سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اسرار خودي

باب --

صفحو :5

 

جيڪو دنيا ۾ ٿئي ٿو بوتراب

موٽائي مغرب کان ٿو هو آفتاب

تن جي مرڪب تي جو زين قابو ٻڌي

سو حڪومت جي منڊي تي ٽڪ ٿئي

پير هيٺان هت شڪوه1 خيبر آهه

هٿ اُتي ان جو قسيم2 ڪوثر آهه

خود سڃاڻڻ کان ”يد اللهي“ ڪري

پڻ ”يد اللهي“ شهنشاهي ڪري

ذات ان جي ٿي در- شهر- علوم

زير فرمان ٿيو حجاز ۽ چين و روم

خاڪ تي گهرجي ٿيڻ بس حڪمران

تامئي روشن تون پين بس تاڪ مان

خاڪ ٿي، هي مذهب- پروانگي

خاڪ جو ٿي پيءُ جو هيءَ مردانگي

ٿي تون پٿر اي گل- نازڪ بدن

ٿا ٿئي مضبوط ديوار- چمن

پهنجي مٽي مان عيان انسان ڪر

پو انهيءَ ۾ دنيا کي ڀر

جي بنائيندين ته تون ديوار، در

سر سندءِ مٽي مان ٻڌندو ٻيو مگر

ناله ۽ فرياد ماتم ڪيترو

سينه ڪوبي تنهنجي ۽ غم ڪيترو

منجهه عمل مخفي ته مضمون- حيات

ٿيو مزو خلقڻ جو قانون- حيات

اُٿ ڪرين پيدا ڪو ٻيو تازو جهان

در بغل ڪر شعله ابراهيم جان

ناموافق دهر1 سان ٿيو ائن ٺهڻ

جئن سپر ميدان ۾ آهي ڇڏڻ

مرد جي خود دار آهي پخته ڪار

ٿو ٺهي ان سان هلي خود روزگار

جيڪڏهن اُن جي خلاف آهي جهان

جنگ جوٽي ٿو اهو با آسمان

ٿو اکوڙي خوب موجودات کي

ٿو ڏئي ترڪيب نئي ذرات کي

ٿو وڃائي گردش ايام کي

ٿو ڦٽائي خرچ نيلي فام1 کي

جي نه مردانه ٿئي ڪنهن جو جيئڻ

زندگي ٿي مرد جئن ان جو مرڻ

آزمائي زور ٿو مرد- سليم

دل لڙائي خوب منجهه ڪار- عظيم

عشق مشڪل سان ڪرڻ آهي چڱو

شعله مان گل جو ڇنڻ آهي چڱو

مرد مانجهي ۾ جا قوت ٿي نهان

ٿي ٿئي مشڪل پسندي کان عيان

حربه2 ڪينو آهه ڪم همت سندو

قاعدو انجي حياتي جو ٿيو

عفو بيجا کان ٿڌو ٿئي ٿو ته رت

زندگي جي تن مان نڪري ٿو ته رت

جيڪو ذلت جي تري ۾ ٿو رهي

ناتواني کي قناعت ٿو چوي

ناتواني زندگي جي لئي خلل

ڪوڙ جو ۽ خوف ان کي حمل

ان جو اندر خوبين کان ٿيو تهي1

۽ براين کان انهيءَ کي فر بهي

هوشيار اي صاحب عقل- سليم

تاڪ ۾ تنهنجي رهيو آهي غنيم2

کاءُ فريب ان جو نه جي تون هوشيار

رنگ بدلائي ٿو سانڊو آشڪار3

عاقلن ڄاتو نه ان کي ڏس ڪٿئون

اُن جي چهري تي ڪيئن پردا وڌئون

هو ڪڏهن مستور4 ٿيو مجبور آهه

۽ ڪڏهن ڏسي ٿو هو معذور آهه

منهن تن آساني ۾ ٿو ان جو رهي

صاحب- قوت کان ٿو دل کي کسي

زور سان ان جي صداقت توام آهه

آهه جا آگاهي سا جام جم آهه

زندگي پوکه آهه حاصل قوت آهه

شرح رمز حق و باطل قوت آهه

مدعي کي جيڪڏهن ڪا قوت آهه

انجي دعويٰ بي نياز از حجت آهه

ٿو رکي قوت باطل شان- حق

انکي حق آهي ڪيو بطلان5- حق

ان جي ڪن کان زهر ڪوثر ٿو ٿئي

خير کي شر جي چوي ٿو شر ٿو ٿئي

خوب آداب امانت کي سڃاڻ

پاڻ کي بهتر دو عالم کان نه ڄاڻ

زندگي جي رمز کان آگاهه ٿي

ظالم ۽ جاهل زغير الله ٿي

کول لب ۽ ڪن، اکيون پنهنجون پٽين

مونتي کلجان جي نه راه- حق ڏسين

 

 

شهر مرو جي هڪ نوجوان جي ڳالهه جو حضرت سيد مخدوم هجويري (رحه) وٽ آيو ۽ دشمنن جي ظلم جي دانهن ڏنائين

 

 

سيد هجوير دانايءِ قدم

جنهن جي تربت پير- سنجر1 جو حرم

بند ڏس ڪهسار جا آسان ڇنئين

سجده جو ٻج هند جي در تي ڪيئين

عهد فاروق ان جي جوڀن کان عيان

حق جو ڪلو ٿيو بلند اندر جهان

ان کان ئي عزت ۾ ٿيو ”اُم الڪتاب“

گهرنگهه ان جي کان باطل جو خراب

خاڪه- پنجاب انجي دم کان زنده آهه

سج اسانجي صبح جو اَن ريءَ ناهه

عاشق ۾ پڻ قاصد طيار عشق

ڪيا جبين ان جي عيان اسرار- عشق

فيض کان ان جي هي قصو سر ڪريان

هان چمن کي مکڙيءَ جي اندر ڪريان

نوجوان هڪ جهنجي قامت مثل سرو

آيو هو لاهور ۾ از شهر- مرو

پير جي خدمت ۾ ٿيو هو بارياب

تا نئي ظلمت انهيءَ جي آفتاب

عرض ڪيائين هر طرف اَعدا1 ٿيم

وچ۾ پهڻن جي سندم مينا ٿيم

مون کي سيکارين تون اي والا مڪان

ڪئن گذاريان وقت اندر دشمنان

پير، جنهن جي ذات ۾ جوڀن جمال

عهد الفت جو ڪيو جنهن باجلال

ڪين ٿو ڄاڻين چيئين راز حيات

ڪونه ڄاڻين ٿو مگر ساز حيات

ڪونه تون انديشهءِ اغيار ڪر

هان ستل قوه کي پر بيدار ڪر

پاڻ تي ڪيو سنگ شيشي جو گمان

ڪانچ ٿي پيو ۽ ڀڄڻ ان جو عيان

پاڻ کي ڄاتو جي رهرو ناتوان

راهزن جي ڪيئين حوالي نقد جان

ڪيترو تون پاڻ ڄاڻين ماءُ2 طين

ٿي مٽي مان پنهنجي شعله آفرين

ڇو عزيزن سان ٿين تون سرگوان

جو ٿئين تون شڪوه1 سنج- دشمنان

سچ چوان ٿو تنهنجو دشمن يار آهه

ان جي هستي رونق- بازار آهه

سمجهي ٿو جيڪو ته اسرار خودي

لطف حق جو ڄاڻي ٿو دشمن قوي

آدمي جي پوکه لئي دشمن سحاب2

مثل بيداري ڪري ٿو ان جو خواب

پيش قوة سنگ ره جو آب آهه

سيل لئي پست و بلند- راه ڇاهه

قصد جي خنجر جي لئي پٿر فسان

قطع منزل ان جي ڪارڻ امتحان

جانور جئن ڇاهه هي کائڻ پيڻ

جي نه تون محڪم، اجايو ٿيو هئڻ

هان خودي کان پاڻ کي محڪم ڪرين

جيڪڏهن چاهين جهان محڪم ڪرين

بس فنا لئي پاڻ کان آزاد ٿي

۽ بقا لئي پاڻ سان آباد ٿي

موت چاهي ٿي خودي کان بي خبر

تون فراق جان وتن ڄاڻين نه پر

هان خودي ۾ رهه تون يوسف جي مثال

ٿا ڪرين شاهي ۾ حاصل ڪو ڪمال

ڪر خودي جو فڪر مرد- ڪار ٿي

مرد حق ٿي واقف- اسرار ٿي

شرح هن لئي ٿو ٻڌايان داستان

مکڙي کي زور نفس کان کوليان

بهتر آهي هي ته سر- دلبران

کولجي ڪو منجهه حديث- ديگران1

 

 

هڪ پکيءَ جي ڳالهه جو اُڃ کان بيقرار هو

 

 

بيقرار اڃ کان ٿيو هڪڙو پکي

دم رهيو ان جو دونهي جي موج ٿي

ويزهء الماس2 گلشن ۾ ڏٺئين

آهه بس پاڻي اهو دل۾ چيئين

هان ڏنو ڌوڪو انهي ذرڙي جي تاب

بس پهڻ نادان پکيءَ ڄاتو ته آب

ڪجهه تري حاصل ڪنان گوهر نه ٿي

ڏس هنيائين چهنب ليڪن تر نه ٿي

هي چيو الماس اي جان- هوس

تيز ڪئن تو چهنب ڪئي آهي، تون بس

قطرو پاڻي جو نه ڪجهه، ساقي نه مان

پڻ ٻين جي لاءِ ڏس باقي نه مان

مون کي ڏين تڪليف ٿو ديوانه تون

زندگي ڪوڙي کان ڇو بيگانه تون

منهنجو هي پاڻي ادا چهنبون ڀڃي

آدمي جي جان- جو موتي کسي

ٿيو پکيءَ حاصل نه مطلب دل سندو

موڙيئين الماس کان منهن کي ڏسو

حسرت اُن جي سيني ۾ آباد ٿي

پڻ صدا ان جي ڦري فرياد ٿي

شاخ تي گل جي هي شبنم جو ڦڙو

رنگ هو بلبل جي اکه جي اشڪ1 جو

محو ڪيو تاب ان سپاس آفتاب

تن ڏڪايو ڏس هراس آفتاب

غنچه گل جو تو فريب آهي ڏٺو

زندگي جو ناهه توکي حصه ڪو

دل ڏنل عاشق جو ڳوڙهو آهين تون

زيب پنبڻين آلين جو آهين تون

ڏس پکي آيو جو گل جي شاخ هيٺ

وات ۾ ان جي ٽمي شبنم ته نيٺ

جان دشمن کان بچائڻ جي گهرين

موتي آهين يا ڦڙو سچ ٿو چوين

ساڙ کان اڄ جي پکي ڇو ويو ڳري

زندگي کان پئي جي هيءَ موڙي رهي

تون خودي کان بي خبر هڪ دم نه ٿي

زيرهء الماس ٿي شبنم نه ٿي

ٿي پڪو فطرت ۾ جئن ڪهسار تي

پڻ مثال- ابر دريا2 بار ٿي

پهنجي ئي ايجاب کان لهه پاڻ کي

ٿي تون چاندي بستن1- سيماب ٿي

ڪر عيان نغمو ڪنان تار- خودي

ڪر تون ظاهر خوب اسرار- خودي

 

الماس ۽ زغال جي ڳالهه

 

 

هن حقيقت کان ٿو کوليان اڄ دري

ٿو وري توکي ٻڌايان ڳالهه ٻي

کاڻ ۾ الماس کي چيو هي زغال2

اي اَمين تنهنجا هي جلوا لازوال

آهه هڪ جهڙي اسان جي هست و بود

آهه هڪجهڙو وري اصل- وجود

مان مران هت درد ڪنهن کي ناهه ڪو

توکي حاصل آهه ٿيو سرتاج جو

ناهه منهنجو قدر وڌ مون کان ته خاڪه

آرسي جي دل سندءِ صورت کان چاڪه

مهنجي تاريڪي کان روشن مجمر3 آهه

بس مٽي تنهنجو ڪمال- جوهر آهه

سر تي مهنجي هر ڪو ٿو ٺوڪر هڻي

رخت هستي منهنجي تي ٽانڊو رهي

هان سندم سريامه تي گهرجي رئڻ

ڄاڻين ٿو ڪجهه مهنجي هستي جو هئڻ

موج دونهين جي گڏيل ٿي آشڪار

چڻنگ هڪڙي جو رهان سرمايه دار

متل تاري جي رهي ٿي روي سندءِ

جلوه ڏيکاري ڪئين پهلو سندءِ

نور ڪڏهن ديدهء قيصر سندو

زيب ڪڏهن دستهء خنجر سندو

هي چيو الماس ٻڌ تون ڳالهه هڪ

پختگي کان ٿئي مٽي ڪاري ٿي ٽڪ

شڪل منهنجي پختگي کان نور ٿي

منهنجي دل جلون کان پڻ معمور ٿي

خوار ٿين ٿو ڏس وجود خام کان

هان سڙئين تون نرميءَ اندام کان

پاڻ کان تون غم پري وسواس ڪر

ٿي پڪو بس پاڻ کي الماس ڪر

ٻئي جهان ان کان ٿين ٿا مستنير1

جيڪو آهي محنتي ۽ دستگير

اصل مٽي سنگ اسود جو مگر

جنهن ڪڍيو جيب- حرم کان پهنجو سر

طور کان بالا سندس رتبو ٿيو

جاءِ بوسه جي سڀن لئي ٿي پيو

ٿي رکي سختي ۾ عزت زندگي

بي ڪسي آهي مگر نانچتگي

 

 

 

شيخ ۽ برهمن جي ڳالهه ۽ گنگا هماليه جي گفتگو: هن معنيَ ۾ ته حيات مليه جو تسلسل جي خاص روايتن جو مضبوط وٺڻ آهي

 

برهمن هڪڙو بنارس ۾ هئو

فڪر وارو نيڪدل انسان جو

فهم هو ان کي ۽ حڪمت پڻ هئي

سالڪن سان خوب ارادت پڻ هئي

ذهن انجو واه نذرت1 ڪوش هو

عقل تارن سان سندس همدوش هو

ان جو آکيرو هو عنقا2 جئن بلند

فڪر جي شعله تي چنڊ ۽ سج سپند3

هئي گهڻو بوتل سندس رت ۾ رهي

جام ۾ ان جي نه هئي مئي جي ڦڙي

دام هن اڇلي ته ڏاهپ جي مٿان

پر شڪار ان کي نه حاصل ٿيو ڪٿان

سر گهڻو ئي فڪر ۾ ان ڪيڙو خم

پر ذرو سمجهو نه ان بود وعدم

آهه لب تي شاهد ارمان رهي

چهرو غمگين ٿيو ۽ دل حيران رهي

پيش ڪنهن ڪامل جي هڪڙي ڏينهن ٿيو

هو بزرگ ۽ دل جو صاحب شيخ هو

ڪن ڏنو ڪامل جي هن گفتار تي

ماٺ ڪئي هر وقت ان گفتار تي

ڪيترو آواره صحرا رهين

آسمان تي فڪر پهنجي کي ڪرين

رهه زمين سان ٿي سدائين سازگار

رکه ستارن جي نه موٽين جي ڪا ڪار

تون بتن کان ڪين ڪجهه بيزار ٿي

ڪافر آهين لائق زنار1 ٿي

رهه ڀلي تهذيب جهونيءَ تي سدا

مسلڪ2 آبائي ڇڏ تون ڪيم ادا

جي هي جمعيت حيات- ملت آهه

ڪفر پڻ سرمايئه- جمعيت آهه

ڪافري ۾ تون اڃا ڪامل نه ٿئين

ڪجهه به تون لائق حريم3 دل نه ٿئين

ٿي اسان کان ڏس ره تسليم دور

آهه آذر دور ابراهيم دور

قيس اسانجو از پئي محمل نه ٿيو

عشق جي چريائي ۾ ڪامل نه ٿيو

وئي اجهامي جيڪڏهن شمع خودي

ڪا ضروت ناهه اعليَ فڪر جي

دامن ڪهسار ۾ پاڻي وهيو

ڏس هماله کي ائين گنگا چيو

اي جو تون آهين سداءِ يخ بدوش1

شڪل نهرن سان سندءِ زنار پوش

آسمان سان توکي حق همراز ڪيو

تو نه ڪجهه حاصل خرام ناز ڪيو

ڏس هلڻ جي تو منهان طاقت وئي

ڪهڙي ڪم جي جي اها رفعت رهي

زندگي حاصل هلڻ مان ٿي ٿئي

ساز هستي جو هلڻ مان ٿو وڄي

طعنو دريا کان جبل جنهندم ٻڌو

باهه جو سو بحر بس اندر ٿيو

پهنجي پهنائي2 سندم آئيني ۾

نهرون تو جئن ڏس ته منهنجي سينه ۾

هي هلڻ تنهنجو ته سامان- فنا

پاڻ کان جو ويو سو شايان- فنا

جاءِ پنهنجي جي نه توکي آگهي

پنهنجي نقصان تي نچڻ ٿي ابلهي

آسمان جي پيٽ مان ڄائينءَ اگر

توکان بهتر آهه ٿي ڪنڌي مگر

پنهنجي هستي نذر ڪيئي قلزم مٿان

هاءِ رهزن کي ڏني تو نقد جان

مثل گل گلشن ۾ تون خوددار ٿي

بو پکڙ جي وٺ نه گلچين3 جي پٺي

پنهنجي جاءِ تي ويجهڻ آهي زندگي

آهه گل چونڊڻ ڪنان باغ- خودي

مدتون گذري ويون هڪ جاءِ تي مان

تون ٿو سمجهين دور مان منزل ڪنان

وئي وڌي هستي سندم سويءِ فلڪ

منهنجي دامن ۾ ثريا جي چمڪ

ٿي ڏسي اکه منهنجي اسرار- فلڪ

ٿو ٻڌي ڪن خوب پرواز- ملڪ

سوز سعي کان جلان جيسين ڪو دم

لعل ۽ الماس و گوهر گڏ ڪيم

مون ۾ ڦٿر آهه پٿر ۾ ٿي نار

باهه منهنجي تي نه پاڻي کي گذار1

قطره پنهنجي کي تون پيرن تي نه هار

موج ۾ رهه سر نه قلزم ساڻ مار

آب گوهر خواه گوهر ريزه ٿي

سهڻي جي ڪن ڪاڻ تون آويزه ٿي

يا وڌين تون يا سبڪ رفتار ٿي

وڄ جو بادل ٿي تون دريا بار ٿي

توکان قلزم پڻ پني طوفان کي

تنگ دامن جي شڪايت ٿو ڪري

موج کان گهٽ هو نه ڄاڻي پاڻ ٿو

پير اڳيان تنهنجي هو ڳاري پاڻ ٿو

 

 

 

 

هن بيان ۾ ته مسلمان جي حياتي جو مقصد الله جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ آهي ۽ جهاد جيڪڏهن ملڪ گيري لاءِ آهي ته هو اسلام جي مذهب ۾ حرام آهي

 

 

قلب کي ڏسي صبغة الله جو تون رنگ

عشق کي ناموس ڏي پڻ نام وننگ

ڏس محبت کان ته مسلم قاهر آهه

ناهه جي عاشق ته پوهو ڪافر آهه

تابع حق آهه بس ان جو ڏسڻ

کائڻ ان جو ۽ پيڻ ان جو سمهڻ

حق جي مرضي گم رضا ۾ ان جي آهه

سمجهه ۾ ماڻهن جي نڪتو اچڻو ناهه

خيمو منجهه ميدان الاالله هيئين

شاهه آهيان خلق تي ان پر چيئين

شاهد ان تي آهه پيغمبر ادا

جو سچو مڙني کان ڏس شاهد صفا

قال کي ڇڏ يار وٺ تون حال کي

نور حق هڻ ظلمت اعمال کي

ويس ۾ شاهي جي ٿي درويش رهه

ڪر سجاڳه اکه، ٿي خدا انديش1 رهه

هر عمل ۾ قرب حق جي ڪر تنوار

ٿا جلال ان جو توکان ٿئي آشڪار

صلح شر آهي جي مقصود آهه غير

جي عرض آهي خدا جنگ آهي خير

تيغ اسان جي مان جي حق ناهي بلند

قوم ڪارڻ جنگ ٿئي ڪئن ارجمند

پير ڏس پيارو ميان مير ولي

نور کان ان جي خفي ٿيڙو جلي1

ورتي جنهن مضبوط راهه مصطفيَ

عشق جي سر لاءِ هو نئي با صفا

قبر انجي شهر اسان جي جو يقين

مشعل- نور هدايت پڻ چوين

آستان بوسي ڪئي ٿي آسمان

هو مريد ان جو شهه هندستان

حرص هو دل ۾ گهڻو تنهن شاه کي

تا ڪريان قبضي ۾ پنهنجي ملڪ جي

جاه ۾ ان جي هوس جي روز عيد

تيغ کي سيکارئين هل من مزيد

ان جا هنگاما دکن ۾ ٻارها

ان جا لشڪر روز منجهه پيڪار ها

هڪڙي ڏينهن ٿيو پيش پير- باصفا

تا وٺي هو فتح جي ان کان دعا

حق ڏي دنيا کان مسلم ٿو وري

هو دعا کان ڪم کي ٿو محڪم ڪري

شيخ ان جي عرض کان خاموش ٿيو

هر فقير ان جو سراپا گوش ٿيو

هڪ مريد آندو جنهين هو روپيو

مهر خاموشي ڀڃي ان هي چيو

نذر وٺ مون کان جو بس آهي حقير

اي خدا وارا تون آهين دستگيري

ڪيتري محنت کانپوءِ سڪو اهو

مون کي حاصل نذر لئي آهي ٿيو

آهه حق هي شاهه جو چيو پير هي

جو پني ٿو جئن گداگر شاهه ٿي

حڪم ۾ انجي هي مهرومه چوين

آهه پر ماڻهن ۾ هي مفلس ترين

هر طرف انجي نظر آهه خوان

ان جي بکه جي باهه ساڙيو سڀ جهان

قحط ۽ آهي وبا شمشير کان

خلق ويران ان جي ٿي تعمير کان

سڀ رهن دانهن ۾ جو نادار آهه

مفلسي کان پڻ ضعيف آزار آهه

دبدبو ان جو جهان جو دشمن آهه

راه ويندي جو رُليو هو رهزن آهه

خود فريب انجو خيال ۽ فڪر- خام

ٿو رکي تاراج جو تسخير نام

ان جو خود لشڪر وري فوج غنيم

ان جي بکه جي تيغ کان آهي دونيم

بکه گدا جي، باهه اُن جي جان جي

سڀ جي بربادي ٿي بکه سلطان جي

جنهن نه لله آهه خنجر کي ڪڍيو

آهه تنهن خنجر انهيءَ جو سر وڍيو

 

 

 

مير نجات نقشبند يعني بابائي صحرائي جي نصيحت جا هندستان جي مسلمانن لاءِ ڪئي اٿس

 

 

اي مٽيءَ مان مثل گل ويجهي وئين

تون خودي جي پيٽ مان پيدا ٿئين

رهه خودي اندر بقا1 انجام ٿي

ٿي ڦڙو ليڪن تون بحر آشام2 ٿي

تون خودي جي نور کان روشن رهين

جي خودي محڪم ڪرين پاينده ٿين

ٿو ملي سودي انهي مان فائدو

خواجگي جي هي ملڻ جو قاعدو

هست آهين نيستي کان ٿو ڊڄين

جو برابر ڪئن غلط ان کي چوين

خوب ڄاڻان ٿو مان ساز- زندگي

ٿو ٻڌايئين ڇاهه راز- زندگي

پاڻ ۾ غوطه تون جئن گوهر هڻين

پوءِ خلوت گاه مان تون سر کڻين

ڇار هيٺان خوب چڻگون گڏ ڪرڻ

هان ٿيڻ شعله نگاهن جو سڙڻ

محنت چل1 ساله ساڙي صاف ڪر

شعله ٿي ۽ پنهنجو خود طواف ڪر

طرف ٻئي جو ڇڏ حيات آهي اِها

پاڻ کي بيت الحرم ڄاڻين ادا

هان مٽي جي جذب کان آزاد ٿي

جئن پکي بي خوف از افعادگي2

جي پکي ناهين اڙي عاقل ميان

عار جي منهن تي نه ڪر تون آشيان

علم جي آهي بدن لئي مار3 آهه

دل جي لئي جي علم آهي، يار آهه

ڄاڻين ٿو ڪو قصه آخوند روم

جنهن حلب اندر ڏنو درس- علوم

ڳٽ رهيون پيرن جون توجهات- عقل

ٻيڙي ان جي غرق منجهه ظلمات- عقل

موسيَ جئن بيگانه طور- عشق کان

بيخبر پڻ عشق جي سودا ڪنان

ڏس تشڪڪ4 مان چيئين اشراق5 مان

۽ ڪيئين حڪمت جا سؤ گوهر عيان

قول مشائين6 جا سمجهايا انهي

فڪر جا موتي به سمجهايا انهي

پڻ ڪتابن جو اڳيان انبار هو

لب سندس بس شارح اسرار هو

پير تبريزي کي هو حڪم ڪمال1

تا ڏسي هو مڪتب- ملا جلال

تنهن پڇيو غوغا هي قيل و قال ڇاهه

هي قياس ۽ وهم استدلال – اهه

مولوي انکي چيو چپ رهه ميان

قول ڏاهن جا، کلين تنتي متان

منهنجي مڪتب مان تون نڪري ٿي ٻهر

قيل و قال ان ساڻ تنهنجو ڇا مگر

فهم تنهنجي کان مٿي هي قيل قال

تنهنجو ادراڪ آهه هت توتي وبال

شمس هن گفتي کان ويو سارو تپي

آڳ انجي جان ۾ ويئي لڳي

پئي زمين تي وقت انهي، برق نگاه

خاڪ کي شعلو ڪيو ڏس سوز آه

خرمن2 ادراڪ وئي ساري سڙي

مولوي جو دفتر اُت پيو خاڪ ٿي

مولويء ڄاتا نه ها اعجاز- عشق

هن ٻڌو ڪڏهين نه هو ڪا ساز عشق

هن چيو هي باه ٿو ٻاري ڪٿان

ويو جلي جنهن کان هي دفتر اي ميان

شمس1 چيو اي مسلم زنار دار

ذوق ۽ هي حال آهي آشڪار

حال اسان جو فڪر کان بالاتر آهه

شعلو هي بس ڪيميايَ احمر آهه

برف حڪمت مان تو ٺاهيو ساز و برگ2

فڪر جي بادل وسايا ڪئين تگرگ3

باهه ٻاري آهه تو خاشاڪ4 مان

شعله تو آهي کڙو ڪيو خاڪ مان

علم مسلم پخته ڪيو سوز- دل آهه

دين ايمان ان جو ترڪ- آفل5 آهه

بند آفل کان خليل الله ڇٽو

نار ۾ گلزار ان جي لاءِ هو

علم حق جو تو ڪيو پنهنجي پٺيان

دين جو ناڻو ڏنو تو ٻهر نان

آهه ڳولا سرمه جي توکي سدا

سڌ نه توکي پنهنجي ڪاري اک جي ڪا

آب حيوان6 لئي دم7- خنجر کي ڳول

ازدها جي وات مان ڪوثر کي ڳول

سنگ اسود گهر در- بتخانه کان

مشڪ جو ٻيڙو سگ- ديوانه کان

دانش1 حاضر ۾ عشق آهي ڪٿي

ڪيف حق هن جام ۾ آهي ڪٿي

ڪيترو عرصو رهيس ان جي پٺيان

هن نئي ڏاهپ جو ٿيڙس راز دان

باغبانن مهنجو ورتو امتحان

مون کي ڪيائون رازدار- گلستان

باغ هي ڏس لاله زاري عبرت آهه

ڪاغذي گل جئن سراب- نگهت آهه

هان جڏهن نڪتس انهيءَ بستان مان

شاخ طوبيَ تي ڪيو مون آشيان

اڄ جي ڏاهپ بس حجاب- اڪبر آهه

بت پرست ۽ بت فروش ۽ بتگر2 آهه

قيد ۾ مظهر جي تون آهين پيو

حسن جي حد کان پري ناهين ويو

زندگي جي واٽ ۾ آهين ٿڪل

پڻ گلي تهنجي ۾ ٿيو خنجر کتل

آڳ ان جي ٿي مثال- لاله سرد

پڻ ڄڀي انجي مثال- زاله3 سرد

عشق جي سوزش ڪنان آزاد ٿي

جستجو اندر سدا ناشاد ٿي

عشق افلاطون جو علتهايءِ1 عقل

ٿو ڇٽي نشتر منجهان سودايءِ عقل

ساري دنيا ساجدو مسجود2 عشق

سومنات- عقل جو محمود عشق

هي پراڻو مئي سندس مينا ۾ ناهه

انجي راتين ۾ ته يا رب ڪونه آهه

تو ڏٺو پنهنجو نه نرخ- ارجمند

ٻئي جي قيمت کي ڪيو آهي بلند

پاڻ کي خالي رکيئي نئي جي مثال

ٻئي جي تون آواز کي سمجهيو ڪمال

ٿو وڃين ڳولين گدا جئن خوان- غير

جنس پنهنجي لئي ڏسين دڪان- غير

وئي سڙي محفل چراغ غير کان

وئي جلي مسجد شرار- دير کان

ڪعبه کان آهي هرڻ جڏهين هٽيو

ناوڪ صياد پيٽ انجو ڦٽيو

پنهنجي بوجئن ٿيو پريشان گل جو پن

اي ڀڳل موٽي اچين پنهنجي وطن

اي جو آهين واقف- ”اُم الڪتاب“

گم ٿيل وحدت کي ڳولين بس شتاب

پاسبان ملت جي آهيون ڪوٽ جا

ڪافر آهيون ترڪ- ملت کان ٿيا

جهولي ساقي جو ڀڳو جام اي ميان

پڻ حجازي بزم جو ناهي نشان

ڪعبو اڄ آباد اسان اَصنام کان

ڪفر اسان جي ٿو کلي اسلام تان

شيخ صاحب ٿيو بتن جو يار اڄ

رشتئه- تسبيح ٿيو زنار اڄ

پير آهن پير ڪيا وارن اَڇن

مسخري ڏس ٻار ڀي تنتي ٿا ڪن

لاالـﮧ جي نقش کان بيگانه دل

ٿي صنم جي حرص کان بتخانه دل

ويو وڌي آهي هوس ۾ خرقه پوش1

هائي سوداگر ٿيا ڪئن دين فروش

رات ڏينهن چيلن سان آهن منجهه سفر

هائي ملت جي ڪمن کان بي خبر

ڏس اکيون بي نور جئن نرگس رهن

سينا دل جي ڌن بنا مفلس رهن

صوفي ۽ واعظ پيا عهدن پٺيان

پت وڃائي آهه تن ملت منجهان

اک رهي بتخانه تي واعظ سندي

دين جي مفتيءَ ڏسو فتويَ وڪي

ڇاهه يارو هن کانپوءِ تدبير هاءِ

منهن ڪيو ميخانه ڏي ڏس پير هاءِ

 

الوقت سيف

 

شل هجي سرسبز خاڪ- شافعي

ڪيو جهان سرخوش ته تاڪ- شافعي

فڪر ۾ پنهنجي ستارا ڏس رکيئين

سيف1 بران وقت کي نالو ڏنيئن

مان نه ڄاڻان راز هن خنجر جو ڇاهه

زندگي کان ان جو پاڻي مايه آهه

ان جو مالڪ برتر از اميد وبيم2

ان جي هٿ جو ناه مٽ دست- ڪليم

ان جي هڪ ضربت3 کان پٿر تر ٿئي

بحر خشڪي کان هميشه بر ٿئي

موسيَ جي هٿ ۾ اهو شمشير هو

ڪم نه ڪجهه منت ڪش- تدبير هو

سينو ڳاڙهي بحر جو هڪ چاڪ ڪيو

خشڪ قلزم کي انهي جئن خاڪ ڪيو

پنجه حيدر جو، جو خيبر گير هو

اُن جي قوت جو سبب شمشير هو

گردش گردون نظر مان تون ڪڍين

انقلاب- روز شب کي تون ڏسين

ڪر نظر ڪا اڄ سڀان جا اي اسير

ڏس تون ٻي دنيا اُٿي اندر ضمير

تخم- ظلمت جو مٽيءَ ۾ پوکيئي

وقت کي هڪ نيڪ وانگر سمجهيئي

پوءِ با پيمانئه ليل و نهار4

فڪر ماپيو تنهنجي طول5- روزگار

ڌاڳي هن کي تو ڪيو زنار پوش

جئن بتن جي آهين ٿيو باطل فروش

تون هئين هڪ ڪيميا پر گل ٿئين

راز تون حق جو هئين، باطل ٿئين

مسلم آهين ڪر ڦٽو زنار کي

ڪر تون روشن ملت- احرار کي

ناهين واقف تون ڪنان اهل زمان

ڪين ٿو ڄاڻين حيات جاودان

قيد رهندين رات ڏينهن ۾ ڪيترو

”لي معمع الله“ راز آهي وقت جو

وقت جي رفتار ڪيو هي هو عيان

زندگي ٿي وقت جو راز- نهان

سج جو ڦيرو وقت جو بس اصل ناهه

سج نه دائم، وقت پر جاويد1 آهه

عيش، غم عاشوره پڻ عيد آهه وقت

راز تاب- ماه خورشيد آهه وقت

هان پکيڙه وقت اٿئي مثل مڪان

وقت کي آهي ڪيو تو اڄ سڀان

بؤ ڪڍي ڏس پنهنجي تون بستان مان

هٿ سان پنهنجو قيد ٺاهيئي اي ميان

اول ۽ آخر اسان جي وقت ناهه

باغ مان دل جي اسان جي ان کي راهه

اصل جنهن ان جو سڃاتو زنده تر

صبح کان هستي سندس تابنده تر

زندگي مان دهر، دهر از زندگي

”لاتسبوا الدهر“ هي قول- نبي (صه)

نڪته توکي ٿو ٻڌايان مثل در

تا سڃاڻي امتياز عبد حر1

عبد ٺاهي ٿو ڪفن ايام2  مان

رات ڏينهن ٿو پاڻتي ويڙهي ميان

حر مٽيء مان پاڻ کي ڏس ٿو ڪڍي

۽ زماني تي ٿو ويڙهي پاڻ کي

دام اندر عبد آهي صبح و شام

اُنتي لذت ٿي اڏامڻ جي حرام

واه ڏس آزاد جو سينو قفس3

طائر ايام ڪارڻ آهه بس

عبد جي يارو اجائي فطرت آهه

ان جي دل جو حال ڪجهه بي ندرت آهه

انجي غفلت کان مقام ان جو اهو

شور و ناله صبح شام ان جو اهو

آهه نئي ايجاد هردم ڪارخو

تازا تازا سر ڪڍي ٿي تار حر

ان جي فطرت ۾ ڪڏهن تڪرار ناهه

ان جو رستو حلقئه پرڪار ناهه

عبد جو هر ڏينهن زنجير آهه بس

ان جي لب تي حرف تقدير آهه بس

حرجي همت ٿئي فضا جو ٿي مشير

ان جي هٿ کان حادثا صورت پذير4

گذريل، آينده جي ان کي خبر

دير انجي جلدي ۾ ٿي سربسر

هي سخن آواز کان بس پاڪ آهه

عاجز ان جي سمجهه کان ادراڪ آهه

حرف معنيَ کان سندم ٿيو شرمسار

حرف منهنجي ساڻ معنيَ کي چه ڪار

حرف تي معيَ جو آئي، وئي مري

پڻ نفس کان باهه وئي اُنجي ٺري

دل ۾ آهي نڪتئه غيب و حضور

دل ۾ آهي رمز ايام و سرور

ماٺ جو نغمو رکي ٿو ساز- وقت

هڻ ٽٻي دل ۾ ته ڄاڻين راز- وقت

هائي سي ڏينهڙا جو سيف- روزگار

ساڻ طاقت هو اسان جو دوستدار

دين جو ٻج پوکيو سين دل اندر

حق جي ڳل کي پري کان ڪيوسين ٻهر

نهن اسان جو دهر جو عقده ڪشا

بخت کوليا سجده اسان جي خاڪ جا

حق جي خم مان مئي گلگون اسان

پي، ڪئي مئخانه تي شبخون اسان

اي مئي ديرينه منجهه مينا سندءِ

شيشي کي پاڻي ڪيو صهبا سندءِ

تون غرور ۽ ڪبر پڻ نخوت منجهان

ٽوڪ غربت تي اسان جي تنهنجي هان

جام اسان جو زيب محفل آهه ٿيو

سينو هي پڻ صاحب- دل آهه ٿيو

جلوه کان هي دؤر ٿيو سينگاريل

هان اسانجي پير جي دز کان متل

ڪشت حق ڍاول اسان جي خون کان

حق جا پوڄاري ڪيا ممنون1 اسان

هي جهان تڪبير وارو ڪيو اسان

خاڪ اسانجي مان ٿيا ڪعبا عيان

حرف اِقراءِ2 جو خدا تعليم ڪيو

رزق اسان جي هٿ ڪنان تقسيم ڪيو

گرچه اسان کان ويو هٿون تاج ۽ نگين

ڪيم اسان پينن کي نفرت سان ڏسين

تننجي نظرن ۾ زيان ڪار آهيون

فڪر ڪهنه ٿا رکون خوار آهيون

لاالـﮧ جو اعتبار آهي اسان

هردو عالم جان رهون ٿا پاسبان

اڄ سڀان جي غم کان ويا آهيون ڇٽي

ڳنڍ الفت جي اسان ڪنهن سان ٻڌي

حق جي دل ۾ راز مخفي جئن سدا

وارث آهيون موسيَ ۽ هارون جا

مهرو مهه روشن اسان جي تاب کان

وڄ اسان جي آهه بادل کان عيان

ذات حق جو شيشه اسان جي ذات ڏس

هستيء مسلم عجب آيات1 ڏس

 

دعا

 

اي جو تون جان- جهان هردم رهين

جان اسان جي ٿي اسان کان ٿو پڇين

نغمه ظاهر توکان منجهه عود- حيات

تنهنجي رهه ۾ موت محسود2- حيات

شاد تسڪين سان دل ناشاد3 ڪر

تون وري سينا اچي آباد ڪر

گهر اسان کان تون نه ننگ و نام کي

ڪر تون پختو عاشقان- خام کي

شڪوهء قسمت رکون اي يار اسين

نرخ تنهنجو ٿيو ڳرو، نادار اسين

منهن غريبن کان نه تون پنهان ڪرين

تون سهانگي الفت سلمان ڪرين

چشم بي خواب ۽ دل بيتاب ڏي

تون اسانکي فطرت- سيماب ڏي

تون اسان کي ڏيکار آيات- مبين

تا ٿين اعناق4 اعدا خاضعين5

ڪر ٻرندڙ ڪوه تون هن ڪاه1 کي

آڳ ساڙي منهنجي غير الله کي

ڌاڳو وحدت جو جڏهن هٿ مان ويو

قوم جو مشعل تڏهن هٿ مان ويو

مثل تاري جي پريشان منجهه جهان

آهيون بيگانه هڪ ٻئي کان عيان

ڪاغذن کي تون وري شيرازه ڪر

۽ وري قانون- الفت تازه ڪر

ڪر اسان کي تون وري خدمتگذار

ڪر حوالي عاشقن کي پهنجي ڪار

سالڪن کي منزل- تسليم بخش

تنکي ايمان مثل ابراهيم بخش

شغل لاکان عشق کي آگاه ڪر

تنتي ظاهر راز ”الاالله“ ڪر

شمع جئن ڏس مان ٻين لئي ٿو سڙان

پنهنجي محفل کي رئڻ سيکاريان

اي خدا ڳوڙها جي آهن دلفروز

بي قرار ۽  مضطر2 ۽ آرام سوز3

ڪالهه تي دل ۽ سڀان تي دل ٿيس

محفل اندر مان اڪيلو ٿي پيس

ٿيو گمان کان هر ڪو منهنجو دوستدار

راز منهنجي دل جو کوليو ڪنهن نه يار

منجهه جهان منهنجو نديم4 آهي ڪٿي

منهنجي سينا جو ڪليم آهي ڪٿي

ظالم آهيان مون ستم ڪيو پاڻ تي

هاءِ پاليو مون بغل ۾ شعله کي

شعلي کان لٽجي ويو سامان- هوش

وئي لڳي آڳ آهه منجهه دامان- هوش

عقل کي ديوانگي سيکاريئين

علم جي هستي جو سامان ساڙيئين

سوز کان ٿيو چرخ تي سج جو مقام

هان وڄون اندر طواف انجي مدام

ماڪ وانگر ديدهءِ گريان ٿيس

پڻ امين- آتش- پنهان ٿيس

شمع کي سيکاريم سوز- نهان

پڻ سڙيس دنيا جي اکه کان ٿي نهان

وار هر هڪ مان ٿيا شعلا هزار

فڪر جي رڳ مان ٿي آتش آشڪار

داڻا چڻگن مان سندم بلبل چڳيا

آڳ وارا سر انهي پيدا ڪيا

دؤر منهنجي ۾ عزيزو دل نه آهه

تڙپي ٿو مجنون ته ڪٿي محمل نه آهه

شمع جو تنها تپڻ ڪجهه سهل1 ناهه

هاءِ هڪ پروانو مهنجو اهل ناهه

ڪيترو غمخوار جو ٿئي انتظار

ڪيترو ڳوليان مان پنهنجو رازدار

اي جو تهنجي منهن کان تارا مستنير

آڳ پهنجي دل مان منهنجي بازگير2

هي امانت وٺ وري سيني منجهان

پهنجو وٺ جوهر تون آئينه منجهان

يا مونکي ڪو همدم ديرينه ڏي

عشق عالم سوز کي آئينه ڏي

موج دريا ۾ ٿي هم پهلويءِ موج

گڏجي تڙپڻ آهه ٿي بس خويءِ موج

چرخ تي تاري سان تارو گڏ ٿيو

چنڊ جو سر شب جي گوڏي تي پيو

ڏينهن پاسي ۾ رهي ٿو رات جي

اڄ وجهي ٿو ڏس سڀان تي پاڻ کي

جؤيءِ جي هستي ٿئي منجهه جؤي گم

ٿئي هوا جي موج پڻ منجهه بؤي گم

ڏسجي ٿو هر هنڌ منجهه ويرانه ناچ

ٿو ڪري ديوانه با ديوانه ناچ

ذات تنهنجي گرچ بي مثل آهه ٿي

پاڻ لئي دنيا تو سينگاري ڇڏي

لاله وانگر مان به منجهه صحرا ٿيس

وچ ۾ محفل جي ڏسو تنها ٿيس

لطف تنهنجي کان ڪو همدم ٿو گهران

راز- فطرت جي جو محرم ٿو گهران

پڻ هجي ديوانه فرزانه هجي

فڪر کان هن جي بيگانه هجي

                           ڏيان مان ان جي دل کي پنهنجي هوءِکي

سينه ۾ ان جي ڏسان مان روُءِ کي

شڪل ٺاهيان ان جي پنهنجي گل منجهان

بت ٿيان خود ان جو پڻ آذر ٿيان.


 

1 دوبدو

2 وراهيندڙ

1 زمانو

1 نيلي رنگه وارو

2 هٿيار

1 خالي

2 دشمن

3 ظاهر

4 لڪل

5 ڪوڙو ڪرڻ

1 پير- سنجر: حضرت خواجه معين الدين چشتي رحمة الله عليـﮧ، جو حضرت هجويري رحمة الله جي روضي تي تشريف فرما ٿيا هئا.

1 دشمن

2 پاڻي، مٽي

1 گلا ڪندڙ

2 ڪڪر

1 ٻيا شيشي جو ٽڪڙو

1 ڳوڙو

2 دريا وسائيندڙ

1 ٻڌجڻ

2 ڪوئلو

3 سيڳري- يا جنهن ۾ هروڙ ساڙيندا آهن

1 نوراني، روشن

1 عجائب

2 هڪ پکي جنهن جو ڪوبه پتو ناهي

3 هرمڙو

1 جيڻو هندن جو

2 رستو، طريقو

3 درگاهه

1 ڪلهن تي برف رکندڙ

2 ڪشادگي

3 بڪاري

1 رستو

1 اخد خيال وارو

1 ظاهر

1 بقا جي پڇاڙي وارو

2 پيندڙ

1 چاليهه سال

2 ڪرڻ

3 نانگ

4 . ۽ 5 يونان جي قديم فلسفه جا ٻه سڪول. پويون اشراق افلاطون جي فلسفه جو نتيجو آهي.

6 فلاسفرن جي اها جماعت جا ارسطو جي پيروي ڪندڙ آهي.

1 شيخ ڪمال الدين جنيدي

2 سمجهه جي ٻار

1 شمس تبريزي

2 سامان سڙو

3 ڳڙا

4 ڪکه

5 لهي ويندڙ

6 آب حيات

7 جوهر- پاڻي

1 موجوده سائنس

2 بت ٺاهيندڙ

3 ڳڙو

1 بيماريون

2 جنهن کي سجدو ڪجي.

1 صوفي

1 وڍيندڙ تلوار

2 خوف

3 ڌڪ

4 رات ۽ ڏينهن

5 ڊگهائي.

1 هميشه. لا تسبوا الدهر: زمانه کي گاريون نه ڏيو      

1 ڏينهن

2 آزاد

3  پڃرو

4 ظاهر ٿيندڙ

1 احسانمند

2 اقرا تلميح آهي آية شريفـﮧ اقرا باسم ربک الذي خلق ڏانهن

1 نشانيون

2 حسد ڪيل

3 رنج ناخوش

4 گردن

5 تلميح آهي آية شريفـﮧ ان نشاء تنزل عليهم من السماءِ آية فظلت اَعناقهم لها خاضعين ڏانهن

1 ڪکه

2 بيقرار

3 آرام ساريندڙ

4 صحبتي

1 آسان- سولو

2 موٽائي وٺ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org