بسم الله
الرحمٰن الرحيم
اسرار خودي
تمهيد
منهنجي جهنگل جي سڪي سائي ۾ گهٽتائي ناه
ڪاٺي جي نخل جي منبر نه ٿئي دار ڪريان
(نظيري
نيشاپوري)
رات جو رستو جو سج روشن ڪيو
گل تي ڏس منهنجي رئڻ پاڻي هنيو
منهنجي ڳوڙهن ننڊ نرگس جي لٽي
منهنجي هنگامه
کان وهه سبزي ڦٽي
باغبان منهنجو ڏٺو زور- ڪلام
واهه جو شمشير نڪتو از
نيام
ذره آهيان ملڪ منهنجي سج مگر
ڏس گريبان منهنجي ۾ تون سو سحر
جام- جم کان وڌ مٽي منهنجي صفا
جي اڃا ڄايل نه سي ڄاڻي ادا
فڪر منهنجي جو هرڻ جو ٿيو شڪار
جو نه ٿيو آهي عدم کان آشڪار
سبزه
اڻ ڄايل سندم گلشن ۾ آهه
شاخ جو گل پڻ لڪل دامن ۾ آهه
محفلِ نغـمه
ڦٽائي مون ڇڏي
مون کان ئي تار رگ دين جي وڳي
سازِ
فطرت منهجو ٿيو نادر نوا
همنشين نغمه کان ٿيو نا آشنا
نئون سج آهيان مان جهان ۾ اي مٺل
آسمان جي رسم آهيان اڻ ڏٺل
تاب کان تارا اڃا ناهن وڳا
برقرار آهي سندم سيماب اَڃا
بحر پڻ رقصِ
ضيا
کان بي نصيب
پڻ جبل رنگِ حنا کان بي نصيب
مون سان مونس ناه ٿي ڪجهه چشم- بود
تن ڏڪايو منهنجو بس خوف- نمود
صبح روشن سج کان ٿيو ۽ شب وئي
گل تي دنيا جي پئي شبنم
نئي
صبح خيزن
جو ڪڍانتو انتظار
آڳ منهنجي جا چڱا زرتشت
يار
منهنجي نغمه کي نه پرواز خمه
جي
مان صدائي شاعر- فردا
سندي
دؤر منهنجو واقف- اسرار ناه
منهنجي يوسف لاءِ هي بازار ناه
نا اميد اڄ ڪيڙو ياران- قديم
طور منهنجو ٿو جلي ايندو ڪليم
دوستن جو بحر، جئن شبنم خموش
منهنجي شبنم آهه پر طوفان به دوش
منهنجي نغمه جو جهان آهي ٻيو
گهنڊ هنجو ڪاروان
آهي ٻيو
موت کانپوءِ ڄاوا ڪيئن شاعر ادا
پنهنجي اکه پوريئون اسانجي ڪيائون وا
ناز جو سامان فنا ٻاهر ڪيو
خاڪ مان تربت جي گويا گل ڦٽو
قافلا برپٽ انهيءَ مان ڪيئن ويا
اُٺ جي قدمن جئن بنا غوغا ويا
عاشق آهيان دانهن منهنجو آهه دين
شور محشر جو رکي اندر ڪمين
سر زياده تار کان منهنجو ٿيو
خوف ناهي ڪو شڪست عود
جو
ٿيو ڦڙو سيلاب کان بيگانه خوب
بحر انجي شور کان ديوانه خوب
نهر ۾ ماپي نٿو عمان
سندم
تو گهري ڪئن بحر هي طوفان سندم
مکڙي جا ويجهڻ کان ڀي گلشن نه ٿي
ابر منهنجي، پنهنجي سا لائق نه ٿي
بجليون موجود منهنجي جان ۾
ٿيا جبل برپٽ سندم جولان ۾
بحر منهنجي ساڻ لڙ صحرا جي تون
منهنجي بجلي کي وٺين سينا
جي تون
چشمهءِ
حيوان ڪيون منهنجي برات
کوليؤن مونتي اهو راز- حيات
منهنجي ئي سر کان ذرو زنده ٿيو
کولي پرشب تاب
جئن تابنده
ٿيو
مثل منهنجي راز کي ڄاتو نه ڪنهن
گوهر- معنيٰ کي هٿ لاتو نه ڪنهن
راز عيش- جاودان
چاهين ته اچ
جي زمين ۽ آسمان چاهين ته اچ
آسمان پوڙهي ٻڌايم راز هي
ڪئن ٻڌايان مان ڪنان دمساز هي
ساقيا اُٿ مئي سان روشن جام ڪر
دور دل کان زحمت- ايام
ڪر
اصل جنهن پاڻي جو چاهه زمزم آهه
انجو پوڄاري گداگر ڀي جم
آهه
فڪر کي جو ٿو ڪري هشيار تر
ديدهءِ
بيدار کي بيدار تر
مرتبو بخشي جبل جو ڪاه
کي
شينهن جي طاقت ڏئي روباه
کي
خاڪ کي اوج- ثريا
ٿو ڏئي
قطره کي ٿو وسعت- دريا ڏئي
ماٺ کي غوغا ڏئي محشر ڪري
ڊيل جا ٿو پير ڏس احمر
ڪري
جام ۾ منهنجي شراب- ناب
وجهه
فڪر جي پڻ رات تي مهتاب
وجهه
تانيان منزل ڏي مان آواره کي
ذوق بيتابي ڏيان نظاره کي
گرم ٿي تڪڙو ڪريان مان جستجو
پاڻ ۾ پيدا ڪريان نئيء آرزو
چشم اهل- ذوق جو تارو ٿيان
جئن صدا بس گوش
۾ گم ٿي وڃان
اڄ مهانگي مان ڪريان جنس- سخن
پڻ ڪريان ڳوڙهن کي پنهنجو خوب ڌن
جو سبق مون کي ڏنو استاد روم
سو ٻڌايان ساڻ اسرار- علوم
جان ان جي شعله کان سرمايه دار
روشن آهيان ان کان مان مثل- شرار
شمع ڏس ڪاهيو سندم پروانه تي
مئي ڪيو حملو سندم پيمانه
تي
پير رومي خاڪ کي اڪسير ڪيو
منهنجي دز مان جلوه کي تعمير ڪيو
موج ٿي هن بحر ۾ منزل ڪريان
تا ته چمڪندڙ ڪودر حال ڪريان
ان جي مئي کانپوءِ به ڪا مستي ڪريان
خوب برڪت واري ڪا هستي ڪريان
رات دلڙي مائل- فرياد هيءَ
ماٺ- يا رب کان عجب آباد هيءَ
شڪوه
لب تي خستئه
دوران
هوس
هاءِ خالي جام کان نالان هوس
خواهش- نظاره ۾ بيتاب هوس
هيءَ سجاڳي ڪانه محو خواب- هوس
پير- حق جو مون کي ات ديدار ٿيو
پهلوي ٻولي ۾ جنهن قرآن ڪيو
چيائين اي ديوانئه ارباب-
عشق
ٿورڙو ڪو پي شراب- ناب عشق
تون جگر حشر جو هنگامه کڻ
شيشه سرتي، ديده پڻ نشتر تي هڻ
هان کلڻ تي غيرت- صد ناله
ڪر
چشم جي رت جو جگر پرڪاله
ڪر
ڪيترو رهندين تون مکڙي جئن خموش
مثل گل سستو ٿي تون نگهت
فروش
هر مڙي جئن ڳنڍ ۾ هنگامه ڪر
پنهنجي هن محمل کي رکه آتش جي ڀر
گهنڊ جئن هر وار کي هر هر ڪرين
نالهء خاموش کي ٻاهر ڪرين
آڳ جئن ڪر بزم
دنيا پرضيا
سوز پنهنجي کان ٻيا ساڙين صفا
ڪريان عيان
اسرار پير- ميء
پروش
موج مئي ٿي چادر- مينا
بپوش
فڪر جي آئيني ڪارڻ سنگ ٿي
بوتلون ڀڃ عام اڳيان تون تنگ ٿي
مثل نڙ جي جهنگ جو پيغام ڏي
ڏئي سنيهون قيس کي آرام ڏي
نئي نموني ناله
کي ايجاد ڪر
هاءِ هو سان بزم کي آباد ڪر
جان نئي تون ڪر عطا هر زنده کي
پنهنجي قم سان زنده تر ڪر زنده کي
اُٿ کڙو ٿي هل تون اڄ راه- دگر
خالي ڪر سودا پراڻي کان توسر
ٿي سخن جو آشنا
گفتار ڪر
گهنڊ ٿي تون قافلو بيدار ڪر
هن سخن کان مان تپي سارو ويس
مثل نڙ جي نغمه سان مان پر ٿيس
تار پنهنجي مان جو مون پوڪاريو
ڪن جي نئي سهڻو چمن سينگاريو
مون کنيو پردو ڪنان راز- خودي
خوب کوليم راز اعجاز- خودي
گل سندم هستي جو گويا خار هو
رد، نامنظور هو، بيڪار هو
عشق صيقلگر
ٿيو آدم ٿيس
واقف- ڪيفيت- عالم ٿيس
خوب هن رفتار
گردون
کي ڏٺم
مه
جي رگ ۾ حرڪت خون کي ڏٺم
منهنجي اکه انسان لئي راتيون رلي
زندگي جي وئي حقيقت سڀ کلي
ٿيو عيان
مونتي ته راز- ممڪنات
خوب سمجهي مون ته تقويم-
حيات
رات کي جئن چنڊ سينگاري ويس
خاڪپايءِ ملت- بيضا
ٿيس
جنهن
جو هر گلشن ۾ ٿيو آوازه
آهه
آڳ دل جي ٿي سرود تازه آهه
ذرڙو پوکي آفتاب انبار ڪيا
ڪيئن سوين رومي ۽ پڻ عطار ٿيا
آه گرم اڄ آسمان تي مان نيان
اصل آتش گرچه دونهي جو ڏسان
فڪر اعليٰ
ڪلڪ منهنجي
جو ڏسو
سر نون پردن
جو صحرا ۾ وڌو
قطره جيسين غيرت- دريا ٿئي
ذرو ويجهي ويجهي هڪ صحرا ٿئي
مثنوي مان شاعري مقصود ناهه
بت جي پوجا
بتگري مقصود ناهه
فارسي کان ڏس گهڻو بيگانه مان
چنڊ نئو آهيان تهي
پيمانه مان
حسن انداز- بيان مون کان نه پڇ
خانسار ۽ اصفهان مون کان نه پڇ
گرچه شيريني ۾ هندي شڪر آهه
هان دري
ان کان مگر شيرين تر آهه
فڪر ان
جي جلوه کان مسحور ٿيو
۽ قلم ڏس شاخ نخل- طور ٿيو
فڪر جي رفعت
کان آهيان فارسي
فطرت- انديشه
آهي آرسي
عيب مينا تي نه وٺ اي هوشور
ذوق ليڪن ميء سندو حاصل تون ڪر
هن بيان ۾ ته دنيا جو نظام خودي کان آهي. تعينات وجود
جي حيات جو خودي جي سلسله محڪم ٿيڻ تي مدار تو رکي
شڪل هستي آهه آثار-
خودي
ٿو ڏسين جيڪي سو اسرار- خودي
پاڻ کي جڏهين خوديءَ بيدار ڪيو
هان پڌر هڪ عالم- پندار
ڪيو
ذات ۾ اُن
جي لڪل ٿيا سؤ جهان
غير ان
جو ڀي انهيءَ کان ٿيو عيان
اُن کان ئي دنيا خصومت ۾ اندر
غير پنهنجو پاڻ کي سمجهئَين
مگر
پاڻ مان ٺاهيو انهيءَ اغياز کي
تا وڌائي لذت پيڪار
کي
پنهنجي هن آهي ڪڍي قوت ڏسو
تا ڏسي هوءَ پنهنجي خود طاقت ڏسو
خود فريبيون ان
جو ٿيون عين-
حيات
خون مان جئن گل وضو عين- حيات
هڪڙي گل لئي خون سؤسؤ گلشن ڪري
هڪڙي نغمي لئي سوين شيون
ڪري
هڪ فلڪ
لئي آندا هن سهسين هلال
حرف هڪڙي لاءِ آندئين سؤ مقال
ان
جو عذر اسراف،
هيء سنگين دلي
۽ هي تڪميل-
جمال- معنوي
حسين شيرين جو ته درد- ڪوهڪن
مشڪ جو ٻيڙو، هي آهويءِ
ختن
سوز سارو قسمت- پروانه ڏس
شمع نام- محنت- پروانه ڏس
ڪلڪ ان
جي نقش اڄ جو ڪيو عيان
تا سڀان کي هٿ ۾ آڻي بيگمان
ساڙيا ابراهيم ڪيئَن
شعلا سندس
تا چراغ- يڪ محمد ٻاري بس
ٿا پين پيدا ڏسو بهر-
عمل
عامل ۽ معمول اسباب و علل
ٿي اٿاري، چمڪي، اڏري ٿي وڃي
ساڙي چمڪائي مري ٿي ڦوڪجي
وسعت
ايام جولانگهه
سندس
آسمان هڪ موج گرد
رهه سندس
جيب
۾ گل، ان
جو گلڪاري ڪنان
رات ڏينهن اُن
جو ته بيداري ڪنان
شعلو پنهنجو
چڻنگ ۾ تقسيم ڪيئين
جز جي پوڄا عقل کي تعليم ڪيئين
پاڻ کي ٿورڙيلئين تا اجزا ٿيا
ٿورڙو ديوانه ٿي صحرا ٿيا
پو پريشاني کان جو بيزار ٿي
۽ ملي پو صورت- ڪهسار
ٿي
پاڻ کي پڌرو ڪرڻ خويءِ خودي
۽ لڪڻ ذرڙن ۾ نيرويءَ
خودي
ماٺ جي طاقت ٿي بيتاب- عمل
ڪم کان ٿي پابند اسباب- عمل
آهه دنيا جي حياتي هيءَ خودي
انجي مضبوطيءَ مطابق زندگي
جي ڦڙو حرف- خودي ازبر
ڪري
بود جي قيمت کي پوگوهر ڪري
مئي خودي جي ضعف کان بيي پيڪر آهه
ان
جي صورت جو سبب ئي ساغر آهه
جام مئي جو گرچه صورت ٿو وٺي
ڦيرو پر مادام کان ان
کي اچي
وئي جبل جي جي خودي صحرا ٿيو
ڪئي گلا اُن جوش ۾ دريا ٿيو
بحر جي ڀاڪر ۾ موجون ئي رهن
بحر جي ڏس ٿيون ڪلهن تي سي چڙهن
نور جو حلقو ٻڌو، هو اکه ٿيو
جلوه ڪارڻ پوچرڻ اکڙين پيو
پاڻ کان سبزيءَ جڏهن طاقت لڌي
باغ جي ڇاتي ڇني ڏس اُن وڌي
شمع از خود پاڻ کي زنجير ڪيو
پنهنجو ذرڙن کان هئڻ تعمير ڪيو
پاڻ کي ڳاريئين ڀڳي
پڻ
پاڻ کان
مثل ڳوڙهن جي اکين مان ٿي روان
جي هجي ها ٽڪ پڪي فطرت وٽان
زخم کائي ڪين ها هرگز ڪٿان
ٿي ٿئي سرمايه غيرن جو جڏهن
بار کان ڦٽجي ڪلهو ان
جو تڏهن
پنهنجي هستي تي زمين جو محڪم آهه
چنڊ کي ان
جو ڦرڻ ڏس هردم آهه
سج زمين کان جو سدا محڪم تر آهه
ڏس زمين ساري سندس سحر
اندر آهه
ان
تي پنبڻين جو چوڻ شان- چنار
دبدبي کان ان
جي ڪامل ڪوهسار
ان
جي ڪپڙي جي اڻت از
آتش آهه
اصل انجو داڻو هڪ گردن ڪش
آهه
زيست
جي جي گڏ خودي طاقت ڪري
زندگي جي نهر مان قلزم
ڀري
(هن بيان ۾ ته خودي جي حيات مقصدن جي پيدا ٿيڻ مان آهي)
زندگي جي مدعا کان ٿي بقا
ان کان ئي ٿيو قافله جو دارا
ٿي حياتي جستجو اندر لڪل
اصل ان
جو آرزو اندر لڪل
دل
۾ خواهش کي تون رکه جئَرو
اي يار
ٿئي متان تنهنجي مٽي تنهجي مزار
جان دنيا جي ٿي خواهش رنگ و بو
آهه سڀڪنهن شيءِ جي فطرت آرزو
اُن کان ئي دل
جو نچڻ منجهه سينه آهه
سينو ان
جي تاب
کان آئينه آهه
ٿيو اُڏامڻ ان کان ئي بس خاڪه جو
خضر آهي موسيءِ ادراڪ
جو
سوز خواهش دلکي ٿو جئَرو
ڪري
غير حق ان
جي جيڻ کان ٿو مري
ختم جي خواهش جي ٿي تخليق کان
پر اڏامڻ کان رهيو ان
جو ميان
آهه سا هنگامه
آرايءِ خودي
جوش ۾ خواهش کان درياءَ
خودي
صيد
مقصد جو تمنا ٿي ڪمند
دفتر- افعال
جي شيرازه
بند
|