باب ستون
سنڌي آزاد نظم
جو مستقبل
زندگيءَ جا مسئلا اڄڪلهه ايترا ته پيچيدا ٿي
چڪا آهن جو شاعر جي احساس ۽ فڪر جي دنيا ۾ به
زبردست مونجهارا پيدا ٿي پيا آهن. شعر ۽ ادب،
زندگيءَ جي تبديلين سان ٻڌل آهن؛ انهن کي زندگيءَ
سان گڏوگڏ وک وڌائڻي آهي – ٻيءَ حالت ۾ ، جمود ۽
موت آهي.
زندگيءَ جي رفتار اڄ ڪيڏي نه تيز آهي !
سڄيءَ دنيا جا شاعر زندگيءَ سان شرط پڄائڻ جي
ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، شاعر لاءِ فقط
ٻه رستا آهن: هڪڙو هيءُ ته هو آسپاس جي ماحول کان
اکيون ٻوٽي، بيخبر بنجي، پنهنجي اندر ۾ ٽٻي هڻي
ويهي رهي، ۽ ڪو به اظهار نه ڪري. اهو شاعر جو موت
آهي، بلڪ انساني جذبي ۽ احساس جي گمشدگي آهي. ٻيو
رستو هي آهي ته هو زندگيءَ جي نت نون مسئلن جي
شعور کي پنهنجيءَ تخليق ۾ سمائڻ لاءِ، اظهار ۽
بيان جي دنيا ۾ وسعت پيدا ڪري.
ائين ڪرڻ لاءِ کيس فڪر ۽ خيال جا نوان ميدان
آباد ڪرڻا پوندا، جيڪي سندس مطلب کي ادا ڪري سگهن.
کيس نوان اصطلاح، نيون علامتون ۽ نوان اسلوب تخليق
ڪرڻا پوندا. کيس ڪي عزيز ترين روايتون به ترڪ
ڪرڻيون پونديون، جيڪي سندس ”وسعتِ بيان“ ۾ رڪاوٽ
بنجن. گهڻو اڳ ”غالب“ چيو هو:
”ڪڇهه اور چاهئه وسعت مري بيان که لئه“
پر بيان جي ”وسعت“ جي اِها طلب، اڄ دنيا جي
هر شاعر جي تقاضا بنجي ويئي آهي. ”آزاد نظم“ فن جي
انهيءَ تقاضا جي پيدائش آهي، جيڪا مغربي ملڪن ۾
گهڻو اڳ محسوس ڪئي ويئي، ۽ مشرق ۾ ان جي ضرورت
پيدا ٿي رهي آهي.
سنڌيءَ ۾ ”آزاد نظم“ جي عمر تمام مختصر آهي.
ورهاڱي کان ڏهاڪو کن سال اڳ، غالباً سوڀراج
”فانيءَ“ پهريون سنڌي آزاد نظم لکيو، جيڪو ان وقت
”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپيو. اهو جديد شاعريءَ ۾ مختلف
نين صنفن ۾ تجربن جو دور هو. ڪراچيءَ جي ڊي. جي.
سنڌ ڪاليج ۾ طالبعلميءَ جي دور ۾ اياز، شيخ راز،
نارائڻ شيام ۽ ڪن ٻين جي دوستاڻي گروهه سانيٽ، بنا
قافئي نظم، آزاد نظم، گيت، ۽ پابند جديد نظم جا
تجربا شروع ڪيا. اهو مغربي شاعريءَ جي مطالعي ۽
اڙدو شاعريءَ ۾ ان جي تحريڪ جو اثر هو. شيخ راز
گهڻا آزاد نظم لکيا، ۽ اياز ٻين مختلف صنفن تي به
ڌيان ڏنو.
آزاد نظم جو اُهو شروعاتي دور هو، جيڪو غير
محسوس نموني گذريو، ۽ ٻين شاعرن ان طرف ڪو به ڌيان
ڪو نه ڏنو.
١٩٥٥ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ رسالي جي
ٻيهر شايع ٿيڻ سان اديبن ۽ شاعرن ۾ لکڻ جو چاهه
وڌيو ته ٻين صنفن سان گڏ آزاد نظم به اچڻ لڳا.
”مهراڻ، جي ترتيب صنفن جي الڳ الڳ حصي موجب هجڻ
ڪري، شاعرن جو هر ڪنهن صنف تي ڌيان ويو. هر ڪنهن
اشاعت ۾ گهڻو ڪري، هڪ اڌ آزاد نظم ڇپبو رهيو، جنهن
۾ شيخ اياز، شيخ راز، سراج، بردي سنڌي ۽ سڳن آهوجا
مکيه بهرو ورتو. ان کان پوءِ ڪيترائي ٻيا شاعر به
پيدا ٿي پيا، ۽ آزاد نظم جو چلتو وڌڻ لڳو. تان جو
هن وقت آزاد نظم ايتريءَ حد تائين نمايان ٿي سگهيو
آهي جو ان جي موجودگي سنڌي شاعريءَ ۾ محسوس ٿيڻ
لڳي آهي. هن وقت سنڌ ۽ ڀارت ۾ تمام گهڻا شاعر آزاد
نظم ۾ تجربا ڪري رهيا آهن، جن مان مکيه هي آهن:
امداد حسيني، گوورڌن محبوباڻي، نعيم دريشاڻي، شيخ
راز، هما، تنوير، قمر شهباز، واسديو نرمل، تاج
بلوچ، ارجن شاد، سروپ شاد، پروانو ڀٽي، سڳن آهوجا،
وغيره.
هڪ وڌندڙ صنف جي صورت ۾ نمايان ٿيڻ بعد،
”مهراڻ“ کان علاوه، آزاد نظم هن وقت هند ۽ سنڌ جا
سڀئي رسالا ۽ اخبارن جا ادبي پرچا شايع ڪري رهيا
آهن. ان طرح هن صنف کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پختگي
حاصل ٿيندي پئي وڃي ۽ ڏينهون ڏينهن ان کي وڌيڪ
شاعر ملڻ لڳا آهن.
”آزاد نظم“ جي جيڪا اهميت ڪي قدر هن وقت ٿي
رهي آهي، تنهن جو مثال اِهو به آهي جو ريڊيو
پاڪستان به ان کي نشر ڪرڻ لڳو آهي. گذريل سال جي
آخر ڌاري، زيب عاقليءَ جو آزاد نظم ۾ مڪمل ڊرامو
”ستارا“ جي نالي سان حيدرآباد اسٽيشن تان نشر ٿي
چڪو آهي، ۽ تازو ان جي ماهياني ”ادبي رهاڻ“ واري
پروگرام ۾ به، امداد حسينيءَ جي آزاد نظم ”مداوا“
سان ان جي آئيندي جي شروعات ٿي چڪي آهي. اهي سڀ
ڳالهيون آزاد نظم جي سٺي مستقبل جي اميد ڏيکارين
ٿيون.
تڏهن به آزاد نظم اڃا ڇاڪاڻ ته اوائلي
تجرباتي مرحلن ۾ آهي، تنهنڪري ان جي مستقبل بابت
راءِ ڏيڻ، وقت کان اڳ واري ڳالهه ٿيندي. البت جيئن
گذريل بابن ۾ اسان ان جو جديد شاعريءَ جي پس منظر
۾ جائزو ورتو، هن صنف جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا تمام گهڻا
امڪان آهن. جڏهن مسلسل تجربن ذريعي ان جي قالب ۾
روح ڦوڪجي ويندو، ته پوءِ ڪو به شڪ ڪونهي جو ”آزاد
نظم“ به ٻين صنفن جيان سنڌي شاعريءَ ۾ رچي وڃي.
سنڌيءَ جا ڪي چونڊ آزاد نظم
(١) شيخ اياز:
١- هرڻ هٺيلا، ٢- ازل جي پُر اسرار اڳ، ٣-
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين.
4-
اجنبي، آءُ ! ٥- زندگيءَ جاودان. ٦- ڪامڻي رات
(٢) امداد حسيني:
١- آخري فيصلو، ٢- ترياق. ٣- پاڳل،4- خوشبو، ٥- غم. ٦- اجنبي. ٧- غافل،
8- ٿڦڙ.
(٣) گوورڌن محبوباڻي:
١- سئنيٽوريم ۾ پهرين رات. ٢- ڪوڙو دونهون.
(4) ارجن شاد:
حوالا
(٥) سڳن آهوجا:
١- ستارا، ٢- ڪانگ لنوي ٿو. ٣- چاندني رات
جا تارا.
(٦) قمر شهباز:
١- هوشو شيدي، ٢- او چري ! ٣- زندگي.
(٧) ذوالفقار راشدي:
دعوت.
(8) ڊاڪٽر خادم سدارنگاڻي:
هرنام سنگ آ.
(٩) بشير مورياڻي:
اڳتي قدم.
(١٠) بردو سنڌي:
١- سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي، ٢- سلام
(١١) سراج:
١- اندر سڀا. ٢- باز گشت، ٢- پريم پارڪ ۾،
4- ڪراچي
(١٢) نارائڻ شيام:
پهرين ۽ پوءِ.
(١٣) تنوير عباسي:
پڙاڏو.
(14) واسديو نرمل:
انڊلٺ
(١٥) نعيم دريشاڻي:
١- ٻه ستارا، ٢- ملاقات، ٣- هڪ ڪڪر جي
ڳالهه،
4- زندگي، ٥- پڙاڏو.
(١٦) نذير همايوني:
١- جستجو.
(١٧) هري دلگير:
١- اڪيلائيءَ ۾. ٢- آئي رات سهائي.
(18) شيخ راز:
١- داستان غم نه ڇيڙ، ٢- مومل جو اوسيئڙو،
٣- زمان و مڪان.
فارسيءَ ۾ آزاد نظم جو نمونو
[تهران جي ماهوار، مشهور رسالي ”سخن“ مان هڪ
”آزاد نظم“ نموني طور پيش ڪجي ٿو. ”سخن“ جي انهيءَ
پرچي ۾ فقط هڪڙو غزل، ۽ ڇهه نظم آهن. ڇهن نظمن مان
پنج آزاد نظم آهن ! اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”غزل
جي وطن“ ۾، ” عروض جي خاص سرزمين“ تي، آزاد نظم جو
ڪيڏو قبضو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جي بحرن جي
”پابنديءَ“ کي اٽل اصول سمجهندڙن کي خود فارسي
شاعريءَ جي تبديليءَ تي نظر ڪرڻ کپي.]
ناگفته
شعريست در دلم
شعري که لفظ نيست، هوس نيست، ناله نيست
شعري که آتش است:
شعري که مي گدارد و مي سوزدم مدام
شعري که ڪينه است و خروش است و انتقام
شعري که آشنا ننمايد به هيچ گوش
شعري که بستگي نپذيرد به هيچ نام
شعريست در دلم
شعري که دوست دارم و تتوانش سرود
ميخواهش سرود ونمي خواهش سرود
شعري که چون نگاه، نگنجد به قالبي
شعري که چون سڪوت، فرو مانده بر لبي
شعري که شوق زندگي وبيم مردن است
شعري که است نعره است و نهيب است و شيون است
شعري که چون غرور بلند است و سرڪش است
شعري که آتش است
شعريست در دلم
شعري که دوست دارم و نتوانمش سرود
شعري از آنچه هست
شعري از آنچه بود
- ”نادر“ نادرپور
(”سخن“: وره پنجم، شماره ششم، تيرماه
١٣٣٣هه.)
مدد ۽ مطالعي ۾ آيل ڪتابن جو وچور
١- ”ادب ۽ تنقيد“: ڊاڪٽرشيخ محمد ابراهيم
خليل، آر، ايڇ احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد،
1949
٢ – ”شيرين شعر“: ڪشنچند ”عزيز“.
٣ – ”سنڌي ادب جي تاريخ“: محمد صديق ميمڻ.
4
– ”ڪلهي پاتم ڪينرو“: شيخ اياز،
1963ع.
5
– ”رڳون ٿيون رباب“: تنوير عباسي،
1958ع.
۶ – ”اکيون مينگهه ملهار“: بردو سنڌي،
1961ع.
٧ – شاهه جو رسالو
٨ – سماهي ”مهراڻ“ (حيدرآباد) ۽ ماهوار ”روح
رهاڻ“ (حيدرآباد) جا مختلف پرچا.
1. “Judjment in Literature, “By W. Basil
worsfold, London, 1932.
2. “Literary Essays of Ezra pound,
“Edited
by T. S. Eliot Fabr & Faber, Ltd,
London.
3. “The metres of Englosh Poetry” By
Enid Hanied, M. A, Methuen & Co Ltd,. London.
1954
4. “Proncoples of literary Criticism, “By
I.A. Richards, Routledge & Kegan Paul, Ltd.,
London 1952.
5. “Writer’s Trade, “By L. A. G. Strong,
Methuen & Co., Ltd., London, 1947
6. Encyclopaedia Britinica, VolL 9,. 1960
1
– ”ماروا،“ ن، م، راشد، طبع سوم، لاهور،
1953ع
٢ – ”سوغات،“ سماهي، جديد نظم نمبر، ٧ – ٨،
ڪراچي،
1961ع.
٣ – ”نئه زاوئه،“ ٢ جلد، ڪرشن چندر، مکتبه
اردو، لاهور.
4
– ”بلوچي ادب،“ مير شير محمد خان، بلوچي اڪيڊمي،
ڪراچي،
1960ع.
5
– فارسي رسالن ”يغما“ ۽ ”سخن“ (طهران) جا پرچا.
لاڙ جو ابو
ڊاڪٽر نذير حسين حيدري
ڪنهن به ”شخصيت“ جي بُڻ بنياد جو ڏس پتو
ٻڌائڻ ته ڏاڍو سولو ڪم آهي، پر اُن جو پيرائتو
بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شخصيت جو بڻ بنياد
خانداني حالتون ۽ روايتون به ٿي سگهن ٿيون، آسپاس
جو مخصوص ماحول به ٿي سگهي ٿو: ۽ ڪو غير معمولي
واقعو يا ڪو خاص فرد به ٿي سگهي ٿو، يا وري اهي
سموريون يا ڪجهه ڳالهيون گڏجي ڪنهن جي شخصيت جي
ابتدائي تشڪيل ڪن ٿيون. تمام ٿورين حالتن ۾ ڪي
شخصيتون، پنهنجي خاندان ۽ ماحول جي اُبتڙ، رڳو
پنهنجي فڪر ۽ احساس جي سهاري سجاڳ ٿين ٿيون. هونئن
ته هر ڪنهن بنياد مان غير معمولي ماڻهو مٿي اچن
ٿا، پر جيڪي شخصيتون پنهنجي اندر جي اُٿل سان
اُڀرن ٿيون، سي وڌيڪ جاندار ۽ شاندار ثابت ٿيون
آهن. ٻئي ڪنهن به بنياد وارا زندگيءَ جي ڪنهن نه
ڪنهن مرحلي ۾ ڪنهن به ڪنهن معاملي تي مصلحت کان ڪم
وٺي سگهن ٿا، پر پوئين قسم جي بنياد وارا مرڻ
گهڙيءَ تائين اٽل ۽ اڏول رهندا. اسان وٽ سنڌ ۾ شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جون
شخصيتون اهڙن انسانن جو مکيه مثال آهن.
ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جي شخصيت به اهڙي
هئي، جنهن جي خاندان جون حالتون سندس ڪم ۽ ڪردار
کان مختلف هيون. سندس خاندان ۾ اڳي اهڙي ڪا به
روايت ڪا نه هئي، جهڙي هن پاڻ قائم ڪئي. ڪو اهڙو
غير معمولي واقعو به مٿس ڪو نه گذريو، جهڙو محمد
علي ڪلي تي گذريو هو، ۽ جنهن جي ڪري هو ننڍي هوندي
ئي کيس ڌڪ هڻڻ واري جو منهن ٺونشن سان سڄائڻ جو
خيال پچائي، دنيا جو مشهور ٺونشيباز بنجي ويو. نه
وري ڪنهن غير معمولي فرد جو اثر ڊاڪٽر حيدريءَ جي
شخصيت جو بنياد بنيو.
سندس والد بزرگوار، حاجي غلام علي، تمام وڏو
واپاري، لکاپتي ماڻهو هو. سنڌ جي لاڙ ۽ ڪڇ – پُڇ
پاسي، چمڙي جون ڪئين ڪوٺيون هيس. هيڏي سڄي ڪاروبار
جو اڄ ڪو به نشان ڪونهي ته ان جو مطلب هي نه آهي
ته حاجي صاحب جا پويان ان کي سنڀالي نه سگهيا، پر
ان جو سبب هي آهي ته اها سموري دنياداري ڊاڪٽر
نذير حسين حيدريءَ جي شخصيت جو بَک بنجي وئي.
هو انگريزيءَ جا ڪجهه درجا پڙهي سگهيو هو،
پر انگريزي جا وڏا ڪتاب پڙهندو هو، ۽ پنهنجون
پرايون درخواستون چڱيءَ طرح لکي ويندو هو. اڙدوءَ
تي اهل زبان جيتري مهارت هيس. فارسيءَ جو سٺو سخن
فهم هو ۽ علمي ڪتاب مطالع ڪندو هو. عربيءَ جي
ايتري شناس هيس جو صحيح تلفظ سان پڙهڻ، ان جي
معنيٰ ڪڍڻ ۽ ترجمي کي ڀيٽڻ جو انداز رکندو هو.
شعر، علم ۽ فلسفي جا ڳرا ۽ ڏکيا ڪتاب هن شروع کان
وٺي ائين لڳاتار پڙهڻ ۽ هضم ڪرڻ شروع ڪيا جو اهم
ڪتابن، مصنفن، سٽن ۽ صفحن جا حوالا کيس ياد رهندا
هئا. مطالعي، ذهن ۽ ذوق جي خالص بنيادن تي، هو
باقاعدي عالم شمار ٿيو.
فڪر ۽ احساس جي دولت، کيس انساني سماج ۾
دولت جي انڌي ۽ اونڌي نظام جو مشاهدو ڪرايو. اباڻي
زمينداري جڏهن سندس سنڀال هيٺ آئي، ته کيس هاريءَ
۽ پورهيت سان سڌي ناتي ڳنڍڻ جو موقعو مليو. هر سال
مٿس ڍل جي وصوليءَ جا وارنٽ نڪرندا هئا، پر هي شخص
ڇا ڪندو هو؟ ڪنهن جي ٻانهن ڀڄي وئي، ڪنهن جو ڍڳو
چوري ٿي ويو، ڪنهن جو ڇورو ڇنبر جيل هليو ويو،
ڪنهن سان زميندار، پوليس يا ڪاموري زيادتي ڪئي، ته
ڊاڪٽر حيدري هلڻ ۾ هلاڪ هوندو هو. گهر تي هوندو هو
ته سندس اوطاق تي آڌيءَ رات تائين ماڻهو هتان هتان
جون شڪايتون کڻي پيا ايندا، تڪرار پيا نبيربا،
لنگر پيا هلندا، ۽ پرجوش پروگرام پيا طي ٿيندا.
انهن پرجوش پروگرامن جي هاڪ ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ تائين پهتي ۽ کيس لاڙ ۾” هاري ڪاميٽيءَ“
جو اڳواڻ ملي ويو. بدين شهر جي مارڪيٽ چوڪ ۾ جيڪو
پهريون جلسو ٿيو، سو مون کي ياد آهي، جتي مون کي
پهريون ڀيرو ڪامريڊ جتوئي جي زيارت نصيب ٿي. اڳتي
هلي ڊاڪٽر نذير حسين حيدري سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو
وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. هو آخر تائين ڪامريڊ جتوئيءَ
جو هڪ باهمت ۽ اعتماد ڀريو ساٿي رهيو. لاڙ جي سڄي
پٽ ۾ هن هارين، پورهيتن ۽ اٻوجهن لاءِ ڏينهن – رات
ايترو ڪم ڪيو جو جلد ئي خود به مسڪينن جي صف ۾ اچي
ويو. ڪڏهين سفر لاءِ ڀاڙي جا پئسا نه هوندا هئا،
ته ڪڏهن گهر لاءِ اٽو ڪو نه هوندو هو. اڄ سندس
بيواهه ۽ اولاد وٽ ايترو ڪونهي جو زبون حال جڳهه
جو مڪمل مرامت ڪرائي سگهن. لکاپتيءَ جو پٽ، سڄي
عمر پورهيتن لاءِ جنگ جوٽي، پنهنجي اولاد کي به
پورهيتن جي درجي تي بيهاري ويو. هن پنهنجي مايا ۽
موڙي ڪا اڻڄاڻائيءَ سان ڪا نه وڃائي. اهو هڪ اهڙي
سچي عالم ۽ دانشور جو عمل هو، جيڪو انفرادي فائدن
بدران اجتماعي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه گهوري ويو. اڄ
عام ماڻهو کيس ”لاڙ جو ابو“ سڏي ياد ڪن ٿا ۽ سڀ
ڄاڻن ٿا ته ڊاڪٽر حيدريءَ جي جڳهه ڪڏهن به، ڪير به
نه ڀريندو.
ڊاڪٽر حيدري لاڙ ۾ پنهنجيءَ خواجه قوم جو
معتبر اڳواڻ هو. اثنا عشري مذهب جو مڃيندڙ هو.
تقرير جو ماهر ۽ پنهنجي مذهب جو پرجوش مبلغ هو.
تنهن هوندي به، تنگدلي منجهس ڪا نه هئي. مطالعي جي
وسعت، سندس دل ۽ دماغ کي وسعت ڏني هئي. هو پنهنجي
شيعه فرقي جي ڪتابن سان گڏ، مسلمانن جي هر فرقي
توڙي دنيا جي ٻين مذهن جا ڪتاب پڙهندو ۽ رکندو هو.
مذهب سان گڏ فلسفي، تاريخ ۽ انقلابي تحريڪن جو
مطالعو کيس پسند هو. مارڪس، اينجلس ۽ لينن جون
تحريرون مذهبي ماڻهن کي نه آئڙنديوناهن، پر هو
پڙهندو هو ۽ انهن جي فڪر جي تعريف به ڪندو هو.
انهيءَ وسيع قلبيءَ جي ڪري، هن فرقيوار متڀيد کان
پري رهي، عام خلق جي خدمت ڪئي - ۽ اهو ئي سبب آهي
جو عام خلق سندس فرقيوار حيثيت کي نظرانداز ڪري،
سندس عام اڳواڻيءَ کي قبول ڪيو.
يحيٰ خان جي مارشل لا ۾ جڏهن مرحوم مجيب
الرحمان ۽ مرحوم ڀُٽي سان گڏ، شيخ اياز ۽ رسول بخش
پليجي سميت، ڪيترائي ماڻهو جيل اُماڻيا ويا، ته
ڊاڪٽر نذير حسين حيدري شهري حقن جي بحاليءَ لاءِ
باهيون ٻاريندو، جلسن کي خطاب ڪندو، جلوسن جي
اڳواڻي ڪندو، ڪوٽڙيءَ تائين پهچي آيو ۽ تيستائين
ماٺ نه ڪيائين، جيستائين کيس به جيل نه اُماڻيو
ويو، ۽ پوءِ جلد ئي سڀ ٻاهر نڪتا.
لاڙ ۾ سندس مڃتا ۽ سرگرميءَ جو اهو عالم هو
جو جنرل ايوب خان جي مقابلي ۾ محترمه فاطمه جناح
کي وڌ کان وڌ ووٽ بنگلاديش جي هڪ تڪ مان مليا، ۽
ٻيو بدين مان، جتي ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جو هيڊ
ڪوارٽر هو. ساڳيو نتيجو پيپلس پارٽيءَ جي حق ۾ آيو
– بلڪه ڀٽو صاحب پاڻ بدين تڪ مان اُميدوار بيٺو ۽
ڪامياب ٿيو، جنهن جي مڃتا طور هن بدين کي ڌار ضلعو
ٺهرايو ڊاڪٽر حيدري پيپلس پارٽيءَ جو باني ميمبر
هو.
ڊاڪٽر حيدريءَ مسلم ليگ جي هڪ سرگرم اڳواڻ
جي حيثيت سان جيل ڪاٽيا. پر پنهنجي رواداريءَ
واريءَ فطرت جي ڪري، هندن جي لڏپلاڻ وقت انهن جي
جان، مال ۽ عزت جي سلامتيءَ لاءِ سچيءَ دل سان ڪم
ڪيو. ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ ايم ، بي ، بي ايس
ڪا نه ڪئي. پر تڏهن به هو ڊاڪٽر مشهور ٿيو ۽
”ڊاڪٽر“ جي لفظ وٺڻ کانسواءِ ڪير به سندس رکو نالو
نه وٺندو هو. مطالعي جي عادت سبب، هن حڪمت جي
ڪتابن جو ايڏو مطالعو ڪيو جو پنهنجي ڳوٺ نِنيدي
شهر مان بدين اچي شفاخانو کوليائين. حڪمت ۾ مشهور
ٿيو، ته انهيءَ دوران هن ڊاڪٽري ڪتابن جو ذاتي
نموني مطالعو ڪيو ۽ ايلوپيٿي علاج شروع ڪري ڏنو.
ان۾ هو ايڏو ڪامياب ويو جو بدين شهر ۾ ”ڊاڪٽر“ جي
معنيٰ نذير حسين حيدري ٿي وئي. هن وڏي اسپتال
کولي، جنهن ۾ انڊور پئشنٽس وارڊ به رکيائين ۽ هلڪي
سرجري به ڪندو هو. هٿ ۾ ايڏي شفا هيس جو سرڪاري
اسپتال جي ڊاڪٽر وٽ ماڻهن جو وڃڻ گهٽجي ويو ۽ کيس
سرڪار وٽ ڊاڪٽر حيدريءَ خلاف پڪارڻو پيو. پر ڊاڪٽر
حيدريءَ ڪا ڪمائي نه ڪئي ۽ غريبن جو علاج مفت پيو
ٿيندو هو. آخر اسپتال تي به ”هاري ڪاميٽي“ لڳي وئي
- ۽ نيٺ هن اها اسپتال، جڳهه ۽ سموري ساز سامان
سميت، پنهنجي ڪمپائونڊر کي ڏيئي ڇڏي.
بدين مان، ”اعلانِ حق“ جي نالي سان هن
هفتيوار اخبار به ڪڍي، جيڪا پنهنجي نالي مطابق
عوام جي بيباڪ ترجمانيءَ جو مثال بڻي.
هو هڪ ئي وقت عالم، اديب، شاعر، مقرر،
صحافي، سماجي ڪارڪن، سياسي اڳواڻ، هاري ليڊر ۽
شهري حقن ۽ آزادين جو علمبردار هو. اهي سڀ وصفون
ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ کي ڏات ٿي مليون هيون،
جيڪي سندس شخصيت جو بنياد هيون.
مون کي فخر آهي جو آءُ اهڙيءَ شخصيت جو
پاليل ۽ پرورش ڪيل آهيان، ڪجهه نه آهيان، پر جيڪي
ڪجهه آهيان، سو پنهنجي مامي مرحوم جي قربت ۽
تربيت، صحبت ۽ شفقت جي ڪري. ”حيدري انسٽيٽيوٽ آف
لٽريچر ائنڊ آرٽس“، ان ڪري، مون سندس يادگيريءَ
طور قائم ڪيو آهي، جنهن جا مقصد ۽ اشاعتي پروگرام
هن ڪتاب ۾ ڌار درج ڪيل آهن. – شمشير الحيدري.
حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر ائنڊ آرٽس
”حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر ائنڊ آرٽس“ سنڌ
جي عظيم سياسي، سماجي ۽ قومي ڪارڪن ۽ هاري ليڊر،
ڪامريڊ ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جي يادگيريءَ طور
قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي متن مقصدن ۾ ادب ۽ آرٽ
جي سڀني شعبن جي خدمت ڪرڻ شامل آهي.
متا ۽ مقصد
٭
تخليقي، تنقيدي ۽ تاريخي ادب شايع ڪرڻ
٭
گهربل هنڌن تي، مقامي ماڻهن جي سهڪار ۽ امداد سان،
لئبريون ۽ ريڊنگ روم کولڻ ۽ منظم ڪرڻ.
٭
ڪتابن، تصويرن ۽ گهرو هنرن جون نمائشون ڪرڻ.
٭
موسيقيءَ جون محفلون، سگهڙن جون ڪچهريون، مشاعرا ۽
اسٽيج ناٽڪ ڪرائڻ.
٭
مستحق ليکڪن، ڳائڻن، سازيندڙن، اداڪارن، مصورن ۽
ٻين فنڪارن کي اوارڊ ۽ مالي امدادون ڏيڻ.
مٿئين قومي مقصدن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ اوهان
سڀني جي سهڪار جي ضرورت آهي. ان لاءِ هيٺينءَ
ايڊريس تي لکپڙهه ڪريو.
”حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر ائنڊ آرٽس“.
آفيس نمبر:
6
حاجي شعيب منزل،
قاضي عبدالعزيز اسٽريٽ نمبر:
1،
موسيٰ لين، ڪراچي.
”حيدري انسٽيٽيوٽ“ |
جو اشاعتي پروگرام |
1۱)
ڪاڪ محل |
شمشيرالحيدريءَ جو جو لکيل، مومل- راڻي
جي داستان تي ٽيليويزن ڊرامو. |
(٢) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس |
شمشيرالحيدريءَ جي اهم ادبي مقالن جو
مجموعو. |
(٣) ڳالهيون پيٽ ورن ۾ |
شمشيرالحيدريءَ جا ادبي انٽرويو |
(4) آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه. |
شمشيرالحيدريءَ جا ادبي ليڪچر |
(5) سڏ پڙاڏا |
شمشيرالحيدريءَ جا مختلف اخبارن ۽ رسالن
۾ لکيل ايڊيٽوريل [هفتيوار ”پنجتني“،
روزاني ”خادم وطن“، هفتيوار ”هلچل“.
هفتيوار ”هدايت“، ماهوار ”نئين
زندگي“، ماهوار ”پارس“، ٽماهي ”مهراڻ“
۽ روزاني ”مهراڻ“ مان (ڦلتروءَ جي
خبرن سميت).] |
(6) ڀِٽ ۽ درازا |
شاهه لطيف ۽ سچل سرمست بابت
شمشيرالحيدريءَ جي مقالن جو مجموعو. |
(7) فقير بيان ڪري ٿو |
شمشيرالحيدريءَ جي ادبي آتم- ڪٿا (ادبي
۽ ثقافتي ادارن، جماعتن، تحريڪن
۽شخصيتن جي تفصيل سان). |
(٨) لاٽ |
شمشيرالحيدريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو
(شروع کان هاڻي
جو مجموعو (شروع کان هاڻي تائين، تخليق
۽ ترجمو – سنڌي ۽ اڙهو مڪمل). تائين،
تخليق ۽ ترجمو – سنڌي ۽ اڙدو – مڪمل.)
|
(٩) ٻارن لاءِ منظوم
باتصوير ڪهاڻيون: |
شاعري: شمشيرالحيدري
تصويرون: قربان جعفري |
1.
سونل ٻائي
٢. مائي ملوڪان،
مٽڪي واري
٣. آڪڙ خان ۽
پاٽي خان.
4. ڦيٿي جو گيت
ڳجهارتون)
(10) چنڊ جي ڪهاڻي |
انسان جي چنڊ تي پهچڻ واري خواب کان وٺي
چنڊ تي پير ڌرڻ واريءَ حقيقت تائين،
ٻارن لاءِ دلچسپ انداز ۾ لکيل تاريخي
۽ سائنسي. معلومات. ليکڪ:
شمشيرالحيدري. آرٽسٽ: قربان جعفري. |
(11) پارس |
ٽيليويزن تي ٽن سالن تائينهليل سنڌي
پروگرام ”پارس“ ۾ پيش ٿيل عالمي
معلومات جو ذخيرو. ليکڪ:
شمشيرالحيدري. پيشڪش: سلطانه صديقي.
|
(12) يوناني ديو مالائي |
سهيڙيندڙ: شمشيرالحيدري |
ڪهاڻيون (بالتصوير). |
|
(13) ڪوهياري. |
سهيڙيندڙ: شمشيرالحيدري |
(”مهاڀارت“ جون
ديو مالائي ڪهاڻيون) |
|
(14) امر ڪهاڻيون |
اڙدوءَ جي عظيم ليکڪ سيد رفيق حسين جون،
جانورن جي نفسياتي اڀياس سان لکيل
انوکيون ڪهاڻيون.
سنڌيڪار: شمشيرالحيدري |
(15) منتخت ”شاهه جو
رسالو“ (اردو) |
شاهه لطيف جي چونڊبيتن ۽ وائين جو اڙدو
ترجمو.
اُڙدوڪار: شمشيرالحيدري. |
(16) پرچن شال پنهوار |
رضيه صديقيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو. |
(17) ڳالهيون |
پهريون ڀيروسنڌي مزاج ۽ انداز سان لکيل،
مرحوم عبدالرحيم جوڻيجي جي ڪهاڻين جو
مجموعو.
سهيڙيندڙ شمشيرالحيدري |
(18) پسون ۽ پکي |
سرڳواسي ڪاڪي تيرٿداس جا پکين ۽ جانورن
بابت املهه مضمون
سهيڙيندڙ: شمشيرالحيدري |
(19) هَوءِ جي ويا هليا |
مولانا غلام محمد گرامي، محمدعثمان
ڏيپلائي، حفيظ شيخ، مقبول ڀٽي، الطاف
عباسي، غالب لطيف، عبدالحق عالماڻي ۽
نسيم کرل بابت شمشيرالحيدريءَ جا
تاثراتي مضمون. |
(20) تاريخي دستاويز |
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن، سنڌي زبان سوسائٽيءَ ۽
ٻين اهم ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن ۽
تحريڪن جي تاريخي دستاويزن جو مجموعو. |
(22) آهيڙين جي اک ۾ |
بدر ابڙي جي جيل جي ڊائري. |
(٢٢) ٻوساٽ |
بدر ابڙي جي ڪهاڻين جو مجموعو. |
(٢٣) ڀٽائيءَ جي ڳولا |
بدر ابڙي جا شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽
ڪردارن بابت مضمون. |
(24) سج گرهڻ کان پوءِ |
بدر ابڙي جي شاعريءَ جو مجموعو. |
(25) جيڪوپاڻ فنائي فقير ٿيو: |
شاعر غلام حسين فنائي (مرحوم) جي آتم –
ڪٿا. بنبوءَ واري فوني جي وقت جو
پيرائتو احوال، تڏهن جي ڳائڻن ۽
ڳائڻين جي احوال ۽ تصويرن سميت. |
|
|