سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :10

 

 

سنڌي ڪافيون

 

 

سر عمر مارئي

 

1

حال وڃي هو چونديس تن مارن کي ويهي

تن مارن کي ويهي، منهنجي دلڙي جن ريهي

مان مارن جي آهيان، مارو مٽ هن سي منهنجا

ڪڏهن سيبائن [1] ڪينڪي، ٻن زيور پيا تنهنجا

جيئري وينديس آءٌ شل پکي پنهنجي پيهي

سڪ مارن جي سرس آهه، جهڙ جان بيٺم جهوئي

تن مارن جي سرتيون راه نهاريان روئي

سي ماروئڙا ٿا وسن، آءٌ پري ڪيئن پيئي

ٻڍل آکي تن ريءَ جڳ ۾، آءٌ وري ڪيئن جيان

ڪڍ هيءَ قيد منجهؤن، ڇڏ تون، مڃ هيءَ منٿ ميان

آيس ساهه سيباڻا سيئي


 

 

2

 

تن مارن ريءَ عمر گهاريان، ڪيئن مان گهڙي

گهاريان ڪيئن مان گهڙي، ڀڃ تون قيد ڪڙي

 

ماندي ماڙين ۾ آهيان، ڪستون ڪريان ٿي ڪوڪاران

داغ اباڻا دل تي، هيانءُ ڦٽي ٿيو ڦاران

ڏيل ڀريو آ ڏک سان، ڳوڙها ڳل پيا ڳڙي

جيءَ ۾ جهوري جن جي، تن ڏي شال وڃان

زهر ٿيا هن زيور، ٻانهي پٽ تي ڀڃان

ڏي تون رضا سان رخصت، وڃان پنهنجي لوءِ[2] لڙي

اکڙيون سانوڻ مينهن جان، روئڻ ٻاجهون نه رهن

تن سانگين کي ساريون، نت نت نيڻ وهن

بيوس ٿي هان بند ۾، مئي هان روز رڙي

ٻڍل آکي تن ريءَ، وهڻ وه مون ٿيو

دئونس [3] ٻڌي آهه دردن، ڪهل سو ڪيو

جوش جلايم جيرا، سڪ ۾ ويو ساه سڙي


 

 

3

 

طلب مارن جي آه تات، شل ايندا اباڻا

ٻن ماڙيون، ٻن طول وهاڻا

پيرون چونڊينس پاند ۾

پره ڦٽي پرڀات، پسان پکا پيڪاڻا

ويهڪ جن جي واريءَ تي آ

اٿارن اڌ رات، مانَ ٻڪر ٻاٻاڻا [4]

اڳڙا [5] اباڻن انگ تي

ڏيہ وارن جي آ ڏات، مانکي سيئي سيباڻا

ٻڍل چوي پسان پيڪن کي

وائي[6] اها وات، ڏسان ڏيہ ۾ ڏاڏاڻا

 

4

 

سنگهارن جا سور

جاڳائن ٿا جهٽ جهٽ ۾

اُٺا مينهن ملير تي، ٻيرن ڪيا ٻور

پيرون چونڊينس پٽ پٽ ۾

کڻي آئين کوه تؤن، ٻڌم نه ٻاٻور [7]

چورائي وئين چٽ [8] گهٽ ۾

آءٌ شرع تي سومرا، عمر ڪر نه ڪلور [9]

لوڙه [10] لٽيندءِ لٽ لٽ ۾

ٻن هي هنڌ ٻڍل چوي، ٻن گهٽيون گهر پور

کہ [11] وهڻ کٽ کٽ ۾

5

 

تن مارن جا ميان عمر، سور وڃن ٿا ساڙيون

پسان پيڪن جون پٽ تي، ويڙهيچن جون واڙيون

آءٌ ڪانگ ڪا تن جي، لنءُ هاڻي لات وري

سانگيئڙن جي سڪ ۾، روئندي ڳچ [12] پيا ڳري

دم دم ڪريان ٿي دانهون، ڳوڙها ڳل سي ڳاڙيون

رنجايل جي روح ۾ پل پل پور پون

سانگيئڙن کي ساريون، نت نت نيڻ وهن

بيوس ٿي هان بند ۾، روز ڪريان ٿي راڙيون

تن مارن سان عمر منهنجا نيڻ لڳا

ساه سيبائن ڪينڪي ٻن تنهنجا ويس وڳا

لاکيڻي اٿم لوئي، پٽ ڪريان ڦاڙيون

ٻڍل چوي ٻن پيا، تن ريءَ گهر گهٽيون

جهانگيئڙن سان جهنگ ۾ وڃي پيان خوب کٽيون

ڏوٿيئڙن [13] جي ڏک ۾، مور وڻن نه ماڙيون

 

6

 

عمر ڏي موڪل، ميان

وطن آءٌ وينديس الا، سرتين سان حال ونڊينديس

 

کڙي هيس کوه تي، ڪانه سڻائي ڪل ميان

 

پٽ پهرينديس ڪينڪي، پيڪن جي آهِه پل[14] ميان

 

سهسين[15] منهنجي ساهه ۾، سورن ڪيا اٿم سل ميان

 

ٻڍل چوي ميان سومرا، ڇو جهلين ٿو جهل ميان

 

6

عمر ڏي موڪل، ميان

وطن آءٌ وينديس الا، سرتين سان حال ونڊينديس

 

_ کڙي هيس کوه تي، ڪا نه سڻائي ڪل ميان

 

_ پٽ پهرينديس ڪينڪي، پيڪن جي آههِ پل [16] ميان

 

_ سهسين [17] منهنجي ساهه ۾، سورن ڪيا اٿم سل ميان

 

_ ٻڍل چوي ميان سومرا، ڇو جهلين ٿو جهل ميان


 

7

 

رڻ ۾ پيئڙن رات، عاشق قلم ڪهايا

 

سرڙو ڏنائون سڃ ۾، ان نه هيڙن [18] وات

تال تاس [19] تپايا

 

مينديءَ رتڙن هٿڙا، پره ڦٽيءَ پرڀات

ڳاني ٻڌڙا پئي آيا

 

مڃ ٻڍل امر الله جا، مارو ستاهن رات

گهايل گهورن گهايا

 

8

 

هت اِهوئي حال سانگيئڙا ويٺي ساريان

سور مارن جا ڪنهن کي ڏيکاريان

کٽ جي وهڻ جو مرم [20] ٿو ماري

پٽ پهرڻ جو لقب اسان کي

لوئي اباڻي لال

سرکنڊ سر نه سينگاريان

روز مارن لئه ڪريان ويٺي ريهان

چاڪ چڪن ٿا ڦٽ لک ويهان

ساعت ڀانيان ٿي سال

ڏينهن مان غم ۾ گذاريان

عمر اباڻن ڏانهن قاصد ايندو

کيت [21] سنديون کلي خبران جو ڏيندو

مارو ٿا چارن مال

مان ويٺي تن جي راه نهاريان

ٻڍل چوي ترس نه پيئڙءِ

بيوس آڻي بند جو ڪيڙءِ

هت جيئڻ آه جنجال

ويڙهيچا مان ڪيئن وساريان


 

 

9

 

تن مارن ريءَ عمر، ماندي دل ٿي مري

ماندي دل ٿي مري، ساريون ڳڻ ٿي ڳري

 

محبت منهنجي من ۾، مارن جي آهه سدا

ڪڍي قيد مؤن ڇڏ تون، جئري ڪر نه جدا

دم دم ڪريان ٿي دانهون، ڳوڙهن ڳاٽ ڀري

 

ميخان ماروئڙن جون جان جگر ۾ جڙيون

ٻن تنهنجا بئنسر بولا، ڪينَ وڻن ٿيون ڪڙيون

ليمان ڪاري بندڙا، ويهان ڪيئن ڪري

 

مانکي ماروئڙن جا،پل پل پور پون

ننڊ ناهين ڪا نيڻن، چُران وري چاڪ [22] چڪن

سڪ ۾ ڪريان ٿي سڏڙا، ڏک ۾ ٿو ڏيل [23] ڏري

 

باغ باغيچا بنگلا مور وڻن نا ماڙيون

پسان پيڪن جون پٽ تي ويڙهيچن جون واڙيون

اندر ڏي ٿو اُڌمان ساعت ڪين سري

 

هيڪ جيڏين سان هيڪر، وڃي پنهنجي ماڳ ملان

ڳجهه اندر جون ڳالهيون، سڀيئي سور سلان

عمر اُميدان آهن، وطن تي واڳ وري

 

ڏوٿيئڙا وڃي ڏسنديس، جيءَ گهريا هن جيئي

جالي آيس جن سان، ساه سيباڻا سيئي

چور ڪئي هان چاڪن، ماريس ذوق ذري

 

سبق ٻڍل هيءُ سڪ جو، ڪيئن وساريان ويهي

ڏوٿيئڙن جي ڏک ۾، دهڪي [24] ٿي هيءَ ديهي [25]

درد دکايان دونهان من ۾ ٿو مچ ٻري

10

 

ساه سانگين کي ٿو ساري، روئي وڃايم حال

 

قلم قضا جي ڪوٽ ۾ آنديس

نه ته ڪير گهڙيون هت گهاري

ٻن مڏيون هي مال

درد مارن جي ڪئي ماري دل ماندي

روز ڳاراڻو [26] ٿو ڳاري

جالڻ مون کي جنجال

ريءَ مارن جي ٻن گهر ماڙيون

مونجهه وڌي هان ماري

ساعت ڀانيان سال

ٻڍل چوي پٽ نه پهرينديس

سڀ وينديسانءِ ساڙي

لوئي [27] نه لڄايان پنهنجي لال

 

11

دم دم ياد پون ٿا اباڻا، ٻن هسيون ٻن هار

عمر مانکي ڪين سيباڻا

جهوڪ[28] جهانگين جي پڌر پوٺن ۾

ڪين جالين سي ڪڏهن ڪوٺن ۾

تڙن تي ڪن تنوار

ڀٽن تي جوڙن ڀاڻا [29]

روز مارن لئه جيءُ جکي [30] ٿو

درد جو دل ۾ ڌوڌ دکي ٿو

لونءَ لونءَ ۾ للڪار [31]

سوين مانکي سور ساماڻا

ساعت سانگين ريءَ سال ٿي ڀانيان

ويٺي تن جي واٽ واجهايان

ڌڻي نه ڪندو شال ڌار

ڏسان وڃي ڏيهه ۾ ڏاڏاڻا

ٻڍل چوي هت ڪيئن مان جاليان

سانگيئڙن کي ويٺي روز سنڀاريان

ماريو مارن جي آزار

وڻن ٿا ڪين وهاڻا


 

 

12

 

جن سان جيءَ جڙي جڙي

سي سانگ[32] چڙهي ويم سڄڻا

ويٺي واٽ نهاريان

ڳوڙها ڳل پيا ڳڙي ڳڙي

دل ماندي دانهان ڪري

گهاريان ڪيئن گهڙي گهڙي

اٺئي پهر اٻاڻڪي [33]

ويئي سور انهيءَ ۾ سڙي سڙي

لڳو ٻاڻ [34] ٻڍل چوي

قابو دلڙي ڪڙي ڪڙي


 


[1]. دل کي نٿا وڻن، پسند نٿا پون، منهن نٿا ٺهن.

[2]. جوءِ، ڳوٺ، وسندي

[3]. گوڙ، هل، ڌمچر.

[4]. ابا ڏاڏا، مٽ مائٽ، عزيز، قريب

[5]. ڪپڙي جا ٽڪرا، چتين لڳل ڪپڙا

[6]. ڳالهه، ذڪر.

[7]. ٻاڦور، خبر، سڌ ٻڌ

[8]. جهٽ پٽ، جلدي

[9]. ظلم، ناحق، هاڃو، انڌير، قهر

[10]. لاش پوريندئي، ميت کي مٽي حوالي ڪندئي

[11]. ٻَن.

[12]. ڳوڙها ڳڙڻ، لڙڪ وهڻ

[13]. ڏٿ تي گذران ڪندڙ، مارو ماڻهو.

[14]. جَهلَ، روڪ، منع،پرهيز

[15]. سوين.

[16] جهَلَ، روڪ، منع، پرهيز

[17]  سوين

[18]. بکايل، کاڌي بنا، لنگهڻ تي، فاقي ۾

[19]. اُڃ، اُساٽ، تسو.

[20]. شرم، حياء، لڄ، ليهه

[21]. مارئي جي مڙس جو نالو

[22]. ڦٽ اٿلڻ، زخم تازا ٿيڻ، سور ياد پوڻ

[23]. جسم، سرير، جان، بت

[24]. ڏڪي، لرزي

[25]. جسم، جان، بت، ڏيل.

[26]. ڳرڻ جي حالت، غم، ڏک، درد، تڙپ ۾ ڳرڻ

[27]. لوئي کي ٽڪو نه لائيندس ڪم نه ڪنديس ست سيل سالم رکنديس.

[28]. ويهڪ، ماڳ، ڀاڻو، جوءِ

[29]. وٿاڻ، مال جا هنڌ

[30]. اندر سڙي، جان کي سٽ اچي

[31]. پڪار، دانهن

[32]. ڪنهن سانگي يا سبب ٻاهر سفر تي نڪري ويا

[33]. غمگين، ويڳاڻي، اُداس، دلگير، فڪرمند

[34]. ڪان، تير.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org