سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر

صفحو :3

باب ٽيون

 

آزاد نظم جو تاريخي پس منظر

(فرينچ ۽ انگريزي ٻولين ۾)

 

”آزاد نظم“ فرانسي ادب جي ”علامت نگاريءَ“ واري دور جي پيدائش آهي، ۽ ان جو باني فرانسس ويلي گرئفن (francis Viele- Graffin) نالي آمريڪي شاعر آهي، جيڪو ١٩ صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري پئرس ۾ رهندو هو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو هو. شاعريءَ ۾ پنهنجي ان نئين تجربي سبب ئي کيس اڄ به هڪ اهم شاعر مڃيو وڃي ٿو. در اصل اهو هڪ اهڙو حيرت جهڙو ڪم هو، جيڪو ڪنهن به فرانسيءَ جي وس کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ ته فرانسي روايتون ايتريون پرائيون ۽ ايڏيون سختگير هيون جو انهن کي ٽوڙڻ نهايت مشڪل هو. فرانسي ماڻهو مصوريءَ ۾ ڳوڙهن رنگن ۽ شاعريءَ ۾ نون لفظن جي آزاد استعمال جا عادي ڪو نه هئا، بلڪه سندن عروضي قاعدا ته ان وقت جي انگريزي شاعريءَ کان به سخت هئا. ويلي گرئفن نه رڳو فرينچ شاعريءَ جي ڪلاسيڪي (Alexandrine) روايتن کي قطعي طور ختم ڪري ڇڏيو، بلڪه انهن ۾ انگريزي بحرن جو استعمال به شروع ڪري ڏنائين. پنهنجيءَ تصنيف ”جئائيز“ (891888، Joies ) جي ديباچي ۾ هن فرانس ۾ رائج هڪڙيءَ صنف کي پنهنجن انوکن عروضي اصولن سان (Le verse est Libre) جو نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن کي، “Verse Libre” (آزاد شاعري) چوندا هئا، پر در اصل سندس شاعري اڃا رڳو ايتريقدر آزاد هئي جو ان جي بحرن جا رڪن سڀني مصراعن ۾ هڪ جيترا نه هئا.

فرينچ ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ وانگر مقرر پدن (syllables) تي زور (Stress) نٿو ڏنو وڃي، ۽ 1880ع جي زماني تائين عروضدان ماترائن جي تعداد کي فرانسي نظم جو بنيادي اصول سمجهندا هئا، جنهن تي عام طرح ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعرن عمل ڪيو. وڪٽر هيوگو ڪلاسيڪي سختيءَ کي نرم ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ علامت نگار شاعرن سندس پوئواري ڪئي.

آزاد نظم لکندڙ هڪڙي اوائلي شاعر، گستاؤ ڪاهن (Gustave Kahn) کي پهرين پهرين اِهو خيال جاڳيو ته فرينچ زبان در اصل جنهن نموني ۾ ڳالهائجي ٿي، تنهن ۾ ان کي آواز جو خاص لهجو (Accent) آهي، جنهن جو مدار فقري (Phrase) جي معنيٰ ۽ ڳالهائيندڙ جي جذبي تي آهي، ۽ ان جا درمياني وقفا (Intervals) نظم جو ترنم پيدا ڪن ٿا. لسانيت جي عالمن، باضابطي علمي تجربا ڪري، فرينچ زبان بابت انهيءَ نقطه نظر جي تصديق ڪئي. ”ورس لبري“ (Verse Libre) جي نظريي جو بنياد، ان ڪري، پدن جي تعداد واري اصول کي ختم ڪري، لفظن جي نغمگيءَ تي رکيو ويو، جنهن موجب ڇند جو ايڪو (Prosodic unit) رڪن (Foot) يا مصراع (Line) بدران فقري کي ٺهرايو ويو ۽ قافئي کي اختياري (Optional) حيثيت ڏني ويئي. ڪاهن (kahn) فرئنسز جئمس (Francis Jammes) ۽ ائنڊري اسپائر (Andre Spire) نظم جي هن نئين طريقي کي مقبول بنائڻ لاءِ ڪيترائي تجربا ڪري، ان جي ٽيڪنڪ کي واضح ڪيو.

انگريزن شاعرن مان جيڪي پهرين پهرين آزاد نظم کان متاثر ٿيا، سي فرينچ شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪندڙ شخص آهن، جن مان ٽي، اي هيوم (T . E Hume) ، فلنٽ (F . S Flint) ، رچرڊ آلڊنگٽن (Richard Aldington) ، ايزرا پائونڊ (Ezra Pound) ۽ ٽي، ايس ايلئٽ (T. S. Eliot) مکيه آهن.

آلڊنگٽن، پائونڊ، فلنٽ، ۽ هلڊا، ڊولٽل (H. D) گدجي، 1912ع ۾ ”اميجزم“ (Imagism) جي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن جو ادب جي ميدان ۾ ٻين معاملن سان گڏ هي به هڪڙو اصول هو ته ”شاعري عروضي پيمانن جي بنياد تي نه ڪئي وڃي، بلڪ لفظن جي موسيقيت جي بنياد تي ڪئي وڃي.“(1)  

ايلئٽ ۽ ايذرا پائونڊ جون خذمتون انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي وسيع آهن، ۽ شعر، ادب ۽ تنقيد جي نئين تحريڪ سندن محنتن جي مرهون منت آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ ايذرا پائونڊ جو هيٺيون ٽن نُڪتن وارو پروگرام مشهور آهي، جيڪو هن 1936ع ۾ پڌرو ڪيو. سندس لفظن ۾، اهو هن ريت آهي:

1912ع جي بهار يا سياري جي شروعات ڌاري مون، ايڇ. ڊي اي (Hilda - Doo Little) ۽ رچرڊ آلڊنگٽن ٺهراءُ ڪيو ته اسين هيٺين ٽن، اصولن تي متفق آهيون:

” ١ . داخلي توڙي خارجي حقيقت جو اظهار بلڪل ٺوس ۽ سڌي سنواٽي نموني ڪيو وڃي؛

” ٢. ڪو به لفظ اهڙو نه استعمال ڪجي، جيڪو فضول هجي ۽ مقصد کي پيش ڪرڻ ۾ ڪتب نه اچي؛

” ٣. شعر ۾ ترنم پيدا ڪرڻ لاءِ، عروضي پيمانن تي نه بلڪه لفظن جي موسيقيت تي مدار رکجي.“ (2) گهڻو ڪري ڪو به شاعر فقط ڪنهن هڪڙيءَ ئي صنف جو شاعر بنجڻ پسند نٿو ڪري، ۽ پائونڊ ۽ ايلئٽ به جيتوڻيڪ بعد ۾ ڪجهه وقت موزون ڪلام ڏانهن وڌيڪ مائل رهيا، پر اهي ئي انگريزي جديد شاعريءَ جا مکيه نمائندا به آهن. ٻين جن ڪهه مشق شاعرن آزاد نظم جي خوب پرورش ڪئي آهي، تن مان ڪارل سئنبرگ (Carl Sanburg)، وليم ڪارلس وليم (William Carllos Williams) ، ماريان مور (Marianne Moore) ۽ وئليس اسٽيونس (Wallace Stevens) جا نالا قابل ذڪر آهن.

آزاد نظم جي تاريخي سلسلي ۾ آمريڪا جي عظيم قومي شاعر والٽ وٽمئن (Walt Whitman) جو ذڪر تمام ضروري آهي، جنهن کي سندس فني بيباڪيءَ سبب “Giant among poets” جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي.

اٽڪل هڪ صدي اڳ شايع ٿيل، وٽمئن جي ڪلام جو مجموعو، ”ليوز آف گراس“ (Leaves of Grass) ، آزاد نظم جي جڳ مشهور تصنيف آهي، ۽ غالباً وٽمئن ئي اڪيلو شاعر آهي، جنهن ڪُلي طرح آزاد نظم کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بنايو.

ليوز آف گراس“ جو پهريون ڇاپو، فقط 95 صفحن تي مشتمل، 1845ع ڌاري شايع ٿيو، پوءِ جي ڇويهن سالن جي عرصي ۾ ان جا 8 ڇاپا پڌرا ڪيا ويا، ۽ هر ڀيري وٽمئن ان ۾ پنهنجو وڌيڪ ڪلام شامل ڪندو ويو. سندس چوڻ موجب سڄو ڪتاب در اصل هڪ ئي نظم آهي، جنهن ۾ جدا جدا وقتن تي لکيل ۽ شامل ڪيل چيزون ان جا مسلسل جزا آهن.

هو هڪڙو معمولي ڳوٺاڻو، هڪڙي معمولي واڍي جو پٽ هو، پوءِ ڳوٺ جو اسڪول ماستر، اخباري خاطو ۽ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. پر پڇاڙيءَ تائين ڳوٺاڻو ئي رهيو ۽ پنهنجي مجموعي جي ترتيب وقت به ، خرچ جي پورائيءَ لاءِ، پارٽ ٽائيم طور واڍڪو ڌنڌو ڪندو رهيو. هو ايترو ته غير معروف ۽ سادو هو جو سندس ڪنهن دوست به ائين نه ٿي سمجهيو ته ڪو هو آمريڪا جي اعليٰ ترين ذهنيت جو بهترين نمائندو ٿي سگهي ٿو. پنهنجي شعر ۾ هن جنهن طرح ”آمريڪا“ کي ڳايو آهي، سو دنگ آهي.

جڏهن سندس ڪتاب شايع ٿيو ته ان جي انوکي اسلوب ۽ اظهار جي انتهائي جرات ۽ بيباڪيءَ سبب (خاص ڪري جنسياتي معاملي ۾) يورپ جي نقادن کيس شاعر ئي ڪو نه مڃيو. پر پوءِ آمريڪا وارن تي سندس حياتيءَ ۾ ئي زبردست اثر ظاهر ٿيو ۽ نيٺ کيس ”جمهوريت جو علمبردار“ ۽ ”عظيم قومي شاعر“ سڏيو ويو.

وٽمئن جو ڪلام ”فري ورس“ جو مڪمل مثال آهي. ان جون سٽون اهڙيءَ ته روانيءَ سان مسلسل ڦهلبيون وڃن جو انهن کي ڇاپڻ لاءِ وٽمئن کي پهرين ١١ x ٢/١7 انچن جي خاص سائيز جو ڪاغذ استعمال ڪرڻو پيو هو. ڇپيو به پاڻ هئائين، ڇو ته کيس خبر هئي ته ههڙي آزاد ۽ بيخوف، نئين آواز کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪو به پبلشر تيار ڪو نه ٿيندو. ڪتاب کي وڪڻڻ لاءِ هڪڙو دڪاندار راضي ٿيو، پر پوءِ سڀ ڪتاب موٽي مليس ۽ هڪڙو به ڪو نه وڪيو. تڏهن مختلف شاعرن کي خانگي طرح اماڻيائين، جن مان ڪن ڪتاب کي ساڙي ڇڏيو. تڏهن به مزي جي ڳالهه اها جو 1881ع تائين ڪتاب جا مختلف ڇاپا پاڻ ئي ڇاپيندو رهيو، ۽ وري پهرئين ڇاپي تي پنهنجو نالو به ڪو نه ڄاڻايو هئائين.

بهرحال، آزاد نظم جي هن شاعر جي مثال مان هيءُ امڪان واضح ٿيندو ته هن صنف ۾ به وڏا شاعر پيدا ٿي سگهن ٿا.

باب چوٿون

آزاد نظم، اڙدوءَ ۾

 

هرڪو ادب پنهنجي ويجهڙائيءَ واري ملڪ جي ادب يا همعصر ادب کان متاثر ٿئي ٿو. هينئر ته سڄيءَ دنيا جا ملڪ ڄڻ هڪٻئي ۾ سمائجي رهيا آهن ۽ سڀني ملڪن جون زبانون ۽ تهذيبون، ادب ۽ آرٽ، مشترڪ عالمي قدرن جي نمائندگيءَ تي فخر ڪن ٿا. جيتريقدر دنيا وڃي ٿي تنگ ٿيندي ۽ پري پري جا مفاصلا وڃن ٿا سميٽبا ۽ سوڙها ٿيندا، اوتري قدر سماجي لاڳاپا وڃن ٿا وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ ڪشادا ٿيندا. علم جي دنيا ته اڳي به وسيع هئي، پر هاڻي ان جو شان ئي عجب آهي. اڄ ڪنهن کي علم جي حاصلات لاءِ ”چين“ وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، بلڪ سڄيءَ دنيا جي معلومات گهر ويٺي حاصل ٿي سگهي ٿي. هر هڪ زبان ۾ دنيا. جي ٻين سڀني زبانن جا علمي خزانا منتقل ٿي رهيا آهن. کوهه ۾ ويهي اُڀ ڪڇڻ ۽ ان کي سڄي ڪائنات سمجهڻ واريون خوش فهميون ختم ٿي ويون آهن ۽ ٻين زبانن جي ڪارنامن کي معلوم ڪرڻ سان ادب جي ڪائنات بيحد وسيع نظر اچڻ لڳي آهي. سموريون زبانون انهيءَ ڪائنات جي وسعتن کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. انهيءَ ڪري، ادب ۽ شاعريءَ جي علمي دنيا ۾ تنگ نظريءَ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي، ۽ وقت جا عالمي قدر پنهنجي فطري اصول سان هر هڪ ماحول تي پنهنجو اثر ڄمائي رهيا آهن.

سنڌي شاعريءَ ۾ نئين لهر انگريزي زبان جي مطالعي سان آئي، جنهن جو آغاز شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ کان ٿيو، ۽ ان جو مڪمل نقش گذريل ويهارو سالن ۾ سامهون آيو. اهو سنڌي شاعريءَ جو ”جديد دور“ سڏجي ٿو. انگريزي بين الاقوامي زبان آهي، جنهن ۾ مغرب ۽ مشرق جا بهترين علمي ذخيرا موجود آهن. انگريزيءَ وسيلي اسان کي نه رڳو خود انگريزي ادب جون بلڪ دنيا جي سمورين سڌريل زبانن جي ادب جون بهترين روايتون معلوم ٿيون آهن.

انهيءَ سلسلي ۾ اڙدو زبان به اسان جي معلومات وڌائڻ ۾ گهڻو حصو ورتو آهي. اڙدو اسان جي ملڪي زبانن مان آهي، ۽ انگريزيءَ مان اسان کان وڌيڪ استفادو ڪري چڪي آهي. سنڌيءَ ۾ نئينءَ شاعريءَ جي تحريڪ جا مسئلا، اڙدوءَ ۾ اڳي ئي پيدا ٿي، حل ٿي چڪا آهن. آزاد نظم ۽ بنا قافئي نظم جو مسئلو به اڙدو زبان ۾ ساڳئي انداز ۽ نوعيت جو آهي، جنهن انداز ۽ نوعيت سان اسين پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ان کي اڃا هاڻ محسوس ڪرڻ لڳا آهيون. مون ان ڪري اڙدوءَ ۾ جديد نظم جي تحريڪ ۽ آزاد ۽ بنا قافئي نظم جي مسئلن کي هن باب ۾ پوري تفصيل سان پيش ڪيو آهي، ڇو ته ان مان اسان جي مسئلن تي پوري روشني پوي ٿي. جيتوڻيڪ هن مقالي جو موضوع سڌيءَ طرح سنڌيءَ ۾ آزاد نظم ۽ بنا قافئي نظم جي مسئلن کي هن باب ۾ پوري تفصيل سان پيش ڪيو آهي، ڇو ته ان مان اسان جي مسئلن تي پوري روشني پوي ٿي. جيتوڻيڪ هن مقالي جو موضوع سڌيءَ طرح سنڌيءَ ۾ آزاد نظم سان متعلق آهي، پر ڇاڪاڻ ته هي در اصل شاعريءَ جي صنفن جو مسئلو آهي، جيڪو سنڌي ۽ اڙدو ۾ بلڪل ساڳيو آهي، بلڪ غزل واري عروضي شاعريءَ جو اثر اڙدوءَ تي سنڌيءَ کان وڌيڪ آهي، تنهنڪري اسان کي سنڌيءَ بابت پنهنجي هن مسئلي کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملندي. غزل ته اڙدو شاعريءَ جي اصل تهذيب آهي. اڙدوءَ ۾ جنهن طرح نظم جي پيدائش ٿي ۽ آزاد نظم ۽ بنا قافئي نظم جون غير عروضي صنفون قبول ڪيون ويون، سا ڳالهه اسان لاءِ گهڻي قدر ڪمائتي آهي. پاڪستان ۾ زبانن جي موجوده مسئلي جي نسبت سان، سنڌيءَ کي اڙدو زبان سان جنهن نموني ۾ پنهنجي ڊوڙ پڄائڻي آهي، تنهن جي اهميت کي محسوس ڪندي، نامناسب نه ٿيندو، جيڪڏهن اڙدو شاعريءَ ۾ هن مسئلي جو پوري تفصيل سان جائزو ورتو وڃي.

هنڌ – پاڪ جي سرزمين تي آزاد نظم جو ورود جديد نظم نگاريءَ جي انهيءَ تحريڪ سان وابسته آهي، جيڪا اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ انگريزي شاعريءَ جي اثر سان پيدا ٿي. مولانا الطاف حسين حالي، محمد حسين آزاد، محمد اسماعيل ميرٺي، مولوي عبدالحليم شرر، ڊاڪٽر اقبال ۽ علامه تاجور جهڙن بزرگن جا نالا اڙدو ادب ۾ نمايان آهن. جن غزل جي روايتي شاعريءَ کان هٽي نظم کي اختيار ڪيو ۽ ”انجمن پنجاب“ جي ذريعي باقاعدي تحريڪ هلائي. نه رڳو ايترو، بلڪ خود آزاد نظم جا علمبردار به اهي ئي بزرگ هئا، جن آزاد نظم ۽ بنا قافئي نظم لکيا به ۽ انهن جي ڦهلاءَ ۽ بچاءَ جي ڪوشش به ڪئي. جيتوڻيڪ اها ڪوشش ابتدائي هجڻ ڪري ڪو زوردار نتيجو بروقت پيدا نه ڪري سگهي، پر اڄ ان جي ئي بنياد تي اڙدو زبان پنهنجي نظم جي صنف تي ناز ڪري ٿي، جنهن ۾ آزاد نظم کي به وڏو حصو حاصل آهي.

اڙدو شاعريءَ تي ان وقت غزل جو غلبو هو ۽ ڪي اهڙيون عروضي صنفون ۽ سانچا موجود هئا، جيڪي خارجي شاعريءَ لاءِ مسلسل بيانيءَ جو ذريعو هئا. جهڙوڪ مثنوي، قصيدو، مرثيو، هجو، مسدس، ترڪيب بند، ترجيح بند، مخمس، قطعو، وغيره اهي ئي صنفون ۽ سانچا اڳتي هلي جديد نظم جي تجربن ۾ ڪم آيا.

”انجمن پنجاب“ جي پهرئين اجلاس ۾ 15 آگسٽ 1876ع تي، محمد حسين آزاد جيڪو ” نظم اور ڪلام ، موزون ڪي باب ۾ خيالات“ جي عنوان سان پنهنجو لکيل ليڪچر پيش ڪيو، سو نئين موڙ جو يادگار آهي. ان ۾ هن پنهنجي وقت جي روايتي شاعريءَ جي سطحيت ۽ غير سنجيدگيءَ تي ضرب هنئي آهي. ان جي آخري فقرن جو اقتباس هنريت آهي:

” در حقيت اهڙي ڪلام کي شعر چوڻ ئي نه کپي ڇو ته شعر اهو ئي آهي، جيڪو جوش و خروش ۽ سنجيده خيالن سان پيدا ٿئي ۽ ان کي قدسي الاهي قوت سان هڪ خاص واسطو هجي. پاڪ خيال جيئن جيئن بلند ٿيندا ٿا رهن، شاعريءَ جي مرتبي تي وڃيو پهچن.... فصاحت ۽ بلاغت هينئر گهڻي آهي، پر خيال خراب ٿي ويا آهن“. (1)

اخبار ”آفتاب پنجاب“ ذريعي ”آزاد“ جا خيال اڙدو شاعرن کي متاثر ڪرڻ لڳا. شاعريءَ جو نئون رخ سندن ذهنن ۾ ڪر موڙڻ لڳو، ۽ ان طرح انگريزي شآعريءَ مان استفادي جو موقعو ظاهر ٿيو. ساڳئي سال، 1872ع ۾، مولوي محمد اسماعيل ميرٺيءَ انگريزيءَ جي چئن نظمن جو منظوم ترجمو ڪيو. ان بعد منظوم ترجمن جي مهم شروع ٿي.

1874ع ۾ هڪڙو تاريخي مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ طرحي غزلن بدران آزاد ۽ حاليءَ جي اصلاح ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو. آزاد انهيءَ موقعي تي پنهنجي ليڪچر ۾ تمام صاف ڳالهيون ٻڌايون:

”نئين نموني جون پاکرون ۽ زيور جيڪي اڄوڪي زماني آهر مناسب آهن، سي انگريزي صندوقن ۾ بند آهن. اهي اسانجي هٿن ۾ آهن، ۽ اسان کي خبر ڪانهي. پر انهن جي ڪنجي اسان جي انگريزدانن وٽ آهي.“(2)

آزاد ۽ حاليءَ جيڪي نظم ان وقت لکيا، سي خيال جي ڪري ته نوان هئا پر انهن جي هيئت ۽ اسلوب ساڳيو مثنوين ۽ قصيدن جهڙو هو؛ ڇو ته هو انگريزيءَ مان سڌيءَ ريت استفادو نه ڪري سگهيا. ليڪن انگريزي شاعريءَ جي اڻسڌي مطالعي مان اِهو نتيجو ضرور ڪڍيائون ته شاعريءَ کي محدود موضوعن جي دائري مان ڪڍي، وسعت ڏجي. ”آزاد“ پنهنجي ليڪچر ۾ چيو: ”اوهان جي شاعري، جيڪا چند محدود گهيرن ۾، بلڪ زنجيرن ۾ قيد آهي، تنهن کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو“ (1)

حاليءَ چيو: ”ايشيائي شاعريءَ کي، جيڪا عشق ۽ مبالغي جي ڇوڙيءَ - ٻڌيءَ جي جاگير ٿي ويئي آهي، جيترو ٿي سگهي وسعت ڏني وڃي ۽ ان جو بنياد حقائق ۽ واقعات تي رکيو وڃي.“ (2)

آزاد نظم تائين رسائيءَ جي هن تحريڪ جو ٻيو مرحلو جي ”اٽل اصول“ “۾ نرمي آڻڻ جي ڪوشش سان متعلق آهي، جنهن بعد بنا قافئي نظم (Blank verse) لکيو ويو.

”مقدمئه حالي“ ۾ قافئي بابت مولانا حاليءَ هيٺيون خيال پيش ڪيو:

” قافيو به اسان جي شعر لاءِ اهڙو ئي ضروري سمجهيو ويو آهي، جهڙو وزن، پر در حقيقت اهو نڪو نظم لاءِ ضروري آهي، نڪو شعر لاءِ. ”اساس“ ۾ لکيل آهي ته يونانين وٽ قافيو ضروري نه هو. حشوني نالي هڪڙي پارسي شاعر هڪڙي ڪتاب ۾ بنا قافئي شعر گڏ ڪيا آهن. يورپ ۾ اڄڪلهه بنا قافئي نظم جو قافئي واري نظم کان وڌيڪ رواج آهي. جيتوڻيڪ قافيو به وزن جيان شعر جي حسن کي وڌائي ٿو، پر جنهن نموني عجمي شاعرن ان کي نهايت سخت قيدن ۾ قابو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ وري مٿان رديف جو به اضافو ڪيو اٿن، تيئن اهو بيشڪ شاعر کي سندس فرض ادا ڪرڻ کان روڪي ٿو. جهڙيءَ طرح لفظي صنعتن جي پابندي ”معنيٰ“ جو خون ڪريو ڇڏي، تهڙيءَ طرح بلڪ ان کان به گهڻو وڌيڪ، قافئي جو قيد، ”مطلب“ جي ادائگي ۾ خلل انداز ٿئي ٿو.“ (3)

محمد حسين آزاد ۽ مولوي محمد اسماعيل ميرٺيءَ ڪجهه بنا پئسي نظم لکيا، پر اُهي ٻارن لاءِ لکيل هئا، تنهنڪري انهن جو ترجمو محدود رهيو.

هيستائين در اصل اها نظم نگاري به مثنويءَ ۽ مسدس وغيره جي پراڻين هيئتن کان ٻاهر نه نڪتي، جيستائين مولوي عبدالحليم شرر جو وارو نه آيو. اڙدو نظم ۾ جديد هيئت ۽ اسلوب کي رائج ڪرڻ ۽ ان کي زور وٺائڻ جو سهرو سندس سر تي آهي. سندس فرمائش سان، مولوي حيدر علي طباطبائيءَ ڳري (Gray) جي مشهور ”ايليجيءَ“ جو ترجمو ڪيو، جنهن سان قافئيءَ جي نئين ترتيب متعارف ٿي. اڙدو شاعريءَ ۾ بند (Stanza) جي ابتدا انهيءَ نظم سان ٿي.

مولانا شرر پنهنجي رسالي ”دلگداز“ ۾ اهو نظم هيٺئين نوٽ سان شايع ڪيو:

” ههڙو مقبول ۽ انگلستان جو سرمايو نظم، جنهن جو ترجمو اسان جي واجب التعظيم علامه ۽ مستند زمانه شاعر، جناب مولوي حيدر علي صاحب طباطبائيءَ ڪيو آهي، پر ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان، جنهن جو اظهار ڪرڻ اسان جي اختيار کان ٻاهر آهي. اهڙا جانگداز ۽ موثر نظم ته طبعزاد به اڙدوءَ ۾ گهٽ لکيا ويا آهن، هي ته ڌاريءَ زبان مان ترجمو آهي ! ۽ وري اهڙيءَ پابنديءَ سان، جو پهرينءَ مصرع جو قافيون ٽينءَ سان ۽ ٻيءَ مصرع جو چوٿينءَ سان، جيئن انگريزيءَ ۾ آهي، ساڳيءَ طرح، اسان جي مولانا، ڏاڍي لطف سان، پنهنجيءَ قافئيءَ بنديءَ جي طرز کي ڇڏي، اڙدوءَ ۾ ملايو آهي.“(1)

نظم جي جديد هيئت جو اهو پهريون نشان هو. ان کان متاثر ٿي، ڪيترن ئي شاعرن پنهنجا طبعزاد نظم انهيءَ طرز تي لکيا ۽ گري، آلَفريڊ لايل، لانگ فيلو، سيفو ۽ ٻين شاعرن جا ڪيترائي نظم انگريزي مان ترجمو ڪيا ويا.

مولوي طباطبائيءَ ڪيترائي نوان تجربا ڪيا. هڪڙو نظم ”اس طرح وطن ڪي خير مناته هين“ لکائين. جنهن ۾ چوٿينءَ مصرع جا رڪن گهٽائي، ان کي ننڍو ڪيائين. اهو گويا آزاد نظم طرف پهريون غير معروف قدم هو.

مولوي شرر هاڻي ”دلگذاز“ رسالي جي ذريعي باقاعدي نون تجربن جي همت افزائي شروع ڪئي ۽ ”عروضي دائري ۾ وسعت“ جو وڏي واڪ پرچار ڪيو. سجاد حيدر يلدرم ۽ ڪي ٻيا عليڳڙهه ڪاليج جا شاگرد به نون تجربن جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳا. خود شرر ”نظم، غير مقفيٰ“ جي عنوان سان هڪڙو ڊرامو لکي ”دلگذاز“ شايع ڪيو (١٩٠٠ عيسوي). ان کي ڏاڍي مقبوليت ملي ۽ بنا قافئي نظم جو رواج وڌڻ لڳو.

شرر جو مٿيون ڊرامو، در اصل اڄ جي اصطلاح موجب ” آزاد نظم“ ۾ آهي،پر تڏهين اڃا ” نظم معريٰ“ (بنا قافئي نظم) ۽ ”آزاد نظم“ جا اصطلاح ڪو نه ٺهيا هئا. تنهنڪري شرر پهرين ته ان کي ” نظم غير مقفيٰ“ ڪوٺيو، پر مولوي عبدالحق جي صلاح ڏيڻ تي ”نظم معريٰ“ لکڻ شروع ڪيو. ”دلگداز“ جي فيبروري ١٩٠١ع واري پرچي ۾ لکيائين:

”نظم غير مقفيٰ کي آئندي اسين نظم معريٰ لکنداسين. اسان جي لائق ۽ معزز دوست جناب مولوي عبدالحق صاحب اهڙي نظم لاءِ اهو نالو تجويز ڪيو آهي. جو اسان کي بيحد پسند آهي. اسان جو نوعمر دوست تجمل شاهه خان لکي ٿو ته ” نئين نالي جي ڪا به ضرورت ڪانهي،پراڻو نالو ”نثر مرجز“ ڪافي آهي“ پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهين اسين هن قسم جي ڪلام کي نثر تسليم ڪندا هجون ها ته پوءِ ان کي ”نثر مرجز“ به چئون ها. اسين ته ان کي نظم ٿا سمجهون، ڇو ته بحر ۽ وزن جي پوري پابندي ڪئي وڃي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته ان لاءِ ڪو نئون نالو تجويز ڪيو وڃي“. (1)

”نظم معريٰ“ جي تحريڪ کي ڪن نوجوانن زور وٺايو ۽ ان کي پنهنجيءَ زبان ۽ شاعريءَ لاءِ نيڪ فال سمجهيو. شرر جي منظوم ڊرامي جي اثر سان ڪي نيا ڊراما به ” نظم معريٰ“ ۾ لکيا ويا. خود شرر به ”مظلوم ورجينيا“ جي عنوان سان ٻيو ڊرامو ”نظم معريٰ“ ۾ لکيو.

مولوي شرر جي دلچسپي اصل ۾ ناول ۽ تاريخ سان هئي ۽ هن شاعريءَ کي ڪڏهن به بنيادي اهميت ڪا نه ڏني، تنهنڪري منظوم ڊرامن بنا هو ٻيو ڪجهه لکي نه سگهيو. ليڪن سندس ڊرامن جي تاريخي اهميت اها ئي آهي جو انهن جي ذريعي بنا قافئي ۽ آزاد نظم جو رستو هموار ٿيو، ۽ سندس رسالي جي همت افزائيءَ سان سڌيءَ طرح انگريزيءَ مان نظمن جا ترجما ٿيڻ لڳا، جن جي ڪري پابند نظمن جي اسلوب ۽ اظهار ۾ به تازگيءَ ۽ نواڻ جا آثار پيدا ٿيا.

مولوي شرر جيڪا ”دلگداز“ جي ذريعي جديد نظم نگاريءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي، سا اڳتي هلي سر عبدالقادر جي ”مخزن“ ذريعي وڌيڪ اُسري. ان جو پهريون پرچو ١٩٠١ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي مقصدن مان اهو به هڪ هو ته انگريزي نظمن جا ترجما ۽ ان جي نموني تي طبعزاد نظم شايع ڪري، اڙدو شاعريءَ ۾ ”نئون مذاق“ پيدا ڪجي.

پهرئين ئي پرچي ۾ ورڊ سورٿ جي رنگ ۾ ڊاڪٽر اقبال جو نظم ” هماله“ شايع ٿيو. ”مخزن“ ۾ نه رڳو نئين اسلوب جا نظم، بنا قافئي ۽ آزاد نظم، مسلسل شايع ٿيندا رهيا، بلڪ انهن جي حمايت ۾ تنقيدي ۽ معلوماتي مضمون به ڪيترائي ڇپيا. انهن ڪوششن سان، ”مخزن“ جي ذريعي ” ڪي اهڙا بلند پايي جا جديد نظم نگار پيدا ٿيا، جن جي مقبوليت ويهين صديءَ جي پهرين ڏهائيءَ کان ئي غزل کي اڙدو شاعريءَ جي بنيادي صنف بدران ثانوي حيثيت ڏيئي ڇڏي.“(1)

جديد نظم نگاريءَ جي تحريڪ ۾ ڊاڪٽر اقبال جو وڏو حصو آهي، جنهن ”مخزن“ جي مقرر ڪيل، ”اڙدو نظم ۾ مغربي خيالن، فلسفي ۽ سائنس جي رنگ ڀرڻ ۽ نتيجي خيز مسلسل نظمن کي رواج ڏيڻ“ واري مقصد جي گهڻي پٺڀرائي ڪئي، ان لاءِ خود سر عبدالقادر ” مخزن“ ۾ لکي ٿو:

”اهو مقصد خاطر خواهه نموني پورو ٿيو، ۽ ان کي پوري ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوشش شيخ محمد اقبال، ايم. اي. ۽ مير نيرنگ، بي. اي.، جي طرفان ٿي. انهن جي ڪلام جا مجموعا ڇپبا ته شائقين ڏسندا ته ڪيترن نون خيالن ۽ ڪهڙن ڪهڙن خزانن جا علمي جواهر انهن دل آويز نظمن ۾ جمع ڪيل آهن.“(1)

        اقبال جيتوڻيڪ ”آزاد نظم“ ۾ دلچسپي ڪا نه ورتي، پر نظم جي هيئت ۾ هن نوان نوان تجربا ڪيا، جن سان قافين جي سٽا ۾ گهڻي وسعت آئي. هونئن به جديد نظم جو اهو مرحلو اڃا ابتدائي هو، جنهن ۾ پابند ۽ بنا قافئي نظم جا تڪرار نبيرجي رهيا هئا. البت ٻيا رسالا به هاڻي انگريزي اسلوب جا نظم ۽ نظم معريٰ (Blank verse) شايع ڪرڻ لڳا.

        شرر ۽ سر عبدالقادر کانپوءِ، نظم جي نئين اسلوب کي زور وٺائڻ جو سهرو مولانا ”تاجور“ جي سر تي آهي، جنهن ”همايون“ رسالي جي ذريعي زبردست تحريڪ هلائي. جنوري 1923ع جي ”همايون“ ۾ ”اڙدو شاعري ۽ ”بلئنڪ ورس“ جي عنوان سان سندس مقالو شايع ٿيو، جنهن ۾ هن نه صرف روايتي شاعريءَ ۾ قافئي جي پابندين کي هٽائڻ ۽ پراڻي اسلوب کي سڌارڻ جا دليل ڏنا آهن، بلڪ اُڙدو شاعريءَ جي لاءِ نئين تحريڪ جي تجويز به پيش ڪئي آهي. ان ۾ شاعريءَ جي زبان، قافئي، بحر ۽ موضوع جي سڀني معاملن بابت جامع پروگرام ڏنل آهي. ان جا ڪي اقتباس هي آهن:

        ”اڙدو شاعر ڄاڻن ٿا ته انهن کي قافئي آرائيءَ ۾ خون پسينو هڪ ڪرڻو پوي ٿو. قافئي جي غير محدود ۽ غير ضروري شرطن سببان گهڻو ڪري بهتر کان بهتر خيال ۽ دلڪش کان دلڪش جذبي کي، پنهنجي حوصلي سان گڏ، انهيءَ ڪري دفن ڪري ڇڏڻو ٿو پوي جو ”جبر“ جو قافيو ”صبر“ اچي ٿو، پر ”صبر“ جو لفظ ان وقت شاعر جي مطلب ۽ خيال کي ادا نه ٿو ڪري. اهي غير ضروري پابنديون اڙدو شاعريءَ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيون آهن. گهڻيون ئي خيال آفرين طبيعتون، انهن قيدن کان گهٻرائجي، حوصلو هاري چڪيون آهن. اڙدو نظم جو خزانو، علمن ۽ فنن جي نون جواهرن بجاءِ زلف ۽ خال جي پٿرين سان پُر ٿي رهيو آهي. هندستان جو تعليميافتو طبقو، زنده زبانن جي ترقييافته ۽ گران بها شاعريءَ کي ڏسي، پنهنجو مذاق بدلائي چڪو آهي ۽ اڙدو نظم کي پنهنجي ذوق مطابق نه ڏسي، اڙدو شاعريءَ ۽ اڙدو زبان کان مايوس ٿي رهيو آهي. “ (1)

        اڙدو ادب بابت پنهنجو اصلاحي پروگرام هن ريت پيش ڪيو اٿس:

        ”اڙدو نظم ۽ نثر بابت منهنجو آئنده پروگرام هي آهي:

١.   اڙدوءَ مان عربي ۽ سنسڪرت جا ثقيل لفظ ڪڍي، ان کي عام فهم هندي نما زبان بنائڻ؛

٢.      آئندي عام هندستاني زبان مطابق گرامر تيار ڪرڻ؛

٣.      اڙدو نظم ۾ بلئنڪ ورس کي رواج ڏيڻ، ۽ ان سان گڏ قافئي وارن نظمن ۾ هڪجهڙن قافين ۽ پابندين کي گهٽائڻ؛

4.     اڙدو نظم کي هندي وزنن ۾ پلٽائڻ؛

٥.      اڙدو نظم جو مخاطب محبوب مرد بجاءِ عورت کي قرار ڏيڻ؛

٦.      اڙدو نظم ۾ ليليٰ ۽ مجنون، رستم ۽ سهراب ، نرگس ۽ بلبل بدران هندي مضمون، هندي خيال، ۽ هندستاني واقعا بيان ڪرڻ.“ (1)

”آزاد نظم جو تاريخي پس منظر“ واري باب ۾، انگريزي ۽ فرينچ زبانن ۾ شاعريءَ جي قافئي، بحر ۽ زبان بابت نئين لاڙي جو ذڪر اسين پڙهي آيا آهيون. اڙدو بابت مولانا تاجور جو مٿيون پروگرام پڻ ادب جي اصلاحي تحريڪ جو ساڳيو رخ آهي، جنهن جو پڙاڏو اسان کي سنڌي ادب ۾ به گونجندو معلوم ٿئي ٿو. زبان ۽ ادب جون اهي اصلاحي تحريڪون هر زبان ۾ محسوس ڪيون وڃن ٿيون، جن تي الزام تراشيءَ بجاءِ سنجيدگيءَ سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. اڙدو زبان جو خير خواهه مولوي عبدالحق (باباءِ اڙدو) کان وڌيڪ ٻيو ڪير هو؟ هن صاحب نون لاڙن جي زبردست پٺڀرائي ڪئي، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. ان کان اڳ مولانا تاجور جو فارسي بحرن کي ترڪ ڪرڻ بابت خيال پيش ڪجي ٿو. ”اڙدو نظم هندي بحرن ۾“ جي عنوان سان مضمون (”همايون“، سيپٽمبر 1923ع) ۾ لکي ٿو:

”اڙدو شاعريءَ کي ملڪي شاعري بنائڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ هر هڪ شاعر کي پنهنجو فرض سمجهڻ کپي. جيڪڏهن ملڪ جا ڏهه سٺا شاعر به اڙدو نظم هندي وزنن ۾ چوڻ شروع ڪن ته هڪڙي ئي سال اندر هندستاني جذبن جو سيلاب دجلي بدران گنگا جي رخ تي وهڻ لڳو. جيڪڏهين ان جي جائز هجڻ بابت اڳين شاعرن جي فتوا درڪار آهي. ته اڙدو جو خداءِ سخن ”مير“ ۽ ملڪ الشعراءَ ”سودا“ ان تي دستخط ڪري چڪا آهن. ”سودا“ ۽ ”مير“ جون ڪي مثنويون ”رامايڻ“ جي وزن ۾ چيل آهن ۽ ”مير“ جا ڪيترا غزل هندي وزنن ۾ موجود آهن. انهن کي پڙهي اهو تجربو به ٿيو آهي ته هندي وزنن ۾ اچي، اڙدو تمام سٺو ۽ اثرائتو بنجيو پوي. فارسي – عربي وزنن ۾ نظم لکڻ ڪو مذهب جو حڪم ڪونهي، جنهن جي خلاف ورزي ڪرڻ مذهبي جرم سمجهيو وڃي.“ (1)

مولانا تاجور جي انهيءَ تحريڪ کي عظمت الله خان جي ڪوشش وڌيڪ زور وٺايو. مولوي عبدالحق ان جي زبردست همت افزائي ڪئي، ۽ پنهنجي رسالي ”اردو“ ۾ عظمت الله خان جا نئين انداز جا نظم شايع ڪرڻ شروع ڪيا. بلڪ سندس هڪڙو اهڙو مضمون به شايع ڪيو، جنهن قدامت پسندن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. ان مضمون مان ڪي اقتباس پيش ڪجن ٿا (2) جن ۾ غزل جي فرسودگيءَ ۽ بحر ۽ قافئي کان بيزاري ڏيکاريندي، ”نئين آزاد عروض“ جي تقاضا پيش ڪئي وئي آهي:

”غزل ريزه خياليءَ ۽ پريشان گوئيءَ جو اهڙو ئي هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي، جهڙو اسان جي شاعرن لاءِ سندن سماجي زندگي بنجي وئي هئي. شاعرن جو سمورو مواد هميشه لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو ويو. جنهن تي اولي العزم استادن جي شعرن جو ڄارو ڄمي ويو. شاعريءَ جي معنيٰ اها سمجهي ويئي ته انهن ڄاري لڳل خيالن کي ئي ورتو وڃي، جن کي اسان جا شاعر فخر سان ”نئون مضمون“ چوندا هئا، جنهن جو مطلب رڳو اهو هوندو هو ته لفظ، بندش، ترڪيب، رديف ۽ بحر بدلائي مضمون ادا ڪيو ويو آهي. ان طرح، جيڪڏهن شاعرن جي ديوانن ۽ بياضن تي نظر وڌي وڃي ته مضمون جي جدت جي لحاظ کان، چند شعرن کان سواءِ، باقي سڄي جو سڄو ديوان اهڙن شعرن سان لبريز نظر ايندو، جن ۾ اڳين استاد شاعرن جي ئي مضمونن کي نون لفظن ۾ ادا ڪيو ويو آهي. مطلب ته اڙدو شاعري رڳو غزلگوئي ٿي ويئي، ۽ غزلگوئي ٺلهي قافئي پيمائي ۽ لفظن جو کيل بنجي ويئي.

”سڀ کان پهرين اصلاح هاڻي اها ٿيڻ کپي ته شاعريءَ کي قافئي جي ظلم کان نجات ڏياري وڃي. هن ڳالهه کي کلم کلا ظاهر ڪري ڇڏيو وڃي ته شاعري قافئي جي اشارن تي ڪا نه هلندي، بلڪ شاعر جي ارادي ۽ خيال جي ضرورتن اڳيان قافئي کي مٿو ٽيڪڻو پوندو.... قافئي جي هن بدعنوانيءَ ۽ بد ڪرداريءَ، جبر ۽ استبداد کي غزل پنهنجيءَ هنج ۾ پاليو، ۽ ايتريقدر ان کي پالي پوسي ٻلوان ڪري ڇڏيائين جو هن تخيل ۽ خيال کي پنهنجي شڪنجي ۾ ڦاسائي ورتو ۽ پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيائين... هاڻي وقت آيو آهي جو خيال جي گلي مان قافئي جو ڦندو ڪڍيو وڃي، ۽ ان جي بهترين صورت هيءَ آهي ته غزل جو ڳاٽو، بيتڪلف ۽ بنا هٻڪ ڀڃي ڇڏجي!..

”اڙدو شاعريءَ جا مروج وزن ۽ بحر مسلسل گوئيءَ جي لاءِ رڪاوٽ آهن. انهن تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ نهايت ضروري آهي. تان ته اڙدو شاعري پوريءَ طرح خيال جي تسلسل ۽ اصليت ۾ رچي وڃي - ۽ اسان جي زبان جي جديد شاعريءَ جو دور شروع ٿئي.

”اڙدو عروض جو بنياد هندي پنگل تي رکيو وڃي، هندي عروض جا اصول ، سائنٽيفڪ مطالعي ۽ تجربي بعد، اڙدوءَ جي نئين عروض جو بنياد قرار ڏنا وڃن. عربي عروض جا جيڪي بحر انهن اصولن مطابق هجن، سي رکيا وڃن. انگريزي عروض جا اهڙا اصول، جيڪي آزاديءَ جي جان آهن ۽ اهڙي وسعت رکن ٿا. جو هر زبان لاءِ ڪم اچي سگهن [ بلئنڪ ورس ۽ فري ورس جون هيئتون] ، انهن تي نئين عروض جي آزاديءَ جو سنگ بنياد رکيو وڃي.

عظمت الله خان ان بعد پنهنجن مٿين اصولن تي خوب نوان تجربا ڪيا. سندس نظم، مولوي عبدالحق جي تعارفي نوٽن سان، رسالي، ”اردو“ ۾ شايع ٿيا. سندس نظم اڙدو شاعريءَ ۾ نئين آواز جي حيثيت رکن ٿا. روايتي شاعري، جنهن تي ايراني ماحول جي حڪمراني هئي، تنهن جي خلاف هن آواز وڏو اثر ڪيو، ايتريقدر جو مولانا تاجور کي چوڻو پيو ته ”مون کي خوشي آهي جو ادبي استبداد خلاف هن پرخطر جهاد ۾ آءُ اڪيلو نه آهيان ۽ ”دهلي“ ۽ ”لکنو“ خلاف انقلاب برپا ڪرڻ ۾ مون سان گڏ ٻيا به سرفروش آهن.“ (”همايون“، اپريل 1942ع).

مولانا تاجور ۽ عظمت الله خان جي ڪوششن هڻي وڃي هنڌ ڪيو، بحرن جي گونا گوني، هيئت جا نوان تجربا، مقامي تهذيب جا عنصر ۽ ماحول، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي اجاين ترڪيبن کان آزاد زبان، عورت جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ۽ محبوبيت لاءِ ان جو تصور، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نيون روايتون اڙدو شاعريءَ ۾ قائم ٿيون ۽ پوءِ جي نظم نگارن ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن کان اثر ورتو، جوش مليح آبادي، اختر شيراني، سيماب اڪبر آبادي، حفيظ جالنڌري، ساغر نظامي، جليل قدوائي، عبدالمجيد سالڪ، اختر انصاري (دهلوي) ۽ ٻيا انيڪ شاعر، 1920ع کان 1952ع تائين جي عرصي ۾، نظم جي شاعريءَ ۾ مشهور ٿيا، ”همايون“ کان سواءِ ”نيرنگ خيال“، ”نگار“ ، ”عالمگير“، ”ادبي دنيا“، ”شاهڪار“ ۽ ٻين گهڻن ئي رسالن ۾ جديد طرز جا نظم شايع ٿيڻ لڳا.

جولاءِ 1943ع جي”همايون“ ۾ حفيظ هوشيار پوريءَ پنهنجي نظم ”بيوفائي“ تي هيٺيون نوٽ لکيو:

”هي نظم لارڊ بائرن جي مشهور نظم When we two departed جو ترجمو آهي. اهو Verse libre يا آزاد نظم ۾ آهي، جو جديد دور جي انگريزي شاعريءَ جي هڪ نمايان خصوصيت آهي. اڙدوءَ ۾ اڃا ان طرف گهٽ توجهه ٿي آهي. نظم بحر هرج ۾ آهي ۽ هر مصراع کي ضرورت موجب مختلف رڪنن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪي مصراعون قدرتي طرح سالم به اچي ويون آهن. هڪ آهنگي کي دور ڪرڻ لاءِ، هر بند جي پڇاڙيءَ ۾ ”مفاعيلن – فعولن“ جي وزن تي هڪڙو ننڍو ٽڪرو ڄاڻي ٻجهي رکيو ويو آهي.“ (1)

هيئت جي نون تجربن ۾، جديد نظم جي مختلف صورتن (سانيٽ، بنا قافئي نظم، بندن واري نظم، وغيره) سان گڏ، آزاد نظم ۾ به جيتوڻيڪ ڪافي تجربا ٿي چڪا هئا، پر ان کي نمايان مقام 1953ع واري دور کان پوءِ واري دور ۾ حاصل ٿيو، جنهن ۾ ن. م. راشد ۽ ميراجيءَ جا نالا سرفهرست آهن. ن . م. راشد جي شاعري اڙدوءَ ۾ هڪ نئين تجرباتي دور جي تمهيد آهي، جنهن سان فن ۽ فڪر، اسلوب ۽ هيئت ۾ مڪمل جدت جا امڪان روشن ٿيا.

اڙدو ۾ اڄ آزاد نظم ۽ بنا قافئي نظم ايترائي مقبول آهن، جيترو غزل ان جو اندازو اڙدو جي ڪنهن به ادبي رسالي کي ڏسڻ سان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ آزاد ۽ بنا قافئي نظمن جو گهڻو تعداد شامل نظر ايندو، ۽ پڻ ڏٺو ويندو ته هاڻي انهن جي شناخت لاءِ ڪٿي به ”آزاد نظم“ يا ”نظم معريٰ“ جا لفظ نٿا لکيا وڃن؛ ڇو ته اڙدو زبان انهن صنفن کي ڪُلي طرح ”نظم“ جي صنف ۾ شمار ڪري، انهن کي پنهنجو بنائي چڪي آهي. اڙدوءَ جا ليکڪ ۽ پڙهندڙ انهن صنفن سان بلڪل مانوس ٿي ويا آهن، تنهنڪري رواجي نظم ۽ هن قسمن جي نظمن جي درجيبندي به ختم ٿي چڪي آهي. اڙدو نظم هن وقت چوٽ تي آهي، جنهن وٽ ”فيض“ جهڙا عظيم شاعر به موجود آهن. ”فيض“ به ڪجهه آزاد نظم لکيا آهن. هونئن به سندس سمورن نظمن ۾ قافئي ۽ بحر جي ترتيب روايتي شاعريءَ کان بلڪل مختلف آهي. اڙدوءَ جو غزل به هاڻي اهو نه رهيو آهي، جيڪو ”لکنو“ ۽ ”دهلي“ جي پُرتڪلف، درٻاري تهذيب جو آئينه دار هو. پر اڙدو شاعريءَ کي انهيءَ ڪشاديءَ فضا ۾ پهچائڻ لاءِ ڪيترن ئي محترم هستين کي اڌ صديءَ جي عرصي تائين جدوجهد ڪرڻي پيئي آهي.

سنڌي شاعري ۾ وسعت پيدا ڪرڻ جي اصلاحي تحريڪ اڃا ابتدائي مرحلن ۾ آهي، پر اڙدوءَ جي حالتن سان ڀيٽجي ٿو ته اسان وٽ موجود صورتحال ڪيڏي نه افسوسناڪ آهي! آزاد نظم تي ڪفر، فحاشي ۽ مغرب جي تقليد وغيره جهڙا اعتراض ڪندڙن کي جاچڻ کپي ته اهي بزرگ به پنهنجيءَ زبان جي خير خواهي چاهيندڙ هئا، جن اڙدو شاعريءَ ۾ جديد روايتن جو پايو وڌو ۽ انهن جي سرپرستي ڪئي. اهي ملڪ جي ديني ۽ قومي زندگيءَ جون انتهائي معتبر هستيون هيون. ساڳئي وقت، غزل جي عروضي شاعريءَ جون روايتون سنڌيءَ لاءِ احترام جي لاءِ ڪينهن، جيتريقدر اڙدو لاءِ اهي مقدس تهذيبي ورثي جي حيثيت رکن ٿيون.


(1)  Encyclopaedia Britanica Vol:9, 1960, pp 745 - 764

(2) “Literary Essays of Ezra Pound” Edited by T. S. Eliot Faber and Faber Limited London P.3

(1)  ”سوغات“ جديد نظم نمبر، پرچو 7 ۽ 8 ڪراچي، ١٩٦١ع ص 68 88(2) ايضاً ، ص 87.

(2)  ايضاً، ص 87

(1)  ”سوغات“، جديد نظم نمبر، پرچو 7 ۽ 8، ڪراچي ١٩٦١ع 88

(2)  ايضاً.

(3)  ايضاً

(1)  ”سوغات“، جديد نظم نمبر، ڪراچي ، ١٩٦١ع، ص

(1) ”سوغات“ جديد نظم نمبر

(1)  خليل الرحمان اعظمي: ”سوغات“ جديد نظم نمبر، ڪراچي، ١٩٦١ع، ص ٩٥

(1)  ”سوغات“، جديد نظم نمبر ، ص ٩٦.

(1)  ”سوغات“ جديد نظم نمبر، ص ١٠٥.

(1) ”سوغات“، جديد نظم نمبر، ص ١٠٥.

(1)  ”سوغات“، جديد نظم نمبر، ص ١٠٦

(2)  ايضا، ص ١٠٧ - 108

(1)  ”سوغات“، جديد نظم نمبر، ص ١١٠.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org