بي تمنا ئي ڪيو جئَرو
مئل
شعله کي هن ڪيو ته افسرده
ٿيل
اصل ڇاهي ديدهءِ بيدار جو
ڇا سبب ٿيو لذت- ديدار جو
ڊيل حاصل ڪيو هلڻ رفتار کان
هان ملي ان کان ئي بلبل کي زبان
جهنگ جي ٻهران هي نڙ آباد ٿيو
نغمه پڻ هن قيد کان آزاد ٿيو
هي عجائب عقل، گردون
تاز ڇا
تون ڪي ڄاڻين ٿو ته هي اعجاز
ڇا
آرزو کان زندگي سرمايه دار
ڄاولن مان ان
جي آهي عقل يار
ڇاهه نظم- قوم قانون ۽ رسوم
راز ڪهڙو ٿا رکن تازا علوم
زور کان پهنجي ئي ڏس خواهش ڀڳي
منهن ڪڍيائين دل مان ۽ صورت ٻڌي
ڏند ۽ هٿ پڻ دماغ ۽ چشم، گوش
۽ خيال ۽ فڪر پڻ سمجهه آهه هوش
زندگيءَ گهوڙو هلايو جنگ ۾
پنهنجي لئي سامان بنايو جنگ ۾
واقفيت فن سندي مقصود ناهه
مکڙي ئي گلشن سندي مقصود ناهه
علم اوزارن جو حفظ
زندگي
علم اسبابن جو تقويم خودي
علم و فن ٿيا پيش
خيزان- حيات
علم و فن ٿيا خانه
زادان- حيات
زندگي جي راز کان بيگانه اُٿ
اي مئَي
مقصد سندا مستانه اُٿ
مقصد آهي صبح جئن تابندهءِ
ماسويٰ
ڪارڻ اٿئَي
سوزندهءِ
مقصد آهي آسمان کان ڀي مٿي
دل وٺندڙ، دل کسيندڙ دلبري
جهولي
باطل جو اُهو غارتگر
آهه
فتنه آهي پڻ سڄو ئي محشر آهه
مقصدن کان ئي اسين زنده رهون
روشني کان اُنجي تابنده رهون
(هن بيان ۾ ته خودي عشق ۽ محبت کان مضبوط ٿي ٿئي)
نور جو نقطو جو آهي سو خودي
خاڪ اسان
جي ۾ شرار ۽ زندگي
هان محبت کان ٿئي پائنده
ٿي
زنده، سوزنده ٿئي تابنده ٿي
شعله و الفت کان ان
جو جوهر آهه
ارتقا
عالم جي ان ۾ مضمر
آهه
فطرت انجي باه ٻاري عشق کان
عالم افروزي
سيکاري عشق کان
عشق کي تلوار کان ڪو باڪ
ناهه
اصلي ان
جو آب باد ۽ خاڪ ناهه
ٿو رکي هو صلح پڻ پيڪار عشق
آب حيوان
جئن رکي تلوار عشق
سخت پٿر عشق کان ٿو شق
ٿئي
حق جو بس عشق آخر حق ٿئي.
عاشقي سيکاري دلجه چاهي ٿو
نوح جي اکه قلب ٿيو ايوب جو
ڪيميا مٺ مان مٽيءَ جي اُن هٿان
ٿو چمي هو ڪاملن جو آستان
شمع پهنجي مثل رومي ٻار تون
آڳ تبريزي ۾ روم اڄ ڌار تون
دل تنهنجي
آهه ٿيو دلبر نهان
چشم اٿئي جي اچ ته ڏيکارئين عيان
ان
جا عاشق خوب سهڻن کان سوا
دل سان آهن سيئي دلبر دلربا
عشق کان ڏس دل توانا
ٿي ٿئي
خاڪ جي آهي ثريا ٿي ٿئي
خاڪ نجدان کان ئي بس چالاڪ ٿي
جهولي جهولي بر سر افلاڪ
ٿي
دل ۾ مسلم جي مقام مصطفيٰ
(ﷺ)
آبرو پنهنجي
زنام مصطفيٰ(ﷺ)
رنگ طور ان
جو غبار خانه آهه
ڪعبي جو بيت الحرم ڪاشانه آهه
انجي وقتن مان اَبد هڪ کن ٿيو
ذات کان ان
جي وڌائيندڙ ڏسو
خواب راحت ان
جي کان ممنون
تڏو
پائي اُمت تاج ڪسريٰ
تي هئَويٰ
غار حرا ۾ رهيو خلوت نشين
قوم ٺاهيئين، قاعدو صد آفرين
راتيون جاڳيو نه آئي ان
کي نوم
تخت شاهي تي ستي آخر ته قوم
خنجر ان
جو جنگ ۾ آهن گداز
ٿي رنيون ان
جون اکيون پر منجهه نماز
بس نوان دستور دنيا ۾ ٿيا
ويڙهجي مسند اڳين جا سڀ ويا
ويا کلي سڀ دين جي ڪنجي سان در
ڪنهن ڄڻيو اهڙو نه ڪڏهين ڪٿ پسر
ها نظر ۾ ان
جي هڪجهڙا تمام
خوان هڪ تي ويٺا آقا ۽ غلام
جنگ ۾ پيش اُنجي جو گردون
سرير
ڌيءَ حاتم جي جا آئي ٿي اسير
پير ۾ زنجير بي پرده اُها
ڪنڌ ان
جو هيٺ ڪيو شرم و حيا
پياري پيغمبر
جڏهن ان کي ڏٺو
پنهنجي چادر کي سندس منهن تي وڌو
ڇوڪريءَ ان کان به عريان
تر اسين
منجهه قومن ۾ بي چادر اسين
حشر جي ڏينهن هو اسان جو اعتبار
هن جهان ۾ پڻ اسان جو پرده دار
لطف، قهر ان
جو سراپا رحمت آهه
دوست تي دشمن تي ان
جي شفقت آهه
ويو کلي اعدا
تي در رحمت سندو
تن مليو پيغام لا تثريب جو
ڪين ڪي ڄاڻون اسين شرط- وطن
ٿيون اکيون ٻه نور هڪڙو چون
چين ايراني حجازي سڀ اسين
صبح هڪڙي جي مگر شبنم چوين
ساقيءِ بطحا جا ديوانه اسين
مثل مئي مينا جي مستانه اسين
امتيازات
نسب ٿي خاڪ ويا
هان جلي تن جا خس و خاشاڪ ويا
گل رکي سؤ پن مگر هڪ آهه بو
هڪڙو ئي جان- نظام آهي ته هو
راز ان
جي دل سندو هاسين مگر
هن هنيو نعرو اسين ٿياسين پڌر
عشق جي غوغا نئي
خاموش ۾
نغمه ڪئن اُسرن سندم آغوش ۾
ڇا چوان ان
جي تولا
آهه ڇا
خشڪ ڪاٺي ٿي رنو اُن لئي صفا
هستي مسلم جي تجليٰ
گاه ٿي
طور جي تابش به گرد- راه ٿي
منهنجي صورت ان
جي بس آئينه کان
صبح منهنجو
آفتاب سينه کان
بيقرار آهي سندم آرام ڏس
صبح محشر آه منهنجي
شام ڏس
مان بهاري ابر جو هڪ بوستان
تاڪ
منهنجو ٿيو ڀنل باران کان
پوکه ۾ الفت جي پوکيم چشم واهه
مون
کي بس ان
جو تماشو حاصل آهه
خاڪ يثرب
هر جهان کان خوشتر آهه
شهر سو سهڻو جتي هو دلبر آهه
ڪشتئه
انداز مان جامي سندو
هو علاج آهي سندم خامي سندو
شعر ۾ ان
جي معاني جو هنر
خواجه جي تعريف ۾ پوتئين گهر
نسخئه ڪونين جو ديباچه آهه
سڀ جهان بندا سندس هو خواجه آهه
ڪيفيت پيدا ڪئي صهبايءِ
عشق
واه جي تقليد از اسمايءَ عشق
فرد
بسطامي جو منجهه تقليد هو
گدري جي کائڻ کان جنهن پاس ڪيو
عاشقي؟ محڪم ٿي منجهه تقليد يار
تا رسي تنهنجي ڪري يزدان
شڪار
ويهه تون ڪو دم سرايءِ دل اندر
پاڻ ڇڏ، حق ڏي تون ڪر هجرت مگر
پاڻ ڏي مضبوط حق کان ٿي تون وڃ
لات
عزاي
۽ هوس جي سرکي ڀڃ
فوج وٺ تون عشق جي سلطان کان
جلوه گرد ٿي عشق جي فاران
کان
تا نوازي توکي ڪعبه جو خدا
شرح اِني جاعل ٿين اي ادا
(هن بيان ۾ ته خودي سوال کان
ضعيف
ٿيو پوي)
تو جو ورتي آهه شينهن کان خراج
آهه ڪيو توکي گدڙ ڏس احتياج
باعث
رنج آهه ناداري اها
اصل درد آهي ته بيماري اها
هيٺ اُن کان ٿو ٿئي فڪر- بلند
ٿو ٿئي اونده خيال ارجمند
هست جي خم
مان مئي گلفام
وٺ
نقد ڪارڻ ڪيسهءِ اَيام وٺ
لهه تون پاڻهين اُٺ تان مثل- عمر (رضه)
ٻئي جي تون احسان کان ڪر اَلحذر
ڪيترو پنندين ميان منصب جي لئي
ٻار جئن نڙ کي وٺي مرڪب
جي لئي
آسمان تي جا ڪري فطرت نظر
هيٺ ٿي ٿئي ٻئي جي احسان کان مگر
ٿئي سوال اندر ٿو سائل خوار تر
ٿئي گدائي کان گدا نادار
تر
منتشر
ان کان ته اجزايءِ
خودي
ٿئي تجلي ريءَ ٿو سينايءِ خودي
تا نه پيغمبر اڳيان ٿين تون خجل
ڏينهن محشر جي جو آهي جان گسل
چنڊ کي روزي رسائي خوان-
مهر
داغ انجي دل تي ڪيو احسان- مهر
همت آڻي ڪر فلڪ سان ڪار
راز
آبرو ملت جي ڪڏهين ڪيم هار
جنهن ڪيو ڪعبو بتن کان ڏس صفا
مرد ڪا سب ٿيو حبيب الله ادا
وائي انتي جو ڏسي ٿو خوان- غير
ڪنڌ جنهن
جو هيٺ ڪيو احسان- غير
ٻئي جي برق- لطف تي رکه ٿيو
ڪوڏي ٿي ڏس مايهءِ عزت ويو
واه سو اڃيو جو اندر آفتاب
خضر کان ڀي جو گهري ٿو ڪونه آب
شرم سائل کان نه پيشاني ٿي تر
شڪل آدم تي مٽي جي مٺ نه پر
چرخ
هيٺان هو جوان ارجمند
سرو وانگر ٿو وڃي ڏس سربلند
مفلسي ۾ ٿو رهي خود
دار تر
بخت خوابيده کان هو بيدار تر
ڦوٽي جئن تون غيرت- مردانه ٿي
بحر ۾ اونڌو تون جئن پيمانه ٿي
هن بيان ۾ جڏهن خودي عشق ۽ محبت کان محفوظ ٿي ٿئي تڏهن
ظاهري ۽ مخفي قوتون دنيا جي نظام کي قابو ۾ ٿيون
رکن.
جي محبت کان خودي محڪم ٿئي
ان
جي قوت حاڪم- عالم ٿئي
آسمان جنهن
جا ستارا نقش ٿيا
نقش مکڙين جا ڇڻي پٽ ٿي پيا
چرخ پوڙهي جي جون تارن کان ضيا
شاخ انجي کان ٿيون مکڙيون جدا
ان
جو چنبو پنجهءِ حق ٿو ٿئي
چنڊ اشاري سان سندس شق ٿو ٿئي
ٿو ٿئي دنيا جي جڳهڙن ۾ حڪم
حڪم جا تابع رهيا دارا ۽ جم
ٿو ڪريان توسان حديث- بوعلي
ناءُ هندستان ۾ جنهن
جو جلي
ڇا چيو هن بلبل باغ ڪهن
ڏس گل رعنا جو ڪيائين هي سخن
سرزمين هيءَ جنت آتش نزاد
ان
جي دامن کان رهي مينو سواد
ان
جو هڪ خادم جڏهن بازر ويو
مست جو ان
جي مئي کان هو ٿيو
شهر جو عامل به آيو ٿي سوار
همرڪاب اُنجي غلام ۽ چوبدار
ڪئي هڪل هڪ پيشرو
اي بي خبر
ڏي جلودارن کي تون رستو مگر
سر هئو بس هيٺ هن درويش جو
فڪر جي دريا ۾ غوطه زن هئو
مست مغروري جي مئي کان چوبدار
سر مٿي درويش جي ڪيئن خوب وار
واٽ کان وائڙو فقير آزرده
ٿي
دل ڏکويل سان ويو افسرده ٿي
بو علي وٽ آيو هو دانهون ڪري
پهنجيون اکڙيون خوب ڳوڙهن سان ڀري
برق
جي صورت رهي ڪهسار تي
سيل
آتش پڻ وهي گفتار تي
جان، دل مان آڳ کي ٻاهر ڪئين
پهنجي مسنثي کي گهرائي هئَن
چيئَين
کڻ قلم جلد هڪ فرمان لکه
از فقيري خط سوئي
سلطان لکه
تهنجي عامل منهنجي خادم کي هنيو
سر تي ڌڪ، برباد تنهنجو
گهر ڪيو
ڏي سزا ان
کي جو آهي بد
گهر
تخت تي نه ته ٻيو وهاريندس مگر
بادشهه کي خط جڏهن اهڙو رسيو
خوف کان سارو بدن ان
جو ڏڪيو
غم ٿيو ان
کي ۽ بي آرام ٿيو
زرد ائن جئن آفتاب- شام ٿيو
قيد عامل کي ڪيئين تقصير کان
ويو وٺڻ شهه معافي پير کان
ڇا چوان ڪهڙو هو شيرين بيان
هو بيان ان
جي ۾ راز- ڪن فڪان
انجي فطرت هئي مثال- ماهتاب
هو سفارش لاءِ گويا انتخاب
پير جي هن پيش چنگ اهڙو ڀريو
شيشه جئن آواز کان جنهن
جي ڳريو
شان ۾ شوڪت جا هڪ ڪهسار هئي
هڪڙيئي گفتي جي قيمت دار هئي
قلب درويشن جو تون زخمي نه ڪر
باهه ۾ وجهه پاڻ کي تون ڪيم، ڏر
هن بابت هڪ ڳالهه ته خوديءَ کي ناس ڪرڻ جو سلسلو انسان ذات جي مغلوب قومن جو
پيدا ڪيل آهي جي هن لڪل اٽڪل سان غالب قوم جا
اخلاق ضعيف ٿا ڪن.
تو ٻڌو هوندو ته منجهه عهد قديم
هو رڍن جو ڌڻ چراگهه ۾ مقيم
گاهه کائي کائي نسل افزا
هيون
خون دشمن کان پري هر جا هيون
نيٺ ٿيو ناسازيءَ تقدير کان
سينو زخمي زحمتن جي تير کان
شينهن جهنگل مان ٿيا نڪري عيان
تن ڪيو حملو چراگهه تي عيان
جئن ته غلبو آهه طاقت جو شعار
فتح جو راز آهه ان کان آشڪار
شاهي جو اعلان ڪيو بس شير نر
حريت ويئي رڍن جي سربسر
شينهن کان ٿيندو ٻيو ڇا ريءَ شڪار
سرخ ٿيو رت سان رڍن جي مرغزار
هڪڙي رڍ ڏاهي هئَي
فهميده هئَي
پوڙهي، جهوني، گرگ باران ديده هئَي
قوم جي تڪليف کان دل انجي تنگ
شينهن جي ظلمن کان سينو خون رنگ
شڪوه اُن
کي گردش تقدير کان
پهنجو ڪم ٺاهيو انهيءَ تدبير کان
حفظ ڪاڻ پنهنجي مرد- ناتوان
عقل سان حيلو ٿو ڳولهي هو نهان
هان غلامي ۾ هٽائڻ ساڻ شر
آلهءِ
تدبير ٿئي ٿو تيز تر
جي پڪو ٿئي ٿو جنون- انتقام
فتنه خيزي ٿو ڪري عقل- غلام
رڍ چيو هي ڪم اسان
جو مشڪل آهه
بحراسان
جي غم جو پڻ بي ساحل آهه
ڪئن ڇٽي رڍ ٿي سگهي نوشير کان
آهه هو فولاد اسين سڀ ناتوان
ناهه ممڪن جو ڪري ڪو وعظ پند
آڻجي بگهڙن جي خومان گو سفند
آهه شدني رڍ ڪرڻ ڪو شير نر
ممڪن آهي پاڻ کان ٿئي بي خبر
بس انهيءَ دم صاحب انهام- ٿي
وعظ شينهن کي ڪيئين باڪام
ٿي
ڏس چيئين اي قوم ڪذاب اشر
ڇا وساريو يوم نحس ستمر
مان اوهان لئي رمز روحاني رکان
مرسل آهيان وحي يزداني رکان
آهيان بس بي نور اکه لئي نور مان
صاحب- دستور ۽ مامور
مان
هان ڇڏيو اعمال محمود
اڄ
ٿيو زيان، ڪريو ڪو فڪر سود
اڄ
زور جو ظالم اهو آهي شقي
زندگي محڪم ڪري نفيءِ
خودي
گاهه آهي نيڪ روحن جي غذا
تارڪ اللحم آهه مقبول- خدا
تيزي ڏندن جي گهڻو رسوا ڪري
عقل وارا بس اها انڌا ڪري
هان ضعيفن لئي ڀلو بستان آهه
نفع قوت ۾ نه ڪجهه، نقصان آهه
عظمت ۽ سطوت
جي ڳولا آهه شر
واهه غريبي ٿي حڪومت کان مگر
ذره ٿي صحرا نه ٿي اي هوشور
نور سج جو چاهين ٿو چمڪي اکر
ناز ڪهڙو جي ڪٺيءَ ڪو گوسفند
پاڻ کي ڪر ذبح تا ٿين ارجمند
زندگي کي ٿو ڪري ناپائدار
جبر، قهر ۽ انتقام ۽ اقتدار
سبزه پامال آهه ليڪن بار بار
ٿئي چمن انجو ته ڏس اي هوشيار
پاڻ کان غافل ٿي نه فرزانه
تون
بي خبر ناهين ته پو ديوانه تون
|