سَڃ
رات، پوئين پهر، نيري اُڀ جي اُترئين طرف، ٻن
ننڍن، روشن ستارن پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي.
پنهنجا ڪن سرلا ڪري
مون ٻُڌو....
هڪ ننڍي نيٽي ستاري پنهنجي وڏڙي کان پڇيو:
”ڇو اسين پنهنجو نچويون پيا ٿا نوُر؟
” ڪنهن جي لاءِ؟
”ڇا جي لاءِ؟“
وڏڙي تاري سوچي سوچي هيئن وراڻيو:
”منهنجا پٽڙا، جيئن ٻيا چمڪڻ سکن!“
نعيم دريشاڻي
پيشڪش
هن ڪتاب ۾ شامل مواد مون،
1964ع
۾، سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ايم. اي. جي مونو گراف
طور، ”سنڌي آزاد نظم ۽ اُن جو مستقبل“ جي عنوان
سان لکيو هو. تنهن وقت آزاد نظم بابت ادبي دنيا ۾
گهڻو چوٻول هلي رهيو هو ۽ روايتي شاعر ان کي نه
رڳو شاعري مڃڻ کان انڪاري هئا بلڪه تڏهوڪي قديم ۽
جديد واري تاريخي تڪرار جي وهڪ ۾ وهندي، هنن
انهيءَ صنف تي ڪافراڻي شاعريءَ واري صنف هجڻ جي
فتوا به ڏني هئي. ٻئي پاسي، اِنهيءَ صورتحال جي
ڪري، خود نئين ٽهيءَ جا شاعر هِن ڏس ۾ پنهنجي
پاران مفصل معلومات جي گهرج محسوس ڪري رهيا هئا.
مون، ان ڪري، ٻنهي پاسن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي،
هن خاص موضوع کي پنهنجي مقالي لاءِ منتخب ڪيو،
جنهن ۾ آزاد نظم جي وصفن، ان جي تاريخي سلسلن ۽
فني تفاوتن بابت پيرائتي معلومات سان گڏ، اختلاف ۽
انهن جا رد پڻ بيان ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ آزاد نظم
جو مسئلو ادبي لحاظ کان اڄ به ساڳي اهميت رکي ٿو،
پر وقت گذرڻ سان ڪي ڳالهيون هاڻي ڪي قدر تبديل ٿي
چڪيون آهن، تنهنڪري هن سموري مواد کي مجموعي نظر
سان پڙهڻ کپي. ۽ لکڻ جي انداز کي اُنهيءَ پس منظر
۾ ڏسڻ کپي، جنهن ۾ اهو لکيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڪن
هنڌن تي پڙهندڙن کي بدليل صورتحال جي ڪري ڦير
گهير، واڌاري يا سڌاري جي ضرورت محسوس ٿيندي، پر
مون مقالي کي جئن جو تئن شايع ڪرڻ پسند ڪيو آهي،
ان ڪري جو اول ته بنيادي ڳالهيون گهڻي ڀاڱي هينئر
به ساڳيون آهن، ۽ ٻيو ته پڙهندڙن کي اُنهيءَ
تاريخي تڪرار جي جهلڪ نظر اچڻ مناسب ڄاتي اٿم،
جيڪو آزاد نظم جي حوالي سان سموري جديد سنڌي ادب
بابت هڪ وڏيءَ هلچل جو ڏس ڏئي ٿو.
مسئلي جي اهميت آهر، هي مقالو بروقت نه، ته به
گهڻو اڳ يونيورسٽيءَ جي اهڙن ٻين مقالن جي اشاعتي
سلسلي ۾ شايع ٿي وڃڻ کپي ها، پر ، معلوم سببن جي
ڪري، بهر حال، ائين ٿي نه سگهيو. هاڻي آءٌ اهو
مقالو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ
جي ٿورن سان ، پنهنجي اداري جي پهرئين ڪتاب طور
پيش ڪري رهيو آهيان.
– شمشير الحيدري
ڪراچي
٢٠ – آڪٽوبر، ١٩8٧ع
مهاڳ
”آزاد نظم“ دنيا جي سڀني وڏين زبانن جي
شاعريءَ ۾ رائج آهي. پاڪستان جي سڀني زبانن ۾ آزاد
نظم لکيو وڃي ٿو. اڙدوءَ ۾ ان جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن
جو حلقو ڪافي وسيع ٿي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ آزاد نظم
جو چڱو ذخيرو موجود ٿي ويو آهي ۽ ان کي مناسب
اهميت حاصل ٿي رهي آهي. سڀئي رسالا ذاد نظم شايع
ڪن ٿا. ريڊيو پاڪستان تان آزاد نظم نشر ٿين ٿا.
مشاعرن ۾ آزاد نظم جو سٺو رواج ٿي ويو آهي. ان
طرح، لکندڙ توڙي پڙهندڙ شاعريءَ جي هن نئين نموني
کي آهستي آهستي محسوس ڪري رهيا آهن، ۽ ان سان
مانوس ٿي رهيا آهن.
پر آزاد نظم اڃا تجرباتي مرحلن ۾ آهي،
تنهنڪري ان بابت اسان جي معلومات به گهٽ آهي، ته
ان کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪي اعتراض به موجود آهن. ڪن
بزرگن ۽ سيکڙاٽن لاءِ آزاد نظم هڪڙي عجيب ڳجهارت
بنجي ويو آهي. فن جا ڪي استاد ان کي ” شاعري“ مڃڻ
کان انڪار ڪندا آهن. انهيءَ صورتحال ۾، ” آزاد
نظم“ جي موضوع تي هڪ مڪمل مقالو لکڻ ڪافي ڏکيو ڪم
هو.
آزاد نظم دراصل جديد شاعريءَ ۾ ”نظم“ جي صنف
جو هڪ نمونو آهي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي موجوده
دور جي پس منظر ۾ ئي سمجهي سگهي ٿو. مون، ان ڪري،
سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي تاريخي
سلسلي سان، جديد شاعريءَ جي پس منظر ۾ ان کي
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ائين ڪندي، سنڌي شاعري ۽
خود ” شاعريءَ“ جا به ڪي مکيه مسئلا بحث هيٺ آيا
آهن، جن جو تعلق هن دور جي عام لاڙن سان آهي. انهن
جي مطالعي ۾ جابجا آزاد نظم جي فني معاملن تي
روشني وجهڻ جي گنجائش پيدا ڪئي ويئي آهي ته جيئن
اسين سنڌي شاعريءَ ۾ ان جي حيثيت جو اندازو ڪري
سگهون.
آزاد نظم جيئن ته سنڌيءَ جي ”جديد شاعريءَ“
جو ئي جُز آهي، ۽ ان تي شاعريءَ جي هڪ صنف طور نه
بلڪه گهڻو ڪري جديد شاعريءَ سان اختلاف ڪرڻ واري
رويي هيٺ اعتراض ڪيا وڃن ٿا، تنهنڪري مون هن مقالي
جي شروع ۾ ” جديد شاعريءَ“ تي هڪ باب قائم ڪيو آهي
ته جيئن پهرين جديد شاعريءَ جي اهميت کان واقف ٿي،
آزاد نظم جي باري ۾ پيدا اختلافي راين جي اهميت به
جاچي سگهون. جيڪڏهن اسان کي يقين ٿي ويو ته سنڌي
شاعريءَ جو مستقبل معتبر هٿن ۾ آهي، ته پوءِ حال
جي رجحانن بابت عام تعصب واري نقطهءَ نظر کان هٽي،
اسين پنهنجن شاعرن ۽ اديبن جي پر خلوص تجربن جو
قدر ڪنداسين.
مون، بهرحال، آزاد نظم سان تعلق رکندڙ سنڌي
شاعريءَ جي مکيه فني ۽ تاريخي مسئلن کي ڇيڙيو آهي،
۽ سنڌي شاعريءَ جي ”ڪُل“ ۾ آزاد نظم جي ”جُز“ کي
پيش ڪيو اٿم – ڇو ته ” آزاد نظم“، منهنجي خيال ۾
خود سنڌي شاعريءَ جو ئي هڪ مسئلو آهي ۽ تنهنڪري ان
کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
آخر ۾ آءٌ پنهنجي مهربان استاد، جناب غلام
علي الانا جو ازحد ٿورائتو آهيان، جنهن هن مقالي
جي رٿا، تياريءَ ۽ ڪتابن جي فراهميءَ ۾ منهنجي حد
کان وڌيڪ مدد ڪئي. هيءُ مقالو سندس دعائن جو ثمر
آهي.
آءٌ پنهنجن محترم دوستن – هر هڪ امداد
حسيني، پرڀو ” ناشاد“ [هاڻي نفيس احمد شيخ] ، ناصر
مورائيءَ ۽ الطاف عباسيءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان،
جن هن مقالي نقل ڪرڻ لاءِ گهڻي تڪليف وٺي، ان جو
سڄو ذمو کنيو. سندن مدد بنا آءٌ ڪنهن به طرح ان کي
وقت سر پيش نه ڪري سگهان ها.
محترم الياس عشقي، محترم ع. ق. شيخ، محترم
قاضي خادم، بيگم آمنه خميساڻي، ۽ محترم تنوير
عباسيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جن پنهنجا ڪتاب ڏنا
۽ مشورن سان نوازيو.
١ – جون،
1964ع.
شمشير الحيدري حيدرآباد، سنڌ.
باب پهريون
جديد شاعري
زندگي ازل کان ترقي پذير ۽ تبديل پذير رهندي
آئي آهي، زندگيءَ جي اِها ئي هڪڙي اولين ۽ آخرين
حقيقت آهي. جهڙيءَ طرح زندگيءَ جا تمدني قدر
سدائين آهستگيءَ سان ۽ درجي بدر جي بدلبا رهن ٿا.
تهڙيءَ طرح ادب ۾ به يڪايڪ ڪا اوچتي تبديلي ڪا نه
ايندي آهي، بلڪه وقت ۽ حالتن پٽاندر ان جي اوسر جا
مرحلا طي ٿيندا آهن.
ڌرتيءَ تي هڪ ئي هنڌ اسان کي زندگيءَ جا
اُهي نظارا به نظر ايندا جيڪي زندگيءَ جي ارتقا جا
بنهه تازا شاهڪار آهن ۽ اُهي نظارا به نظر ايندا
جيڪي زندگيءَ جي تمام قديم نظام جو نمونو آهن.
پنهنجي ئي آسپاس اسان کي ڍڳي گاڏي به نظر ايندي ته
موٽر ڪار، ريل ۽ هوائي جهاز به، پٺيءَ اُگهاڙي
اُهو هاري به ڏسبو آهي جيڪو ڪاٺ جي هر ۾ ڍڳا جوٽي
ڌرتتيءَ ۾ پگهر پيو ڳاڙيندو آهي، ۽ اُهو آبادگار
به ڏسبو آهي جيڪو ٽوپلو پائي، ٽرئڪٽر تي چڙهي،
زمين جي پيداواري قوت مان آرام جو ثمر پيو پيدا
ڪندو آهي. ظاهر آهي ته ”دنيا جو مقدر“ پويون منظر
آهي، ۽ نه پهريون. جيڪي شخص زندگيءَ جي انهيءَ اٽل
روايت جو شعور نٿا رکن. سي ”ڍڳي گاڏيءَ“ کي پنهنجي
اصليت ۽ روايت قرار ڏيئي، ادب کي به اڳتي وڌائڻ
کان انڪار ٿا ڪن (اها به زندگيءَ جي عجيب ”روايت“
آهي!). قديم ۽ جديد جو اِهو جهڳڙو به اوتروئي پر
لطف آهي، جيتري زندگي خود، پر ڏسڻو اِهو آهي ته
ادب ۾ انهيءَ انسان جو خير خواهه ڪير آهي، جنهن جي
”ڍڳي گاڏيءَ“ کي ديس جي اصليت ۽ روايت قرار ڏنو
ويو آهي: اُهو، جيڪو کيس هميشه لاءِ سندس ساڳئي
حال ۾ مبتلا رکڻ چاهي ٿو، يا اُهو، جيڪوکيس
زندگيءَ جي تازه ترين نعمتن سان سرفراز ڏسڻ ٿو
گهري؟ ظاهر آهي ته ڪو به سمجهدار اديب پنهنجي
معاشري کي زندگيءَ جي قديم تصور تي جهلي بيهي رهڻ
تي اصرار نه ڪندو. اسين ضرور ”روايت“ بابت بنيادي
طرح غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهيون، تنهنڪري ان جي
حفاظت ۽ حرمت جا ڪافي غير ضروري مسئلا اسان وٽ
موجود ٿي ويا آهن. اسان وٽ ادبي دنيا ۾ اختلاف جو
سبب رڳو ايترو آهي؛ ورنه ڪنهن جي به مخلصيءَ ۾ شڪ
بنهه نٿو ڪري سگهجي. زندگي پنهنجيءَ قدرتي روايت
موجب نت نوان منظر پيش ڪندي ٿي رهي، تنهنڪري ادب
اُهو ئي آهي، جنهن ۾ انهن نون منظرن جو عڪس هجي،
اهو ئي سبب آهي جو نوان قدر سدائين غالب رهيا آهن،
۽ انهن جي مخالفت، دير مدار سان، آخرڪار ختم ٿي
ويئي آهي. سو، زندگيءَ جي تعمير ئي ادب جو تعميري
مقصد آهي.
پر اُن جو مطلب هروڀرو ائين ڪو نه آهي ته هر
ڪنهن قديم قدر کي ٺوڪر هنئي وڃي. جيئن مٿي چيو
ويو، ادب زندگيءَ جي تمدني قدرن سان وابسته آهي،
جيڪي در جي بدرجي پنهنجي شڪل اختيار ڪندا آهن.
تنهنڪري، ٻين لفظن ۾ ، هرڪو جديد قدر پنهنجي قديم
قدر مان اُسرندو آهي، ۽ ان تي پنهنجو پايو استوار
ڪندو آهي. اها قديم قدرن جي تاريخي اهميت آهي،
جنهن کي ڪنهن به نئين ادب ۾ نظر انداز ڪرڻ خطرناڪ
آهي. زندگيءَ جون ڪي دائمي صداقتون آهن. جن هر دور
جي ادب کي چمڪايو آهي. هر نئين اديب کي، ان ڪري
پنهنجي ماضيءَ مان اها روشني حاصل ڪرڻ کپي.
سنڌي جديد شاعري اڃا تجرباتي دور مان گذري
رهي آهي. جنهن کي ان جو تشڪيلي دور چئي سگهجي ٿو.
در اصل هرڪا نئين شاعري هڪ مسلسل تجربو هوندي آهي.
اِها ئي ڳالهه اسان جي گذريل ڪلاسيڪي ۽ روايتي
شاعريءَ جي دورن سان به لاڳو آهي. تجرباتي شاعريءَ
جي هر دور ۾ ضرورت رهي ٿي. جڏهن ڪنهن به نئينءَ
شاعريءَ جو تجربو مڪمل ٿئي ٿو، تڏهن وري انهيءَ
عمل کي دهرائڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. اسين ادب جي مختلف
دؤرن جي جيڪا حد بندي ڪري سگهون ٿا. سا فقط
اِنهيءَ بنياد تي.
تجرباتي يا نئين شاعري ڪا رڳو پنهنجي وقت جي
روايتي شاعريءَ کان انحراف جو نالو ڪونهي، ڇو ته
ڪا به شئي هوا مان اوچتو پر گهٽ ڪا نه ٿيندي آهي،
بلڪه اها پنهنجي وقت جي روايتي شاعريءَ مان ئي ڦٽي
نڪرندي آهي. البت، جيئن جيئن فڪر ۽ نظر جا پيمانا
بدلبا رهن ٿا ۽ زندگيءَ ۾ نئون سماجي شعور، نئون
مزاج ۽ نئون ذوق پيدا ٿيڻ لڳندو آهي ته اهڙي عبوري
دور ۾ شاعري پنهنجو انوکو رول ادا ڪندي آهي، ته
جيئن پراڻيءَ ڳالهه ۾ نئين معنيٰ پيدا ٿئي. اها
جدت ۽ جرات، ٻنهي جو ميل هوندي آهي، تنهنڪري ان جو
اثر شدت سان محسوس ڪيو ويندو آهي، ۽ مخالفت جا سبب
زياده زور وٺندا آهن. اها مشاعرن جي شاعري نه، پر
دل سان هنڊائڻ واري شاعري هوندي آهي، جنهن لاءِ
وسيع القلبيءَ جي ضرورت ٿيندي آهي.
تجرباتي شاعري جيڪڏهن رسم ۽ فيشن طور اختيار
ڪئي ويندي، ته ان جو ڪو به سودمند نتيجو ڪو نه
نڪرندو. شڪر آهي جو سنڌيءَ جي موجوده شاعريءَ ۾
نئين مزاج، نون موضوعن، نون اسلوبن ۽ هيئتن جا
اوائلي تجربا جن شخصن ڪيا آهن، سي جديد شاعريءَ جا
قابل اعتماد شاعر آهن. مثلاً، قليچ بيگ، سانگي،
بيوس، فاني، نارائڻ شيام، دکايل، اياز، راز، نياز،
دلگير، تنوير، گدائي وغيره. اهو ئي سبب آهي جو
گذريل ويهارو سالن کان سنڌيءَ ۾ جديد شاعريءَ جو
هڪ ”دور“ قائم ٿي چڪو آهي. ظاهر آهي ته جيڪي شخص
فقط ”ادب“ جي نئين دور تي ئي اعتراض ڪري رهيا هجن.
تن لاءِ ضروري آهي ته پهرين اهي ”زندگيءَ“ جي ڪنهن
گذريل دور کي به واپس آڻين. مثلاً: مير علي مراد
خان کي اڄ وري تخت تي ويهارجي؛ سڀ اسڪول، ڪاليج،
يونيورسٽيون ۽ لئبرريون، جن سان تعليم جي روشني
وڌي ويئي آهي، يڪايڪ بند ڪري ڇڏجن، سڀ پڪا رستا،
سڀ بلڊنگون، سڀ انتظامي آفيسون، سڀ قانوني ڪورٽون
ختم ڪري ڇڏجن، هوائي جهازن، ريلن ۽ موٽرن تي بندش
وجهي، فقط اُٺ ۽ گڏهه جي سواري جائز ڪجي. بجليءَ
بدران ٺڪر جي ڏيئي تي لکپڙهه ڪجي؛ ريڊئي، سئنيما،
اخبارن، ڪتابن ۽ معلومات جي ٻين سڀني وسيلن کي ترڪ
ڪري ڇڏجي.. پوءِ پڪ سان اُهو ادب پيدا ٿيڻ لڳندو،
جيڪو اڄوڪي ادب کان گهڻو مختلف هوندو. پر اهڙيءَ
حالت ۾ هيءَ ڳالهه به يقيني ٿيندي ته اُهو ادب وري
انهن شخصن تي روايت کان انحراف ڪرڻ جو الزام
هڻندو، جيڪي شخص اڄ جي ادب تي روايت کان انحراف جو
الزام لڳائين ٿا! در اصل ادب جو وقت جي هڪڙي دائري
مان نڪري ٻئي دائري ۾ اچڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته
پهرئين دائري جي شخصيتن جي رهنمائي ختم ٿي چڪي،
تنهنڪري اعتراض جي نوعيت زياده تر سدائين ”شخصي
وقار“ جي مسئلي تائين رهندي آئي آهي، جنهن جي
اهميت وقت جي نظر ۾ ڪا به ڪانهي.
زندگيءَ جي تمدني قدرن ۾ جيئن جيئن ڇوت ڇات،
ذات پات، ڀيد ڀاو، رنگ ۽ نسل جا قديمي تصور ختم ٿي
رهيا آهن، تيئن تيئن ادبي تعصب به پنهنجي شدت
وڃائي رهيو آهي. اديب ۽ شاعر جي حيثيت ”ڪولمبس“
واري آهي، جيڪو خيال ۽ فڪر، جذبي ۽ احساس جون نيون
نيون دنيائون ڳولي ٿو اچي. هو ديس پرديس گهمي ٿو،
۽ جڳ جهان جون انوکيون ۽ ناياب سوکڙيون سميٽي،
آڻيو پنهنجي ادب ۽ زبان جي جهوليءَ ۾ وجهي، جيڪي
روايتون يا قدر تاريخي قوتن جو ساٿ نٿا ڏيئي سگهن،
سي وقت جي وهڪري ۾ ختم ٿيو وڃن؛ تنهنڪري ادب جي
وسعت لاءِ ضروري آهي ته هو نين قوتن کي پاڻ ۾
سمائي ۽ اُنهن جو مظهر بنجي – نه ته اهو پاڻ به
ختم ٿي ويندو.
اڄڪلهه سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ بابت ڪي
اهڙيون سنگين غلط فهميون پيدا ٿي رهيون آهن، جيڪي
اسان کي پنهنجي ادب جي موجوده دور کي سمجهڻ ۾
رڪاوٽ ٿينديون ۽ ادب کي انهيءَ مان مجموعي طرح
نقصان پهچي سگهي ٿو. ان لاءِ ٽي. ايس. ايلئٽ جو
هيٺيون خيال تمام قيمتي آهي:
”اسان جو شعور ۽ احساس اڄ نه فقط اُهو ساڳيو
نه آهي، جو چينائين يا يونانين جو هو، پر اُهو
ساڳيو به نه آهي، جو ڪئين سئو سال اڳ خود اسان جي
وڏن جو هو. اسان جو شعور ۽ احساس هينئر اُهو به
ساڳيو نه آهي جو اسان جي پنهنجي والدين جو هو، ۽
خود اسين پاڻ به جيئن هڪ سال اڳ هئاسين، هينئر
ائين نه آهيون، اِهو ته ظاهر آهي، پر جيڪا ڳالهه
اهڙي ظاهر نه آهي، سا هيءَ ته بس اِهو ئي سبب آهي
جو اسين ڪڏهن به شعر لکڻ بند نٿا ڪري سگهون.
”اڪثر پڙهيل ماڻهو پنهنجيءَ زبان جي وڏن
اديبن ۽ مصنفن لاءِ فخر محسوس ڪندا آهن، توڙي جو
هنن انهن کي ڪڏهن پڙهيو به نه هوندو – بلڪل ائين“
جيئن هو پنهنجي ملڪ جي ٻين ڪن اهڙي قسم جي نرالين
خصوصيتن بابت فخر محسوس ڪندا آهن، پر اڪثر ماڻهو
اِهو نٿا محسوس ڪن ته اِهو ڪافي نه آهي: ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن هو مستقل طور نوان نوان وڏا اديب ۽ مصنف ۽
خاص ڪري وڏا ”شاعر“، پيدا نه ڪندا رهندا، ته هنن
جي زبان کي زوال اچي ويندو، ۽ اها زبان ۽ اهو تمدن
شايد ٻئي ڪنهن طاقتور تمدن ۾ جذب ٿي وڃي.
”جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دور جو نئون ۽ زنده ادب نه
هوندو، ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي
وينداسين: جيستائين اسين ادب جي اوسر جو هيءُ
سلسلو قائم نه رکنداسين، تيستائين اسان جو ماضيءَ
جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو پري
ٿيندو ويندو – تان جو اهو اسان لاءِ اجنبي ٿي
ويندو، جيئن ڪنهن ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان
جي زبان بدلجندي ٿي رهي، ۽ اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ
جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي
اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو:
۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن
جيڪي پنهنجي غير معمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي
غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي
صلاحيت رکندڙ هجن، ته پوءِ ان صورت ۾ نه فقط اسان
جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪه، سواءِ خسيس کان
خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي محسوس ڪرڻ جي
طاقت به نستي ٿي ويندي“
(1)
|