سنڌي ڪافيون
سر هير رانجهو
رانجهو رات آيو، موليٰ ملايو
ٿا سير سرها، پرين پير پايو
ويڙهي اسان جي ٿيڙيون واڌايون
من جون مرادون پرور پڄايون
ڏک ڏور ٿيڙا، پنو
[1] روح رايو
آيو اڱڻ مون کليون عشق تاران
دم دم دل ۾ پون ٿيو پچاران
ذڪر ذوق ذاتي جانب جاڳايو
وڻ ٽڻ وسن، ٿيون خوشبوءِ خريدان
ڪل گل کليا ڪيون عالم عيدان
آيو شاهه شافي جنهن اچي بار چايو
مليو ٻڍل کي نبي نور انور
پهري تاج ڪلنگي آيو آهه دلبر
مون تي مهر ڪيائين جنهن منهنڙو ويکايو
2
جيڪا رانجهن رمز رلائي، سا ته عجب ڏسڻ ۾ آئي
راتيان ڏينهان طلب توهانجي، خيال ويو تن کائي
زور اوهان جي نسنگ[2]
نهوڙيو، چشمن[3]
چوٽ چلائي
محبت تنهنجي مچ مچايا، دونهي درد دکائي
روز ازل[4]
کؤن ٻڍل يار کي، هر دم خيال خدائي
3
جيڪا رانجهن رمز رلائي
سا ته ناهي سلڻ دي
ڀر ڀر ماريس تير جگر دا
چشمن چوٽ
[5] چلائي
لڳڙي جنهن نون، خبر تنهين کي
ٻئي کي ڪل نه ڪائي
رانجهن آيا حق جي صورت
ڦردا ويس مٽائي
راتيان ڏينهان روز ٻڍل کي
هردم خيال خدائي
سرائڪي ڪافيون
سر هير رانجهو
1
جنهن دي دم دم دل ۾ وائي
رانجهن رمز رلائي آهه
ڊنبريان
[6] سڻ ڪر ويسان ٻيلي
الله ماهي
[7] دي سانون ميلي
گهور گهوريان مئن سر تون ويلي
عيد ميلاپي جي آئي آهه
نديان تر ڪر مئن پار جو ويسان
نال رانجهو دي ڪول
[8] ٻهيسان
عطر عنبر ۽ مشڪ مليسان
حورن ميندڙي لائي آهه
رخ رانجهن دا نور پيشاني
ڪون ڀانيان مان تنهنجو ثاني
[9]
آءٌ به ٿئڙان تنهنجي ٻانهي
جنهن منهنجي جان جڳائي آهه
ٻڍل آکي رانجهن آيا
محب دليان دا الله ملايا
بيحد ٿئڙم بخت سوايا
الله اُميد پڄائي آهه
2
ميندي رانجهن دي لايو
يار ڀلي ڪري آيو
کيڙي[10]
دي گهر مول نه ويسان
اوهان توڙي سمجهايو
ڪنهن ڏک پارئون ٿيئڙو گداگر
رانجهن
[11] پوش مٽايو
ٻڍل آکي آءٌ انهن جي
پيچ اصل کؤن پايو
3
جنهن جي ميندي اڳي مان لاتي
وڃي دلڙي رانجهن سان ڦاٿي
لنؤ تون ڪانگل ڪڏهن پرين ايندو
ڏي ڪو سنيهو ساٿي
پار درياهون جهوڪ[12]
رانجهن دي
لڪ ڇپ پائيسان مان جهاتي
سور سڄڻ جي ساهه کي ساڙيو
جان ڪنبي جند ڇاتي
آکي ٻڍل مهرئون مليا
ول ڳئي ذات صفاتي
4
موليٰ سانون هڪڙا پيا نظر آوندائين
آوندائين، سو رمز رلاوندائين
اسان رانجهن هڪ ٿيو سي
ڀول
[13] نه ٻيو ڪو
ڀاوندائين
اِهي ڳالهيان وحدت واليان
ڳليءَ ڳليءَ ڪر ڳاوندائين
جاڏي تاڏي سهڻل سائين
باري
[14] آپ بناوندائين
ٻڍل چوي عشق الاهي
سيني اندر سيباوندائين
5
عشق عجب هيا، ڪو رانجهو هير دا وي
رب ميلي وڏي ويلي، سچ سير دا، قسم پير دستگير دا
وي
ڪڏان رانجهو ميڏي پَکي[15]
آيا هي
مئن ته شڪر ڪري سر تي چايا هي
پيڙا دل کي دام زنجير دا وي
ڪڏان نال رانجهو دي اڙي هان مئن
ڪڏان پاس ندي دي کڙي هان مئن
ڪوئي کير پيتم اڪسير[16]
دا وي
ڪڏان يار گداگر گاهي
[17] هي
ڪڏان تخت دا سبحاني هي
ڪڏان پوش ڪيس فقير دا وي
آکي ٻڍل يار پيارا
سانون مل تون محب موچارا
سانون سوز هيا نبي محمد مير دا وي
6
آهيان جيهي مان تيهي رانجهن يار دي
الا مان ته ميهار دي
نال رانجهن دي لاوان مان لڌايان
سرڪ
[18] پيتم اسرار
[19] دي
يار منهنجي جو مٽ نڪو ثاني
سونهن ويکيم سردار دي
رانجهن صاحب صحيح سڃاتم
ديد ويکيم دلدار دي
ٻڍل آکي گل عجائب
آيم بوءِ بهار دي
7
مل مبارڪ ڏيو مون کي جيڏيون، رانجهن رمز رلائي هي
ميان
ڳل ڳچيءَ پاتم ڳانا
لوڪ ماهي دي مارن طعنا
اچي کوڙيم نينهن نشانا
ٻي مت[20]
عشق منجهائي هي ميان
لڄ حيا مان ته شرم سٽيسان
نال رانجهو دي لڳڙي ويسان
لکيل ويٺي امر منيسان
چم خواري من چائي هي ميان
مل سهيليان ڏيو مون کي لاوان
صدق صدق[21]
پنهنجي يار تون جاوان
سرکنڊ[22]
لاڪر سينڌ ڳنڌايان
الله اُميد پڄائي هي ميان
ٻڍل آکي ٻانهي هان گولي
عشق ماهي دي ڏتڙي لولي
اندر ٻاهر يار دي ٻولي
بره سو بانگ پڙهائي هي ميان
8
دل درد تسانڏي ماري، دلبر ڏي دلداري
مئن زهر ڪٽورا پيسان
تنهجي عشق لاتيون هن ليڪان[23]
منهنجون عرش ٻڌيون هي چيخان
مئن روئندي زارون زاري
وئين دل ۾ درد دکائي
وڌو گهور تنهنجيءَ آهه گهائي
ڏنو طلب توهان جي تائي
جلي جان جند ويئي ساري
تو ته باري برهه بڇايا
آڻي محبت مچ مچايا
باري بار برهه دا آيا
اُتي آتش عشق اُٿاري
محب ٻڍل کي مل تون
کول گهونگهٽ اچي کِلُ تون
يار اڱڻ اسان جي ٽل تون
آءٌ هيڪر هوت هزاري
[24]
9
جنهن دل ويکيا نور جمال
سا دل مَستئون مست خيال
مئن رانجهن دي رانجهن ميڏا
ڇوڙيم جهنگ
[25] سيال
صدقي صدقي يار سڄڻ تون
مڏيون خزانا مال
عشق بنا ٻيو پنڌ اجايو
ٻي سڀ ڪوڙي قيل و قال[26]
راتيان ڏينهان روز ٻڍل کي
لائي آهي درد ڌمال
10
رانجهن ويڙهي آيا، ميڏا دانَهه[27]
وي ميان
صدقي صدقي ساه سڄڻ تون
رانجهن آڻي ونجهلي
[28] وڄائي
دل ۾ دلبر ڪا رمز رلائي
هاديءَ هوت ملايا
مئن ته رانجهن دي ٻانهي گولي
يار پڙهائي مٺڙي ٻولي
جانب جادو لايا
رانجهن آئي پاتم جهاتي
دست[29]
ڍولڻ دي ڪسڻ دي ڪاتي
مئن ڀي سيس
[30] نوايا
آڻي ٻڍل کي نينهن نهوڙيو
واسينگن جان وره
[31] وڪوڙيو
دونهان درد دکايا
11
ريجهي رات رانجهو آيو، دلبر اسان ڏي ويڙهي
مينهان چاري سو ٻيلي، آيو پره
[32] دي ويلي
مليا سڄڻ سويلي، کليو بخت سوايو
ٻن پيئي کيڙاندي[33]
ٻولي، مئن هان رانجهن دي گولي
ڏني عشق مٺڙي لولي، نشو نينهن ڏاڍو لايو
شروع ٿيا شادمانا، در در وڳا دماما
پهري يار آيو جاما
[34]، سڀ ساٺ ٿيو
سجايو
ٻڍل چوي هان ٻانهي، مليا سڄڻ حقاني
هينئڙي لٿي حيراني، مطلب مولا پڄايو
12
جادو لڳڙا يار دا
ڳيا هوش عقل ڪم ڪار دا
جادو جانب روز چلايا
ڇم ڇم ڪري ڪي جوڳي آيا
جوڙ ڪيتس جنسار دا
سڪ اندر ۾ سرس سدائي
[35]
دلبر منهنجي دير جو لائي
دل کي دام پيا دلدار دا
وچ سيني صاحب وسندا
دل ٻڍل دي هر هر کسندا
ڪوئي سوز هيا سردار دا
|