اهڙيءَ ئي طرح، ”آزاد نظم“ جي سلسلي ۾،
جيڪڏهن ”شاعريءَ“ جي ٻين سڀني وصفن ۽ خوبين کي نظر
انداز ڪري ڇڏجي ته پوءِ به ان کي نثر جي دائري ۾
نه بلڪ نظم جي دائري ۾ شمار ڪرڻو پوندو؛ ڇاڪاڻ ته
ان ۾ جيڪڏهن نثر جا ڪي عنصر داخل سمجهيا وڃن ٿا،
تڏهن به اهو گهڻو ڀاڱي ”نظم“ ئي آهي.
ان کان وڌيڪ غير جذباتي ۽ ديانتداريءَ واري
راءِ ڪا به نٿي ٿي سگهي، ورنه ”آزاد نظم“ کي
”شاعري“ تسليم ڪرڻ لاءِ فقط اهو ئي هڪڙو بنياد ڪو
نه آهي. اسين چڱي طرح محسوس ڪري سگهون ٿا ته شاعري
انهن مڙني وصفن کان بلند ”ڪا ٻي شي“ آهي. شاعري هڪ
تخليقي فن آهي، جيڪو جذبي ۽ احساس، تصور ۽ تخيل جي
سرچشمن جي اُٿل آهي. هر ڪا موزون عبارت شاعري نه
آهي، پر شاعريءَ لاءِ موزونيت ضروري آهي. ”آزاد
نظم“ ۾ وزن به آهي ته جذبو ۽ فڪر به.
(٣) ”موزون ڪلام.“
روايتي شاعريءَ ۾ بحرن جي مقرر رڪنن ۽ قافئي
جي پابنديءَ کي لازمي سمجهيو وڃي ٿو – ايتريقدر جو
انهن کان سواءِ عروضدان ڪنهن به شعري تخليق کي
”غير موزون ڪلام“ چون ٿا. اول ته اڄ تائين ڪٿي به
انهن ٻنهي چيزن کي شاعريءَ جي وصف ۾ شمار نه ڪيو
ويو آهي، بلڪ انهن کي ترنم ۽ تاثر پيدا ڪرڻ جو
هڪڙو وسيلو سمجهيو ۽ استعمال ڪيو ويو آهي. پر تعجب
آهي ته انهن جي نه هجڻ سبب ڪو شعر ”غير موزون“
ڪلام ڪيئن ٿو چئي سگهجي، جڏهن ته ”وزن“ الڳ شي آهي
۽ بحر ۽ قافيو الڳ. هو فارسي شاعريءَ جي تتبع تي
چيل ڪلام کانسواءِ، سنڌيءَ جي بيتن، ڪافين ۽ گيتن
۽ ٻين اهڙين سڀني صنفن کي ”ڪلام غير موزون“ جي
اصطلاح هيٺ آڻين ٿا. حالانڪ هيءَ ڳالهه ظاهر آهي
ته انهن سڀني صنفن جي شاعريءَ ۾ ”وزن“ موجود آهي:
ڪي چيزون هندي ڇند جي وزن تي آهن ۽ ڪي موسيقيءَ جي
وزن تي. عربي عروض واريءَ شاعريءَ ۾ بحر جي وسيلي
وزن پيدا ڪيو وڃي ٿو، تنهنڪري ان جي نه هجڻ ڪري
ٻيءَ هر قسم جي شاعريءَ کي ”ڪلام غير موزون“ چوڻ
غلط آهي.
(4)
بحر ۽ قافيو
جيتريقدر فارسي بحرن جو تعلق آهي، اهي در
اصل سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن – ان
جو ذڪر اسين گذريل بابن ۾ ڪري آيا آهيون. هتي اسين
ان جي ڪن فني پهلوئن تي روشني وجهنداسين.
فارسي بحر متحرڪ ۽ غير متحرڪ حرفن جي ترتيب
سان رٿيل آهن، جنهن موجب شاعر کي ڪنهن به مقرر بحر
۾ لکڻ لاءِ، بحر جي رڪن جي ترتيب سان، ساڪن حرف جي
جڳهه تي ساڪن حرف ۽ متحرڪ حرف جي جڳهه تي متحرڪ
حرف آڻڻو آهي.
بحرن جي سمورن رڪنن جو آخري حرف، فارسي زبان
جي اصول موجب، ساڪن آهي – جهڙوڪ فاعلاتنˆ،
فعلاتنˆ، فعولنˆ،
مفعولنˆ، مستفعلنˆ،
وغيره. ان جي برعڪس، سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به آخري
لفظ ساڪن ڪو نه ٿيندو آهي. ان ڪري، جيڪڏهن
”پابنديءَ“ وارو خيال ڪجي ته پوءِ ائين چئي سگهجي
ٿو ته اڄ تائين جيڪا به شاعري فارسي بحرن تي
سنڌيءَ ۾ ڪئي وئي آهي، سا انهن تي پوري بيٺل
ڪانهي. هيٺ هڪ اڌ مثال جاچيون ٿا، جنهن مان اسان
کي معلوم ٿيندو ته انهن بحرن جي ڪري سنڌي اچارن ۽
سنڌي لهجي کي به غلط بنائي ڇڏيو ويو آهي، ۽ ان طرح
لفظن جي اصل معنيٰ پڻ بدلجي وڃي ٿي. هڪڙي غزل جي
مصراع آهي:
”ياد ڪيا دل پنهنجا يار“
انهيءَ مصراع جي تقطيع هيئن ٿيندي:
يادڪˆ
يا دل پنهنجا يارˆ
فعلن
فعلن
فعلن
فاعل
تقطيع کي نظر ۾ رکندي، ڏسبو ته
١.
”فعلن“ جي رڪن ۾ آخري حرف ”ن“ ساڪن آهي، جنهن موجب
”ڪَيا“ جي ”ڪ“ کي ساڪن ڪرڻو پوندو، حالانڪه ان تي
زبر آهي. ان طرح لفظ جو اُچار غلط ٿي ويو – ”ڪبا“
٢.
ٻئي رڪن ۾ ”دل“ جو ”ل“ ساڪن ڪرڻو پوندو، جيڪو
سنڌي تلفظ موجب متحرڪ آهي ۽ ان جي هيٺان زير جي
اعراب آهي.
٣.
چوٿون رڪن ”فاع“ آهي، جنهن ۾ ”ع“ ساڪن هجڻ سبب،
”بارَ“ جي بدران، ”ر“ کي ساڪن ڪري، ”يارˆ“ ڪرڻو پوندو. شاعر کي پنهنجي مطلب ۾
جمع جو صيغو استعمال ڪرڻو آهي، پر بحر جي سٽا ۾
اهو واحد بنجي ويندو. ان طرح خيال جي ادائگي ٿي ڪا
نه سگهندي.
انهيءَ سلسلي ۾ ليکراج ڪشنچند
”عزيز“ جو مثال پيش ڪجي ٿو، جنهن مان معلوم ٿيندو
ته عروض جا استاد به فارسي بحرن ۾ شاعريءَ سان
انصاف نه ڪري سگهيا آهن. سندس ٻه شعر آهن:
١. روز تنهنجو ٿو وڃي، حسن سوايو ٿيندو،
ڦاڙيان، جوڀن جو چوي، ننگ قبا ڪهڙيءَ طرح
٢. تنهنجي بيمارِ چشم جو، ڪو نه اگهو ڪڏهن ڇٽو،
زلف جو پڻ نه قيدي ڪو، گاهي ٿيو رها، مٺا
!
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ان سلسلي ۾
”ادب ۽ تنقيد ۾ فرمائي ٿو
(1)
:
”مٿين ٻن شعرن ۾، ڦاڙيان، مان يان لفظ،
بيمار مان ي ۽ قيدي مان ي لفظ ڪرن ٿا، جو قاعدي رو
جائز نه آهي. اهڙيءَ طرح لفظ ڪيرائڻ مان نه رڳو
روانيءَ ۽ سلاست ۾ فرق ٿو اچي، بلڪ شعر به پڙهڻ ۾
ناموزون [يعني بحر کان خارج] ٿيو پوي. عزيز اهڙيون
غلطيون جابجا ڪيون آهن.“
مٿي اسان ڏٺو ته مطلب جي ادائگيءَ تي ڌيان
ڏيندي شاعر قاعدي جي بجاوري نه ڪري سگهيو آهي، ۽
بحر جي پابندي ختم ٿي وئي آهي. بحر توڙي قافئي جي
پابنديءَ کي ٽوڙڻ جا مثال اسان کي ”ٽيڪنيڪل
شاعريءَ“ جي ٻين اُستادن وٽ به کوڙ ملندا.
هاڻي ”عزيز“ جو هيٺيون شعر ملاحظه ڪريو،
جنهن ۾ وري قائدي جي پوئواري ڪندي، مطلب جي
ادائگيءَ ۾ فرق اچي ويو آهي:
ٿا ڪهڙا ڪهڙا زخمِ جگر منهنجي کي ڏسن،
پئجي وڃي نظر نه ڪا بازوءِ يار ۾.
ڊاڪٽر ”خليل“ ان لاءِ ”ادب ۽ تنقيد“ ۾
فرمائي ٿو:
هن شعر ۾ ”معنوي تعقيد“ آهي، ڇاڪاڻ ته شعر
جو مفهوم، ڪن ڪڙين جي گم هئڻ سبب، يڪدم ۽ صاف
سمجهه ۾ نه ٿو اچي. گهڻي ويچار کانپوءِ معنيٰ واضح
ٿئي ٿي ته منهنجي جگر ۾ زخم آهن، جن کي ڪهڙا ڪهڙا
ماڻهو نه ويٺا ڏسن: انهن زخمن کي ڏسي، اهي ماڻهو
عش عش ڪندا ۽ حيران ٿيندا هوندا ته جنهن به شخص
اهي ڌڪ هنيا هوندا، تنهن جا بازو ضرور ڏاڍا مضبوط
هوندا! مگر جنهن ڌڪ هنيا آهن، سو منهنجو يار آهي.
تنهنڪري متان انهن ماڻهن جي نظر يار جي بازوءَ کي
نه لڳي وڃي ! هن شعر ۾ محاوري جي به غلطي آهي:
”نظر پئجي وڃڻ“ ڪو نه چئبو آهي پر ”نظر لڳي وڃن“
چئبو آهي. شاعر کي انهيءَ محاوري جي خبر آهي، پر
رديف جي مجبوريءَ ڪري نٿو آڻي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن
”نظر لڳي وڃڻ“ ٿو آڻي ته رديف ”کي“ آڻڻي پوندي.
* تنهنڪري رديف جي رعايت سبب ”نظر پئجي وڃڻ“ ٿو آڻي، جيئن رديف
”۾“ اچي سگهي.“(1)
ليکراج عزيز ڪيڏي پايي جو شاعر آهي، تنهن
لاءِ ڊاڪٽر ”خليل“ جي هيٺين راءِ پيش ڪجي ٿي، جنهن
مان اهو به معلوم ٿيندو ته ٺيٺ ايراني تتبع تي
شاعري ڪندڙ گروهه وٽ شاعريءَ جو ڪمال فقط فارسي
نموني تي شاعري ڪرڻ ۽ عروض جي فن ۾ ڪمال هجڻ آهي:
” ليکراج ڪشنچند، تخلص ”عزيز“ ، مير چنداڻي،
حيدرآباد جي عاملن ۾ سندس [منهنجي] خيال موجب هڪ
زبردست ۽ قابل شاعر آهي.... موجوده سنڌي هندن
۾ورلي ڪو اهڙو فرد، جنهن کي فارسيءَ تي پورو عبور
يا شعر يا سخن تي دسترس هوندي....
”عزيز“، فارسي تتبع تي انهيءَ نموني جي
شاعري ڪري، ڪمالِ فن جو مثال قائم ڪري ڏيکاريو
آهي.“
(2)
مٿين مثالن کي ڏسندي، سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي
بحرن جو هڪڙو اهڙو لساني مسئلو سامهون اچي ٿو،
جنهن جي اهميت سنڌيءَ جا عالم هڪدم محسوس ڪري سگهن
ٿا. فارسي بحرن جي مقابلي ۾، بيتن واري ”ماترڪ
ڇند“ ۾ ساڪن ۽ متحرڪ حرف جو ڪو به مسئلو ڪونهي؛ ان
۾ ”وزن“ ماترائن جي تعداد تي بيٺل آهي. هن قسم جي
وزن ۾ سنڌيءَ جا نه فقط اُچار پنهنجيءَ اصل صورت ۽
معنيٰ سان ادا ٿي سگهن ٿا، بلڪه مختلف فقرن جي زور
(Strees) آئي، لهجي جي گهربل
تبديليءَ سان، معنويت ۾ به اضافو آڻي سگهجي ٿو.
ڪافيءَ ۾ موسيقيءَ جو وزن آهي. هيءُ نُڪتو
به ويچار جوڳو آهي ته سنڌيءَ ۾ ”بيت“ جي شاعري
”ماترڪ ڇند“ موجب ڪيل آهي، يا موسيقيءَ جي نموني
تي، ڇو ته ڪيترين ئي جڳهين تي، خاص ڪري جتي قرآن
شريف جون آيتون شامل ڪيون ويون آهن، ماترائن جي
تعداد واري ڳالهه ختم ٿي وڃي ٿي. هي عالمن جي
ويچار جو مسئلو آهي، ۽ هن مقالي جي موضوع کان ٻاهر
آهي.
مٿئين بحث مان اسان کي هيٺيان نتيجا
حاصل ٿيا:
١.
فارسي بحرن جي پابندي ”شاعريءَ“ لاءِ لازمي ڪانهي؛
٢.
سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي بحرن جي پابندي نٿي ڪري
سگهجي؛
٣.
فارسي بحرن ڪري سنڌي زبان جا اُچار صحيح نموني ادا
نه ٿا ڪري سگهجن، ۽ انهن جي معنيٰ ۽ لهجو غلط ٿيو
پوي؛
4.
سنڌي شاعريءَ لاءِ هندي ڇند مناسب آهي.
مٿئين بحث جي روشنيءَ ۾، ”آزاد نظم“ بابت
جيڪو بحر کان انحراف جو اعتراض آهي، سو ختم ٿي وڃي
ٿو. آزاد نظم ۾ ”مقرر بحر“ هوندو آهي، پر ان جي
سڀني سٽن ۾ رڪنن جو ”مقرر تعداد“ نه هوندو آهي. هر
هڪ سٽ ۾ خيال کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهر گهٽ يا وڌ
رڪن هوندا آهن، ان ڪري ڪي سٽون ننڍيون ته ڪي وڏيون
ٿيندو آهن.
مقرر رڪنن جي حالت ۾، نظم جي هر هڪ سٽ جي
آخر تي خودبخود بيهڻو پوندو آهي. ان طرح هيئت ۾
(Regularity) ته حاصل ٿئي ٿي، پر روانيءَ ۽ تسلسل جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيو
وڃن. آزاد نظم ۾، ان ڪري، رڪنن کي گهٽائي ۽ وڌائي
رکڻ سان لفظن جي آوازن جو لاهه ۽ چاڙهه پيدا ڪري،
رواني ۽ تسلسل پيدا ڪيو وڃي ٿو.
اها چيز موسيقيءَ جي اصول تي رٿيل آهي، جنهن
۾ آواز جي چوٽي
(Pitch) هموار نٿي رهي، بلڪ
ساهه جي لهري
(Breath Control) سان ترنم جي ڪيفيت پيدا ڪئي وڃي ٿي.
اسين گذريل بابن ۾ فرينچ، انگريزي ۽ اڙدو
زبان ۾ آزاد نظم جي ذڪر ڪندي، اهو معلوم ڪري آيا
آهيون ته شاعرن ۾، عروضي پيمانن بدران ، موسيقيءَ
جي اصولن تي شاعري ڪرڻ جي تحريڪ پيدا ٿي. سنڌي
شاعريءَ لاءِ اهو مسئلو اسان جي موضوع کان خارج
آهي: آزاد نظم جي سلسلي ۾ ، سنڌيءَ کي خاص لهجو
(Accent) آهي يا نه، سو ثابت ڪرڻ لسانيات جي ماهرن جو ڪم آهي. اسان وٽ
آزاد نظم اڃا ابتدائي تجربن ۾ آهي، ۽ شاعرن اڃا
فارسي بحرن کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪيو آهي – پر ممڪن
آهي ته اڳتي هلي اِهو خيال زور وٺي.
جيتريقدر قافئي جو مسئلو آهي، شاعريءَ لاءِ
بحر وانگي، اهو به ”شرط“ نه، بلڪ تاثر پيدا ڪرڻ جو
هڪ وسيلو آهي. آزاد نظم ۾ خيال جي تسلسل ذريعي
تاثر پيدا ڪيو وڃي ٿو، ۽ قافئي جي هر هڪ سٽ ۾
مقرريءَ کي خيال جي آزاد وهڪ ۽ فڪري پرواز اڳيان
خارجي روڪ سمجهيو وڃي ٿو. خيالن جي هجوم مان،
جيڪڏهن قافيو خودبخود لفظي روپ وٺي نمودار ٿئي، ته
اهو قافيو ضروري آهي، نه ته ان کي ارادو ڪري، ڳولي
استعمال ڪرڻ آزاد نظم ۾ شاعراڻو ڪم نه آهي، گويا،
قافيو به خيال جو ئي جز آهي.
قافئي بابت ”خليل“ صاحب جو هيٺيون رايو
انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي ٿيندو:
”قافئي جي ڪري شعر ۾ خوبي معلوم ٿئي ٿي. ٻڌڻ
۾ سٺو لڳي ٿو. طبيعت ان جي طرف متوجهه ٿئي ٿي.
ڪلام ۾ هڪ اثر ٿي پوي ٿو. ٻڌڻ واري جي دل ۽ دماغ ۾
هڪ لطف پيدا ٿئي ٿو، ۽ محسوس ٿئي ٿو ته شعر آهي،
پر قافيو هڪ رنڊڪ به پيدا ڪري ٿو، ۽ ان جو ”شرط“
مطلب ۾ خلل ٿو وجهي؛ ڇاڪاڻ ته شاعر پنهنجي ذهن ۾
ڪو خيال ٺاهڻ جي بدران پهريائين قافيو سوچي هٿ ٿو
ڪري، تنهن کانپوءِ انهيءَ جي مناسب خيال ٿو ٺاهي،
۽ اهڙا لفظ هٿ ٿو ڪري، جن ۾ اهو قافيو اچي سگهي.
تنهنڪري، ڪيترن وقتن تي تصنع کان ڪم وٺي شعر ٺاهڻو
ٿو پوي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته شعر شاعر جي
اندر مان نه نڪتو آهي، بلڪ زبردستيءَ ٺاهيو ويو
آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ڪي شاعر قافئي جو شرط شعر
لاءِ ضروري نٿا سمجهن.(1)
آزاد نظم تي بحر ۽ قافئي کان انحراف جا ئي
فني اعتراض آهن، جن جي ڪري ڪي شخص ان کي شاعري مڃڻ
کان انڪاري ٿيندا آهن. مٿئين بحث ۾ اسان ڏٺو ته
”بحر“ ۽ ”قافيو“ شعر لاءِ ”شرط“ نه آهن، بلڪ انهن
جي ”پابندي“ خيال ۽ فڪر جي ”آزاد تسلسل“ کي روڪي
ٿي.
آخر ۾ ”خليل“ صاحب جي راءِ پيش ڪجي ٿي، جنهن
۾ ”شاعري“ جي حقيقت ۽ وصف بيان ڪيل آهي:
”شعر جو روح ئي سڀڪجهه آهي. اِهو ئي ان جي
حقيقت آهي. اِهو ئي ان جي ابتدا ۽ اِهو ئي ان جي
انتها. باقي رهيو جسم [هيئت]، سو اهو ته رڳو
مصنوعي شي آهي، جنهن کي شعر جي” شعريت“ سان ڪو
واسطو ڪونهي....اهو ڪلام، جنهن جو بنياد صحيح جذبن
تي رکيل آهي، جو تخيل جي هٿيارن سان تراشيل ۽ تيار
ڪيل آهي، ۽ جنهن ۾ اثر آهي. سو ئي حقيقت ۾ شعر
آهي.“(2)
هڪ سٺو آزاد نظم، عروضي پيمانن واريءَ
انهيءَ موزون عبارت کان بهتر آهي، جيڪا جذبي جي
اصليت، خيال ۽ فڪر کان عاري هجي.
(٥) ”فري ورس“ ۽ ”بلئنڪ ورس.“
سنڌي ”آزاد نظم“ جي فن بابت هيءَ
اهم ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ کپي ته اها انگريزيءَ جي
”فري ورس“
(Free verse) جو هوبهو چرٻو ڪو نه آهي، بلڪ هند – پاڪ ۾ ”فري ورس“
ڪڏهن به لکيو ئي ڪو نه ويو آهي.
انگريزيءَ جي ”فري ورس“ ۾ شاعر کي اها به
آزادي آهي ته ان ۾ ڪٿي نثر جا جملا ته ڪٿي بحر جي
تبديلي آڻي سگهي. ازان سواءِ انگريزيءَ جو عروض،
لفظن جي پدن
(Syllables)
تي زور
(Stress) ڏيڻ يا ڊگهي ۽ ڇوٽي حرف علت جي آڌار تي وزن پيدا ڪرڻ جو سرشتو
آهي، جيڪو اسان جي سنڌي زبان سان لاڳو نه ٿو ٿي
سگهي: ان ڪري ”فري ورس“ جو مڪمل انگريزي نمونو
اسين اختيار ڪري نٿا سگهون. سنڌيءَ ۾ ان مان فقط
قافئي ۽ بحر جي آزادانه استعمال جو تصور ورتو ويو
آهي، ۽ روايتي شاعريءَ جي سانچن ۽ بحرن جي بنياد
تي اسان آزاد نظم جي پنهنجي عمارت کڙي ڪئي آهي.
اسان وٽ وچ ۾ نثري جملن ۽ بحرن جي تبديليءَ جي
گنجائش ڪانهي.
سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري ”بنا قافئي نظم“ ۽ ”آزاد
نظم“ جي اصطلاحن کي هڪٻئي ۾ منجهايو ويندو آهي.
بنا قافئي نظم ۾ سٽن جا رڪن هڪجيترا هوندا آهن،
فقط قافيو ڪو نه هوندو آهي؛ ۽ آزاد نظم ۾ رڪنن جو
تعداد گهٽائي وڌائي سگهبو آهي ۽ قافيو به ضرورت تي
استعمال ٿيندو آهي.
بنا قافئي نظم به اسان وٽ انگريزيءَ جي ”بلئنڪ ورس“ جي
ساڳئي قانون تي ڪونهي. انگريزيءَ ۾ بلئنڪ ورس ڏهن
پدن
(Syllables) واري
(Iambic pentametre) ۾ لکيو ويندو آهي. اهو ڄڻ ان جو مقرر بحر آهي. پر
سنڌيءَ ۾ اهو ڪهڙي به بحر ۾ لکي سگهجي ٿو.
بنا قافئي نظم سنڌيءَ ۾ البت گهٽ لکيا ويا
آهن. سڳن آهوجا امداد حسيني ۽ نعيم دريشاڻيءَ جا
ڪي نظم مکيه آهن.
|