سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رموزِ بيخودي

باب --

صفحو :4

 

مثنوي جي مطلبن جو خلاصو

سورهء اخلاص جي تفسير ۾

ـــــــــــــ

قل هو الله احد

ـــــــــــــ

خواب ۾ صديق اڪبرکي ڏٺم

راه ۾ مٽي مان اُنجي گل کنيم

هو امن1 الناس پيغمبر مٿي

پهنجي سينا جو ڪليم انکي چوي

انجي همت ڪشت- امت لاءِ ابر

هو ٻيو منجهه غار، منجهه بدر ۽ به قبر

مون چيو اي خاصئه خاصان- عشقق

عشق تهنجو مطلع- ديوان عشق

ڪم اسانجو پخته تهنجي دست کان

درد اسانجي جو ڪيئي چارو ميان

چياءِ ڪيسين حرص جو سهندين عتاب

سورهءِ اخلاص کان وٺ آب و تاب

هي جو سؤ سينن ۾ آهي هڪ نفس

سر سو توحيد جو ڄاڻين تون بس

رنگ انجو وٺ ته ٿين انجي مثال

منجهه جهان انجو تون ٿي عڪس- جمال

جنهن مسلمان تهنجو ڏس نالو رکيو

هڪ طرف توکي دوئي کان جهن ڪيو

پاڻکي تو ترڪ ۽ افغان ڪيو

هائي ارمان ڇا هئين ڇا ٿي پيو

آجو ڪر ناميده نالن کي ڇڏي

وڃ ٺهي خم ساڻ جامن کي ڇڏي

تون جو نالي جي پٺيان رسوا رهئين

ٿي ڪچو وڻ پهنجي مان آخر ڪرئين

هڪڙي سان ٺهه ۽ دوئي جو ڇڏ تون رخت

پهنجي وحدت کي نه ڪر تون لخت 2 لختِ

اي تون هڪڙي جو جي پوڄاري توئي

ڪيترو رهندين سبق خوان- دوئي

پهنجو در خود بند تو آهي ڪيو

دل۾ سوئي آڻ تهنجي لب تي جو

هڪڙي ملت مان ڪيئي ڪئين ملتون

رات جو حملو ڪيئي قلعه مٿون

هڪڙو ٿي توحيد کي مشهود1 ڪر

ڪم ڪري غائب کي تون موجود ڪر

لذت ايمان وڌي ٿي منجهه عمل

سو مئل ايمان، نه جوڪي منجهه عمل


 

 

ـــــــــــــ

الله الصمد

ـــــــــــــ

جي تو الله الصمد سان دل ٻڌي

خدا احبابن جي تو ٻاهر ڇڏي

حق جو بندو، بندهء اسباب ناهه

زندگي هيءَ گردش- دولاب ناهه

مسلم آهين بي نياز از غير ٿي

اَهل- دنيا جو سڄو ئي خير ٿي

آسمان جي تون گلا هر هر نه ڪر

۽ پنڻ لئي پهنجو هٿ ٻاهر نه ڪر

جئن علي (رضه) تون ٺهه  جون جي نان سان

مار مرحب کي ۽ وٺ خيبر ميان

منت- اهل ڪرم ڇاکئون کڻين

نه ۽ هائو جي ڇو نشتر ٿو سهين

رزق پهنجي کي حسينن کان نه وٺ

يوسف آهين پاڻ کي ارزان نه وٺ

ڪيولي آهين جي بي پر بال سان

هٿ نه ٽنگ اي ڪنهن سليمان جي اڳيان

ٿيو ڏکيو رستو تون سامان وڌ نه ڪر

منجهه جهان آزاد رهه آزاد مر

”سبحهءِ اَقلل 2 من الدنيا“ پڙهين

از تعشق حرا رهي موڙي کڻين

ٿي سگهئي جي ڪيميا ٿي گل نه ٿي

منجهه جهان منعم 3 ٿي پرسائل نه ٿي

ڄا۾ تون مسلم مقام _ بو علي

هڪڙو ڍڪ آڻيان ز_جام_ بو علي

هڻ تون ٺوڪر تخت ڪيڪائوس کي

سر تون ڏي، پر ڇڏ نه تون ناموس کي

             ڄاڻ    تون    مسلم    مقام   _  بوعلي

هڪڙوڍڪ آڻياڻ ز_جام_بوعلي

هلڻ تون نوڪر تخت ڪيڪائوس کي

سر تون ڏي،پر ڇڏ نه نون 

تنتي خود ميخانه جو در ٿئي ٿو باز

جنجا خالي جام ۽ جي بي-نياز

بادشهه اسلام جو هارون رشيد

هئي ڏٺي نقفور4 جهنجي خوب ديد

چيائين مالڪ5 کي ته اي مولايءِ قوم

خاڪ در روشن ڪئي سيمايءِ قوم

آهه سينگاريو تو گلزار- حديث

ٿو پڙهڻ چاهيان مان اسرار- حديث

لعل رهندين ڪيترو اندر يمن

اُٿ تون ۽ بغداد ۾ ٿي خيمه زن

واه رونق ٿو رکي روز- عراق

ساز ڪهڙو ٿو رکي سوز- عراق

آب حيوان تاڪ مان انجي ٽمي

خاڪ مرهم1 زخم عيسيٰ کي ڏئي

مصطفيٰ جو خادم آهيان هن چيو

ٻيو نه سودا سر جي اندر مون ڪيو

مان ٻڌل آهيان سندس فتراڪ جو

در ڇڏيان ڪئن مان حريم پاڪ جو

زندگي مون لاءِ خاڪ- يثرب2 آهه

وڌ عراقي ڏينهن کان هت جي شب آهه

عشق چئي ٿو کڻ سندم فرمان به سر

وٺ نه شاهن کي به خدمت جي اندر

تون ٿو چاهين منهنجو ٿي آقا رهين

بندهءِ آزاد جو مولا رهين

در تي مان تهنجي اچان تعليم ڪاڻ

خادم- ملت کي تون نوڪر نه ڄاڻ

دين جو تون علم ٿو چاهين اگر

درس جي حلقي ۾ تون ايندين مگر

بي نيازي ٿي رکي ڪئن ناز ڏس

ناز انجو ٿو رکي انداز ڏس

بي نيازي رنگ حق جو ٿيو وٺڻ

رنگ ٻئي جو پيرهن مان ٿيو ڌئڻ

علم غير آهي پڙهيو تو گڏ ڪيو

انجي غازه 3 کان تو منهن پهنجو اڏيو

انجي عادت کان تو نيڪي کي ڏٺو

مان نٿو ڄاڻان ته تون آهين ڪو ٻيو

هير کان انجي مٽي خاموش ٿي

گل ۽ ريحان کان تهي آغوش ٿي

هٿ وٺي پهنجي ٻني ويران نه ڪر

وٺ نه پاڻي تون، ڪنان اُنجي ڪڪر

عقل تهنجو غير جا افڪار ڏس

۽ گلي ۾ غير جي تون تار ڏس

پڻ زبان تي گفتگو ٿي مستعار4

دل ۾ تهنجي آرزو ٿي مستعار

تهنجي قمري جي صدا ٿي غير کان

سرو تهنجي جي قبا ٿي غير کان

ٿو وٺين باده ٻين جي جام ۾

جام آڻين ٿو ٻين کان وام1 ۾

هوءَ نگهه جا سر ”مازاغ2 البصر

قوم پهنجي ڏي اچي موٽي اگر

شمع انُجي ڄاڻي ٿي پروانه کي

خوب ڄاڻي پهنجي ۽ بيگانه کي

”الست مني“3 توکي ٿو مولا چوي

وائي توتي وائي بس توتي هجي

زندگي هيء مثل انجم ڪيترو

هستي پهنجي منجهه سحر گم ڪيترو

ڌوڪو تو کاڌو هي ڪوڙي صبح کان

آسمان کان رخت ورتو تو ميان

پاڻکي ڏس جون تون آهين آفتاب

وٺ ستارن کان ٻين جي ڪيم تاب

دل تي پهنجي غير جو چٽ تو ڪڍيو

خاڪ نين تو ڪيميا کي تو ڇڏيو

ڪيترو چمڪائي توکي تاب غير

ڪيترو هلڪو ڪندو سرخ آب ڪير

بزم ٻي جو ڪيترو ڪندين طواف

سڙئون پهنجي باه کان اي دل جا صاف

پهنجي پردن تي نظر وانگر رهين

وڃ اڏامي ۽ وري موٽي اچين

منجهه جهان مثل- حباب اي هوشمند

پهنجي گهر ڏي راه- ڪر غيرن جي بند

فرد آيو نا سڃاڻي پاڻ کي

قوم قوم آئي ڏنو جنهن جز ڇڏي

ڏس سنيهو مصطفيٰ ڪهڙو ڏنو

ماسوا الله کان فارغ ٿيو


 

 

ـــــــــــــ

لم يلد ولم يولد

ـــــــــــــ

قوم رنگ ۽ خون کان بالاتر آهه

هڪڙي ڪاري جي بها سواَ حمرآهه

آهه جو آب- وضو قنبر سندو

ان کان گهٽ قيمت ۾ خون قيصر سندو

پيءُ کان، ماءُ کان فارغ از اَعمام 4 ٿي

مثل سلمان زادهءِ اسلام ٿي

نڪتو هي آهي عجب فرزانه ڏس

شهد کي منجهه خانهائي لانه 1 ڏس

لالهءِ حمرا 2 جو ڏس جيڪو ڦڙو

نرگس- شهلا جو ڏس جيڪو ڦڙو

هي چوي ٿو ڪين ”مان عبهر منجهان“

هو چوي ٿو ڪين ”نيلوفر منجهان“

پهنجي ملت- شان ابراهيمي آهه

شهد پڻ ايمان ابراهيمي آهه

جي نسب کي جزو- ملت تو ڪيو

رخنو منجهه ڪار- اُخوت تو ڪيو

هن زمين ۾ پهنجي، تهنجو ريشه ناهه

تهنجو ٿيو مسلم اڃا انديشه ناهه

اِبن مسعود الفت اندر هو ڏيو

عشق ۾ جو سوز هو سارو ٿيو

ڀاءُ جي بس موت کان سينو سڙيس

پاڻي وانگر هائي آئينو ڳريس

روڄ انجي جي نه هئي ڪا انتها

ماتم انجو ماءُ جئن هو جا بجا

هائي ارمان جو سبق خوان- نياز

دوست مهنجو منجهه دبستان3- نياز

هائي سو سرو سهي بالا سندم

عشق پيغمبر ۾ هو همپا سندم

هائي سو محروم دربار- نبي (صه)

مهنجي اکه روشن زديدار- نبي (صه)

روم سان لاڳاپو ناهي باعرب

ناه لاڳاپو هي پابند- نسب

دل حجازي دوست سان آهي ٻڌل

هن ڪري هڪٻئي سان بس آهيون ڳنڍيل

رشته اسانجو هڪ ٽولا4 انجي بس

اکه اسانجيء ڪيف صهبا اُنجي بس

عشق انجو مايهءِ جمعيت آهه

خون جئن سو عروق5 ملت آهه

عشق منجهه جان ۽ نسب منجهه پيڪر آهه

ٿيو نسب کان انجو رشتو برتر آهه

عشق ۾ گهرجي ڇڏڻ يار و نسب

عشق ۾ ناهي ڪو ايران ۽ عرب

اُمت انجي ان جيان نور- حق آهه

هستي پهنجي ان منجهانئي مشتق 6آهه

”نور حق ڪهنجو نه ڳولي زادو بوم

خلعت- حق کي نه گهرجي تاروپود1

جيڪو ڀي پابند اقليم وجد 2 آهه

بيخبر از ”لم يلم لم يولد“ آهه


 

 

1 . امن الناس علي في صحبة وما لــﮧ ابوبڪر (حديث)

2 . ٽڪرا ٽڪرا.

1 . ظاهر.

2 . اقلل من الدنيا تعش حراً (قول فاروق رضه)

3 . شاهوڪار، نعمت وارو.

4 . روم جو بادشاهه جنهن کي هارون رشيد ڪيترا ڀيرا ڀڄايو هو.

5 . امام مالڪ محدث

1 . مسلم.

2 . مدينه.

3 . پائوڊر

4 . اڌاري

1 . قرض

2 . ما زاغ البصر وما طغى

3 . الست مني يعني تون منهنجي قوم مان ناهين.

4 . چاچا.

1 . مانارو.

2 . ڳاڙهو.

3 . سڪول

4 . دوستي.

5 . نبضون، ٽاريون.

6 . نڪتل

1 .تاني پيٽو.

2 . ڏاڏو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org