سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اسرار خودي

باب --

صفحو :1

اِسرارِ خودي

مترجمـﮧ محمد بخش واصف

 

 

 

(ديباچه مثنوي اسرار- خودي)

 

هيءُ وحدت وجدانيءَ يا شعوريءَ جو چٽو نقطو آهي، جنهن کان سمورا انساني خيال، جذبا ۽ تمنائون روشن ٿين ٿيون. هي پراسرار شيءِ جا انساني فطرت جي منتشر ۽ غير محدود ڪيفيتن جي شيرازه بند آهي. اها ”خودي“ يا ”انا“ يا  ”مان“، جا پنهنجي عمل جي مطابق ظاهر ۽ پنهنجي حقيقت جي اعتماد سان ڳجهي آهي جا سمورن مشاهدن کي پيدا ڪندڙ آهي، مگر جنهن جي لطافت مشاهده جي گرم نگاهن جو تاب نٿي جهلي سگهي، سا ڪهڙي شيءِ آهي؟ ڇا هيءَ هڪ لازوال حقيقت آهي يا زندگي فقط عارضي طرح فوري عملي مقصدن جي حصول خاطر پاڻ کي انهيءَ تخيل جي دوکي يا دروغ مصلحت- آميز جي صورت ۾ نمايان ڪيو آهي. اخلاقي اعتبار کان فردن ۽ قومن جو طرز عمل انهيءَ نهايت اهم سوال جي جواب تي منحصر آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي ڪابه اهڙي قوم نه هوندي، جنهن جي فيلسوفن ۽ عالمن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ دماغ سوزي نه ڪئي هجي. مگر انهيءَ سوال جو جواب فردن ۽ قومن جي دماغي قابليت تي ايتري قدر انحصار نٿو رکي جيتري قدر سندن افتاد- طبع تي، مشرق جون فلسفه مزاج قومون گهڻو ڪري انهيءَ نتيجه ڏانهن مائل رهيون آهن ته انساني ”انا“ فقط تخيل جو دوکو آهي ۽ انهيءَ ڳٽ کي ڳچيءَ مان ڪڍي اڇلڻ جو نالو ڇوٽڪارو آهي. مغربي قومن کي سندن عملي مذاق اهڙن نتيجن ڏانهن وٺي ويو آهي، جن لاءِ سندن فطرت جي تقاضا هئي.

هندو قوم جي دل ۽ دماغ ۾ عملي ۽ نظري قوتن جي هڪ عجيب طريقه سان آميزش ٿي آهي. انهيءَ قوم جي موشگاف فيلسوفن قوت عمل جي حقيقت تي نهايت دقيق بحث ڪيو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ نتيجه تي پهتا آهن ته .انا“ جي زندگيءَ جو هيءَ مشهور تسلسل جو سمورين مصيبتن ۽ تڪليفن جو بنياد آهي. سو عمل کان ئي متعين آهي. يا ائين چئبو ته انساني ”انا“ جون موجوده ڪيفيتون ۽ لوازمات انهيءَ گذريل طريقهء عمل جو لازمي نتيجو آهن ۽ جيستائين اهو ”قانون- عمل“ ڪم ڪندو رهندو تيستائين ساڳيا ئي نتيجا پيدا ٿيندا رهندا. اڻويهين صديءَ جي مشهور جرمن شاعر گوئٽي جو هيرو ”فائوسٽ“ جڏهن انجيل يوحنا جي پهرينءَ آيت ۾ لفظ ”ڪلام“ جي بجاءِ لفظ ”عمل“ پڙهي ٿو (شروع ۾ ڪلام هو ڪلام خدا ساڻ ۽ ڪلام ئي خدا هو) تڏهن حقيقت ۾ سندس دقيق رس نگاهه انهيءَ نقطه کي ڏسي ٿي، جنهن کي هندو فيلسوفن صديون اڳ ڏٺو هو. انهيءَ عجيب و غريب طريقه تي هندو فيلسوفن ”تقدير“ کي آزادي ۽ انساني حريت کي يا ٻين لفظن ۾ جبر و اختيار جي ڳجهارت کي سمجهيو هو ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن شڪ ۽ شبهه جي گنجائش ناهي ته فلاسفيءَ جي اعتبار کان انهن جي جدت جس ڏيڻ جي لائق آهي ۽ خاص طرح سان ان ڪري جو هو هڪ اعليٰ اخلاقي جرائت سان انهن سمورن فلسفي نتيجن کي به قبول ڪندا آهن، جي انهيءَ ڳالهه مان پيدا ٿيندا آهن. يعني ته جڏهن ”انا“ جو تعين عمل سان آهي، تڏهن ”انا“ جي ڦاهيءَ کان نڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو آهي ترڪه عمل. اهو نتيجه انفرادي ۽ قومي پهلوءَ سان نهايت خطرناڪ هو ۽ ان ڳالهه جي تقاضا ٿي ڪيائين ته ڪو مجدد پيدا ٿئي، جو ترڪ عمل جي اصلي مطلب کي چٽو ڪري. بني نوع انسان جي ذهني تاريخ ۾ سري ڪرشن جو نالو هميشه ادب ۽ عزت سان ورتو ويندو. هن عظيم الشان انسان هڪ نهايت دلچسپ پيرايه ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي فلسفيانه روايتن جي تنقيد ڪئي ۽ هن حقيقت کي واضح ڪيو ته ترڪ- عمل مان مراد ڪلي ترڪ نه آحي، ڇو ته عمل اقتضائي فطرت آهي ۽ انهيءَ سان زندگيءَ جو استحڪام آهي بلڪ ترڪ عمل مان مراد هي آهي ته عمل ۽ سندس نتيجن سان بنهه لڳاءُ نه هو. سري ڪرشن کان پوءِ سري رام نوج به انهيءَرستي جو پانڌيئڙو هو. ليڪن افسوس آهي ته جنهن پوشيده حقيقت کي سري ڪرشن ۽ سري رام نوج ڳولڻ ٿي گهريو، تن کي سري شنڪر جي منطقي طلسم وري لڪائي ڇڏيو ۽ سري ڪرشن جي قوم سندس تجديد جي ميوه کان محروم ٿي وئي.

اولهه ايشيا ۾ اسلامي تحريڪ به هڪ نهايت زبردست پيغام- عمل هئي. جيتوڻيڪ انهيءَ تحريڪ جي نزديڪ ”انا“ هڪ خلقيل هستي آهي، جا عمل جي ذريعي لازوال ٿي سگهي ٿي، ليڪن ”انا“ جي مسئله جي تحقيق و تدقيق ۾ مسلمانن ۽ هندن جي ذهني تاريخ ۾ هڪ عجيب مشابهت آهي. اها هيءَ آهي ته جنهن نڪتئه خيال سان سري شنڪر گيتا جو تفسير ڪيو آهي، انهيءَ نقطئه نگاهه کان شيخ محي الدين ابن عربي اندلسي قرآن مجيد جو تفسير لکيو آهي، جنهن مسلمانن جي ذهن تي نهايت گهرو اثر وڌو. شيخ اڪبر (ابن عربي) جي  علمي قابليت ۽ سندس زبردست شخصيت مسئلهء وحدت الوجود کي جنهن جو هو هڪ زبردست مفسر هو اسلامي تخيل جو هڪ جزو لا ينفڪ ثابت ڪيو آهي. اوحد الدين ڪرماني ۽ فخرالدين عراقي ابن عربي جي فلسفه کان گهڻي قدر متاثر ٿيا ۽ رفته رفته چوڏهين صدي جا سمورا عجمي شاعر انهيءَ رنگ ۾ رڱجي ويا. ايرانين جهڙي نازڪ مزاج ۽ لطيف طبع قوم اهڙي طويل دماغي مشقت جي برداشت ڪٿي ڪري ٿي سگهي جنهن ۾ جزو کان ڪل تائين پهچڻ ضروري آهي. ايرانين جزو ۽ ڪل جي دشوار گذار رستي کي درمياني تخيل جي مفاصله جي مدد سان طي ڪيو ”رگ- چراغ“ ۾ ”خون- آفتاب“ جو ۽ ”شرار- سنگ“ ۾ ”جلوهء طور“ جو سنئون سڌو مشاهده ڪيون.

مطلب ته هندو فلاسفرن مسئَله وحدت الوجود جي سببن ۾ دماغ کي مخاطب ڪيو، پر ايراني شاعرن انهيءَ مسئله جي وضاحت ۾ زياده خطرناڪ رستو اختيار ڪيو ۽ دل کي پنهنجو نشانه بڻايائون. سندن حسين و جميل نقطم آفرينين جو پڇاڙيءَ ۾ اهو نتيجو نڪتو جو اهو مسئلو عوام تائين پهتو جنهن قريب قريب سمورين اسلامي قومن کي ذوق عمل کان محروم ڪري ڇڏيو. مسلمان عالمن مان غالباً سڀ کان پهرين عالم، علامه ابن تيميه علـيـﮧ الرحمة ۽ فلاسفرن مان واحد محمود اسلامي تخيل جي انهيءَ همه گير رجحان جي خلاف آواز کڙو ڪيو. ليڪن افسوس جو واحد محمود جون تصنيفون هينئر ناياب آهن. ملا محسن فاني ڪشميري پنهنجي ڪتاب دبستان- مذاهب ۾ انهيءَ فلسفيءَ جو ٿورڙو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان سندس خيالن جو پورو اندازه لڳائي سگهجي ٿو. علامه ابن تيميه جي زبردست منطقي دليلن ڪجهه اثر ضرور ڪيو، پر حقيقت هيءَ آهي ته منطق جي خشڪي شعر جي دلربائي ۽ دلڪشي جو مقابلو نٿي ڪري سگهي.

شاعرن مان شيخ علي حزين ”تصوف برائي شعر گفتن خوب است“ چئي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ڏنو آهي ته هو حقيقت- حال کان آگاهه هو، ليڪن تنهن هوندي به سندس ڪلام مان اهو پيو بکي ته هو پنهنجي گردو پيش جي اثر کان بچي نه سگهيو. اهڙين حالتن ۾ ڪيئن مڪن هو ته هندستان ۾ اسلامي تخيل پنهنجي عملي ذوق بچائي سگهندو. مرزا بيدل عليـﮧ الرحمة سڪون جي لذت جو ايتري قدر دلداده آهي جو هو نگاهه جي جنبش تائين پسند نٿو ڪري

”نزاڪت ها است در آغوش مينا خانئه حيرت

مڙه برهم مزن تا نشکني رنگ تماشارا“

امير مينائي مرحوم هيءَ تعليم ڏي ٿو ته:

ديکهه جو کچهه سامني آجائي منه سي کچهه نه بول

آنکهه آئيني کي پيدا کر دهن تصوير کا

مغربي قومون پنهنجي عملي قوت سببان دنيا جي سمورين قومن ۾ ممتاز آهن ۽ انهيءَ ڪري اسرار زندگي سمجهڻ لاءِ سندن ادب ۽ تخيل مشرق وارن لاءِ بهترين رهبر آهي. جيتوڻيڪ مغرب جي نئين فلسفه جي شروعات هالينڊ جي هڪ يهودي فلاسفر جي نظام وحدت الوجود کان ٿي، ليڪن مغرب وارن جي ذهن تي عمل جو ذوق غالب هو. مسئله وحدت الوجود جو اهو طلسم، جنهن کي رياضيءَ جي طريق استدلال سان پخته ڪيو ويو هو سو ڪو گهڻي عرصي تائين برقرار رهي نه سگهيو. سڀ کان اول جرمني ۾ انساني ”انا“ جي انفرادي حقيقت تي زور ڏنو ويو ۽ پوءِ رفته رفته يورپ جا فلاسفر خاص طرح سان انگلينڊ جا فلاسفر عملي ذوق جي بدولت انهيءَ خيالي طلسم جي اثر کان آزاد ٿي ويا. جهڙي طرح رنگ و بو لاءِ خاص حاسه آهن تهڙيءَ طرح انسانن ۾ هڪ ٻيو حاسه آهي. جنهن کي ”حسن واقعات“ چوڻ گهرجي. اسان جي زندگي ارد گرد جي واقعات جي مشاهده ڪرڻ ۽ انهن کي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان پوءِ عمل پيدا ٿيڻ تي موقوف آهي. ليڪن اسان مان ڪيترا ماڻهو آهن، جو انهيءَ وقت کان ڪم وٺي رهيا آهن، جنهن کي مون ”حس واقعا“ جي اصطلاح سان تعبير ڪيو آهي. نظام قدرت جي پراسرار پيٽ مان واقعات پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا پر بيڪن کان اڳ ڪنهن کي معلوم هو ته حالات حاضره“ جنهن کي نظرين جا دلداده فلاسفر پنهنجي تخيل جي بلنديءَ کان حقارت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، اهي حالات حقيقتن ۽ معرفتن جو هڪ لڪل خزانو رکن ٿا. در حقيقت انگريز قوم جي عملي نڪته جو دنيا جي سڀني قومن تي احسان آهي، ڇو ته انهيءَ قوم ۾ دنيا جي ٻين سڀني قومن جي نسبت ”حس واقعات“ وڌيڪ تيز ۽ ترقيءَ تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪوبه دماغ يافته فلسفيانه نظام جو حالات حاضره جي تيز روشنيءَ جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، سو انگلينڊ جي سرزمين تي اڄ تائين مقبول نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري انگلينڊ جي فلاسفرن جون تصنيفون دنيا جي ادب ۾ هڪ خاص درجو رکن ٿيون ۽ اهڙيون آهن جو مشرقي دماغ انهن مان فائدو وٺي پنهنجي قديم فلسفيانه روايتن تي نظرثاني ڪن.

هيءُ انهيءَ مسئله جي تاريخ جو هڪ مختصر خاڪو آهي جو هن نظم جو موضوع آهي. مون انهيءَ مشڪل مسئله کي فلسفيانه دليلن جي پيچيدگين کان آجو ڪري تخيل جي رنگ ۾ رڱڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تاڪه انهيءَ حقيقت جي سمجهڻ ۽ مٿس غور ڪرڻ ۾ سولائي پيدا ٿئي. هن ديباچه مان هن نظم جو تفسير مقصود نه آهي مگر فقط انهن ماڻهن کي دڳ لائڻ مقصود آهي جي انهيءَ مشڪل حقيقت کان اڳ واقف نه آهن. مون کي يقين آهي ته مٿين سٽين مان ڪنهن حد تائين اهو مقصد ادا ٿي ويندو. هن نظم جي شاعرانه پهلو جي باري ۾ ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو ته شاعرانه تخيل فقط هڪ ذريعه آهي جو انهيءَ حقيقت طرف توجهه ڏياري ٿو ته ”لذت- حيات“ ”انا“ جي انفرادي حيثيت سندس اثبات- استحڪام ۽ وسعت سان وابسته آهي. اهو نڪته مسئله- حيات بعد الموت جي حقيقت سمجهڻ لاءِ تمهيد جو ڪم ڏيندو.

البته لفظ ”خودي“ جي متعلق ناظرين کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ته اهو لفظ هن نظم ۾ ”وڏائي“ يا ”تڪبر“ جي معنى ۾ استعمال ٿيل نه آهي جئن عام طرح سان اردو ۽ سنڌي ۾ استعمال ٿئي ٿو. انهيءَ لفظ جو مفهوم فقط احساس- نفس يا تعين- ذات آهي. مرڪب لفظ ”بيخودي“ ۾ به ساڳيو ئي مفهوم آهي. غالباً محسن تاثير جي هيٺين بيت ۾ به لفظ ”خودي“ جي ساڳي معنى آهي.

”غريق- قلزم- وحدت دم از خودي نزند

بود محال کشيدن ميان- آب نفس“

      

حڪيم الامة علامـﮧ اقبال عليـﮧ الرحمة

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org