ڪافيون
(سنڌي ۽ سرائڪي)
سنڌي ڪافيون
سر ڪلياڻ
آيو اڱڻ منهنجي يار
جند[1]
گهوري آ، نبيءَ جي نانءَ تؤن
اڱڻ آيو عيدان ٿيون
دوست گڏيو دلدار
ويڙهي اسان جي ٿيون واڌايون
[2]
گهٽيءَ گهٽيءَ گلزار
حامي
[3] هميشہ هوت ٻڍل تي
سونهن ڀريو سردار
2
سيد
[4] آڻي پار پهچايو
جيڏيون جانب ڀلي ڪري آيو
خير خوشيون ٿيون ملي واڌائي
روشن ٿيئڙا نور الاهي
پاڪ پيغمبر تي پڳ آئي
هادي حق فرمايو
آهي اسان نون خوف نه ڪوئي
پڙهيو سي ڪلمو ويو ڪفر سڀوئي
محمد ضامن آهي سيد سوئي
سرتاج ٿي سمايو
[5]
رڳان ٻڍل جون تن جون تاران
الف ميم پڙهن اختياران
وچ سيني دي ٿيان باغ بهاران
گلن جوڙ بنايو
3
سيد تي راز ٿيو رب جو
ويو معراج
[6] تي جاني
نڪو سج هو نڪو چنڊ هو، نڪي ڪتيون نڪي تارا
هيو آدم کؤن به اڳهين، نبيءَ[7]
جو نور نوراني
سچي رب پاڪ فرمايو، مينون ڪا بات ٻولايو
سڻايس يار رسول الله، اَتحيات نشاني
حضرت پير اچي حب ۾، قدم سردار جو چايو
پيرن ۾ پير آه پڌرو، قطبي
[8] غوث صمداني
آکي ٻڍل روز ازل کؤن، لڳي مون کي تار[9]
آه حق جي
اتي ديکيا مئن ڀي دلبر، پسي سا پاڪ پيشاني
4
سڪان ٿي ڏينهان رات
سيد تنهنجي سڪ ۾
ڪانگل ڏني آڻي وڌائي، پرهه ڦٽي پرڀات
روز ازل کؤن اصل اسان کي، ڏک پهرايو ڏات
يار ٻڍل وٽ ٿو ٻهڳڻ[10]
ٻولي، سوئي سٻاجهي لات
5
ادا قاصد
[11] وڃي چئجانءِ
منهنجي هيءَ دانهن دلبر کي
سڻي دانهون منهنجون مڃ تون
کڻي خط هيءُ اُي وڃ تون
چوان جيئن مان تيئن چئه تون
سڻي هيءُ سوال سرور کي
منهنجي پارؤن ڪجانءِ زاري
پائي ڳل پاند ڳچيءَ ڳاري
چئجانءِ پرين کي هيءَ خبر ساري
مديني جي مير منور کي
ٻڍل کي سوز ٿو ساڙي
ڳوڙها نت روز ويٺو ڳاڙي
چڪڻ
[12] مون يار اچي
چاڙهي
پوندي شل ٻاجهه پرور کي
6
آءُ ادا قاصد پر ڏهون آئين
مُئي ڏي اچڻ جي هين اڪير؟
اکڙيون امالڪ
[13] اتي وڃي اڙيون
درد سڄڻ جي لاتيون ڌڙيون
نيڻين وهن ٿيون نديون ۽ نير
[14]
تنهنجي ملڻ لئي ڪريان ويٺي حيلا
ڏي ڪو دلاسو ورج وسيلا
تنهنجي اَمن سان ڇٽندا اَسير
[15]
هيانءُ فراقن ڦٽي ڪيو ڦاڪون
نينهن لڳو هو ننڍڙي لاڪون
توڙئون لکي هئي ائين تقدير
هن ته مُئيءَ کي ياد ڪيائون
سَلِ سچي ڪر ڇا ڇا چيائون
ٻول ٻڌائون من ٿئي ساه سڌير[16]
آهي ٻڍل کي سڪ سدائي
اصل اوهان جي وحدت وائي
ماڙ ڪجانءِ اچي محمد مير
7
شافي مرسل
[17] شاهه ميان
تنهنجون سور اندر ۾ ساهه ميان
آءٌ هيڻن جا همراه[18]
ميان
اوکا پنڌ پهاڙ جا
اچي رهبر رسج راه ميان
پوندي ڪن ڪريم جي
هن آسروند جي آه ميان
ناقص هن نڌر تي
اچي نبي نر ڪَج نگاه ميان
ڪر ڪا ٻاجهه ٻڍل چوي
عربي لڳ الله ميان
8
وريو اُمت جو وارو
[19]، آيو نبي
سونهارو
ســــــونـــــهـــــن ســـــــوڀــــــــــارو
در در خوشيون خير جو ٿيڙا
گهٽي گهٽيءَ گلزارو
ملڪ ساري ۾ ٿيو مشهور
نور جنهين جو نعرو
صدقي صدقي ساه سڄڻ تؤن
سر گهوري نيندس سارو
روح ٻڍل جي کي ٿي روشنائي
ويو اندر جو انڌارو
[20]
سنڌي ڪافيون
سريمن ڪلياڻ
1
پير پڙ ۾ پرجهي
[21] پاءِ
عشق ٿي اَوکو ادا
مرد ٿيءُ منصور جيان، کڻي روح رمزن ۾ رچاءِ
لاهي سانگا ساه جا، سوريءَ تي کڻي سر نواءِ
وحدت واري واٽ تي، پئُه مام ۾ مانجهي مري
سؤ لڱين صدقو ڪري، اِهو سر کڻي گهوري گهماءِ
پيءُ پيالو پرت مؤن، وحدت اندر وکڙي وڌاءِ
آءُ چلي چوگان ۾، پوءِ ڪات کان ڪنڌ نا ڪڍاءِ
الف سان اُجرو ڪري، کڻي جسم پنهنجي کي جڳاءِ
ذڪر ذاتي ذوق جو، کڻي دل اندر دونهون دکاءِ
ناتي نوايا جيڪي نينهن جي، آ سڌ ٻڍل تن کي سڄي
سنگت تي سامين[22]
سندي، پنڌڙا ڪري پل پل پڇاءِ
2
تنهنجي عشق ڏني آهي مٺي مانکي لولي
ور محب مئيءَ جا سچا ڪر ڪا سولي
جان تان مُئيءَ ۾ لک ٿي مدايون[23]
آئي هان اوهان ڏي، پاند ۾ پايون
پنهنجي اچڻ جون ڏي ڪي واڌايون
تنهنجي ملڻ ڪاڻ ڳلين تي ڳولي
تنهنجون محب مياريون منهن گهڻا مانڏي
پرين پاڻ سڃاڻ ڏس نه اسان ڏي
هيءُ ساه اٿم ساڻ دلڙي توهان ڏي
اَڻ تڻ[24]
اندر ۾ پسان پاڪ ٽولي
اسان تي اچڻ جي ڪر ڪا ستاري[25]
تنهنجن دوست دردن جند هيءَ ڳاري
روئي ٿي روز گهڻو وس نه ويچاري
اٺئي پهر اندر ۾ هنئڙي ۾ هولي
هن تان ٻڍل کي سورن سيکاريو
تنهنجي عشق عجيب آڻي اُٿاريو
تڳان ٿي تنهنجي تار سگ[26]
نه وساريو
اصلئون اوهان سان ٻانهپ جي ٻولي
3
جڏهين نينهن ٿي ڍولڻ لايو
ڏسڻ مونکي خواب ٿي آيو
صفا ٿي جان هيءَ ساري
کليو آهه چنڊ چوڌاري
اچي ٿيو يار اعتباري
اڱڻ مهتاب
[27] ٿي آيو
پيتي سي سرڪ ڪا سچ جي
لڳي آڻي آگ ڪا اڳ جي
هڻي ويو ميخ محبت جي
اديون منهنجو آب ٿي آيو
ڏٺو سي دوست پنهنجو دلبر
صورت جو صاف هو سرور
لنگهائيندو پار مون پرور
اُمت جو ارباب
[28] ٿي آيو
ٻڍل هن خيال ۾ خوش ٿيءُ
لنگهي وڃي مرد ٿي مئي[29]
پيءُ
پتنگ پڙ ۾ سڙي سچ ٿيءُ
سيني ۾ ثواب ٿي آيو
4
اڳ نه سونهين هيس سور جي واقف
محبت مچ مچايو آه
قدرت تون قربان وڃان مان
مالڪ ملڪ بنايو آه
شڪر ڏٺو سي جيئري جاني
آل نبي
[30] گهر آيو آه
عشق ٻڍل کي ڪئي اثباتي
رمزن روحڙو رچايو آه
5
عاشق اچن سر سٽيون
تن من ۾ تار لڳي جن کي
من پنهنجو مدعي مارون،جوان ڏيئي جنگ جهٽيون
منجهه ميدان ٿا مرڪن مانجهي، بره جي بازي کٽيون
روئڻ ريت آه راحت جن جي، قرب هاديءَ جي ڪٺيون
لوڪ ساري جا جهيڙا جٺيون، سور وارن سر سٺيون
دل جون تاران دوست پنهنجي ڏي، هرگز ڪين هٽيون
منجهه نشي مخمور ڦرن ٿيون، پين وحدت واريون وٽيون
رهبر مرشد راه ٻڍل کي، گهير لنگهايون گهٽيون
شافي آه محمد شاهه اسان جو، ويندو وڳر سڀ وٺيون
6
کٽي راند رڻ مان ساري، ڏسون ٿا
بره جي اصل بات ٻاري، ڏسون ٿا
محبت جي مچ ۾، پتنگ جان پچن ٿا
ڪري ساه صدقي قربئون سي ڪن ٿا
عجب هاج[31]
تن جي سونهاري، ڏسون ٿا
ڪيو معراج مردن، مٿون نوڪ نيزن
اصل کان انجامي، هيا ساڻ عجيبن
ايها پرينءَ جي پرت پياري، ڏسون ٿا
حڪم سان هليو هوت، قربئون ڪسڻ تي
ٻُڌي نينهن نوبت
[32] مڙيو نا مڻ تي
عشق جي اها ذات نياري[33]،
ڏسون ٿا
عجب راز سان ٿي، رندن روح ريجهايو
ملي هوت هيڪر پڌر پير پايو
ٻڍل ٻاجهه ٻهڳڻ ٻاجهاري، ڏسون ٿا
7
دونهان روز دل ۾ هزارين دکن ٿا
ڏاڍو عشق ايذاءُ، عضوا ڏکن ٿا
ڌوڌڙا دکائي وئين، مچڙا مچائي وئين
گهايل
[34] دل کي گهائي
وئين، گوندر
[35] گهٽن ٿا
اندر کورو[36]
ٿو کامي
[37]، ڪڏهن ڪين
اجهامي
[38]
سڀيئي عيب مون ۾، سي جيءَ ۾ جکن ٿا
ٻڍل چوي مان جن جي، ٻانهي هان توڙئون تن جي
اچي سڄڻ منهن ڏيکاريو، منهنجا نيڻ سڪن ٿا
8
عشق ڪري آيو جلوو جنگي
ٿيو هوش عقل حيران
عشق وارن جا پنڌ پرانهون
[39]
اوري دين ايمان
نه مئن سني، نه مئَن شيعا
نه مئن مسلمان
عشق اساندا ڪعبه قبلا
عشق دا اعليٰ شان
عشق ٻڍل چئي اُتي پهچائي
جاتي مڙدن جا ميخان
[40]
9
عشق وڃايو حجاب
[41]
ڦٽ ڦڪري آهه ڏاج منهنجو
ڳالهيون ڳڻ سڄڻ جا ڳايان
حال اندر جو ڪين ٻڌايان
آيا شوق شتاب
[42]
رند[43]
ڪي سمجهن راز منهنجو
باري بار برهه جو آيم
بسم الله ڪري سر چايم
آيا نينهن نواب
طعنا تهمت آهه لاڳ منهنجو
لڪ لنگهي جڏهين پار پياسي
ملڪ اُنهيءَ ۾ اتي وياسي
ڪونهي ڏوهه ثواب
عرش اوتارو آهه ماڳ منهنجو
ٻڍل محبت ۾ جيڪي مُٺيون
[44]
سر تي سهنديون جهيڙا جُٺيون
برهه وارن جو آهه باب
سرتيون سور سهاڳ
[45] منهنجو
10
درد بنا ٻيو سمجهي ڪير
اُلٽي
[46] بازي عشق جي آهي
باهه بره جي ڏي ٿي ڀڙڪا
مچ ۾ گهري ڪو مرد مٿير
هيءُ تان ڪار ڪسڻ جي آهي
راند کٽي ڪو شير دلير
جيئري جان جلائي پنهنجي
پوءِ پائي هن پڙ ۾ ڪو پير
سمجهه ٻڍل هن ڳالهه ڳجهيءَ جو
لاهوتي ڪو لَهندو ڀير
[47]
11
ٻي کي ڪين سڻائڻ سور
عاشق محبت ۾ مخمور
لڳڙو جن کي نينهن نرالو
پيتائون پرت پيالو
ٿيا هڪ چڪي ۾ چور
اَلف اندر ۾ ڪين اُجارو
اُڀريو سج حقيقت وارو
ٿيا نسورو نور
قلب ڪعبو جن جو آهي
ٻي دَر ويندا ڪهڙي ڪاهي
ڪن ٿا هردم حج حضور
يار ٻڍل کي رمز
[48] رلائي
رهبر مرشد راه بتائي
ٿيو راضي رب غفور
[49]
12
اڄ سڄڻ مون کي عيد ٿي، جڏهن يار جا ديدار ٿيا
پُر پيالو وئين ڏئي، دل ديواني جنهن ڪئي
کلي عين پيون اکڙيون ٻئي، گلبدن
[50] گلزار ٿيا
سينو صفا سڀ صاف ٿيو، تنهن ذڪر الله ٿيو
رڳ رڳ اُتي پرواز پيو، غير مڙيئي سڀ گار ٿيا
مئن ڏٺا مهتاب ها، تجلي تکي ڏاڍا تاب ها
شافع
[51] نبي سرتاج ها،
ساڻي سچا سردار ٿيا
سڻ ٻڍل سر گهور تون، بت ڀڃي ڪر ڀور تون
مرد نا منهن موڙ تون، سر صدقي سؤ وار ٿيا
13
جن نينهن جا نڪتا
[52] پڙهيا
سي پور پهرين وڃي چڙهيا
نينهن جو نعرو هڻي
ويا برهه جي بازي کڻي
سڪ ساهه ۾ هيئڙن گهڻي
سي عام ۾ هت نا آڙيا
جوان پيا جئري مري
کولي ڏٺائون دل جي دري
سرها ٿيا سڪ ۾ وري
تن جا جيءَ جانب سان جڙيا
جن کي لڳي لنؤ يار جي
وسري وين ڪم ڪار جي
طلب هين سردار جي
سي لام ٻيءَ ڏي نا لڙيا
سڻ ٻڍل سي سور ۾
پل پل پرين جي پور ۾
ماندا
[53] انهيءَ مذڪور
[54] ۾
سي سوز ۾ سارا سڙيا
14
اَڻانگو عشق آه اوکو
هزارين مرد ماري ٿو
ڏيئي منصور جان مستي
پياري جام ٿو دستي
[55]
وسائي دل سندي وستي
مُئي جندڙي
[56] جياري ٿو
نوان نشان ٿو کوڙي
جايون اچي جيءَ ۾ جوڙي
خوديءَ جا خيال ٿو ٽوڙي
جڏهن منهنڙو ڏيکاري ٿو
لائي محبت سنديون موڪان
[57]
وڃائي غير ڏيئي چوڪان
بنائي جيءَ اندر جهوڪان
[58]
سبق سورن جا سيکاري ٿو
ٻڍل لنؤ عشق لاتي
پائي ويو يار ڪا جهاتي
اندر ٻاهر ذڪر ذاتي
تن من ۾ تنواري ٿو
15
ڇڏي دنيا کي بي سر ٿيءُ
دري ڏس دل واري کولي
سڃاڻج سر هيءُ سارو
لاهي ڇڏ مرد مونجهارو
[59]
وسائج ديس دل وارو
لهي وٺ لعل
[60] کي ڳولي
دنيا جي ڇوڙ تون دعويٰ
ڀڃي ڇڏ غير جا ڪاوا
اڳيون چوندءِ سڄڻ وه وا
سونهين منجهه پاڪ جي ٽولي
مري ڏس در دلبر جو
سچي رب پاڪ پرور جو
تو ۾ آهي نور اَنور جو
سارو اِسرار
[61] اندر چولي
چوي ٻڍل مان ڇا آهيان
ڳالهيون ڳڻ
[62] يار جا ڳايان
آهي دلبر مان ناهيان
ٻولي اها يار ٿو ٻولي
16
منصوري اها مام،
عاشق ٻاجهون[63]،
ٻيو ڪير سمجهي؟
خيال خوديءَ جا عاشق ٽوڙن
مرڻ ڪنون سي منهن نه موڙن
ڪسي ٿين قتلام
وڃن ڪلالين
[64] ڪامل ڪاهي
ڪنڌ ڪلهن کؤن لاشڪ[65]
لاهي
جُنگ پين ٿا جام
محبت واري موج ٿا ماڻن
هر جاءِ حق جي ذات سڃاڻن
ڀڃي دئُيءَ وارا دام
[66]
صدقي ساه ڪرن قرباني
فڪر انهيءَ ۾ ٿين ٿا فاني
ٻڌا آ ڌوتن
[67] انجام
سوريءَ تي ڪن نه سر جو سانگو
نينهن ٻڍل ٿي نسنگ[68]
نانگو
ٻيا ڇا ڄاڻن عام
17
ڏاڍو عشق عجب رنگ لايو تو
لايو شور مچايو تو
ڪاڻ پنهل جي سر سسئيءَ جو، روهن منجهه رلايو تو
شاهه منصور جي چولي اندر، اَناالحق اَلايو
[69] تو
هير جي خاطر شاهه رانجهن جو، نيڻين نير وهايو تو
شيخ[70]
صنعان جهڙا عالم عابد، تن جو هوش گنوايو تو
حسن حسين جهڙو شير بهادر، ڪربل منجهه ڪهايو تو
ليليٰ خاطر مجن
[71] ديوانو، ولين
منجهه ويڙهايو تو
ٻنڌڻن لاڪر يار ٻڍل کي، جانب جام پلايو تو
18
سمجهه سر سهي ڪر يار
اَٿي اندر ۾ اسرار
جو دم جيوين رهج فڪر ۾
ذاتي واري ذوق ذڪر ۾
ٻڌ ڇاتيءَ ۾ ڇمڪار
بانڪا کيڏ تون بره جي بازي
پاڻ وڃائج گم ٿي غازي
[72]
ڪر ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار
ويهي ائٽ
[73] اَندر ۾ اورج
راتيان ڏينهان چرخو چورج
قلبيءَ جي ڪوڪار
آه ٻڍل کي عشق اول کؤن
رمز لڳي ٿس روز ازل کؤن
سرڪي صاف ڏني سردار
19
عشق عجب اِسرار ڏٺم، بره جو باري بار ڏٺم
مجني کي لنؤ ليليءَ لاتئي
روئندا زارون زار ڏٺم
منصور کي ڪنهن محبت ماريو
سوليءَ تي هسوار
[74] ڏٺم
صوفيءَ جو سر نيزي چاڙهيئون
سامي سخن سچار ڏٺم
يار ٻڍل جي ڪول هميشہ
دم دم جو ديدار ڏٺم
20
اَوکو عشق اَديون آفات[75]
آهي
هيءَ راند رڻ مؤن مري ڪو ملهائي
لنؤ لنؤ ۾ لوري لڳي آه جن کي
هيءَ سڌ ته ساري خبر آه تن کي
لاهوتي لنگهي ويا، وکڙي وڌائي
اهڙو عشق آهي، ٿو رمزان رلائي
لکين مرد مانجهي ٿو خوني کپائي
هڻي نينهن پوءِ ٿو ڪونتل[76]
ڪڏائي
نظر سان نهوڙي وڃي ٿو وڪوڙي
موٽي مرڻ کؤن منهن ڪين موڙي
آڻيو اَڏيءَ تي، ٿو ڪوپا ڪهائي
دلڙي کسي ويو، پائي يار جهاتي
اصل ٻڍل کي آهي ذوق ذاتي
دکن درد دونهان، مچ ويو مچائي
21
سوريءَ تي چڙهي سر ڏي
دوست ڏسين دلبر يار
پيهي پس پکي مؤن، سونهن ڀريو سرور يار
محبت تنهنجي من ۾، تون ڏورج ڪين ڏونگر يار
موتوا قبل
[77] مر تون، حج پڙهي
اڪبر يار
حامي ٻڍل سان هوت ٿيو، آرياڻي
[78] انور يار
22
محبت واري مام[79]
سرتيون، مرد گهڻا مخمور ڪيا
سوريءَ تي ڪن سانگ نه عاشق، ڪيئي ٿين قتلام
بار برهه جو بيشڪ باري، غازي کڻندا گام
الف جنهين کي آه اندر ۾، ٻيءَ نه لڙندا[80]
لام
ڪڏهن وسارين ڪينڪي، اَلستي انجام
رمز ٻڍل جو روح ريجهايو، جهڙ جان ڏيئي جام
23
تنهنجي اکڙين جي اسرار، هزارين حيران ڪيا
پير پيغمبر شاهه سڪندر[81]،
ڪامل ڪلنگي دار
موهي مستان ڪيا
انهن ڪجلين ڪيئي گهايا، ابروءَ[82]
جي جهلڪار
ڌتاري ديوان ڪيا
عشق مجني کي بر ۾ بيهاريو، ولين ڪيس ولهار
گوندر گهمسان[83]
ڪيا
عشق ٻڍل ٿي اوکو اڻانگو، درد لايا ڌڌڪار
سورن سامان ڪيا
24
جنهن ڪون لڳڙي چوٽ نيڻاندي
سا مست ڦري دل ماندي
راتيان ڏينهان طلب توهان جي
وار
[84] ناهيان هڪ واندي
عشق سڄڻ جي آتش
[85] ٻاري
هنئڙي منجهه هيڪاندي
سور انهيءَ جي سڌ سائي ڄاڻي
جيڪا عشق اَري
[86] ۾ آندي
اڱڻ ٻڍي جي تي يار ايندو
ڏيندس ٻانهن سيراندي
[87]
25
حسن هر جاءِ هاديءَ جو، نظر ۾ نور آيو سي
کڙا هي يار اندر چولي، گفتا غيب پيو ٻولي
ديدان هي دل جون کولي، عجب ديدار پايوسي
جاڏي تاڏي ڏسان جاني، پسي سو پاڪ پيشاني
پهري آيو پوش سلطاني، جنهنجي گهور گهايوسي
لڪي ليئڙو پاتائين، لکيو پنهنجو قول ڪيائين
”الانسان سري[88]“
چيائين، واعدي خوش ڪرايوسي
ٻڍل جي ڪول ڀي دلبر، وسي ويجهو ونحن اقرب[89]
مدد موليٰ سچو سرور، سيني ۾ يار سمايوسي
26
هميشہ يار جي حب رک، ڇڏي ڏي حرص[90]
حيراني
نانگا هڻ نينهن جو نعرو، لاهي ڇڏ لوڪ جو لارو
سيني ۾ سير ٿي سارو، تجلو نور نوراني
پڇن ٿا پنڌ جي پر جا، سانگا تن کي ناهن سر جا
پين ٿا جام ڪوثر
[91] جا، لنگهي ٿيا
لعل لاثاني
وڃائج وقت نا ويهي، اُٿي تون جاڳ پرڏيهي
هتئون هليا ويا ڪيئي، سڪندر شاهه سلطاني
ٻڍل سوريءَ سر سٽجي، پوئتي پير نا هٽجي
ڏيئي سر هي سر کٽجي، رسي پوءِ فيض[92]
رحماني
27
پنهنجو ڳولي ڏس تون پاڻ، آدم ڪوٺائين تون
رنگ الاهي آهين تون
تو ۾ ڪعبو تو ۾ قبلو، ذات مون ذات جاڳائين تون
بڻيا باغ نه دل جي اندر، هردم حڪم هلائين تون
دلدل[93]
وانگي بت بنايئي، تنهن کي آپ نچائين تون
ونحن اقرب آپ آلايئه، هڻ ڪيون پاڻ لڪائين تون
پاڻ گهمائين پاڻ گهتائين، بازي آپ بنائين تون
سوريءَ تي منصور[94]
چڙهائين، اناالحق الائين تون
ٻڍل آکي هر مظهر[95]
دي وچ، آپي رنگ رلائين تون
آپي ملان آپي قاضي، آپي درس[96]
پڙهيائين تون
28
حسن بازار ۾ هر دم، ڪسڻ جي ڪار آ يارو
بره جي باهه ٿي ڀڙڪي، جلائن جا صوفي سڙڪي
ڪوڙا موٽيا پهرين دڙڪي، سچن هنيون نينهن جو نعرو
مڙن اُهي ڪين مردانا، سوين سر تي سهن طعنا
ڪيا هن ديد ديوانا، ڏسڻ سان سير ٿي سارو
قاتل پيار روز ڪوڪارين، لکين پيا مام سان مارين
جگر جو خون پيا هارين، ڪري جتي سيف[97]
سٽڪارو
ٻڍل سڻ مام محبت جي، وٺي وڃ واٽ وحدت جي
سرڪي[98]
پيءُ صاف صحبت جي، لاهي ڇڏ لوڪ جو لاڙو
29
عشق اُڏامي ويئون
دل جون دم دم
[99] پڪارون پڪارون
عشق اوهانجي هيءُ حال ڪئڙو
هوش عقل سارو گم جو ٿيئڙو
لهي
[100] ويئون لوڪ
ميارون ميارون
اهان ڇو ٿيون چوريو منهنجا چاڪ[101]
چڪن ٿا
دل جي اندر دونهان روز دکن ٿا
ڏاڍي محبت مارون مارون
درد منجهارون دل دانهون جو ڪئڙو
عرش عظيم کؤن لنگهي پار جو پئڙو
ياد ٻڍل جون اُڇنگارون
[102] اُڇنگارون
30
عشق جڏهن لنؤ لائي ٿو
ننگ
[103] ناموس وڃائي ٿو
لنؤ لنؤ اندر لوري لائي، متيون
[104] سڀ منجهائي ٿو
چوريءَ چوريءَ چوڪان[105]
ماري، خون جگر جو کائي ٿو
ٿي منصور سوليءَ اُتي، اناالحق الائي ٿو
عشاقن کي آڻي اندر ۾، قرب جا ڪات[106]
وهائي ٿو
درد وارا تان دفتر کولي، سڪ جا سبق پڙهائي ٿو
الف ڪيا آواز اندر ۾، ٻولين يار ٻڌائي ٿو
لکين لوڪ ڏئي پيو طعنا، نوبت[107]
نينهن وڄائي ٿو
مارزگا
[108] رک شرط شاهانا،
هر جا حڪم هلائي ٿو
وچ ميدان محبت والي، ڪوپو ڪنڌ ڪپائي ٿو
مرڻ ڪنون تان مول نه مڙندا، پير پرت ۾ پائي ٿو
يار ٻڍل کي راتيان ڏينهان، جيءَ ۾ جوش جڳائي ٿو
مرشد ميرا حق جي صورت، رهبر راه بتائي ٿو
31
هُو هُو
[109] هل مچايو آهه
لنؤ لنؤ دي وچ لاتِ اِهائي
جاڏي ڏسان تاڏي يار جو ديرو
صورت وچ سمايو آهه
ونحن اقرب
[110] دائم دل ۾
هاديءَ حق فرمايو آهه
عشق جي آتش بدن ۾ ڀڙڪي
دردن ڌوڌ دکايو آهه
رمز رنديءَ جو راهه ٻڍل کي
پير مغان
[111] پرجهايو آهه
32
عشق الاهي عقاب
[112]
سڪ پڙهايو آهه برهه جو بابا
سڪ زليخا
[113] يوسف
[114] ساماڻو
ماڳ مومل جي رسيو وڃي راڻو
سهڻيءَ ميهر لئه وسايو ڀاڻو
[115]
محب مليس مهتاب
[116]
سڪ شيرين فرهاد
[117] پڪاريو
محبت ليليءَ مجنون ماريو
سڪ سسئيءَ کي ڏونگر ڏيکاريو
پنهل جو نينهن نواب
تخت هزاري جو صاحب زادو
هير کي هت اِرادي آندو
مارئيءَ کي ڪئڙو ڪوٽن ماندو
عمر جي سر تي عذاب
سڪ ڏيکاريو سوئي ميخانو
شوق شراب ڪيو مستانو
ٻڍل دم جو درياءُ
[118] ديوانو
سر ڏيڻ آهه ثواب
33
درد مچايون ڌڙيون
[119]
اکيون اڙيون، قابو ڪڙيون
اکڙيون بحري
[120] باز جن
لاشڪ
[121] آڻي لڙيون
سک ٿي سُمهيون ڪينڪي
سور اِنهيءَ ۾ سڙيون
لنؤ لنؤ منجهه لڳي ويئون
ميخان محبت مڙهيون
سڪ جا سانڀر روز ٻڍل کي
چڻڪن جيئن چڙيون
34
عاشق ٿئين ته اچ يار
سر ڏي سوريءَ سنڀري
محبت جي ميدان ۾، پرواني
[122] جان پچ يار
لاهي سانگا[123]
ساهه جا، رمز[124]
انهيءَ ۾ رچ يار
مڙد مڙندا ڪينڪي، سالڪ چوندا سچ يار
روز ٻڍل جي روح ۾، محبت ٻاريو مچ يار
35
جيڪي هن عشق ۾ ايندا
سوريءَ تي سر سدا ڏيندا
مٿي سوريءَ عاشق آيا
انهن اَکڙين ڪيئي گهايا
ملهي
[125] ميدان ۾ آيا
منصور جيان موت ۾ ايندا
ڪٺا سي قرب جي ڪاتي
ڪپائن جان جند ڇاتي
جن کي لنؤ ڍولڻ لاتي
اُهي سر گهور گهوريندا
اچن ٿا پير اڳي پايون
ڏاڍيءَ ڪنهن ڪست[126]
مون ڪاهيون
ڪوپا ڏين ڪنڌڙو ڪپايون
اُهي گڏ يار سان هوندا
ٻڍل جئري ڏسي جاني
ڪهي ڪر جند قرباني
ٿيءُ في الله
[127] ۾ فاني
پرين توکي پاڻ سان نيندا
36
دلبر ديد ڏيکاري وهه واهه
برهه لائي بهاري وهه واهه
نظر ساڻ سي نين
[128] نهوڙي
مزگان
[129] تير کپائن کوڙي
وچ ميدان ڪڏائن گهوڙي
حملا ڪري هزاري وهه واهه
چشمن چور ڪئي دل چوري
سڪ وارا تان سڳڙا سوري
هيءُ سر صدقي يار تون گهوري
جان جسو جند ساري وهه واهه
بره بيراڳي هي من ڪيتم
هوش عقل جنهن سارا نيتم
هٿئون جام حيدر
[130] دي پيتم
نشو خود خماري وهه واهه
عشق ٻڍل ٿي اؤکو اڻانگو
عاشق رک نه سر جو سانگو
لا وارو تون لنگهي پئُه لانگهو
مرشد مام
[131] سيکاري وهه
واهه
|