بسم الله
الرحمٰن الرحيم
(رموز بيخودي)
تمهيد
فرد ۽ ملت جي معنيٰ ۾
فرد لئي ربط
جماعت رحمت آهه
اُنجي جوهر جو ڪمال ازمات آهه
تون جماعت جو سدائين يار ٿي
رونق- هنگامهء احرار ٿي
دل ۾ سانڍين گفته خيرالبشر
ٿيو جماعت کان پري شيطان مگر
فرد ۽ قوم آئينه هڪ ٻئي سندا
ساڪ- گوهر
ڪهڪشان آهي ادا
فرد ملت کان وٺي ٿو احترام
ٿي وٺي افراد کان ملت نظام
فرد جي اندر جماعت گم ٿئي
قطره وسعت کان ڏسو فلزم ٿئي
جهوني سيرت جو هو ٿيو سرمايه دار
گذريل، آئنده اُن کان آشڪار
دل۾ بس ذوق- نمو ملت کان آهه
اُن سوار پوري انهيجي ڪار آهه
جسم انجو جان اُنجي قوم کان
قوم کان پڻ انجو ظاهر ۽ عيان
قوم جي ٻوليءَ ۾ گويا ٿو ٿئي
هان اڳين جي ره تي هو ڏس ٿو هلي
پخته تر ٿئي گرميء صحبت کان ٿو
فرد هم معنيٰ ٿئي مات سان ٿو
هان پڪي وحدت سنديس از ڪثرت آهه
وحدت اُنجي ڪثرت اندر وحدت آهه
بيت کان جي لفظ ڪو ٻاهر ٿيو
گوهر- مضمون کي هٿ پنهنجي ڀڳو
پن جو پنهنجي شاخ کان وئڙو ڇڄي
هان بهاري کان اُميد اُنجي ڀڳي
زمزم- ملت جو پيتو جنهن نه آب
ساز ۾ اُنجي نه نغمه جو ڪو تاب
فرد اڪيلو مقصدن کان غافل آهه
انجو زور آ شفتگي
ڏي مائل آهه
قوم انکي ٿي ڪري ضبط آشنا
نرم رفتار انجي ٿئي مثل-صبا
پا بگل- شمشاد جئن اُنکي ڪري
ٿي ٻڌي هٿ پير تا آجو ٿئي
قيد جي منجهه حلقهء آئين ٿئي
هان ڀڳل آهو
جي خوُمشڪين ٿئي
بيخودي کان ڏس خودي ڄاتي نه ٿو
منجهه گمان تو پاڻکي آهي وڌو
نور جو جوهر سندءِ منجهه خاڪ آهه
چمڪو اُنجو جلوهء ادراڪ آهه
عيش تنهنجو آهه اُنجي عيش کان
جيئرو آهين انقلاب انجي منجهان
واحد آهي ناهه هت روشن روئي
مان انهي جي تاب کان ۽ تون توئي
ويخش دار ۽ خويش باز ۽ خويش ساز
ناز ٿو پالي اهو اندر نياز
باه اُنجي سوز کان ٿي ٿئي بلند
چڻنگ هيءَ شعله تي اڇلائي ڪمند
آجي فطرت اُنجي پڻ زنجير آهه
قوت انجي جزءَ جي ڪل گير آهه
جنگ جي عادت اُنهي کي مون ڏني
ناءُ ڏنم انکي خودي ۽ زندگي
پاڻکي خلوت کان جئن ٻاهر ڪڍي
پير منجهه هنگامهء جلوت رکي
نقش اُنجي دل اندر ’هو‘ ٿو ٿئي
’آءٌ‘ کي ظاهر ڪري ’تو‘ ٿو ٿئي
جبر انجو ٿو وڍي ڏس اختيار
۽ محبت کان ڪري سرمايه دار
ناز جئن ناز آهه ڪم ٿئي ٿو نياز
ناز ٿو ٺاهي بهم ٿئي ٿو نياز
منجهه جماعت خود شڪن ٿئي ٿي خودي
گل جي پن کان ڏس چمن ٿئي ٿي خودي
خنجر- فولاد جئن نڪتا تکا
جي نٿو سمجهين ته پڄ منهنجا ادا
هن معنيٰ ۾ ته ملت فردن جي ميل جول مان ٿي پيدا ٿئي
۽ انجي تڪميل ۽ تربيت نبوت کان آهي.
منهن ٻڌو ڇا لاءِ ربط- مردم آهه
هن قصي جي ڌاڳي جو پڻ سرگم آهه
منجهه فرد کي يارو ڏسون
باغ مان ٿا اُنکي گل وانگر ڇنون
انجي فطرت عاشق- يڪتائي آهه
حفظ اُنجو انجمن آرائي آهه
انکي ساڙي ٿو به راه- زندگي
باهه آهي خوب جنگ- زندگي
ماڻهو هڪ ٻئي سان مگر خود گرٿين
سفته هڪ ڌاڳي ۾ جئن گوهر ٿين
زندگي جي جنگ ۾ هڪٻئي جا يار
گڏجي ڪم ڪندڙ رهن ٿا آشڪار
بزم تارن جي ٿي هڪٻئي کي ڇڪڻ
تنجي هستي هڪٻئي سان گڏ رهڻ
قافلي جو خيمه گـﮧ ڪوه ۽ جبل
ساوڪون، صحرا جا پاسا ساڻ تل
سست ۽ بيجان بس آهي اُڻيل
غنچهءِ پندار اُنجي کليل
ساز اُنجو ڏس اڃا ناهي وڳو
نغمه انجو پرده ۾ آهي پيو
ڪن مهٽ ڳولاجي اُن ناهي ڏٺي
آرزو جي چوٽ اُن ناهي ڏٺي
اَڻ ڦٽل سبزي انهيءَ جي خاڪ اڃا
رت ٿڌو رڳ ۾ رهي منجهه تاڪ اڃا
فڪر ۾ انجي رهن ديو و پري
وهم پنهنجي کان ڀڄڻ ڌندو وري
هستيء خام انجي جو ميدان تنگ
فڪر انجو ڪيڙو زير بام دنگ
اُنجي آب و گل جي موڙي خوف جان
دل ڏڪي انجي تي باد- تند کان
جان انجي محنتن کان ٿي ڀڄي
دامن- فطرت تي ٿورو ٿي جهلي
پاڻ کان جيڪي اچي اُنکي کڻي
جو مٿانهين کان ڪري انکي کڻي
من ڪو دل وارو خدا پيدا ڪري
حرف مان دفتر کي جو املا ڪري
اُنجي آوازه کان ڳائيندڙ اُٿي
زندگي تازي ڏئي جو خاڪ کي
روشني ذرو وٺي ان کان سدا
پڻ متاع انکان وٺي نئون نرخ ادا
هڪڙي دم مان جسم ڪيئن جيئرا ڪري
محفلون رنگين ڪري ساغر ڀري
انجي اکه ماري، سندس جان لب ڏئي
تا دوئي مٽجي ۽ هڪ پيدا ٿئي
اُنجو ڌاڳو آسمان تي سر رکي
زندگي جا ٽڪرا ٽڪرا گڏ ڪري
نٿو ڪو انداز- نظر پيدا ڪري
باغ منجهه برپٽ مگر پيدا ڪري
انجي تف
کان ٿئيٿي ملت جئن سپند
شور پيدا ڪندڙ ۽ هنگامه بد
چڻنگ هڪ اڇلائي اُنجي دل اندر
شعله واري ٿئي مٽي انجي مگر
نقش پا اُنجو مٽي بينا
ڪري
ذرڙي کي سو صورت سينا ڪري
عقل اگهاڙي کي ڏئي سينگا رواه
اهڙي بي مايه کي موڙي ڏيندڙ آهه
پنهنجو دامن انجي ٽانڊي تي هڻي
کوٽ انجو سون مان ڳاريو کڻي
ڳٽ ٿو کولي ٻانهي جي پيرن منجهان
ٿو کسي ٻانها خداوندن ڪنان
ٻانهون ٻئي جو ناهين تون ائين ٿو چوي
بي زبان ناهين بتن کان گهٽ ڪٿي
بس طرف هڪ مدعا ڏي ٿو ڇڪي
رسم جا زنجير پيرن مان ڪڍي
نڪتو سيکاري اُنهيءَ توحيد جو
فائدو سيکاري ٿو نوڙت سندو
ملت-
اسلاميه جا بنيادي ارڪان
رڪن پهريون ”توحيد“
ڪيف ڪم جي دؤر ۾ ڦريو ٿي عقل
خوب منزل جو نشان ورتو ٿي عقل
نه ته انهيءَ ويچاري جي منزل ڪٿي
فهم جي ٻيڙي جي پڻ ساحل ڪٿي
حق وارن رمز- توحيد از بر()
آهه
منجهه ”اتي الرحمن
()عبدا“
مضمر آهه
تنهنجي رازن مان ڪري توکي عيان
پڻ وٺي تنهنجو عمل مان امتحان
دين، حڪمت اُنکان پڻ آئين پڻ
زور ان کان قوت ۽ نمڪين()
پڻ
جلوو انجو مڙني کي حيرت ڏئي
عاشقن کي ڪم سندي قدرت ڏئي
پست انجي پاڇي ۾ ٿئي ٿو بلند
۽ مٽي اڪسير ٿئي ٿي ارجمند
انجي قدرت ٻانهي کي چونڊيو کڻي
ٿي ڪري هڪ اؤر جي انکي وڻي
راه- حق ۾ انجي ٿئي ٿي تيز تنگ
برق خون کان گرم ٿئي انجي ٿي رک
شڪمري ٿو ڪم کي ٿئي حاصل حيات
ٿي ڏسي اک پوءِ راز- ڪائنات
عبد جو رتبو جڏهن محڪم ٿئي
هان پنڻ جو جام، جام جم ٿئي
آهه تن ملت، مگر جا لاالـﮧ
ساز کي پردو ڪري هان لاالـﮧ
لاالـﮧ سرمايهءِ اسرار آهه
تند ٿي شيرازهءِ افڪار آهه
حرف انجو لب تي جهندم ٿو اچي
زندگي خوب قوت ٿي رسي
نقش کان انجي ٿو پٿردل ٿئي
دل سڙي اُنکان نه جي پوگل ٿئي
سوز غم کان انکي بس ٻاريو اسان
آه کان امڪان جو دڳ ساڙيو اسان
سيني جي اندر دلين جو آب ٿيو
سوز هن آئينه کي ڏس ڳاريو
شعله اُنجو ٿيو رڳن ۾ لاله جان
داغ اُنجي ريءَ نه ٻيو سامان اسان
ڪارو ٿو توحيد کان احمر ٿئي
ٿئي عمر فاروق ۽ بوذر ٿئي
ڌارئين ۽ پنهنجي جو دل ٿي مقام
شوق کي مستي ملي ان کان تمام
شان- ملت ٿيو دلين جي وحدت آهه
جلوه کان سينا کي حاصل صورت آهه
قوم جا هڪجهڙا گهرجن فڪر ٿا
گهرجي هڪجهڙي دلين جي مدعا
هڪڙو ئي جذبو ٺهي ٿو اُن اندر
ڪسوٽي کوٽي کري جي هڪ مگر
جي نه آهي سوز حق منجهه ساز فڪر
ڪين ٿئي اهڙو ڪڏهن انداز فڪر
مسلم آهيون ۽ به اولاد- خليل
پڙهه ابيڪم
گهرجي توکي جي دليل
اُمتن جي اصل سان تقدير آهه
پڻ نسبت تي تن سندي تعمير آهي
اصل ملت جو وطن ۾ ناهه ڪو
تون هوا پاڻي مٽي پوڄين ٿو ڇو
ڏس نسب تي فخر هيءَ ناداني آهه
حڪم انجو تن تي ۽ تن فاني آهه
پنهنجي ملت جو اساس
()
آهي ٻيو
آهه هي بنياد دل اندر پيو
حاضر آهيون، اڻڏٺل سان دل ٻڌل
بندهن هن جي کان بس آهيون ڇٽل
قوم هنجو رشتو مثل- انجم آهه
جئن نگهه آهي نگهه کان ٿيو گم آهه
تير خوش پيڪان هڪڙي ڪيش جا
يڪنمايڪ بين ۽ هڪ انديش جا
مدعا هڪڙي اٿئو هڪئي مال
()
طرز هڪڙي آهه هڪڙو ئي خيال
اُنجي نعمت کان ٿيا اخوان()
اسين
هڪ زبان هڪ دل ۽ هڪڙي جان اسين
هن معنيَ ۾ ته نا اُميدي، غم ۽ خوف اُم الخبائث آهي
۽ حياتي کي وڍيندڙ. انهن پليد بيمارين جو علاج توحيد آهي.
ـــــــــــــــ
موت جو سامان قطع- آرزو
زندگي محڪم ڪري لا تقنطوا
خواهشن جي جيسين اميد آهي ٿي
نا اميدي زهر بهر- زندگي
نا اميدي ڀيڙهه آهي قبر جي
پير هيٺان گرچه الوندي رهي
ناتواني انجي احسان جي ڪٺل
نامرادي انجي دامن سان ٻڌل
ناتواني زندگي لئي ننڊ ٿي
سستيء عنصر جي هڪ حجت رهي
انجو سرمو دل جي اکه انڌي ڪري
روز روشن کي ٿو اونداهي ڪري
زندگي جون قوتون ان کان مرن
خشڪ چشما زندگي جا ٿا رهن
جو ستو غم سان مٿس هڪ چادر آهه
جان جي رگ لاءِ غم ڄڻ نشتر آهه
قيد ۾ غم جي جو تون قيدي رهين
ياد لا تحزن جي آيت کي ڪرين
هن سق صديق کي صديق ڪيو
جام کان تحقيق جي مسرور
()
ٿيو
شان- مسلم ٿيو رضا کان ڪوڪب
(
)آهه
واٽ ۾ هستي جي مرڪندڙ لب آهه
جي خدا وارو تون آهين غم نه ڪر
دل مان ڪڍ پنهنجي تون فڪر بيش و ڪم
قوت- ايمان وڌائي زندگي
ورد()
لا خوف()
عليهم ڪر سهي
ويو ڪليم الله جڏهن فرعون ڏي
لا تخف
محڪم ڪيو هو قلب کي
خوف غير الله جو بس دشمن آهه
زندگي جي قافله جو رهزن آهه
عزم محڪم کي خيال- ممڪنات
همت- عالي انهي کان باثبات
انجو ٻج تنهنجي مٽيءَ ۾ جي پيو
خود نمائي جو خيال ان کان ويو
انجي فطرت ٿي ضعيف ۽ سازگار
دل ڏڪندڙ ٿي ۽ هٿ ٿيا رعشه دار
چورائي ٿو طاقت- رفتار کي
ٿو کسي هو مغزمان افڪار کي
جيڪڏهن دشمن ڍنل توکي ڏسي
باغ مان جئن گل ڪڍي توکي ڇڏي
ٿئي زياده ڌڪ انهيءَ جي تيغ جو
ڪم ڏئي انجي نگهه خنجر سندو
خوف، زنجير آهه پيرن لئي ٿيو
سؤڇرون نه ته ٿو رکي دريا ڏسو
جي نه نڪري ٿو سندءِ آهنگ
ڏس
خوف کان نرم آهه تار- چنگ ڏس
مهٽ ڏي ڪن کي ته ٿئي هي نغمه خيز
چرخ تي دانهن کان آڻي رستخير
خوف جاسوس آهه ملڪ- موت جو
اندر انجو آهي بس ڪارو ڏسو
ٿي ڦٽائي اکه سندي ڪار- حيات
ڪن سندس چورائي اخبار- حيات
قلب ۾ تنهنجي جو شر آهي نهان
اصل انجو خوف آهي اي ميان
چاپلوسي، ڪينو، مڪاري دروغ
ٿا وٺن بس خوف کان هي سڀ فروغ
مڪر جو پردو سندس پيراهن آهه
فتنه لئي آغوش ماءُ جو دامن آهه
جيڪو همت کان نه آهي استوار
ٿو ڪري خوش انکي هر ناسازگار
آهه جنهن سمجهي ته رمز- مصطفيٰ
خوف ۾ شرڪ آهه تنهن سمجهيو صفا
ـــــــــــــــ
تير ۽ شمشير جو محاورو
ــــــــــــــــ
راز حق جو تيرائن ظاهر ڪيو
جنگ ۾ شمشير کي هن هي چيو
ٿيون پريون جوهر ته تنهنجي قاف کان
ذوالفقار آهي سندءِ اسلاف کان
زور بازو تو ڏٺو خالد سندو
شام تي آهي شفق کي تو وڌو
قهر رب جو تنهنجو بس سرمايه آهه
جنت الفردوس زير- سايه آهه
يا هوا ۾ يا ته منجهه ترڪش
رهان
جت هجان سارو اُتي آتش رهان
جئن ڪمان مان ٿو اچان سينه طرف
ٿو ڏسان بهتر ته مان سينه طرف
جي هجي وچ۾ نه قلب- سليم
جو هجي ڪڏهين نه اندرياس
وبيم
چهنب پهنجي سان مان چيرا انکي ڪريان
خون جي بس موج سان انکي ڀريان
قلب مومن کان صفا جي آهه سو
نور باطن کان جي هو روشن ٿيو
انجي تف کان پاڻي منجهه جان آهه
هان ٽمندڙ ماڪ جيئن پيڪان
آهه
ـــــــــــــــ
(شينهن ۽ عالمگير جي ڳالهه)
ــــــــــــــــ
شاه عالمگير والا خاندان
پشت جنهنجي هئي ته نسل- گورگان
ٿيو مسلمان جو انکان وڌ مقام
شرع پيغمبر جو ان کان احترام
هان لڳي جنهن وقت جنگه- ڪفر دين
پنهنجي ترڪش جو ته تير- آخرين
ٻج
جو هو الحاد
جو اڪبر ڇٽيو
خوب سودارا جي فطرت ۾ ڦٽيو.
شمع دل جي سيني ۾ روشن هئي
پنهنجي ملت فتنه کان ايمن نه هئي
ڏس خدا چونڊيو ته عالمگير کي
فڪر واري صاحب- شمشير کي
حڪم ٿيو اُنکي لئي احيائي دين
تا ڪري مامور هو تازو يقين
ڏس ته انڌن جوڙيا ڪيئن داستان
فهم اُنجي کي نه ڄاتئون اي ميان
مچ مٿي توحيد جي پروانه هو
جئن خليل الله منجهه بتخانه هو
بادشاهي ۾ اُهو يڪتا ٿيو
فقر انجي قبر مان پيدا ٿيو
هڪڙي ڏينهن هو صاحب- تاج و سرير
خود سپهه سالار، خود شهه ۽ فقير
صبح جو ساجهر ويو ڪارڻ شڪار
با وفا هڪ ٻانهي سان جو غمگسار
خوش ڪيو انکي هيو باد- سحر
پر پکين جي لات سان هو هر شجر
رمز واري شاه ڏس جوٽي نماز
خيمو ڄڻ کوڙيو حقيقت ۾ مجاز
شينهن هڪ برپٽ طرف کان ٿيو عيان
گوڙ کان جهنجي ڏڪي ويو آسمان
بؤئي کان پئي انکي انسان جي خبر
اُنجي چنبي ۾ رهي شهه جي ڪمر
شاه جي هٿ اڻ ڏٺل خنجر ڪڍيو
شير نر جو پيٽ اُن يڪدم وڍيو
دل ۾ آندائين نه ڪنهن انديشه کي
شير-
قالين ڪيائين شير- بيشه کي
حق ڏي موٽيو هو وري باصد نياز
واه جو معراج هئي انجي نماز
خود نما دل اهڙي يارو خودشڪن
ٿي رکي سيني ۾ مومن جي وطن
بندهءِ حق ناهه ڪجهه الله اڳيان
پر اڳيان باطل جي محڪم ٿيو ميان
تون به اي نادان هٿ ۾ ڪا دل آڻ
غيرت- ليليَ جي ڪارڻ محمل آڻ
پاڻکي کوهي وري لهه پاڻ کي
ناز هٿ ڪر، تون نيازي ڪا ڪري
عشق جي آتش ۾ هي انديشه ڪر
حق جو روبه
ٿي ۽ شيري پيشه ڪر
خوف حق جو ٿيو نشان ايمان جو
غير جو ڊپ شرڪ پنهان ڏس ٿيو
|