سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رموزِ بيخودي

باب --

صفحو :3

 

ــــــــــــــ

] رڪن ٻيو[

ــــــــــــــ

تارڪ- آفل 1  ٿيو حضرت خليل

نقش پا جهنجو نبين لئي دليل

جو خدائي پاڪ جي آيت ٿيو

دل جي اندر طالب- 2 ملت ٿيو

ڏس وهيا ڳوڙها سندس اکڙين منجهان

وحي ٿيو بس طهرا 3  بيتي عيان

دشت اسان لئي هن ڪيو آباد خوب

ڪعبته الله جو وڌو بنياد خوب

ڦل ڏنو ائين تب 4  علينا جي نهال

هان بهاري جي ٿي صورت ڏسي بحال

شڪل اسانجي ڪئي خدا پيدا جڏهن

جان وڌئين اُن ۾ رسالت کان عيان

حرف بي آواز جئن هاسين ادا

ٿياسين پو مصرعه رسالت کان صفا

پڻ اسانجي اُنکان ٿي تڪوين ٿي

۽ رسالت کان ئي شڪل- دين تي

انکان هڪ لکه بني اسانجو بس يڪ آهه

اصل اسانجو جزو لا ينفڪ آهي

جنهنجو من يريد آهي ته شان

انجو ئي گهيرو اسان لئي ٿيو عيان

گهيرو ملت جو محيط افزا رهيو

مرڪز انجو وادي بطحا رهيو

اُنجي نسبت جي ڪري ملت اسين

اهل دنيا لاءِ بس رحمت اسين

ٿا اُٿون ڏس انجي دريا جي وچان

گڏ رهون هڪٻئي سان ٿا موجن وچان

امت ان جي ٿي نگهبان- حرم

شينهن وانگر نعره زن اندر اجم 6

حرف منهنجي جي ڪرين تحقيق جي

جي ڏسين با ديدهءِ صديق جي

قوت- قلب و جگر ٿيندو نبي

الله کان محبوب تر ٿيندو نبي

انجي دامن کي ڇڏڻ ٿيندو مرڻ

جئن خزان ۾ گل جو پڙمرده ٿيڻ

قوم اُنجي دم کان ورتي زندگي

سج کان اُنجي روشني هن صبح جي

انکان ئي ملت عزيز و زنده آهه

آفتاب اُنجي کان پڻ تابنده آهه

مدعا هڪڙي جي ڪثرت وحدت آهه

جيري هر ڪثرت زقيد 2-1حدت آهه

وحدت مسلم زردين- فطرت آهه

دين فطرت جو سکياسون از نبي

واٽ ۾ حق جي اسان ٻاري بتي

در ڏنو هي بحر بي پايان 3  سندس

جان هڪ آهيون ته هي احسان سندس

جيسين هيءَ وحدت هٿئون ناهي وئي

پنهنجي هستي سان اَبدشامل رهي

پوءِ اسان تي ئي شريعت ختم ٿي

۽ پيغمبر تي رسالت ختم ٿي

محفل- ايام جي رونق اسين

خاتمو قومن جو پڻ آهيون چوين

ڪم اسانجو خدمت ساقي گري

آخري ساغر اسان لئي ٿيو وري

”لا نبي بعدي“ هي احسانِ خدا

ٿيو معزز جنهن کان دين- مصطفيٰ

قوم لئي سرمايه سو قوت سندو

ٿيو محافظ وحدت- ملت سندو

حق ڇڏيو ميٽي نه فڪر- خام کي

تا ابد محڪم ڪيو اسلام کي

غير حق کان دل ٿو بس مومن ڇني

نعرهءِ لا قوم بعدي ٿو هڻي

 

هن معنيٰ ۾ ته رسالت محمديه جو مقصود بني آدم جي آزادي، مساوات ۽ اُخوت جي تشڪيل ۽ بنياد وجهڻ آهي.

 

منجهه جهان انسان هو انسان پرست

ناڪس ۽ نابود هو پڻ زيردست

رهزن انجو قيصر و ڪسريٰ جو زور

پير هٿ انجا ٻڌل ڪنڌ مثل چور

پادري، ڀوپا ۽ سلطان ۽ امير

صيد هڪ جي لاءِ سؤ نخچير 1 گير

پيشوا ديول جي ۽ واليء تاج

ڏس زمين- شور 2 تان ورتي ٿي باج3

برهمن نيا گل انهي جي باغ مان

ساڙي اُنجي ٻار ساري ساڙ کان

ٻانهپ اندر انجي فطرت دون ٿي

انجي نڙ جي جا صدا سا خون ٿي

حق امانت واري حقدارن ڏنو

تخت خاقان جو اچي ٻانهن ڏنو

هن ڪيا ڦلهيار مان شعلا مٿي

شان پرويز ان ڏنو فرهاد کي

ڪاربندن جو وڌايئين اعتبار

نيئين اميرن کان اميري آشڪار

تن ۾ آدم جي وڌائين تازه جان

بندا موٽايئين خداوند ڪنان

موت دنيا جهوني جو انجو ڄمڻ

ويا اجهامي آڳه جا گهر اي سڄڻ

حريت ڄائي ضمير- پاڪ کان

۽ ٽميو ڏس مئي انهي جي تاڪ کان

سؤ ڏيا آندا جو عصر- نوادا

اُنجي ڀاڪر ۾ ڪيو هن اک کي وا4

صفحهء هستي تي نڪتا نقش ڇا

امت ان پيدا ڪئي گيتي ڪشا

غير کان امت سنديس بيگانه ٿي

مصطفيَ جي شمع تي پروانه ٿي

حق جي گرمي کان ٿي امت سينه تاب

جنهن کان ٿي روشن حريم- آفتاب

عالم انجي ڪيف کان رنگين ٿيا

ڪعبا پڻ بتخا نهائي چين ٿيا

انبيا مرسل سندس آباءِ ٿيا

اڪرم انجا حق وٽ اَتقا ٿيا

”ڪل مومن اخوة“ دل ۾ سندس

حريت جو آب ٿيو گل ۾ سندس

وئڙو دؤر- امتيازات آهه ڏس

منجهه نهاد 5 انجي مساوات آهه ڏس

سرو جئن آزاد فرزند ان سندا

پخته ڪيو وعدو سندس قالوا بليٰ

حق جي سجدي ڏس جبين تي گل ڪڍيو

چنڊ تارن پير تي بوسه ڏنو.

 

ـــــــــــــ

اسلامي برادري جي معنيٰ ۾ ابو عبيد ۽ جابان جي ڳالهه

ـــــــــــــ

قيد هڪ مسلم ڪيو اندر نبرد1

هڪ سپهه سالار امير- بزد 2 جرد

هو جهان ديد اهو عيار هو

پر فريبن سان وڏو مڪار هو.

بس لڪايو ان کان هن پنهنجو مقام

پڻ ٻڌايائين نه پنهنجو ان کي نام

عرض هي ڪياءِ ته جا بخشين مونکي

مسلمانن جئن امان بخشين مون کي

تيغ کي مسلم ڪيو اندر نيام 3

۽ چيائين قتل تنهنجو ٿيو حرام

ڪاوياني4 ويو علم ڦاٽي جڏهن

خاڪ ساسانين جي ٿي آتش تڏهن

ٿيو جڏهن ظاهر ته جابان آهه هو

پهلوان سر باز- ايران آهه هو

قتل اُنجو مير لشڪر کان گهريئون

مڪر هو اُنجو فريب اهڙو ڌريئون

بو عبيد، انجي جو هٿ فوج- حجاز

عزم جنهنجو فوج کان هو بي نياز

تنهن چيو يارو مسلمان آهيون

جنگ جي تار آهيون يڪ جان آهيون

نعرهء حيدر، نوائي بوذر آهه

مالڪ انجا جي بلال ۽ قنبر آهه

سڀڪو هت مسلم امين- ملت آهه

انجو ڪين بيشڪ ته ڪين- ملت آهه

جي اساس- ملت آهي جان- فرد

عهد ملت جو ٿيو پيمان- فرد

گرچه اسانجو آهه دشمن ٿيو جبان

آهه هڪ مسلم ڏنو ان کي امان

خون انجي جو وٺو هرگز نه نام

جو اسانجي تيغ تي آهي حرام


 

 

ـــــــــــــ

اسلامي مساوات جي معنيَ ۾ سلطان مراد ۽ رازي جي ڳالهه

ـــــــــــــ

هڪڙو هو معمار منجهه ملڪ- خنجند

ناءُ هو تعمير ۾ انجو بلند

ٺاهي هڪ مسجد انهي فرهاد زاد1

حڪم ڪيو جنهنجو هو سلطان مراد

خوش نه ٿيو سلطان تنهن تعمير کان

ڪاوڙيو بيحد سندس تقصير کان

غصه جو شعلو اکين مان شهه ڪڍيو

تيغ سان ويچاري هٿ کي وڍيو

رت وهائيندو اهو معمار2 ويو

پيش قاضي جي کڻي آزار ويو

هٿ منجهان جنهنجي هنر ٿيو ٿي عيان

ظلم- سلطان جو ٻڌايئين داستان

ٿي پيام حق سندءِ گفتار آهه

تنهنجي پڻ حفظ- شريعت ڪارٿي

ڪم نه مهنجو آهه ڪنهن سلطان سان

ڪر سندم تون فيصلو قرآن سان

ورتو قاضيء عدل جي بس راه کي

پاڻ وٽ جلدي گهرايئين شاه کي

زرد ٿي ويو هيبت- قرآن کان

آيو قاضي جي اڳيان مجرم جيان

پير تي شرمندگي کان هئي نظر

انجي ڳل لاله جا گل گڏ ڪيا مگر

هڪ طرف فريادي جو نقصان هو

سلطنت جو ٻئي طرف سلطان هو

شاه چيو مونکي گهڻو ارمان آهه

ڏوه منهنجو آهه دل حيران آهه

جج چيو ڏس في القصاص آهه حيات

زندگي کي هن سان حاصل ٿئي ثبات

عبد مسلم ناهه گهٽ احرار کان

خون شهه ناهي مٿي معمار کان

اهڙي آيت بادشهه جنهن دم ٻڌي

آستين 3 کان ٻانهن هن ٻاهر ڪڍي

مدعي کي صبر جي طاقت نه ٿي

آيت بالعدل والاحسان پڙهي

شاه کي بخشيو مون بس بهر- خدا

هٿ کنيم دعويَ تان بهر- مصطفيَ

ڪيو ليء پاتي سليمان تي ظفر

قاعدو پيغمبري ٿيو هي مگر

پيش قرآن بنده ۽ موليٰ هڪ آهه

ڏس تڏو مسند- دنيا هڪ آهه


 

 

ـــــــــــــ

اسلامي حريت ۽ ڪربلا جي حادثه جي راز ۾

ـــــــــــــ

جنهن ٻڌو پيمان ”هوالموجود“ سان

واسطو ٽوڙيائين هر معبود کان

عشق کان مومن ۽ عشق از مومن آهه

عشق وٽ ناممڪن آخر ممڪن آهه

عقل سفاڪ آهي هو سفاڪ وڌ

پاڪ، چالاڪ وڌ بيباڪ وڌ

عقل ٿيو منجهه بند اسباب و علل1

عشق سر ڪيو آهه ميدان- عمل

عشق آڻي زور بازو سان شڪار

عقل مڪار آهه اڇلي ٿو ته ڄار

عقل کي خوف آهه دل۾ ۽ شڪ آهه

عشق کي قصد ۽ يقين لا ينفڪ آهه

هو اَڏائي ٿو ته پو ويران ڪري

هي ڪري ويران ته آباد ان ڪري

عقل ارزان ٿيو هوا جئن منجهه جهان

عشق اڻ لڀ ۽ بها انجي گران

عقل ڪيو مضبوط اساس چون 2 و چند3

عشق ناهي ڪو لباس- چون و چند

عقل آکي پاڻ کي تون ڪر اڳيان

عشق آکي پاڻ جو وٺ امتحان

ڏس چوي ٿو عقل تون آباد ٿي

عشق آکي بندو ٿي آزاد تي

عشق لئي آرام جان حريت آهه

انجي اُٺ جو ساربان4 حريت آهه

تو ٻڌو هوندو ته منجهه وقت- وغا 5

عقل سان ڪم ڪهڙو ڪيو هو عشق ادا

عاشق جي مير فرزند- بتول

سرو آزاد ۽ گل- باغ- رسول

وه وه وهائي بسم الله پدر

معنيء ذبح عظيم آيو پسر

واسطي شهزادئه خيرالملل

هو ڪلهو مرسل سندو نعم الجمل 1

سرخ رو ٿيو عشق انجي خون کان

شوخي هن مصرع جي ٿي مضمون کان

امت اندر ڏس ته هو ڪيو ان جناب

قل هو الله مثل هو اندر ڪتاب

موسيَ ۽ فرعون، شبير ۽ يزيد

قوتون هي ٿيون حياتي مان پديد

قوت شبير حق جيرو ڪيو

داغ باطل کي رسيو حسرت سندو

ڌاڳو قرآن کان خلاف جو ڇنو

حرت کي زهر هن منهن ۾ وڌو

بس اٿيو هو جلوهء خير الامم

آب سان ڀرپور ٿي ابر- حرم

ويو وسي هو منجهه زمين- ڪربلا

رڻ ۾ ڪئين لاله گهر پيدا ٿيا

حشر تائين قطع استبداد 3 ڪيو

انجي رت جي موج باغ ايجاد ڪيو

خاڪ و خون ۾ ليٿڙيو حق لاءِ آه!

هن ڪري ٿيو هو بنائي لاالـﮧ

انجا دشمن رڻ ۾ ها بس لاتعد 4

دوست انجا ها به يزدان هم عدد

راز- ابراهيم و اسماعيل هو

يعني ان اجمال جو تفسير هو

عزم انجو هو جبل جئن استوار

محڪم ۽ مضبوط هو پڻ ڪامگار

تيغ ڪارڻ عزت- دين آهه بس

مقصد انجو حفظ آئين آهه بس

ماسوي الله جو نه بندو مسلمان

هيٺ انجو سرنه ٿئي فرعون اڳيان

را هن جو خون سندس تفسير ٿيو

ملت- خوابيده کي بيدار ڪيو

خنجر- لا ان جڏهن ٻاهر ڪيو

رت ڪڍياءِ ڏس رک- باطل سندو

نقش الا الله ڏس رڻ ۾ چٽيئين

سٽ اسانجي ڇوٽڪاري جي لکيئين

رمز قرآن ڪئي ”حسين“ آهي عيان

گڏ ٿيا شعلا انهي جي آڳ کان

شان ويو سڀ شام ۽ بغداد جو

ياد نالو ناهه بس غرناطه جو

تار اُنجي زخمه کان لرزان اڇا

تازه تڪبير انجي کان ايمان اڃا

اي صبا اي قاصد- غم ديده کان

خاڪ تي انجي وجهين اشڪ1- روان

 

ـــــــــــــ

هن بيان ۾ ته جڏهن ملت محمديه جو توحيد ۽ رسالت

تي بنياد آهي ته پوءِ انجي مڪاني انتها ڪانهي

ـــــــــــــ

ناه جوهر پهنجو ڪنهن جاءِ سان ٻڌل

هڪ پيالي ۾ نه مئي آهي پيل

هندي ۽ چيني کان پهنجو جام آهه

رومي ۽ شامي گل اندام آهه

قلب اسانجو ناه روم ۽ شام کان

جاءِ اُنجي آهه خود اسلام هان

ڏس اڳيان مرسل جي ڪعب- پاڪ زاد

تحفو ان آندو منجهان بانت سعاد 2

مثل موتين جي انهيءَ تعريف ڪئي

من سيوف الهند جي مصرعه چئي

مرتبي کان جهنجي گهٽ چرخ- بلند

اهڙي نسبت ڪين ان آئي پسند

چؤ، چيائين ”من سيوف الله“ تون

حق لئي وٺ حق جي خود راه تون

بس ائين هن راز- دان جزو ڪل

خاڪپاي جنهن سرمه چشم رسل

چيائين امت کي ته دنيا مان سدا

ٿا وڻن مون طاعت ۽ طيب 3 ۽ نسا4

جي اٿئي ذوق- معافي رهنما

سمجهه ڪو نڪتو تون منجهه حرف- شما

يعني هو شمع- شبستان- جهان

هو نه دنيا ۾، نه هو دنيا منجهان

جلوه انجو قدسين لئي هو ضيا

هو مٽي پاڻي ۾ بس آدم اڃا

مان نٿو ڄاڻان ته ڪاٿي انجي جا

هي اٿم سڌ آهه پنهنجو آشنا

هن اسانجو بس ڳڻيو سارو جهان

پاڻ کي ڪيائين اسانجو ميهمان

سيني مان آهي اسان گم ڪيڙي جان

پاڻ کي آهي وڃايو منجهه جهان

مسلم آهين دل نه ٻڌ ڪنهن ملڪ سان

پاڻ کي گم ڪيم ڪر اندر جهان

ڪين مسلم ۾ ٿي ماپي مرزو1 بوم

انجي دل۾ ٿيا عبث هي شام و روم

دل تون ڪر هٿ ڇو ته منجهه پنهائي 2دل

ٿي ٿئي گم هيءَ سرائي آب و گل

کولي مسلم ڳنڍ قوميت سندي

هان نبيء هجرت وطن کان ڏس ڪئي

انجي حڪمت ملت- عالم سندو

ڪلمي تي بنياد بس آهي وڌو

مهرباني ساڻ هن سلطاني- دين

مسجد اسانجي آهه ڪئي روئي زمين

انجي ڪئي تعريف قرآن ۾ خدا

وعدو انجي حفظ جان جو ڪيو سدا

دشمني کي ڪيو فنا هيبت سنديس

تن ڏڪايو تنجو پڻ فطرت سنديس

مسڪن- آبا کان پو ڇاکئون ڀڳو

ڇا تون سمجهين ٿو ته اعدا کان ڀڳو

قصه گوين حق لڪايو پاڻکان

معنيٰ هجرت جي غلطي ڪئي تن بيان

سمجهه هجرت ۾ حيات- جاودان

هن ۾ ئي بيشڪ ثبات- مسلم آهه

انجي معنيٰ ٿوري پاڻي کان ڀڄڻ

بحر کي شبنم ڇڏي قابو ڪرڻ

گل کي ڇڏ گلشن سندءِ مقصود آهه

هن زبان ۾ خوب تهنجو سود آهه

سج جو آجو ٿي هلڻ عزت سنديس

ساري عالم ٿي رهي آهي رفعت سنديس

لهر جئن باران کان سرمايو نه گهر

تار ٿي دنيا ۾ ره تانگهو نه گهر

هو بيابان سارو بحر- تلخ يار

شرم کان پاڻي ٿيو ساحل تي مار

توکي گهرجي قصد سڀڪجهه جو ڪرين

آهه جي طاقت ته مڙني ڏي ورين

تون مڇيءَ جئن بحر ۾ آزاد ٿي

جاءِ جي تون قيد کان آزاد ٿي

جو جهت3 جي قيد کان آزاد ٿيو

چرخ جئن منجهه شش جهت آباد ٿيو

گل جي بؤگل ۾ نه جو اٽڪيل رهي

باغ ساري ۾ اُها پکڙيل هئي

جاءِ هڪ ئي تو ڪئي اندر چمن

مثل بلبل تو ملايو گل سان من

جئن صبا تون هيڏانهن سير ڪر

فيض کان پنهنجي سڄي گلشن کي ڀر

عصر- نوجي مڪر کان هشيار ره

راهزن کان هر زمان هشيار ره

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته وطن ملت جو بنياد نه آهي

ـــــــــــــ

اهڙي اڄ ٽڪرا اخوت ڪئي اٿن

هان وطن ۾ ساري ملت ڪئي اٿن

ڏس جڏهانڪر شمع محفل ٿيو وطن

ٽڪرا ٽڪرا نوع- انسان ڪئي اٿن

ڳولي جنت تن نه منجهه ”بئس القرار“

ڏس اَحلوا قومهم 1 دارالبوار

وڻ اهو جنت جهان مان ڏس کنيو

جنگ جي تلخيء ثمر آهي ڪڍيو

ماڻهپو دنيا ۾ اڄ افسانه ٿيو

آدمي کان آدمي بيگانه ٿيو

روح ويو تن مان رهيا عضوا وڃي

آدميت گم ٿي قوميت رهي

جئن سياست مسند- مذهب نيو

وڻ اهو منجهه گلشن مغرب ويو

ٿيو ادا قصو مسيحائي ٿڌو

ٿي پيو شعلو ڪليسائي ٿيو

ويئي اُسقف 2 جي سڄي طاقت هلي

مٺ سنديس مهرن کان به خالي رهي

انتي عيسائي ڪليسا کي ڇڏيو

جلد قانون- چليپا 3 کي ڇڏيو

دهريت جا تو جڏهن مذهب فضول

موڪليو شيطان پو پهنجو رسول

هن فلارنساويء4 باطل پرست

جنهن ڪيو ماڻهن کي انڌو خوب مست

بادشاهن لئي لکيو هن هڪ ڪتاب

جنگ جو ٻج پوکيو هن بهر- ثواب

انجي فطرت ڪفر سان شامل رهي

تيغ انجي حق جي لئي قاتل رهي

بتگري پيشو ڪئي آذر مثال

نقش هن تازو چٽيو اندر مقال

مملڪيت 1 کي انجي دين معبود ڪيو

۽ به هن مذموم 2 کي محمود ڪيو

پنهنجي مالڪ جي قدمبوسي ڪئي

ڪسوٽي تي نقد حق جي هن رکي

ويو وڌي باطل سنديس تعليم کان

حيله سازي ٿي پئي هڪ فن عيان

طرح تدبير- زبون جي پڻ رکيئين

راه ۾ ايام جي ڪنڊا وڌئين

اهل دنيا جي اکين ۾ رات ٿي

مڪرڀي هڪ مصلحت جي بات ٿي

ـــــــــــــ

هن بيان ۾ ته محمدي ملت زماني جي انتها نه ٿي رکي ڇو ته

هن ملت جي هميشـﮧ رهڻ جو وعدو ڪيل آهي.

ـــــــــــــ

جوش بلبل جو ڏٺئي اندر بهار

مکڙي ۽ گل ۾ ڏٺئي پڻ ڪار زار

مکڙيون سينگاريل ائين جئن ڪا ڪنوار

شهر تارن جو زمين مان آشڪار

صبح جي ڳوڙهن کان سبزه پاڪ ٿي

نهر جي پاڻي جي سر کان ڏس ستي

ٿي رکي مکڙي کليل ڏس شاخسار

ٿي وٺي انکي صبا اندر ڪنار

جابڪاري کان ٿي مکڙي خون ٿئي

مثل بوبستان کان ٻاهر رهي

قمري آکيرو ڪيو بلبل اُڏي

ماڪ جو پهتو ڦڙو ۽ بو وئي

جي وڃن گلشن مان لاله صد هزار

گهٽ نه ٿيندي رونق فصل بهار

نئي زمان کان گهٽ نه ڪجهه گنج- ڪمال

ٿي رهي محفل گلن جي ڏس بحال

فصل- گل باقي رکي ٿو نسترن

قائم انکي ٿا رکن سوسن سمن

کاڻ موتين سان ڀريل آهي جڏهن

هڪ ڀڳو موتي ته گهٽ ساٿئي ڪڏهن

صبح اوڀر مان ويو اولهه مان شام

دنگ مان ايام جي ويا سهسين جام

سارو مئي پيتائون صهبا باقي آهه

ڪالهه ڪئين ٿيا خون فردا باقي آهه

ڏس ته اهڙي طرح فردن کان ميان

آهه تقويم اُمم باقي عيان

منجهه سفر يار آهه صحبت قائم آهه

فرد وڃڻو آهه ملت قائم آهه

ذات انجي آهه ٻي ۽ ٻي صفات

ٿا رکن قانون ٻيو مرگ ۽ حيات

فرد پيدا ٿئي ٿو مشت- گل منجهان

ٿي وڌي بس قوم صاحبدل منجهان

سٺ ستر جو پٽ آهي فرد بس

قوم جا سؤ سال آهن هڪ نفس

فرد جيرو آهه جسم ۽ جان سان

قوم ٿي ناموس کان جيئري ميان

فرد ماري خشڪيء رد و حيات

قوم ماري ترڪ مقصود- حيات

گرچه ملت ٿي مري 1 ڏس فرد جان

حڪم اجل جو فرد جئن انتي روان

قوم مسلم جي ز آيات- خدا

اصل انجو آهه بس قالو بليٰ

ڏس اجل کان قوم هئي بيخوف ٿي

اُنجي پشتي ”نحن2 نزلنا“ رهي

ذڪر قائم جو ٿي ذاڪر جو قيام

ٿي دوام انجي کان ذاڪر جي دوام

ڏس خدا ”ان3 يطفئوا“ آهي چيو

هي ڏيو بي خوف اجهامڻ کان ڪيو

حق پرسئي ۾ هي اُمت ڪامل آهه

پيار ڪندڙ اُنکي هر صاحبدل آهه

حق ڪڍي باهر اها تيغ- اصيل

از نيام- خواهش- حضرت خليل

تا رهي جئري صداقت ان ڪنان

غير حق ساڙي سندس برق نهان

رب جي وحدت جو مومن حجت آهه

منجهه سنڀال انجي ڪتاب ۽ حڪمت آهه

آسمان جي پاڻ سان پيڪار هئي

ڪڇ ۾ انجي نه حمت- تاتار هئي

فتنه جو هن بند کان کوليو ته پير

سراسان جي تي کڙو هن ڪيو ته وير

فتنه، جهنجي راه ۾ محشر رهيو

هو نگهه ۾ انجي هڪ خنجر رهيو

انجي ڀاڪر ۾ ڪئين صدها ستل

صبح اڄ ڪالهه انجي ۾ پيل

دبدبو مسلم جو خاڪ ۽ خون ٿيو

سو ڏٺو رومانه، جو بغداد هو

پڇ اهو سڀ چرخ ڪج رفتار کان

۽ به قانون ڪهن پندار کان

آڳ تاتارين جي جو گلزار ڪير

انجي شعلن جو گل دستار ڪير

پنهنجي جو هيءَ فطرت ابراهيمي آهه

ساڻ مولا نسبت ابراهيمي آهه

آڳ مان اڇلايون گلڙا خوب يار

ناز نمرودي ڪريون باغ و بهار

باه وانگر انقلاب - روزگار

باغ وٽ پنهنجي رسي ٿئي ٿو بهار

رومين جي گرم بازاري ڪٿي

سا جهانگيري جهانداري ڪٿي

شيشو پڻ ساسانين جو پيو ڀڄي

وئي چمڪ خمخانئه يونان جي

مصر پڻ منجهه امتحان ناڪام ٿيو

ڏس هڏو انجو تهه 1 اهرام 2 ٿيو

منجهه جهان بانگ- اذان آهي رهي

ملت- اسلاميان آهي رهي

عشق دنيا لاءِ قانون- حيات

آهه عالم جو سر ميل- سالمات3

عشق اسانجي سوز کان جئرو رهيو

لاالـﮧ جي نور سان روشن ٿيو

گرچه مکڙي جئن رهون دلگير ٿا

باغ مرندو جي مري وياسين ادا؟

ـــــــــــــ

هن معنيَ ۾ ته ملت جو نظام سواءِ قانون جي هلي نٿو سگهي

۽ محمدي ملت جو قانون قرآن آهي

ـــــــــــــ

جيڪڏهن قانون ويو ملت هٿان

خاڪ جئن اُنجا ٿيا اجزا ميان

هستي مسلم جي اهو آئين آهه

۽ اِهو ئي بس نبي جو دين آهه

قاعدي سان گل جوڀن بسته ٿيو

گل ڦري ساڳيو سو گلدسته ٿيو

نغمه کي ضبط- صدا 1پيدا ڪيو

ضبط ريءَ آهي صدا غوغا ڪيو

ٿيو گلي ۾ هي نفس موج هوا

نئي منجهان نڪتي هوا ٿي پئي صدا

آه سڌ توکي ته آئين آهه ڇا

چرخ هيٺان سر تمڪين آهه ڇا

جئرو هي آهي جو قرآن حڪيم

انجي حڪمت لازوال آهي قديم

هي ڪتاب، اسرار تڪوين-2 حيات

بي ثبات ان کان ڪري حاصل ثبات

حرف انجي کي ڪڏهن تبديل 3 ناهه

انجي آيت مائل تاويل ناهه

پخته انجي زور کان سودائي خام

ٿو وڙهي پٿر سان انجو زور جام

ڏس ته پابند ان کان ٿي آزاد اچي

صيد ڪندڙ جي زبان فرياد اچي

نوع انسان لئي پيام آخرين

حامل 4 انجو رحمة اللعالمين

ارج 5 ان کان ٿو وٺي نا ارجمند

سجده کان ٻانهو ٿئي ٿو سر بلند

راهزن انکي ڀڙهي رهبر ٿيا

ان کان ئي سي صاحب دفتر ٿيا

وڻ جاڌ وڙيندڙ، تنکي هڪ چراغ

ڪيئن رکيا آهن علوم اندر دماغ

بار جهنجي کان جبل عاجز 6 بسر

انجي هيبت چرخ جو ڏاريو جگر

ڏس اسانجي سو اميدن جو اجهو

ٻارڙن جي سيني ۾ ماپي ويو

ڏس سو برپٽ ۾ هلي جهن ۾ نه آب

سوز سان سرخ اکه سنديس ڪئي آفتاب

خوش هرڻ کان اُٺ انهيءَ جي جو هلڻ

گرم جئن آڳ انجي اُٺ جودم رهڻ

هنڌ جنهن پنهنجو رکيو زير نخيل 7

صبح جو جاڳايو جنهن بانگ- رحيل 8

جو نه ڄاڻي ٿو ته ڇا هي بادم در

جو نه سمجهي ٿو ڇاهي ماحضر 1

گرمي قران جڏهن دل کي رسي

موج بي تاب انجي جئن گوهر رهي

هن پڙهيا قرآن جا جنهن دم سبق

بنده هو، خواجه ٿيو هو پيش حق

ٿو حڪومت جو وڄائي ساز ڏس

تخت جم ٿيو انجو پا 2 انداز ڏس

شهر ٿيا بس انجي پيرن جي مٽي

سؤچمن هڪ گل کان انجي ويا ٺهي

ورتل اندر رسم ٿيو ايمان سندءِ

ڪافري شيوا ٿيا زندان سندءِ

اَمر پهنجو تو وڍيو خود منجهه زير

ٿو هلين رستو اِليٰ شييءِ نڪر

جي تون چاهين ٿو مسلمان ٿي رهين

رات ڏينهن تعليم قران تي هلين

واه صوفي، جو رهي ٿو حال مست

جهنکي ڪئڙو نغمهء قوال مست

آتش- شعر عراقي دل آهه

رونق- قرآن سندس محفل ۾ ناه

توپ تي تئونري تي ڏن تي تاج تي

ڍل اهو ٿو خانقاهن کان وٺي

واعظن جي وات تي ڪوڙا قصا

حرف اعليَ تن جا، پر معنيٰ سوا

ٿيو خطيب ۽ ديلمي اُنجي سند

شاذ3، مرسل4 کان سندس ٿيو ردڪد

حق تلاوت جو رکي توتي ڪتاب

تون انهي کان ٿي سگهين ٿو ڪامياب

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته تنزل جي زماني ۾ اجتهاد کان تقليد بهتر آهي.

ـــــــــــــ

فتنا اڄڪله ٿا رهن سر جي اندر

طبع بي پروا ٿي اڄ آفت مگر

بزم قومن جي انهي برهم ڪئي

زندگي جي شاخ ان بي نم ڪئي

ان ڪيو بيگانه اسانکي پاڻ کان

ساز کي خالي ڪيو نغمه ڪنان

پڻ دلين مان آتش- ديرينه نين

لاالـﮧ جي آڳ پڻ از سينه نين

سست ٿئي جنهن وقت تقويم- حيات

ٿي وٺي تقليد کان ملت ثبات

واٽ اڳين جي وٺ جوهي جميعت آهه

معنيٰ تقليد ضبط- ملت آهه

جي خزان ۾ ناه توکي برگ وبار1

لاهه وڻ مان ڪين اميد- بهار

گم ڪيو تو بحر، ڏس پهنجو زيان

نهر گهٽ پاڻي جي جو رکه تون ڌيان

فائدو سيل- ڪوهستان مان وٺين

۽ وري ڀاڪر اندر طوفان ڪرين

جيڪڏهن تن تنهنجي کي آهي ڪا جان

وٺ سبق احوال اسرائيل کان

گرم و سرد روزگار انجي کي ڏس

زحمت- جان- نزار2 انجي کي ڏس

هو نچوڙيو آسمان انگور جان

ويو نه پر موسيٰ ۽ هارون جو نشان

هان نوائي آتشين وئي سوز کان

سيني ۾ دم ٿيو اڃان اي مهربان

ڇو ته جميعت جڏهن انجي ڀڳي

واٽ اڳين جي پٺيان محمل لڳي

ناهه رونق محفل- ديرينه ۾

زندگي جي شمع ناهي سينه ۾

دل تي قائم معنيء- توحيد ڪر

ڪم جي پورت لاءِ تون تقليد ڪر

ڏس ڪرڻ وقت- تنزل اجتهاد3

ٿو بگاڙي قوم کي ڪر تون هي ياد

مجتهد4 جي آهه تهنجو ڪم نظر

پيروي اڳين جي ٿي محفوظ تر

هان اڳين جو عقل ٿيو بيهوده ناهه

ڏس غرض سان ڪم سندن آلوده ناهه

فڪر تن جو هو ادا باريڪ تر

ورع 5 تنجي با نبي نزديڪ تر

ذوق جعفر جو نه رازي جو خيال

ملت تازي جي پو عزت محال

تنگ اسانتي رهگذار- دين اڄ

ٿيو ڪمينو رازدار دين اڄ

راز دين کان آهين جو بيگانه تون

قاعدو  هڪ وٺ اگر فرزانه 1 تون

ٿي چيو هڪ ڏينهن نباض2- حيات

اختلاف اڄ تهنجو مقراض3 – حيات

قاعدي هڪ کان مسلمان زنده آهه

ملت از قران اي جان زنده آهه

خاڪ اسين آهيون دل- آگاهه هو

انکي قابو ڪر جو حبل الله هو

اُنجي ڌاڳي ۾ گهر جئن سفته 4 ٿي

مثيل لٽ جي نه ته ادا اَشفته 5 ٿي

 

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته سيرت- مليه خدائي قانون جي پيروي ۾ آهي.

ـــــــــــــ

منجهه شريعت ٻي ڪائي معنيٰ نه ڳول

ريء چمڪ جي اندر- گوهر نه ڦول

هن گهر جو خود خدا گوهر6 گر آهه

ظاهر ۽ باطل انهيءَ جو گوهر آهه

علم حق جوريء شريعت ڪجهه نه آهه

اصل سنت ريء محبت ڪجهه نه آهه

فرد لئي ٿي شرع مرقات7- يقين

ان کان پخته ٿيا مقامات- يقين

قاعده کان حق جي ملت جو نظام

محڪمي ٿو ٿئي نظام اندر دوام

قدرت اندر عام ٿو پيدا ٿئي

پڻ عصا ۽ پڻ يد- بيضا ٿئي

مان چوان ٿو راز اسلام آهه شرع

شرع آغاز آهه انجام آهه شرع

تون جو آهين حڪمت- دين جو امين

ٿو چوان ٻڌ نڪتهءِ شرع مبين

جيڪڏهن ڪو روڪ ٿئي ٿو بي  سبب

با مسلمان منجهه ادائي مستحب

مستحب کي فرض ڏس سمجهيو اٿن

زندگي کي عين قدرت ڪيو اٿن

جنگه جي ڏينهن فوج دشمن جي اگر

صلح جي شڪ ۾ ٿئي ٿي بي خطر

ٿي ڪري آسان پهنجو روزگار

ٿي ڀڃي پهنجو اُها حصن- حصار 1

جيسين ان ڪم جو ٿيو ناهي نظام

تيسين اُنجو ملڪ تي ڪاهڻ حرام

راز ڪهڙو آهه ائين حق جو چوڻ

زندگي ٿي آه خطرن ۾ رهڻ

شرع چاهي ٿي ڪرين جهن وقت جنگه

ٿي پوين شعلو ۽ ڦاڙين ڪام سنگ

آزمائي قوت- بازو عيان

ٿي رکي الوند2 اڳيان پنهنجي ميان

ٿي چوي پوسرمه ڪر الوند کي

ڳار خنجر سان مگر الوند کي

آهه جا رڍ ناتوان لاغر رهي

ڪئن اها لڙندي به شير- نر اچي

باز جهرڪي ساڻ جي خوگر ٿئي

صيد پنهنجي جي هٿان ابتر ٿئي

نيڪ و بد جو ڄاڻو جو شاعر هئو

توکي اهڙو نسخئه قدرت ڏنو

ٿو عمل کان توکي طاقتور ڪري

جاءِ تنهنجي خوب دنيا ۾ ڌري

جي ضعيف آهين ڪري ٿو استوار

ٿو ڪري مضبوط مثل- ڪوهسار

مصطفيٰ جو دين ٿيو دين- حيات

شرع ٿي تفسير آئين- حيات

جي زمين تون آسمان توکي ڪري

جو گهري الله ميان توکي ڪري

آرسي روشن ڪري ٿو سنگ کي

لوه جي دلمان ڪڍي ٿو زنگ کي

ويو جڏهن هٿ مان شعار مصطفيٰ

قوم جي هٿ مان وتي رمز بقا

وڻ اهو جو سربلند ۽ استوار

مسلم- صحرائي جو اُشتر سوار

واديءِ بطحا ۾ پير ان جو وڌو

ٿيو اثر اُن گرميءَ صحرا سندو

اهڙو سوڳاريو عجم جي اُن هوا

جو ٿيو سنهڙو سو نڙ وانگر ادا

جنهن ڪٺو ٿي شينهن کي جئن گوسفند

ڪيو لئي کان ٿي پيو سو دردمند

جنهنجي تڪبيرن کان پٿر آب ٿيو

بلبلين جي لات کان بيتاب ٿيو

عزم جنهنجي ڪوه کي سمجهيو ٿي ڪاه 1

سو توڪل کي ڏئي هٿ ٿيو تباه

ڪنڌ دشمن جا ڪپيا جنهن ضرف کون

دل جي ڌڪ ڌڪ قلب ڪيو انجو زبون

حڪم جهنجو هو جهان لئي ناگزير 2

در تي جنهنجي هو سڪندر ڀي فقير

انجي ڪوشش وئي قناعت سان ملي

هيءُ کنيئين ڪشتو گدائيءَ جو کلي

شيخ احمد سيد- عاليجناب

نور حاصل جنهن کان ٿي ڪيو آفتاب

ڇا چوان انجي مزار- پاڪ ڏس

لاالـﮧ وارا ڪڍيا جنهن خاڪ ڏس

ٿي چيئين ڪنهن کي ته اي جان- پدر

ڪر خيالات- عجم کان تون حذر

فڪر انجو چرخ کان اڳتي ويو

مصطفيٰ جي دين کان ٻاهر ٿيو

اي برادر هيء نصيحت ڪن ڪرين

پند 3 هن آقايء ملت جو وٺين

قلب کي هن حرف کان تون ڪر قوي

ٿي تون مسلم يار عربن سان رهي


 

 

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته سيرت- مليه جو سينگار- اخلاق محمديه سان ٿيڻو آهي

ـــــــــــــ

هڪڙو سائل آيو سر تي ٿي قضا

در اسانجي تي هيئين هر هر صدا

غصي کان ڪاٺي هنيم سرجي مٿان

جيڪي هو پنيو ڪري پيو اُن هٿان

عقل تي آيو جڏهن وقت- شباب4

ڪين ٿو ڄاڻي صواب ۽ ناصواب

ڪاوڙيو بابو سندم هن طبع کان

ٿي سندس منهن تي پريشاني عيان

آه اُنجي لب تي گرمي منجهه جگر

سيني ۾ ڦٿڪي ٿي دل انجي مگر

انجي اکڙين ۾ ستارا ٿي ڦريا

پهتا سي پنڻين تي چمڪيا ۽ ڪريا

اُن پکيءَ وانگر جو بس اندر خزان

ٿو ڏڪي جو صبحدم منجهه آشيان

جان- غافل منهنجي پي تن ۾ ڏڪي

صبر جي ليليٰ به محمل مان وئي

هان سڀاڻي اُمت- خيرالرسل

ٿيندي سڀ گڏ پيش اُن مولائي ڪل

مرد غازي ملت- بيضا سندا

۽ محافظ حڪمت- رعنا سندا

دين جي حجت جي ٿيا آهن شهيد

ملت اندر مثل تارن جي فزيد

زاهد ۽ عاشق جي ٿئڙا دلفگار 1

عالم- ۽ پڻ عاصيان- شرمسار

انجمن ۾ ٿيون ٿين جنجون بلند

دانهون ڪوڪوڪن گدايٰ دردمند

واٽ مشڪل آهه جي بي مرڪبي

ڇا چوان جنهندم پڇي مون کان نبي

حق حوالي تنهنجي ڪيو مسلم جوان

جنهن نه قسمت نين دبستان منهنجي مان

توکان هي آسان هڪڙو ڪم نه ٿيو

ڏس مٽي جي ڍڳ منجهان آدم نه ٿيو

نرم ڪئي مونکي ملامت هن ڪريم

ٿي ڦڪائي ۽ رهيم اميد و بيم

ياد ڪر تون پٽ اهو ۽ غور ڪر

اجتماع- اُمت- خيرالبشر

ڏس تون هيء منهنجي وري ڏاڙهي سفيد

ٿو ڏڪائي مونکي هي بيم ۽ اُميد

پنهنجي پيءُ تي ظلم نازيبانه ڪر

بنده کي مولا اڳيان رسوا نه ڪر

شاخسار- مصطفيٰ تي غنچه ٿي

گل بهار- مصطفيٰ جو ٿي اچي

رنگ وبو انجي بهاري مان وٺين

خلق مان انجي مگر حصو کڻين

مرشد- رومي نه ڪهڙو هي چيو

ڏس ته دريا قطره ۾ جهنجي رهيو

ڇن نبيءَ کان ڪيم پهنجو واسطو

ڪر نه تون پنهنجي هنر جي ڀروسو

مرد مسلم جي طبيعت شفقت آهه

منجهه جهان اُنجي زبان بس رحمت آهه

چنڊ ٿيو جهنجي اشاري سان دونيم

رحمت اُنجي علم ۽ خلق عظيم

جيڪڏهن آهين سندس رتبه کان دور

تون اسان منجهان نه آهين بالضرور

تون اسانجو آهين مرغ- بوستان

تون اسانجو همصفير ۽ همزبان

جي تون ڳائين ٿو ته بس تنها نه ڳاءِ

ڪر اسانجي باغ جي ٽاريءَ تي جاءِ

زندگي جو جيڪي ٿيو سرمايه دار

ٿو مري منجهه عنصر- ناسازگار

بلبل آهين منجهه چمن پرواز ڪر

همنوائن ساڻ نغمو ساز ڪر

تون عقاب آهين ته- دريا نه رهه

جاءِ ڪر خلوت ۾ ريء صحرا نه رهه

جي ستارو آهين چمڪي چرخ تي

ڪڍ نه پنهنجي حد کان ٻاهر پير کي

هڪ ڦڙو پاڻي جو نيسان مان کڻين

پرورش انجي چمن اندر ڪرين

مثل شبنم جي ڪنان فيض- بهار

تنگ مکڙي انکي آڻي منجهه ڪنار

روشني کان چرخ تي تاب- سحر

جهنجي ڦيڻي سان ڪري مکڙي شجر

عنصر- نم اُنجي جوهر مان ڪرين

ذوق رم اجزاءِ انجي مان وٺين

تهنجو موتي ناهه ڪجهه ريءَ موج- آب

تهنجو سعيو ناهه ليڪن هڪ سراب

ناز اُنجو بحر ۾ گوهر ٿئي

ٿو ڏڪي تاب انجو جئن اختر ڏڪي

جو ڦڙو نيسان مهجور يم آهه

لئي ڪکن سو ڏس مثال- شبنم آهه

پاڪ طينت مومنن جي گوهر آهه

آب و تاب انجو يم- پيغمبر آهه

پاڻي نيسان جو تون منجهه ڀاڪر ڪرين

انجي تون قلزم منجهان موتي ڪڍين

منجهه جهان روشن ڪنان خورشيد ٿي

تون مگر تابانيءَ جاويد ٿي


 

 

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته حيات مليه محسوس مرڪز ٿي چاهي

 ۽ ملت اسلاميه جو مرڪز بيت الحرم آهي

ـــــــــــــ

ٿو ڪريان سولي ته مان ڪار- حيات

ٿو ٻڌايان توکي اسرار- حيات

جئن خيال، انجو ڀڄڻ ٿيو پاڻ کان

پڻ ٿيڻ پاسي طرف کان اي ميان

منجهه جهان ڏس ڪالهه اڄ ڪئن ٿو اچي

وقت انجو اڄ سڀان ڪئن ٿو وڌي

جي ڏسين ٿو پاڻ تي ڪر ڪا نظر

ريءَ رم- پيهم1 نه آهين بي خبر

تا ڏيکاري تاب نا مشهود ڏس

شعله تي پردو وجهندڙ دود 2 ڏس

سئر انجو جئن سڪون آڻي نظر

نهر بس آئي ٻڌل ئي منجهه گهر

اُنجي آتش جو منجهس ئي دم پيو

لاله ٿيو ۽ شاخ کان ميوو ٿيو

خام تهنجو فڪر ڏس سست آهه لنگ

گل بنايو آهه هن پرواز رنگ

زندگي مرغ- نشيمن ساز آهه

طائر- رنگ آهه ريءَ پرواز ناهه

پڃري ۾ قيد آهه ۽ آزاد پڻ

لاتين گڏ ٿو ڪري فرياد پڻ

پر مان اڏرڻ پهنجو ڌوئي دمبدم

چاره پهنجو ڪيئن سوڳولي دمبدم

ٿو منجهائي پاڻ پنهنجي ڪار کي

پوءِ وري آسان ڪري دشوار کي

ٿي ٿئي عاجز حيات- تيز گام

تا زياده انجو ٿئي ذوق- خرام

ٿيا ستل ڪئين ساز انجي سوز ۾

ڪلهه سڀان ڄايل سندس امروز ۾

دمبدم مشڪل ٿئي آسان گذار

نئو ڪري پيدا سدا ۽ تازه ڪار

گرچه بوجئن انکي سارو آهه رم

سيني ۾ اينديئي بس ٿي پئي ٿودم

پهنجا ڌاڳا پاڻ تي ئي ٿو اُڻي

ڳنڍ ٻيڙي جي ٻڌي ٿو پاڻ تي

ڳنڍ ۾ داڻو رکي ٿو برگ وبر1

پاڻ تي کولي جي اکه ٿئي ٿو شجر

هان سروپا آب ۽ گل مان ڪڍي

پير ۽ هٿ اکه ۽ دل پيدا ڪري

تن جي اندر زندگي خلوت ڪري

محفلون پڻ زندگي ساريون پري

ساڻ قانون اُمتن جو ٿيو ڄمڻ

زندگي جو آهه مرڪز تي اچڻ

گهيري جو وچ تن جي ڪارڻ مثل جان

ليڪو انجي نقطي ۾ آهي نهان

قوم جو مرڪز سان ربط آهي نظام

روزگار انجي جو مرڪز کان دوام

هان اسانجو راز ٿيو بيت الحرم

سوز اسانجو ساز ٿيو بيت الحرم

سيني ۾ سانڍيون انهيءَ کي ساه جان

تن اسين ۽ هو اسانجي آهه جان

باغ اسانجو تازه ٿيو شبنم منجهان

پوکه سائي اُنجي ٿي زمزم منجهان

انجي ذرڙن مان ٿو چمڪي آفتاب

منجهه قضا انجي ٽٻي ڏئي آفتاب

انجي دعويٰ جا دليل آهيون اسين

از براهين- خليل آهيون اسين

هن اسانکي ڏس بلند آوازه ڪيو

ڏس حدث سان هن قدم شيرازه ڪيو

طوف سان اسانجي ٿي ملت هم نفس

صبح جئن سج جي ڏسو اندر قفس

هڪ حساب انجي کان بسياري رهي

بند کان هڪ جي ٿي خود داري پڪي

ٿي تعلق کان حرم جي زنده تون

پڻ طواف انجي کان ٿين پابند تون

منجهه جهان جان- اُمم جميعت آهه

ڏس ته تون راز- حرم جمعيت آهه

وٺ تون عبرت ان مان اي مسلم ادا

ٿي پڇاڙي اُمت موسيٰ جي ڇا

قوم اُنجيءَ، جو ڇڏيو مرڪز هٿان

ڌاڳو جمعيت جو ٿيو ٽڪرا عيان

ڏس نياپو جهنکي آغوش- رسل

جزو انجو ڄاڻي ٿو اسرار ڪل

دهر چهبڪ انکي ڏس اهڙو هنيو

زندگي ٿي خون، اکڙين مان وهيو

وئي ٽري ڏس تاڪ جي تندن منجهان

بيد مجنون ڀي نه نڪتو خاڪ مان

ڏس غريبي جي ڪري گم ڪيئي زبان

پڻ صدا گم ڪئي ٿو پهنجو آشيان

شمع مئي پروانو ان تي نوحه خوان

انجي قصي کان ڏڪي منهنجي ٿي جان

تيغ ظلم- چرخ کان تون خسته تن

آهين تون ٿئڙو اسير- وهم وطن

پيرهن کي جامهءِ احرام ڪر

صبح ظاهر از غبار- شام ڪر

غرق ابن ڏاڏن جان سجدي ۾ تون ٿي

پاڻ گم ڪر سراپا سجده ٿي

ڏس مسلمانن اڳين آندو نياز

زخم کاڌو جنهن کان ڏس دنيا جي ناز

پير الله لئي ڦٽيو تن خار ۾

بوستان ان لئي ٻڌئون دستار ۾


 

 

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته جمعيت حقيقي ملت جي نصيب العين کي مضبوط جهلڻ آهي ۽ امت محمديه جو  نصب العين توحيد جي حفاظت ۽ اشاعت آهي.

ـــــــــــــ

ٿو سکان توسان زبان- ڪائنات

حرف ۽ ٿيا لفظ اعمال- حيات

مدعا جي ربط سان جو بسته ٿي

زندگي هيءَ مطلع- برجسته ٿي

جي اسان جي مدعا مهميز ٿئي

بس تکو مثل هوا شبديز1 ٿئي

زندگي جي راز- بقا

زندگي ٿي جمع سيماب قوا

زندگي خواهش سان محرم جي رهي

باليقين هوءَ ضابطه دنيا ٿئي

پاڻ کي بس طابع مقصد ڪري

انجي لئي چونڊي وٺي ۽ رد ڪري

رايءِ منهنجي ناخدا ساحل کان آهه

اختيار راه منزل- بس کان راهه

سوز کان پرواز جي دلتي هي داغ

سوز کان ئي ٿو ڪري طوف- چراغ

قيس جي آواره ٿيو صحرا ۾ آهه

خواهش اُنجي محمل ليليَ ۾ آهه

شهر جي ليليٰ جڏهن ٿي آشنا

پير اسان جا ڪئن کڄن صحرا ادا

جان جئن مقصد لڪل ٿيو در عمل

گهٽ ۽ وڌ ان کان ٿئي ٿو هر عمل

رت جو ڊوڙي ٿو رڳن ۾ اي ميان

مدعا حاصل ڪرڻ لئي هي عيان

پنهنجي گرمي کان ٿوهو ساڙي حيات

لاله وانگر آڳ ٿي آڻي حيات

ٿي وڄائي ساز همت مدعا

ٿي آهه مرڪز جا ذب2- قوت ادا

قوم جا هٿ پير ٿي چوري اگر

سؤ اکين کي ٿي ڪري هڪڙي نظر

شاهد- مقصود جو ديوانه ٿي

ڪر طواف اِن شمع جو پروانه ٿي

جيسين ڪنڊي کي ڪڍي ڪو رهروان

تيسين محمل ٿي ٿئي ان کان نهان

هڪڙو دم ڀي جيڪڏهن غافل 3 رهئين

هان پري سؤڪوه از منزل رهئين

هيء پراڻي شڪل دنيا نام جنهن

عنصرن کان آهه ڏس اندام جنهن

سؤ نيستانن مان هڪ ناله مليم

سؤ چمن رت ٿيا جي هڪ لاله مليم

نقش ڪيئن آندا ويا ۽ ڪيئن ڀڳا

زندگي جو چٽ ٿيو مس هڪ ادا

دانهون ڪيئن پوکيون ويون منجهه ڪشت- جان

مس تڏهن اڀري انهيءَ مان هڪ اذان

ٿي لڙائي سال ڪيئن احرار سان

اهل باطل ساڻ گڏجي اي ميان

نيٺ ٻج ايمان جو نڪتو ڦٽي

ٿي صدا ڏس ڪلمه توحيد جي

مڙني دؤرن جو ته نقطو لاالـﮧ

ڪار- دنيا جو به سنڌو لاالـﮧ

چرخ زور انجي کان گردندگي

سج کي حاصل ان کان ٿي رخشندگي1

ٿيو عيان موٽي انهي جي آب کان

موج دريا ۾ تتي پڻ تاب کان

هير کان انجي مٽي ٿي گل ٿئي

مٺ پرن جي سوز کان بلبل ٿئي

شعلو رڳ ۾ تاڪ جي پڻ سوز کان

روشني ٿي خاڪ کي پڻ سوز کان

سر ستل آهن ته منجهه ساز- وجود

زخمه ور کي ڳولي ٿو راز- وجود

ٿو رکين رت جئن نوا تن ۾ روان

اٿ ۽ هڻ ڌڪ تار کي انجي عيان

ڇو ته منجهه تڪبير راز- بود آهه

پڻ پکيڙڻ لاالـﮧ مقصود آهه

بانگ حق جيسين نه دنيا کان اٿي

دم نه آسودو رهين مومن ڪٿي

ڇا نٿو ڄاڻين اهو، ”ام الڪتاب“

”امت- 2عادل“ جو ڪيو توکي خطاب

تنهنجي ايامن جو هي بس آب و تاب

امتن تي آهه شاهد باصواب

نڪته سنجن کي صلائي عام ڏي

علم مان ”امي“ جي ڪو پيغام ڏي

قول جهنجو پاڪ آهي از هوي

شان ۾ جهنجي سخن جي ماغوي

جئن ڪيائين هٿ ۾ نبض- ڪائنات

هن ٻڌائي کولي تقويم- حيات

هن چمن جي لاله جي ڪيڙن مٿان

گندگي ڌوتائين ساري ڏس هٿان

دين سان انجي ٻڌل آهي حيات

اُنجي بس قانون ريءَ ٻي ناه بات

ٿو رکين انجو ڪتاب اندر بغل

تيز ٿي ڪر سر تون ميدان- عمل

فڪر انسان بت پرست ۽ بتگر آهه

انجي ڳولا ۾ سدائين پيڪر آهه

آذري جي رسم هن آهي وڌي

نئي خدا جي شڪل هن آڏو رکي

تا ته رت هارڻ ۾ ٿئي اُنکي طرب

نام اورنگ آهه پڻ ملڪ ۽ نسب

آدميت ٿي ڪٺل جئن گوسفند

پيراڳيان هن بت جي جو نا ارجمند

توکي حاصل ٿي جو مينايء خليل

رت سندءِ ڪو گرم صهباني خليل

حق نما باطل جو جيڪو آهه سر

تيغ لاموجود الا هو جو ڌر

روشني اونداهه ۾ ڪر تون مدام

دين جو ڪامل ٿيو ڪر انکي عام

ڇا چوندين تون جڏهن روز-1 شمار

روبرو توکان پڇي پروردگار

حرف حق جو تو اسان کان جو نيو

ڇو ٻين تائين نه پهچايئي اهو

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته حيات- مليه جي اشاعت نظام عالم جي قوت جي تسخير ۾ آهي

ـــــــــــــ

اڻ ڏٺل سان تو جو ڏس پيمانه ٻڌو

سيل جئن ويو شرط سو ساحل سندو

خاڪ مان هڪ باغ جو اُٿ جئن نهال

دل تون ٻڌ غائب سان حاضر سان قتال

هستي حاضر جي ڪري تفسير- غيب

ٿو ٿئي ديباچهءِ تسخير غيب

ماسوا تسخير جي لئي آهه بس

سينو انجو عرصهءِ تير آهه بس

حق جي ”ڪن“ کان ماسوا ٿيو آشڪار

تير تهنجو نا ٿئي سندان گذار

ڌاڳو اهڙو جو ڳنڍين وارو هجي

لطف کولڻ جو جتان حاصل ٿئي

مکڙي آهين باغ جو تعبير ڪر

ماڪ آهين سج کي تون تسخير ڪر

توکان جي ٿيندو عجيب اي يار ڪم

ڳار شير برف آڻي گرم دم

جنهن ته محسوسات کي تسخير ڪيو

هي جهان ذرڙي منجهان تعمير ڪيو

تير جنهن سينو فرشتن جو ڇنو

پهرين آدم کي شڪار آهي ڪيو

ڳنڍ کولي پهرين هن محسوس جي

آزمايش ورتي هن همت سندي

ڪوه، صحرا، رڻ به دريا، بحرو بر

ٿا وٺن تعليم ارباب- نظر

آهين افيون جي اَثر کان ٿيو زبون

عالم اسباب کي گهٽ چؤ نه تون

اُٿ کڙو ٿي کول اک مخمور کي

گهٽ نه سمجهين عالم مجبور کي

انتها اُنجي وڏي مسلم جي ذات

پڻ وٺي ڪو امتحان- ممڪنات

تنهنجي تن شمشير دوران ٿو هڻي

ٿا ڏسين تون رت سندءِ تن ۾ رهي

زور جي پٿر سان سيني کي ڦٽين

اِمتحان پنهنجي هڏن جو ڪو وٺين

حق ڪئي نيڪن جي قسمت هي جهان

چشم مومن لئي ڪيئين جلوو عيان

قافلي جي راه آهي هي جهان

ڪسوٽي ٿي نقد مومن لئي عيان

تون انهي کي وٺ مان توکي وٺي

جئن مئي اندر سبو توکي رکي

فڪر تهنجو پوڄي ٿو طوطي مگر

پير اُنجو آسمان تي ٿيو اگر

زندگي جي گهرج ڊوڙائي انهي

منجهه زمين گردون سپر ٺاهي انهي

تا منجهان قابو ڪرڻ جي هي نظام

فن هي تهنجا ٿين سارا تمام

حق جو نائب منجهه جهان آدم ٿيو

حڪم انجو سڀ تي بس محڪم ٿيو

پکڙجي تنگي سندءِ اندر جهان

تون پٺي جي واءَ جي اندر منجهان

ڪم سندءِ سينگار جي هر جا ڪيان

تون پٺيءَ جي واءَ جي ٿي بس سوار

يعني هن اُٺ جي وجهين نڪ ۾ مهار

هٿ رڱين پهنجا جبل جي خون مان

آب- گوهر آڻ تون دريا منجهان

سؤ جهان هڪڙي فضا ۾ ٿيا لڪل

ڪيترا سج ڏس تون ذرڙن ۾ پيل

روشني کان انجي ڏس تون اڻ ڏٺل

کول اسرارن کي جي آهن منجهيل

تاب وٺ خورشيد عالمتاب کان

ڪر تون روشن طاق کي سيلاب کان

هي ستارا آسمان جنجو وطن

تن جا مالڪ ۽ اهي قومون ڪهن

هي سڀئي اي خواجه تهنجا ٿيا غلام

تهنجا خدمتگار ڏس آهن تمام

پختو ڪر ڳولا کي پڻ تدبير ڪر

انفس 1 ۽ آفاق 2 کي تسخير ڪر

پنهنجي اکه کي کول سڀ ڏي نهار

پردئه صهبا جي هيٺان نشه ڌار

تا شين جي توکي بس حڪمت ملي

ناتوان ڍل زور وارن کان وٺي

شڪل هستي معنيٰ کان ڪجهه ساده ناه

هان صدا کان ساز هي افتاده1 ناه

تون جو مقصود- خطاب- ”انظري“

واٽ تو انڌن جيان ورتي وري

خود فروزي کان جو قطرو محرم آهه

تاڪ ۾ باده ۽ گل تي شبنم آهه

ويو جڏهن دريا ۾ در گوهر ٿئي

انجو جوهر چمڪي جئن اختر ٿئي

گل جي صورت تي متن 2 مثل- صبا

معنيء گلشن تي ڪر غور اي ادا

جنهن شئي تي آهه اڇلايو ڪمند

آهه ٺاهيو وڄ منجهان پهنجو سمند3

حرف آڻي جئن پکي پرواز ۾

نغمه کي بي زخمه آڻي ساز ۾

زيست جي رهه ۾ گڏهه منڊو سندءِ

جنگ جي شورش کان غافل ٿيو سندءِ

تهنجا همراه ويا هڻي منزل مٿي

معنيَ جي ليليَ نيئون محمل ڇڏي

قيس جئن صحرا ۾ تون آواره ٿئين

هان ٿڪل عاجزوري بيچاره ٿئين

علم اَسما آدم آهي اعتبار

۽ شين جي حڪمت ان لئي ٿي حصار

 


 

 

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته حيات مليه  جو ڪمال هي آهي ته ملت مثل فرد جي خودي  جو احساس پيدا ڪري ۽ انهيءَ احساس جي توليد ۽ تڪميل روايات- مليه جي ضبط ڪرڻ سان ممڪن ٿي ٿئي

ـــــــــــــ

تو ڏٺو ڇوڪر کي اي بالغ نظر

پنهنجي منزل کان جو آهي بي خبر

ناهه واقف دور ۽ نزديڪ کان

چنڊ جي جئن ٿو گهري پڪڙي عنان

مڙني کان ڌارين رهي مامڪ4 پرست

زيرو بم جي انجي ڪن کي سڌ نه آهه

نغمه پڻ ريءَ شورش زنجير ناهه

سادا ۽ ڪورا سندس افڪار اڃا

پاڪ موتي جئن سندس گفتار اڃا

آهه ڳولا موڙي انجي فڪر جي

ڇاکئون ۽ ڪئن، ڇو، ڪٿي گفتار ٿي

نقش هن هن جو وٺي انجو خيال

غير کي ڳولڻ ڏسڻ هي انجو حال

اکه سندس دنبال کان جي ڪو وٺي

جان- انجي ڏسڻ پريشان ٿي ٿئي

فڪر انجو منجهه هوائي روزگار

پر ٿو کولي مثل باز- نو شڪار

لئي شڪار انکي مٿي ڏس ٿو ڇڏي

۽ وري انکي اچڻ لئي ٿو سڏي

تا ته آتش گيريءَ افڪار کان

گل ڇنڊي بس باهه جي راند اُن ڪنان

اکه سنديس ٿي پاڻ تي جنهندم پوي

”آهيان مان“ سيني جي ٺڪ ٺڪ ٿي چوي

ياد انجي پاڻ سان واقف ڪريس

ڪلهه سڀان جو ربط ڏس جوٿي ڏئيس

پوتل انجا ڏينهڙا منجهه تار- زر

پڻ پٺيان هڪٻئي جي آهن جئن گهر

گرچه هردم گهٽجي ٿي وڌ ٿئيٿي گل

هوس جيڪي سوا هوئي ”مان“ به دل

”مان“ اها نئي ڄاول آغاز- حيات

آهه سر بيداري جو ساز- حيات

اهڙي نئي ملت مثال طفلڪ1 آهه

ٻار سو جو منجهه ڪنار- مامڪ2 آهه

ٻارڙو جو پاڻ کان واقف نه آهه

گڏجي ويو گوهر مگر باخاڪ راهه

اڄ سان بس ناهي ٻڌل انجو سڀان

رات ڏينهن جا حلقا پيرن ۾ ڪٿان

چشم هستي لئي ٿيو جئن مردم آهه

ٿو ڏسي ٻئي کي مگر از خود گم آهه

پنهنجي ڌاڳي مان ڳنڍيون کوليو ڇڏي

تا سر- تار- خودي پيدا ڪري

ٿو ڪري ٿي گرم ڪار- روزگار

سمجهه ٿي تازي ٿئي ۽ پائدار

ٿو کڻي هو نقش ڪيرائي ڏسو

ماجرا پنهنجي کي اڪرائي ڏسو

فرد جي ايام جي جئن ڳنڍ ڇني

سمجهه جي شانه ڏند آيا ڇڻي

قوم روشن ڪئي سواد- سرگذشت

پاڻ کي ڄاتئين زياد- سرگذشت

يادگيري کان وٺي جي ماجرا

نيستي ۾ گم ٿئي اُن دم ادا

نسخو تنهنجي هستي جو اي هوشمند

ربط ايامن جو ٿيو شيرازه بند

ربط ايام آهه پهنجو پيرهن

سئي سندس حفظ- روايات ڪهن

ڇا تاريخ اُن کان بس بيگانه تون

داستان- قصر ۽ پڻ افسانه تون

هيءَ توکي پاڻ کان آگهه ڪري

ڪم جو ڄاڻو توکي مرد- رهه ڪري

روح لئي سرمايهءِ ناب آهه هي

جسم ملت لاءِ اعصاب 1 آهه هي

مثل خنجر روهي تي توکي هڻي

پوءِ توکي منهن تي دنيا جي هڻي

واه ساز- جان سينگاري سٺا

نغمه تار انجي ۾ اڳين جا پيا

سوز ۾ انجي اجهايل شعله پيو

اَڄ جي ڀاڪر ۾ سڀان آهي ٿيو

بخت اڳين ڏس اُمتن جو شمع ٿي

روشن ان کان ڪلهه جي رات ۽ اڄ سندي

اکه رهي پرڪار ويلن کي ڏسي

تو اڳيان پيدا ٿي ويلن کي ڪري

باده سؤ سالن جو منجهه مينا سندس

جهوني مستي پڻ ٿي منجه صهبا سندس

ڏس شڪاري دام ۾ اُنکي ڪيو

جو پکي گلشن مان پنهنجي هو اُڏيو

ضبط ڪر تاريخ کي پاينده ٿي

دم ويا جيڪي انهن کان زنده ٿي

ڪالهه کي جلدي گڏي امروز ڪر

زندگي کي مرغ دست آموز ڪر

ڌاڳو تون ايام جو حاصل ڪرين

رات ۽ ڏينهن نه ته ادا گردش وٺين

تنهنجي ماضي مان ڪڍي منهن حال جئن

حال مان نڪري ته استقبال جئن

ڇن نه، چاهين جي حيات- لازوال

ڌاڳو ماضي جو ز استقبال، حال

آه ادراڪ- تسلسل زندگي

مئي ڪشن لئي شُر قلقل زندگي


 

 

ـــــــــــــ

هن معنيَ ۾ ته جنس جي بقا امومت کان آهي ۽ امومت جو

 حفظ ۽ احترام اصل اسلام آهي

ـــــــــــــ

زخمه 2 زن کان اٿاري ساز- مرد

اُنجي نوڙت کان دوبالا ناز- مرد

مرد جي اوگهڙ جو يڪ آهي ته زال

عشق جو بس پيرهن آهي جمال

عقشق- حق پاليو سندس آغوش ڏس

ڪئي صدا هيءَ زخمئه خاموش ڏس

ناز انتي ئي ڪري ٿي ڪائنات

ذڪر ٿيو انجو ته باطيب و صلوات

جنهن ته مسلم انکي بس سمجهيو غلام

اُن نه ڄاتي حڪمت- قرآن تمام

تون ڏسين جيڪر، امومت رحمت آهه

هان نبوت ساڻ جنهنکي نسبت آهه

شفقت انجي شفقت- پيغمبر آهه

قوم جي سيرت سندي صورتگر آهه

ٿي اُمومت کان پڪي تعمير ڏس

ليڪي ۾ سيما 4 جي ٿي تقدير ڏس

معنيٰ جي تنهنجي لغت ۾ آهه ڪا

حرف اُمت جو رکي ڪئن نڪتها

ڏس چيو ڇا پيشوائي دو جهان

پير هيٺان ڏس ته مائن جي جنان 5

ملت آهي عزت اَرحام 6 کان

زندگي جو ڪچو نه ته اي ميان

ڪئي امومت گرم رفتار- حيات

پڻ امومت کوليا اسرار- حيات

نهر پنهنجي کي امومت کان هي تاب

لهريون هي ڪن انکي پڻ حاصل حباب

ڌيءَ هن دهقان زاده جي ڏسو

قد جي ڇوٽي ۽ ٿلهي بڇڙي ڏسو

انکي تربيت ملي ناهي ڪٿان

ڪم نگهه، ساري وري هوءَ ڪم زبان

دل امومت جي اَلم کان انجي خون

ٿا وهن اکين مان ڳوڙها نيلگون

انجي ڀاڪر مان جي ملت ٿو وٺي

هڪ مسلمان غيور ۽ حق مٿي

هستيءَ پخته اُنجي ٿي آلام کان

صبح پهنجو روشن انجي شام کان

۽ اُها ڪنواري جا نازڪ پيڪر آهه

گهرجي پاليل ٿي نگهه جهن محشر آهه

روشني مغرب جي کان روشن خيال

ظاهري زال آهه اندر ۾ نه زال

ملت بيضا جا هن ٽوڙيا ته بند

ناز جا اکڙين وڌا هر جا ڪمند

انجي آزادي ٿي فتنن کي ڀري

انجي آزادي حيا کان ٿي پري

علم کاڌو ڪين امومت جو ڪوبر

شام تي انجي ته تاري ڪئي نظر

شل نه پنهنجي باغ ۾ گل هي کلي

داغ هي دامان- ملت تان لهي

لاالـﮧ گويان جي تارن جئن گهڻا

بند اکيون جنجون جهان ۾ پر ادا

پير جنجو ٿيو عدم 1 اندر اڃا

ڪيف و ڪم جي شهر کان ٻاهر اڃا

ظلمت- موجود پنهنجي ۾ پيل

سي تجليون واه پنهنجيون اڻ ڏٺل

گل جي پن تي ماڪ اڃا ناهي پئي

ڪا صبا کان ناه پڻ مکڙي کلي

شل ڦٽي هي لاله- راز ممڪنات

ڏس ڪنان سرسبز باغ- امهات 2

قوم جي موڙي اڙي! صاحب نظر

ناه هي ناڻو قماش ۽ سيم3 و زر

مال اُنجو، ۽ اهي پٽ تندرست

تر دماغ ۽ سخت ڪوش ۽ چاق چست

رازداران_اُخوت مائون بس

طاقت- قرآن و ملت مائون بس

ـــــــــــــ

هن معنيٰ ۾ ته سيدة النساءِ فاطمة الزهراءَ اسلام جي زالن لاءِ اسوئه ڪامله آهي

ـــــــــــــ

ڪيڙي مريم نسبت- عيسيٰ عزيز

نسبتن ٽن ساڻ ٿي زهرا عزيز

نور- چشم رحمة اللعالمين

جو امام- اولين و آخرين

پيڪر- دنيا ۾ جهن ڦوڪي ته جان

تازو جنهن قانون ڪيو آهي عيان

مڙس انجو تاجدار ”هل اتيٰ“

مرتضيٰ- مشڪل ڪشا شير- خدا

بادشهه ۽ ڪلبهءِ ايوان سندس

تيغ هڪ ۽ هڪ زره سامان سندس

ماءُ تنهنجي مرڪز- پرڪار عشق

ماءُ تنهن جي ڪاروان سالار- عشق

هڪڙو هو شمع- شبستان- حرم

جهنجي رکوالي ۾ ٿي خيرالامم

من اجهامي آتش- پيڪار  وڪين

چيز ڪجهه سمجهيو نه جهن تاج و نگين

۽ ٻيو مولا رهيو ابرار جو

قوت- بازو رهيو احرار جو

زندگي جي سر ۾ ٿيو سوز- حسين (رضه)

حق جا حريت آموز- حسين (رضه)

جهڙيون مائون تهڙا پٽ سيرت سندا

ٿو ملي مائن کان ئي صدق و صفا

پوکه جي تسليم جي حاصل بتول

مائن آهي اسوهء ڪامل بتول

دل سنديس مسڪين لئي اهڙي سڙي

پنهنجي چادر هڪ يهوديء وٽ وڪي

نوري ۽ ناري سندس تابع ٻئي

جا رضا ٿي مڙس جي پنهنجي ڪئي

جهنکي سيکاريو ادب صبر و رضا

جنڊ هٿ ۾ لب تي قرآني صدا

هئي رئڻ کان اُنجي بالين بي نياز

ٿي وهايا لڙڪ ان اندر نماز

ڳوڙها چونڊيا اُنجا جبريل از زمين

ماڪ جئن هاريئين سر- عرش برين

حق جو قانون آهه ٿيو زنجير پا

۽ وري هيڏانهن هي حڪم مصطفيٰ

نه ته سنديس تربت جي چوڌاري ڦران

خاڪ تي اُنجي مان سجدا ها ڪريان

 


 

 

ـــــــــــــ

اسلام جي عورتن کي خطاب

ـــــــــــــ

تنهنجي چادر پرهءِ ناموس آهه

تاب هنجو پر تو- فانوس آهه

پاڪ طينت ٿي اسان لئي رحمت آهه

دين جي طاقت، اساس ملت آهه

ٻار ڌوتو لب جو تنهنجي کير سان

لاالـﮧ ان کي تو سيکاريو عيان

مهر تنهنجي ٿي ڇلي اطوار کي

فڪر اسانجي کي ۽ پڻ ڪردار کي

وچ اسانجي جا ڪڪر تنهنجي ۾ ٿي

چمڪي جبلن تي ۽ رڻ پٽ ۾ رسي

ٿيو امانت تنهنجي ۾ آئين- حق

دم ۾ تنهنجي آهه سوز- دين حق

هي زمانو مڪر وارو پر فن آهه

ڪاروان ڏس نقد- دين لئي رهزن آهه

حق کي انڌو سڄاڻي ڪين ٿو

ناڪسن کي پير ۾ ڏاوڻ وڌو

اکه سنديس بي خوف، بي پروا رهي

پنجئه مڙگان سنديس گيرا1 رهي

پاڻکي آجو چوي انجو شڪار

جئرو ڄاڻي ٿو ڪٺل انجو ته مار2

تون ئي سبزي نخل جمعيت سندي

تون نگهبان عزت- ملت سندي

از سر سودو زيان سودو نه ڪر

ره اَبن ڏاڏن جي تنهنتي پير ڌر

ظلم دنيا کان رهين اڄ هوشيار

پنهنجي پٽڙن کي تون ڪر اندر ڪنار

هن چمن رازن اڃا کوليا نه پر

پنهنجي آکيري کان آهن دور تر

تنهنجي  فطرت ٿي رکي جذبا عيان

ڪرنه بند اکه اسوهء3 زهرا ڪنان

تا حسيني شاخ تنهنجي ڦل ڏئي

باغ ۾ موسم اڳوڻي من اچي

 


 

1 . لا اُحب الافلين“ ڏانهن اشارو آهي.

2 . لهي ويندڙ غروب ٿيندڙ.

3 . ربنا وجعلنا مسلمين لڪ ومن ذريتنا اُمة مسلمة لک (آيته)

4 . وعهدنا الي ابراهيم و اسماعيل ان طهرا بيتي للطائفين والعاڪفين (آيته)

6 . اَحل اُمتـﮧ في جرز ملتـﮧ ڪالليث حل مع الاشبال في اجم (جهنگل).

1. کان

2. شرط.

3 . بي انت.

1 . شڪار ڪندڙ.

2 . ڪلراٺي زمين.

3 . باج.

4 .کليل.

5 . بنياد.                            

1 . جنگ.

2 . ايران جي بادشاهه جو نالو.

3 . کپ تلوار جي.

4 . قديم ايراني جهنڊو.

1 . فرهاد جو ڄاول.

2 . رازو.

3 . چولي جي ٻانهن.

1 . سبب.

2 . ڪئن.

3 . ڪيترو.

4 . جت.

5 جنگ.

1 . عمدو اُٺ.

3 . زور، زبردستي.

4 . بيشمار.

1 . وهندڙ ڳوڙها.

2 . هڪ عربي قصيده جو نالو آهي.

3 . خوشبو.

4 . زالون.

1 . جاءِ ۽ زمين.

2 . ويڪر.

3 . طرف.

1 .الم تر الي الذين بدلو نعمة الله ڪفر واَحلو قومهم داراَلبوار جهنم يصلونها وبئس القرار (آيته)

2 . صليب.

3 . پادري.

4 . ميڪاولي جو فلارنس ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪتاب الملوڪ جو جوڙيندڙ.

1 . بادشاهي.

2 . نندا ڪيل.

1 . ولڪل اُمة اجل (آيته)

2 . انا نحن نزلنا الذڪر وانا لــﮧ لحفظون (آيته)

3 . يريدون ان يطفئو نورالله بافواهم والله متم نوره ولو ڪره الڪافرون (آيته)

1 . هيٺان.

2 . مصر جون قديم جايون.

3 . اڪائي.

1 . پيدائش.

2 . لاريب فيـﮧ (آيته).

3 . لا تبديل لڪلمة الله (آيته).

4 . کڻندڙ.

5 . قدر، قيمت،

6 . انا ارضنا الامانة علي السموات والارض... الخ (آيته).

7 . کجيءَ جو وڻ.                   

8 . قافله جو اٿڻ.

1 . جو ڪجهه حاَضر هجي.

2 . اهو ڪپڙو وغيره جو وڏن اميرن جي قدم هيٺ وڇائيندا آهن.

3 . حديث جو هڪ قسم.

4 . حديث جو هڪ قسم.

1 .سامان سڙو.

2 . صغيف.

3 . قرآن ۽ حديث جي آڌار سان ڪو مسئلو ڪڍڻ.

4 . جو عالم ڪو مسئلو ڪڍي.

5 . پرهيزگاري.

1 . ڏاهو.

2 . نبض ڏسندڙ.

3 . قئنچي.

4 . پوتل.                            

5 . پريشان.

6 . موتي ٺاهيندڙ.

7 . ڏاڪڻ.

1 . قلعي جي ڀت.

2 . ايران جي هڪ جبل جو نالو آهي.

1 . ڪکه.

2 . ضرور لاچار.

3 . نصيحت.

4 . شباب.

1 . دل جا ڦٽيل.

1 . لاڳيتو.

2 . دونهون.

1 . ساز سامان.

1 . گهوڙو.                                    

2 . ڇڪيندڙ.

3  رفتم که خار از پاکشم محمل نهان شد از نظر

 يک لحظه غافل گشتم وصد ساله راهم دور شد (ملک قمي)

1 . چمڪ.

2 . وکذالک جعلنا ڪم اُمة وسطا لتکونوا شهداءَ علي الناس (آيته)

1 . قيامت

1 . اندر جانيون، نفس.              

2 . ٻاهريون جهان.

1 . ڪريل.

2 . اصل عبارت.

3 . گهوڙو.

4 . ماءُ.                              

1 . ٻار.

2 . ماءُ.

1 . پٺا

1. مادريت.

2 . تند وڄائيندڙ.

3. هن لباس لڪم آية

4 . بهشت.

5 . مٽ مائٽ.

6 . وروڪڙ.

1 . نيستي.

2 . مائون.

3 . چاندي.

1 . وٺندڙ.

2 . نانگ.

3 . طريقو نمونو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org