بند اکيون ڪر، ڪن ڪرين پڻ لب به بند
فڪر تنهنجو تا رسي چرخ- بلند
ناهه ڪجهه به هي علف راز-
جهان
ٿي نه تون مغرور ان تي اي ميان
شينهن جي تڪليف کان ڏس ها ٿڪل
تن پرستي ۾ سندن دل هئي ٻڌل
انکي آئي هئي نصيحت بس پسند
ويو هلي انتي فسون-
گوسفند
جو رڍن جو ڪندو دائم شڪار
گوسفندي دين تنهن ڪيو اختيار
ساڻ چيتن سو لڳو کائڻ علف
ٿيو انهيءَ جو گوهر- شيري خزف
گاه کان تيزي نه ڏندن جي رهي
انجي اکڙين جي اها هيبت وئي
دل به رفته رفته وئڙي سينه مان
جوهر- آئينه ويو آئينه مان
هان جنون اڄ جوش ڪامل مان ويو
هو عمل جو ذوق جو دل مان ويو
عزم
ويو سارو سو استقلال
ويو
وئي هلي عزت اُهو اقبال ويو
لوه جو چنبو ويو بي زور ٿي
دل مري ويئي اڪيلي گور
ٿي
زور تن جو پڻ گهٽيو ٿيو خوف جنا
ڪجهه نه خوف- جان ڇڏيو همت منجهان
مرض هي پيدا ڪيا بي همتي
بيدلي پڻ عاجزي دون فطرتي
مڪر کان رڍ جي ستو بيدار شينهن
رات ٿيو تهذيب ان
جي جو ته ڏينهن
هن معنى ۾ ته افلاطون يوناني جي فڪرن جو اثر اسلامي مسلمانن جي تصوف ۽
ادبيات قبول ڪري گو سفندي طريقه ورتو آهي حالانڪه
ان
جي تخيلات کان پاسو ڪرڻ واجب آهي.
جهونو هو راهب ته افلاطون- حڪيم
دنبه هو هڪ گوسفندن مان قديم
ان
جو گهوڙو فلسفه جي رهه ۾ گم
پيو سندس ملڪ وجود اندر ته سم-
اهڙو کاڌو آهه هن ڌوڪو اي يار
هٿ مان اکه مان ڪن مان نيو هن اعتبار
زندگي جو راز آهي منجهه مرڻ
شمع جا جلوه ٿيا منجهه سر ڌرڻ
حڪم اسانجي فڪر تي آهي روا
هوش انجي جام کان ٿو ٿئي خطا
رڍ اُها اندر لباس- آدم آهه
حڪم صوفين وٽ انهي جو محڪم آهه
آسمان تي عقل پهنجي کي ڪيئين
عالم-
اسباب کي قصو چيئين
ذرا ذرا ڪيائين اجز ايءِ حيات
بي ثمر ڪيئين سرور رعنايءِ حيات
هن زيان جي لئي چيو هي سود آهه
بود ان
جي علم ۾ نابود آهه
هو سو ليڪن وڌئين دنيا تي خواب
انجي چشم هوش ڪيو پيدا سراب
خود عمل جي ذوق کان محروم هو
روح ان
جو عاشق- معدوم
هو
شورش-
موجود جو منڪر ٿيو
هو خدا اعيان
نامشهود
جو
زنده دل کي عالم- امڪان وڻي
مرده دل کي عالم- اعيان وڻي
ان
جي آهو کي ته هو لطف- حرام
ڊيل کي لذت هلڻ جي هئي حرام
ان
جي شبنم کي نه هو ڪجهه رم نصيب
هو نه ان
جي ڪو پکي کي دم نصيب
ذوق ڦٽجڻ جو نه ان
جي دانه کي
لطف ڦٿڪڻ جو نه ڪجهه پروانه کي
ري ڀڄڻ جي ڪونه هو چارو ٻيو
شور دنيا جو نه اُن
کي حوصلو
شعلئه بي نور تي اُن دل ٻڌي
نقش ۾ ان
جي ڪشش ڪائي نه ٿي
چرخ تي اُڏريو هو پنهنجي جاءِ کان
پر وري موٽيو نه اُن ڏي هو ڪٿان
فڪر ٿيو ان
جو خم- گردون
۾ گم
ناهه- سڌ هو درد هو يا خشت- ختم
ان
جي نشه کان جهان مسموم
ٿيو
ويو ۽ ڪم جي ذوق کان محروم ٿيو
شعر جي حقيقت ۽ اسلامي ادبيات جي اهم اصلاح ۾
گرم ڪيو انسان داغ- آرزو
باهه ڪئي مٽي چراغ- آرزو
آرزو کان جام ۾ آئي حيات
گرم
خيز ۽ تيز گام آهي نجات
زندگي مضمون تسخير
آهه ٿي
آرزو افسون تسخير آهه ٿي
زندگي صيد
آهه ۽ دام- آرزو
عشق جو با
حسن پيغام- آرزو
ٿي اٿي ڇا مان تمنا دمبدم
زندگي جي سر جي ڪارڻ زيرو
بم
جو ڪجهه آهي سهڻو ۽ زيبا جميل
رهه طلب جي ۾ اسان جي لئي دليل
نقش جي محڪم رهي دلجي اندر
خواهشون پيدا ڪري دل ۾ اپر
حسن کانئي ٿي بهار- آرزو
جلوه ٿيو پروردگار- آرزو
سينو شاعر جو تجلي زار-
حسن
ان
جي سينا کان اٿن انوار- حسن
خوب ان کان ٿو زياده خوب ٿئي
فطرت انجي ڦيڻي کان محبوب ٿئي
ان
جي دم کان بانوا ٿي بلبل آهه
ان کان رنگين ٿيڙو رخسار گل آهه
سوز ان
جو منجهه دل پروانه آهه
ان کان شيرين عشق جو افسانه آهه
آب و گل ۾ ان
جي آهن بحر و بر
دل ۾ مخفي ان
جي دنيائون اپر
منجهه دماغ ان
جي رهيا لالا ڪيئن
اڻ ٻڌل آواز ۽ نالا ڪيئن
فڪر تارن سان سندس ٿيو همنشين
بڇڙو هو ڄاڻي نه پر خوب آفرين
انجي ٿيو ظلمات ۾ آب- حيات
زنده اکه جي آب کان هئي ڪائنات
مان گران
سر ۽ ڪچو ۽ ساده پڻ
راه ۾ منزل جي پا آفتاده
پڻ
انجي بلبل آهه سينگاري نوا
آهه حيلو ان اسان لئي ڪيو بپا
تا حياتي جي نئي فردوس ڏي
زندگي جو قوس
هو حلقو ٿئي
گهنڊ کان ان
جي هلن ٿا ڪاروان
انجي توتاري پٺيان آهن روان
هير پنهنجي
باغ ۾ جنهن
دم
لڳي
لاله ۽ گل جي اندر ڪرمڪ
وڃي
اهل دنيا کي صلاني
خوان ڪري
آڳ کي هو جئن هوا ارزان ڪري
موت کان جهن قوم ڏس ورتي برات
ان
جي شاعر ناهه ڪجهه ذوق حيات
هو بري کي ٿو چڱو آهي چوي
اُن
جي نوشينه
کان ٿي نشتر لڳي
تازگي ان
جي چمي نٿي گل منجهان
لذت پرواز نئي بلبل منجهان
سست عضوا اُن
جي افيون کان ٿيا
زندگي ٿي قيمت مضمون ادا
ذوق- رعنائي ڇڏيو اُن کان ته سرو
باز اُن
جي سرد دم کان ٿيو تدرو
سيني کان سر تائين مثل آدم آهه
جئن بنات
آشيان اندر يم
آهه
ٿي نوا افسون پڙهي ملاح تي
ان
جي ٻيڙي ڏس ته ڪئن دريا وجهي
ان
جا نغما دل مان چورائن ثبات
موت اُنجي سحر کان ڀائين حيات
خواهش هستي نئي بس جان مان
لعل عنابي نئي پڻ ڪان
مان
جي زيان سهڻر ڪري ٿو سود کي
ٿو ڪري مذموم
ڏس محمود
کي
خطري جي دريا ۾ توکي ٿو وجهي
پڻ عمل کان توکي پاسي ٿو ڪري
رنج اسان
کي ٿو ڪري ان
جو ڪلام
انجمن رنجائي ان
جو دور جام
برق ناهي ڪا سندس نيسان
۾
بس سراب آهي سندس بستان ۾
حسن کي ان
جي صداقت سان نه ڪم
اُن
جي گوهر کي به قيمت سان نه ڪم
خواب کان گهٽ ان
کي بيداري رهي
آڳ اسان
جي ان
جي دم کان ٿي ٿڌي
قلب کي ڪيو زهر بلبل جي ته بانگه
ان
جي گل هيٺان ستل ڪارو ته نانگه
ان
جي خم کان جام کان تون ڪرحذر
پڻ مئي گلفار کان تون ڪر حذر
تون ڪري پئين ان
جي ڏس صهبا ڪنان
صبح تنهنجو مشرق مينا ڪنان
ان
جي نغمن کان سندءِ دل سرد جوش
زهر پيتو آهه تواز راهه گوش
ٿيو تنزل ۾ سندءِ انداز آهه
سر کان ويئي ڏس ته تار ساز آهه
تون ضعيف آهين تن آساني کي ڏس
منجهه جهان ننگ مسلماني کي ڏس
گل جي رگه سان هاڻي ٻڌجي ٿو سگهين
هير هلڪي ساڻ مٽجي ٿو سگهين
عشق رسوا ٿيو سندءِ فرياد کان
نقش بد ٿيو پنهنجي ڏس بهزاد
کان
زرد تنهنجي درد کان رخسار آهه
تنهنجي سردي کان ٿي سرد اڄ ٻار آهه
تنهنجي خسته جاني کان ٿي خسته جان
ناتواني تنهنجي کان پڻ ناتوان
ڳوڙها ٻارن جا سندس پيمانه ۾
آهه جي ڪلفت متاع خانه ۾
سرخوش آهين پن کان ميخاني سندي
روشني چورائين ڪا شاني سندي
رنج آهين پڻ جهڪم آزرده تون
پڻ زماني جي لتن کان مرده تون
مثل نڙجي غم ڪري سنهڙو ٿيل
ڪئين گلائون چرخ جون لب تي پيل
چاپلوسي جوهر- آئينه ٿي
ناتواني دوست بس ديرينه ٿي
بخت ڪم ۽ زبردست ۽ گهٽ نهاد
ناسزا پڻ نا اُميد ۽ نامراد
شيرين ان
جي ڏس لٽيو سرمايه کي
آهه ڪيو بيخواب پڻ همسايه کي
عشق سو ڇا، آڳ وئي جنهن
جي ٺري
منجهه حرم ڄائو ويو مندر مري
جيب
جي نقد- سخن کي وڃ کڻي
زندگي جي ڪسوٽي تي ڏس هڻي
فڪر روشن ٿئي عمل جو راهبر
شمع اهڙي ڪر دليل- بحر و بر
فڪر صالح منجهه ادب گهرجي ڪرڻ
موٽ بس سويءِ عرب گهرجي ڪرڻ
ڏي تو سلمايءِ عرب کي دل تمام
تا رهي روشن سدائين صبح شام
تو عجم جي باغ جا گل چونڊيا
هند، ايران، جا بهار آهن ڏٺا
سهه ذرو جهولو ادا صحرا سندو
مئي پراڻو پيءُ ڪو خرما
سندو
گرم بر ان
جي ۾ وجهه تون پنهنجو سر
ڪرسي مرمر
کي تون ڏي ٽن سربسر
ريشم اندر تون ستر آهين صدا
طبع پنهنجي ٺاهه منجهه ڪرپاس
ادا
پير لاله تي سدا ٺوڪيا اٿئي
گل جي شبنم ساڻ ڳل ڌوتا اٿئي
پاڻ کي تون گرم واريءَ تي رکين
چاهه زمزم ۾ اچي غوطا هڻين
مثل بلبل ذوق شيرين ڪيترو
ٿئي گلستان ۾ نشيمن ڪيترو
دام جي برڪت هما
ڪيو ارجمند
ڪر تون آکيرو مٿي ڪوه- بلند
آشيان، جو برق جنهن
جي اندر آهه
جره بازن
جي گهرن کان برتر آهه
ٿا ڪرين اي يار پيڪار حيات
جسم و جان ساڙي سنديءِ نار
حيات
هن بيان ۾ ته خودي جي تربيت جون ٽي منزلون آهن. پهرين
منزل کي اطاعت ٿا چون، ٻيءَ کي ضبط نفس ۽ ٽيءَ کي
نيابت اِلاهي
پهرين منزل اطاعت
خدمت ۽ محبت ٿيو اُٺ جو شعار
صبر استقلال ان
جي آهه ڪار
بو نه ان
جي وکه ۾ ڪا غوغا سندي
قافلي لئي ٻيڙي ٿي صحرا سندي
نقش انجي پير جو هر بيشه
۾
ننڊ گهٽ، کاڌو به محبت پيشه ۾
بار محمل جو کنيو مستي منجهان
ٿو وڃي منزل ڏي ڪڏندو بيگمان
آهه خوش ڪيفيت- رفتار کان
منجهه سفر صابر رهي اسرار کان
تون به منهن بار- فرائض کان نه موڙ
پاڻ لئي حسن الماب اي يار جوڙ
رهه اطاعت ۾ اڙي غفلت شعار
جبر مان پيدا ٿئي ٿو اختيار
ڏس اطاعت مان ٿو ناڪس ڪس ٿئي
سرڪشي کان باهه پڻ ٿي خس ٿئي
جو ڪتيون ۽ چنڊ ٿو قابو ڪري
سو همه تن قاعدي ڏي ٿو وري
باد
کي زندان گل
خوشبو ڪري
قيد بو کي نافهءِ
آهو ڪري
ٿو کڻي منزل ڏي تارو ڏس قدم
سر اڳيان قانون جي آهي نه خم
لاله جو دائم سڙڻ قانون آهه
رڳ ۾ ان
جي ڏس تپندڙ خون آهه
قطره کي دريا ڪيو آئين-
وصل
ذره کي صحرا ڪيو آئين- وصل
قاعدي جي اندران هر شيءِ قوي
تنهنجي ڇو غفلت انهيءَ کان آهه ٿي
وٺ وري سو يار دستور- قديم
پير ۾ وجهه سو وري زنجير- سيم
سختيءَ قانون جو شڪوه نه ڪر
ٿي نه حدن کان نبي(صه) جي تون ٻهر
ٻي منزل ضبط نفس
نفس تنهنجو اٺ جيان خود پرور آهه
خود پرست ۽ خود سوار ۽ خود سر آهه
مرد ٿي واڳ انجي تون آڻين به ڪف
ٿي پوين موتي هجين تون جي خزف
حڪم جنهنجو پاڻ تي ناهي روان
حڪم ۾ ٻئي جي رهي ٿو بيگمان
ڏس مٽي مان تنهنجي ٿي تعمير اڏيل
خوف بس آهي محبت سان گڏيل
خوف دنيا جو ۽ عقبيٰ
جو به جان
خوف ڌرتي جو ۽ خوف- آسمان
مال جي الفت وري حب- وطن
مائٽن جي حب سان پڻ حب- زن
ميل آب و خاڪ جو تن پرور آهه
ٿيا ڪٺل فحشاءَ ته موت منڪر آهه
لاالاه جي لٺ رکين ٿو جي بدست
خوف جي جادو کي ڏيندين تون شڪست
جنهن جي تن ۾ جان جئن ٿيو حق نهان
ڪئن جهڪي باطل اڳيان ڪنڌ اي ميان
خوف کي من سينه ان
جي راه ناه
انجي دل مرعوب
غير الله ناهه
ملڪ ۾ جو ”لا“ جي بس آباد ٿيو
زال کان آجو ڪنان اولاد ٿيو
ماسوا تان ٿو کڻي پنهنجي نظر
ٿو ڪهي هٿ ساڻ سو پنهنجو پسر
آهه تن تنها مگر جئن لشڪر آهه
جان ان وٽ از هوا ارزان تر آهه
لااله سڀ آهه ۽ گوهر نماز
نئي دل- مسلم حج اصغر نماز
هٿ ۾ مسلم جي مثال- خنجر آهه
قاتل ”فحشاءَ
بغي و منڪر“ آهه
روزه بک ۽ اُڃ مٿي حملو ڪري
خيبر- تن پروري کي ٿو ڀڃي
مومنن جو فطرت افروز آهه حج
هجرت آموز ۽ وطن سوز آهه حج
خوب جمعيت جي موڙي طاعت آهه
بي شبهه ڪامل ڪتاب- ملت آهه
حب دولت کي وڃائي ٿي زڪواة
هڪجهڙائي بنائي ٿي زڪواة
دل کي حتي تنفقوا محڪم ڪري
زر وڌائي الفت- زر ڪم ڪري
منهنجي لئي هي باب استحڪام
آهه
پخته ٿيندين پخته جي اسلام آهه
پڙهه تون قوة لاءِ ورد- يا قوي
واڳ ٿئي هٿ اشتر- خاڪي سندي
ٽي منزل الاهي نيابت
جي شتر باني جهان
باني ڪرين
سر تي تون تاج- سليماني ڪرين
جيسين هيءَ دنيا جهان آرا رهين
شهريار
ملڪ لا يبليٰ
رهين
نائب- حق ٿي رهڻ آهي چڱو
حاڪم- دنيا ٿيڻ آهي چڱو
حق جو نائب ڄڻ ته جان- عالم آهه
منجهه جهان هو ظلم اسم اعظم آهه
جزو ڪل جو راز تو ڄاڻي نهان
امر الله ساڻ قائم منجهه جهان
وسعت دنيا ۾ جي خيمو هڻي
هن زمين کي درهم و برهم ڪري
فطرت آباد اُن
جي چاهي ٿي نمود
ٻيو جهان آڻي اِهو بس منجهه وجود
جزو ڪل جي عالم آسا
ڪيئن جهان
گل ڦٽن اُنجي زمين- فڪر مان
ٿو ڪري پختو ته هر ڪنهن خام کي
ڪعبي مان ٻاهر ڪڍي اصنام
کي
نغمه زا
اُنجو عجب مضراب
آهه
جاڳڻ ان
جو حق ڪارڻ خواب آهه
پوڙهي کي سيکاري آهنگ- شباب
ٿو ڏئي هر چيز کي رنگ- شباب
نوع انسان لئي بشير آهي نذير
پڻ سپاهي پڻ سپهگر پڻ امير
مدعايءِ علم الاسمام ٿيو
راز ”سبحان الذي اسريٰ“
ٿيو
هٿ اڇو ان
جو عصا
کان محڪم آهه
علم سان قدرت انهيءَ جي توام
آهه
جي جهلي هو واڳ هٿ ۾ شهسوار
هان ٿئي تڪڙو سمند روزگار
خشڪ هيبت کان ڪري هو نيل کي
مصر مان نئي ٿو هو اسرافيل کي
قبر مان نڪري سندس قم کان برن
مرده جانيون جئن صنوبر منجهه چمن
ذات اُن
جي کان ته ذات عالم آهه
پڻ جلال ان
جو نجات عالم آهه
ذره خورشيد آهه ان
جي سايه کان
نرخ هستي جو مهانگو مايه کان
زندگي بخشي ٿو اعجاز- عمل
ٿو ڪري نئو خوب انداز- عمل
ٿو اٿاري جلوو نقش پا سندس
ڪيئن ڪليم آهن ڪيا سينا سندس
زندگي جو ٿو ڪري تفسير نئو
ٿو ڏئي هن خواب کي تعبير نئو
انجي هستي آهه بس راز- حيات
واهه جو نغمو ڪيو ساز حيات
چرخ تي پهتي اسان
جي مشت- خاڪ
دز انهيءَ مان شهسوار آيو ته پاڪ
خفته منجهه خاڪستر
امروز ٿيو
هان سڀان جو شعله عالم سوز ٿيو
مکڙي پنهنجي گلستان منجهه دامن آهه
اکه سڀان جي صبح کان اڄ روشن آهه
اسپ- دوران جا هلي آ اي سوار
چشم امڪان جا فروغ- آشڪار
زيب ٿي ايجاد جي هنگامه جو
رهه اسان
جي يار اکڙين ۾ سگهو
خورش- اقوام کي خاموش ڪر
پهنجي نغمه کي بهشت- گوش ڪر
اُٿ ۽ قانون اُخوت
ساز ڏي
پرت جي مئي جو پيالو باز ڏي
آڻ دنيا ۾ وري ايام- صلح
جنگجوين کي تون ڏي پيغام- صلح
حاصل آهين تون ۽ انسان پوکه آهه
قافله جي تو سوا منزل به ناهه
ويا ڇڻي آهن خزان کان سڀ شجر
ڪر بهار اڄ باغ اسانجي تي نظر
سجده پوڙهن ۽ جوانن جا سڄڻ
شرمسار اڄ تن
جي پيشاني جا کڻ
تهنجي هستي کان مٿاهان ٿيون اسين
سوزهن سان پوجهان ساڙيون اسين
حضرت علي (رضه) جي نالن جي اسرارن جي شرح ۾
پهريون مسلم شهه- مردان علي (رضه)
عشق جو سرمايه ايمان- علي (رضه)
زنده مان اُنجي گهراڻي کان رهان
گوهر- روشن ٿيس مان در جهان
مثل نرگس طالب- نظاره پڻ
با ۾ بوجئن ٿيس آواره پڻ
ان کان تنهنجي
خاڪ مان زمزم کڄي
ان کان منهنجي تاڪ مان مئي ٿو ٽمي
خاڪ آهيان اُن کان آئينو رهان
ٿا ڏسي سگهجن نوادر
سينه مان
منهن مان اُن
جي فال پيغمبر
ڏٺي
حشمت ان کان ملت- حق کي رسي
نانءُ ڏنو ان
کي پيغمبر ”بوتراب“
حق ڏسيو ان
کي ”يدالله“ منجهه ڪتاب
جيڪو ڄاڻي ٿو رموز زندگي
سوئي ڄاڻي ”سر- اسمايءَ علي“ (رضه)
خاڪ تاريڪي جو نانءُ اُن
جو تن آهه
عقل ان
جي ظلم کان منجهه شيرين آهه
فڪر ان کان ئي زمين پيما ٿيو
چشم انڌي گوش ناشنوا ٿيو
حرص کان تيغ- دو روهٿ ۾ رهي
راهرو جي دل مٿي رهزن ڀڳي
شير حق هن خاڪ کي تسخير ڪيو
هن مٽيءَ ڪاريءَ کي ڏس اڪسير ڪيو
مرتضيٰ
جي تيغ کان حق روشن آهه
بو تراب ائين فتح ڪيو ملڪ تن آهه
مرد فاتح آهه ڪراري ڪنان
آب گوهر انجو خود داري ڪنان
|