ملت
اسلاميه جي حضور ۾ پيشڪش
منڪر نه ٿيڻ گهرجي هڻان عشق جو دم جي
مونکي جي نه نشو ته ڏسو بادگري آهه
توکي حق ڪيو خاتم اقوام ڏس
توتي آغاز آهه پڻ انجام ڏس
تنهنجا پاڪ آهن نبين جي مثال
دلجا ٺاهيندڙ ڦٽيل تنهنجا بحال
حسن تي ڪافر جي تنهنجي ٿي نظر
واٽ کان ڪعبه جي دور آهين مگر
ٿيو فلڪ تنهنجو غبار ڪُوئي ڏس
ٿي تماشا گاه تنهنجي روئي ڏس
موج جئن آتش تـﮧ
پا ٿو وڃين
سکه سڙڻ جي رمز تون پروانه کان
گهر تون اَڏ پنهنجو شرر ۾ اي ميان
عشق جي انداز ۾ وجهه جان کي
مصطفيٰ سان ڪر نئو پيمان کي
الفت- ڪافر کان دل ٿيڙي خراب
منهن تان جو تنهنجي لٿو آهي نقاب
هم نوا ڌارين جو ڪيو جلوو بيان
ڳل جو گيسو جو چيو هن داستان
درتي ساقيء جي جبين پنهنجي رکي
هان مغن جي پڻ حڪايت هن چئي
تنهنجي ابرو جو شهيد آهيان ٿيو
خاڪ جئن آسوده ڪوچه ۾ پيو
مان صفت ساراهه کان بالاتر اڄ
ڪين جهڪندو پيش سڀڪنهن جي سر اڄ
ٿيو سخن جو آهيان آئينه ساز
پڻ سڪندر کان مان آهيان بي نياز
ڪين احسان کان ڦري گردن سندم
باغ ۾ مکڙي ٿئي دامن سندم
بحر آهيان موج پر بيتاب ناهه
منهنجي هٿ تي ڪاسئه گرداب ناه
پردو آهيان رنگ جو، ناهيان شميم
صيد مونکي ناهه ڪيو موج- نسيم
مان شرر آباد ۾ ٽانڊو ادا
خاڪ کان مونکي سروپا ٿي عطا
در تي تنهنجي جان منهنجي جو نياز
آهه آندو هديهء سوز و گداز
آبگون گردون کان ڏس يم ٿو ٽمي
گرم دل تي ڏس دمادم ٿو ٽمي
ٿو ڪريان سنهڙو انهي کي لهر کان
تا وهايان انکي اندر بوستان
تون اسانجي يار جو آهين ته يار
مثل دل جي آهين بس اندر ڪنار
عشق جي سيني اندر طرح- فغان
شيشو هاريو اُنجي آتش دل منجهان
مثل گل چيري ڇڏيان مان سينه کي
پوٽنگيان تنهنجي اڳيان آئينه کي
نا ڪرين ديدار پنهنجي روءِ جو
قيد ٿين زنجير ۾ گيسوي جو
پوپڙهان مان تنهنجو جهونو داستان
داغ سيني جا ڪريان تنهنجا نوان
قوم لئي، جا خود کان نامحرم رهي
مون گهري حق کان ته محڪم زندگي
هاءِ آڌي رات جو نالان رهيس
ننڊ ۾ دنيا ۽ مان گريان رهيس
جان منهنجي صبر کان محروم بس
ورد هو يا حي يا قوم ڏس
منهنجي خواهش هئي انهيءَ کي خون ڪيم
واٽ کان اکڙين جي سا بيرون ڪيم
لاله وانگر ڪيترو رهندو سڙن
صبح کان هن ماڪ جو ٿيندو پنڻ
پاڻ تي ڳوڙها هڻان ٿو شمع جئن
رات ڪاري کي وٺان ٿو شمع جئن
پر وڌايو جلوو ۽ گهٽ ڪيو مون پاڻ
مون ڪيو سينگار پيدا بزم ڪاڻ
سوز کان هڪ پل به واندو سينه ناهه
هفتو ڀي شرمندئه آدينه ناه
جان منهنجي پيڪر فرسوده آهه
آه منهنجي خوب گرد آلوده آهه
دانهن ظاهر ٿي ڪري اسرار عشق
خون بها ٿي حسرت- گفتار عشق
فطرت- آتش ڏئي خاشاڪ کي
شوخي پروانه جي بخشي خاڪ کي
عسق کي جئن لاله ڪافي آهه داغ
دانهن هڪ جو بس گريبان آهه باغ
تنهنجي پٽڪي تي اهو هڪ گل هڻان
ننڊ تي تنهنجي کڙو محشر ڪريان
تا ته تنهنجي خاڪ آهي لاله زار
تنهنجي دم مان ٿئي عيان باد- بهار
ــــــــــ
|