ـــــــــــــ
ولم يڪن
لـﮧ ڪفواّ احد
ـــــــــــــ
چشم مسلم جي جهان کان بند، ڇاه؟
فطرت انجي، حق پيوند، ڇاه؟
لاله جو گل جو جبل تي ڏس ڦٽو
ان بڪاري جو نه دامن ڪو ڏٺو
آڳه انجي منجهه بغل شعلو وٺي
ڪر نظر پهرين دمن کان صبح جي
آسمان انکي نه ڀاڪر مان ڪڍي
هڪ ستارو بس ٿڪل انکي ڏسي
ٿو چمي انکي شعاع- آفتاب
ماڪ انجي اکه مان ڌوئي گرد خواب
”لم يڪن“ سان رشتو بس گهرجي قوي
تاته منجهه قومن رهين بي مثل ٿي
ذات جهنجي واحد آهي لاشريڪ
ٿو ٺهي انجو نه بندو يا شريڪ
ڏس ته مومن بالا کان بالاتر آهه
کائي ٿو غيرت سندس جي همسراهه
پيرهن لاتحزنوا جو تن اوتي
”اَنتم الاعلون“ جو ڇٽ سر مٿي
ٿو کڻي بار- دو عالم انجو سر
انجي ڀاڪر ۾ پليل بحر آهه بر
انجو بجلي جي ڪڙڪ تي آهه گوش
جي ڪري ڪا وڄ کڻي سا پڻ به دوش
پيش باطل تيغ اڳيان حق جي سپر
امر نهي اچي عيار خير و شر
شعله ڪيئن نڪرن سندس اخگر منجهان
زندگي اعليٰ سندس جوهر منجهان
هن جهان جي هاءِ هو جي منجهه فضا
نغمه پيدا ناهه تڪبيرن سوا
عفو عدل ۽ انجو احساس ٿيو عظيم
قهر ۾ ڀي ٿيو مزاج انجو ڪريم
ساز انجو بزم ۾ خاطر نواز
سوز انجو رزم
۾ آهن
گداز
عندليبن سان چمن ۾ همصفير
منجهه بيان باز آهي صيد گير
ناهه آرامي جهان ۾ انجي دل
برقرار انجو فلڪ تي آب وگل-
چهنب ٿو انجو پکي اختر هڻي
آسمان جهوني تي پڻ ٿو پر هڻي
تو اُڏامڻ لئي نه کوليو پهنجو پر
تون ڪنيون آهين مٽي هيٺان مگر
خوار مهجوري کان قرآن جي ٿئين
شڪوه سنج آسمان ڏس ٿي پئين
ماڪ جئن هئي هئي زمين تي ٿو ڪرين
هائي قرآن هوندي ٽو هرجا ڦرين
ڪيترو رهندين ادا هن خاڪ تي
رخت کڻ پهنجو ادا افلاڪ تي
ـــــــــــــ
مصنف جو عرض حال به حضور رحمة اللعالمين صلعم
ـــــــــــــ
تهنجي ٿي بعثت شباب- زندگي
جلوه ٿيو تعبير خواب زندگي
بارگهه تهنجي کان در تي ارجمند
بام جي بوسي فلڪ کي ڪيو بلند
نور ڪيو دنيا کي تاب روئي واه
ترڪ نا جيڪ ۽ عرب هندويء واه
ٿيو مٿي دنيا جو توکان پايه آهه
هن جهان جو فقر ٿيو سرمايه آهه
زندگي جي شمع بس هت ٻاري تو
خواجگي ٻانهن کي پڻ سيکاري تو
تو سوا نابود منديها خجل
هن جهان چون پيڪران آب و گل
تهنجي دم آتش جڏهن گل مان ڪڍي
خاڪ جي ڍڳ شڪل آدم جي ڏٺي
ذرڙو دامنگير مهرو ماه ٿيو
زور کان پهنجي جوهر آگاه ٿيو
تهنجي منهن تي پئي جڏهن مهنجي نظر
ماءُ ۽ پي کان ٿئين محبوب تر
عشق مون ۾ آڳ ٻاري آهه ڏس
جان مهنجي خوب ساڙي آهه ڏس
مثل نڙ دانهون سندم سامان آهه
ٿيو چراغ خانئه ويران آهه
غم نه ڪجهه پهنجو چوڻ مشڪل ٿيو
شيشي ۾ مئي جو لڪڻ مشڪل ٿيو
مسلم از راز نبي بيگانه ٿيو
۽ وري بيت الحرم بتخانه ٿيو
ڏس منات ۽ لات عزيٰ ۽ هبل
بت رکي هر هڪ ٿو ڏس اندر بغل
برهمن کان شيخ از ڪافر تر آهه
ڇو ته انکي سومنات اندر سر آهه
رخت هستي هن عرب کان ڪئن ڇنو
منجهه خمستان
عجم آهي ستو
شل عجم جي برف کان اعضا سندس
انجي ڳوڙهن کان ٿڌو صهبا سندس
مثل ڪافر جي اَجل کان ٿو ڊڄي
قلب جيئرو اُنجي سيني ۾ ڪٿي
لاش انجو ٿيو طبيبن جي اڳيان
آندم انکي مصطفيٰ جي پيش هان
ويو مري هو، آب حيوان مان چيم
سر هڪ اسرار قرآن مان چيم
مون بيان ڪيو قصهءِ ياران- نجد
خوشبو هيءَ آندي مون ازبستان- نجد
بزم سينگاري مون از شمع- حيات
مون ٻڌائي قوم کي اڄ حق جي بات
ٿو ٻڌي چيائين ته افسون- فرنگ
انجو غوغا آهه قانون- فرنگ
تو بصيري کي جڏهن بخشي ردا
بربط سلميٰ ڪيئي مونکي عطا
ذوق حق جو ڪر مون مجرم کي عطا
جو سڃاڻي ڪين ٿو رخت- صفا
دل جي ٿي آئينهءِ بي جوهر آهه
حرف ۾ مهنجي جي ڪجهه قرآن ناهه
پر ضيا توکان جي اعصار
ودهور
اکه سندءِ بينندهء
ما في الصدور
فڪر جي عزت جو پردو چاڪ ڪر
هن گلستان کي ڪنڊن کان پاڪ ڪر
تنگ ڪر رخت- حيات اندر بغل
اهل- ملت کان پري منهنجو دغل
سائي منهنجي پوکه سامان سان نه ڪر
بهره
ور مون ابرنيسان سان نه ڪر
خشڪ مهنجو ڪر شراب انگور ۾
زهر بس هارين مئي ڪافور ۾
حشر جي ڏينهن خوار، رسوا مونکي ڪر
بي نصيب از بوسهءِ پا مونکي ڪر
راز- قرآن جا جي مون پوٽا گهر
حق مسلمان کي مون چيو هي اگر
تهنجي جو احسان کان ناڪس، ڪس آه
هڪ دعا تهنجي مون مزدوري بس آهه
عرض ڪر رب کي جو آهي عزوجل
عشق مهنجو ٿئي هم آغوش- عمل
دولت جان- حزين
بخشين ٿو تون
بهرهءِ از علم دين بخشين ٿو تون
منجهه عمل مونکي ڪرين مضبوط تر
پاڻي جو نيسان جو مهنجو، ڪر گهر
هن جهان ۾ جئن جو آندم رخت جان
آرزو پالي ڪا ٻي مون درنهان
مثل دل سيني ۾ آسودي رهي
زندگي جي صبح جي محرم بني
پيءُ کان جئن نام تهنجو ٻدو
آڳ هن خواهش جي کي روشن ڪيو
تا فلڪ ديرينه تر مونکي ڪرين
زندگي جي راندهو مونسان رهي
مهنجي بس خواهش جوان ٿئي ٿي وڌيڪ
لذت- صهبا گران ٿئي ٿي وڌيڪ
آرزو وهيء خاڪ ۾ ڀي گوهر آهه
رات ۾ مهنجو اهو ئي اختر آهه
ڪو زمانو لاله روين
سان رهيس
عشق ۾ مرغوله
موين سان رهيس
ماه
پارن ساڻ مون پيتو شراب
عافيت جي مون جگر کي ڪيو ڪباب
مهنجي حاصل جي پٺيان ڪڙڪيون وڄون
دل جو سامان بس ڦرايو آهه مون
عقل آذري
پيشه جڻئي کي ٻڌو
جان جي ڪشور
۾ نقش انجو رهيو
سال ڪئين شڪ ۾ گرفتاري هئي
پڻ دماغ اندر گهڻو خشڪي رهي
حرف هڪ علم اليقين مان اڻ پڙهيل
۽ گمان آباد- حڪمت ۾ ٿيل
مهنجي ظلمت نور کان بيگانه هئي
۽ شفق کان شام پڻ بيخانه هئي
آرزو هيء دل۾ مهنجي هئي ستل
سپ ۾ موتي جئن اداڙي هئي لڪل
چشم جي پيمانه مان آخر وهي
دل ۾ مهنجي هڪ سدا آخر اُٿي
غير جي اڄ ياد کان خالي ٿي جان
لب تي انکي آڻيان تهنجي حڪم سان
ڪو عمل کان عمر جو سامان نه هو
آرزو جو فڪر ڪو شايان نه هو
شرم ٿو مونکي اچي اظهار کان
جرات آهي تهنجي ئي شفقت ڪنان
تهنجي رحمت جوته شان گيتي
نواز
آرزو آهي مران اندر حجاز
ماسوا کان آهيان بيگانه ٿيو
ڪاٿي هي زنار ڪٿ بتخانه ٿيو
حيف آهي عمر جي پوري ٿئي
اُنجي بت کي دير ڀاڪر ۾ نئي
منهنجا عضوا جي کڄيا در تهنجي تان
واه اڄ ليڪن چڱو آهي سڀان
واه سو شهر آه جهن ۾ تهنجو گهر
خوب ساخاڪ آهي جا اُنجي اندر
”يار جو مسڪن ۽ شهر- شاه من
آه عاشق وٽ اها ”حب الوطن“
بخت مهنجي ديدهءِ بيدار بخش
قبر کي پڻ سايهءِ ديوار بخش
رکه قرار اندر دل- بيتاب کي
بستگي حاصل ٿئي سيماب کي
جئن فلڪ کي مان چوان آرام ڏس
تو ڏنو آغاز
اڄ انجام ڏس.
|