن ويٺي واٽ تڪي
منهنجي ڦٽن جو تو وٽ دوست دارون[29]
عشق هو ٻڍل کي ٻنڌڻن لاڪون
ڇو محب ڍڪين منهن عجيب اسانکون
روحڙو آه رتو تن هي توهان کؤن
دم نه ٿجانءِ ڌار توڏي ٿا نهاريون
79
اکڙيون عشق حسن ريهي
[30] ريجهايون
روئن روز گهڻو پر
[31] کي پڇايون
لڳو آه عشق حسن ڪندي هان ڪوڪارا
ديميون
[32] ۽ ڌڌڪار نينهن
جا نغارا
محڪم مئي تي آهن يار پيارا
تنهنجي سڄڻ سور تندڙيون
[33] تپايون
تنهنجي عشق حسن فوجان اٿاريون
لڳي آه جنگ جائي اچن خماريون
سيف
[34] نيڻن جي هڻن
اُلاريون
طرحين وجهي تاب وڃي دلڙي گهايون
يار ٻڍل وٽ باغ جوڙي بنايو
کليا گل هزار مصله وڇايو
سر ته آدم جي ائين اَلايو
سيني اندر صاف ڏسو ليئڙو پايون
80
مام[35]
ڏئي دل ماري ٿو
اها عجائب عشق دي چالي
هٿون حيدر شاهه علي جي، پيالا جام پياري ٿو
اناالحق جون ٻوليون ٻولي، سوريءَ سر سينگاري ٿو
مزگان
[36] تير نين
[37] تفنگي، ڌاڙي
خاطر ڌاري ٿو
روز ٻڍل کي رمزان لائي، اولانبا ته اٿاري ٿو
81
مڙد ٿي ميدان ۾، ڏي سر سينگاري يار کي
سر جي دعويٰ ڇوڙ تون
منهن نه مچ کؤن موڙ[38]
تون
جايون جيءَ ۾ جوڙ تون
ڏس دل اندر دلدار کي
الف ڪر الله تون
وٺ پريان جو راه تون
ڇو ٿيو آهين گمراهه تون
ياد ڪر پنهنجي اقرار کي
دل جا پردا کول تون
روح نه ٻئي گهر رول تون
پاڻ ۾ پيهي
[39] ڳول تون
ڏس نوري تجليدار کي
کٽ ٻڍل بازي
[40] اِها
لاهي ڇڏسي لوڪ جا ليا
[41]
خيال وڍ خطرا ٻيا
ڏس سڪ منجهون سردار کي
82
ٻڌو جن شوق جو شملو
[42]
سورهيه سوريءَ سيئي چڙهندا
ڪئي مون تي عشق احساني
دلبر دل مان لڌم جاني
ڪيو سي سير سبحاني
[43]
الحمد
[44] ياد سي پڙهندا
جيڪي لنگهي گام
[45] ٿيا غازي
کٽي تن بره جي بازي
ڪيائون نفس سان تعدي
[46]
اُهي رانديون رڻ
[47] مؤن کٽندا
ٻڍل هيءُ پنڌ ٿي ذر[48]
جو
پسڻ ٿيندو تڏهن پر جو
سانگو
[49] لاهڻ جيڪي سر جو
نعرو اُهي نينهن جو هڻندا
83
من پنهنجي کي مار مار
سر ڏئي سرهو ٿئين تون
من مسيتيون قلب ڪعبه، يار جو دل ۾ ديدار
جي ڏسين جئري مري، تو ۾ وڄي تند تار تار
سر وڍڻ سودو ڪرڻ، اهو عاشقن انجام
[50] يار
اهي ري[51]
ڪاتيءَ ڪٺا وتن، لانگها لنگهي
[52] پيا پار پار
عشق جي ٻڍل چوي، جن کي اديون لوري لڳي
سي سمهي ڪيئن ننڊ ڪنديون، اهي روز روئينديون زار زار
|