بي
ننگو
بادشاهه
آهين ڪو بي
ننگو باشا، پنهنجو ننگ نه نهارين ٿو،
رکي لالچ ٿيو لوڀي پنهنجي لڄ ڇو لٽائين ٿو؟
اکيون کولي عمر تون اچ، رڳو مورت ڏسي نا مچ،
توکي سائين چوان ٿي سچ، پنهنجو وڙ ڇو وڃائين ٿو؟
آهين راڻو تون راجا ٿي، ڇڏي بڇڙي تون باشا ٿي،
هتان لک ويا سي لاشا ٿي، ڪنگالڻ ڇو ڪڪائين ٿو.
اسان گذران گولون ”گل“
ٻئا ڦوڳن سندا جي ڦل،
نڪو موتي اسان وٽ مُل، تڏهن تون منهن مَٽائين ٿو.
ڪوڪون ڪوٽ تي
ان لئي رت رڙي، جن سان جيءَ جڙي،
ڪيم ڪوڪارون ڪيڪون ڪوٽ چڙهي.
مارو مال ڪاهي، سانگي ويا پنهنجي سانگي،
اهو حال هلايو، ڪلهه مان سان ڪانگي.
ڇڏي ڪک ويئڙا لک، ڦٽائي ماڳ مڙهي،
لڏي
لس،
ويئڙا
وس، چڙهي
مٿي
چانگهي.
ڇڏي رس وٺي گس، لنگهيا وڃي لانگهي،
هتان سو سنگهار ويا هزار تن لويارن ڪانه لڙي.
ڇڏي چاهه ويا شاهه اوکي پنڌ اڻاڳي،
بيواهه مٿي راهه رئان منجهه روانگي.
تن جو ذڪر تن جو فڪر، پيڃارا ڏس پڙهي،
حاجي هوش ڏي تون گوش، ٻانگ ڏني ٻانگي.
پلنگ تي ارموش، ستي ڪنهن جي سانگي،
تو جيڏيون، تو وٽان ويون لڪ لڙي.
وٺڙي
مان
وڃان
!
منهنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي، وٺڙي مان شال وڃان،
مون کي آهي اميد اڃان الله هي الا....
منهنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.
اکيون اَباڻي پار ڏي، مان سارو ڏينهن سَڃيان الله
هي الا....
منهنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.
پهون چارينديس پانور ۾، مان ته رهي منجهه رڃان
الله هي الا....
منهنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.
ٻانهيون ٻيڙا ٻانهوٽا، تنهنجا ڀيري مان ته ڀڃان،
الله هي الا....
منهنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.
سدا ”گل“
چئي سومرا تنهنجون منٿون ڪين مڃان، الله هي
الا....
منهنجي مٺڙن ماڙيچن ڏي.
اُداسي مان آهيان !!
عمر اُداسي اَباڻن لئي آهيان،
ساريون سانگين کي پئي ڪانگ اڏايان.
باهه ڏيان تنهن بازوبند کي،
ٻانهيون ٻيڙا ساڙ يا سڀن کي،
گندي گوڏ واري، لوئي نه لڄايان.......
سونا مينا جهالر جهوريان،
ڪنگڻ ڪڙو ڀڃي تنهنجا ڀوريان،
کٿي کاهڙ جي لاکي نه لاهيان…
پلنگ پٽولا آئون کانيان کٽن کي،
مارو ڏسان شل موٽي مٺن
اٿم تات تن جي، وائي نه وساريان…
سڪ ۾ سدا ”گل“
منهنجون اکڙيون اوڏاهين،
نيڻ نچويان، جهانگي جيڏاهين
عمر انهن کي اڄ اڪنڍي آهيان…
گل مومل
راڻي
جي
ويس
۾
رسي رات راڻو رئاري هليو ويو،
منهنجو ڏيل ڏک ۾ سو ڏاري هليو.
منهنجون ميڙ منٿون، ٻئا هيلا هزارين،
مڃين ڪين مورئون ميساري هليو ويو.
سوين پانڌ پٽڪا، مون پاتا پرين کي،
ٿڏي ٿڏن سان، ٿڏاري هليو ويو.
سدا ”گل“
کي سهڻو اڄ سيني ۾ سرتيون،
ٻيڻي آڳ اندر اُٿاري هليو ويو.
گل
:
سسئي
جي
ويس
۾
ور وٺي وارث ويا، اڄ ڪيچ تنهن ڪوهيار کي،
هٿ کڻيو، هڪلون ڪريو، پٽيو ڏسي تنهن پار کي.
ڏسڪا ڀريو ڏونگر مٿي ٿي، ڏک منجهان ڏاهي ڏري،
واڪا ڪريو ڪريو وجهليو ويچاري، پئي وڃي وڻڪار کي.
سڏڙا سپرين کي سوين ڪريو سوز مان سسئي سڏي،
بيهو بلوچا مون بنديءَ لئي، موڙ ڏيئي مهار کي.
ڏينهن آهه ٽامڙي توڏا وڃن تڙيو تکا،
هيء ڪميني ڪيئن رسي، ٻانڀڻ ٻاروچي ٻار کي.
ساٿي سنجهي کان ويا سدا ”گل“،
ڪالهه سي ڪوهه ڪاف تي،
ڪلمون چئي سي قرب مان، وڃي ڌر مليا دلدرر کي.
پنهون جي پيرن جي خاڪ
پنهل جي پيرن سندي، اڄ خاڪ ڀينر مرهجان،
قافلي ڪيچين سندي، گولي اديون گهر گهر هجان.
جاسين
جيان
ٿي
جيڏيون، جيئري
جتن
جي
جوء
۾،
تاسين ڪنيزڪ ڪيچ جي، دائي اديون در در هجان.
آئون ٻهاريدار ٻانهي ٻول ٻاروچي ٻڌي،
زر خريدي زائفان، ظاهر اديون زر زر هجان.
شل پرين کان ٿي نه پاسي پل گذاريان آئون پري،
حرم هوت حبيب جي حاضر اديون هر هر هجان.
سربراهيءَ ۾ سدا ”گل“
رات ڏينهن انجي رهان،
ڀيڙي بلوچن بورچياڻي ڀل اديون برسر هجان.
عشق وڃايو شعور
عشق وڃايم شرم ۽ شعور، برهه ڪيس بڇڙي،
ملڪن ۾ مشهوري..
ائين جي ڄاتم نينهن نه لاتم،
پرت پنهل سان پيچ نه پاتم،
پوءِ ته پرينءَ جا نه سانڍيم سور....
ننگ
ڇڏي
ٿيس
نانگي
ن
وري،
پٺيان پنهل جي ٿئس ڀوري گهوري،
عشق عقل جي، ڀڳي باز بهور....
هاڻي هوتن جا ڳڻ ٿي مان ڳايان،
لڙڪ اکين مان لک ٿي لاهيان،
نئين سج نهاريو نچوڙيان نور....
سمجهه وڃايم سدا ”گل“
صحبت،
مڙيئي منجهايم، متيون محبت،
ڪهت ڪيچين جا مون ڪيا منظور...
وڃايم ننگ
ناحق وڃايم ننگ ٿي نانگي،
لڄ ته لکن جي ڪيم سرتيون سهانگي.
گهر ڇڏي، ٿيس گگهيلڻ،
ٻانڀڻ بروچ جي ٻانهي ٻيليڻ،
پرت پنهون جي آهه اُهکي اڙانگي.
قرب ڪيچين سان ڪروڙ ڪيا مون،
جيڏيون جتن سان ڪي جوڙ ڪيا مون،
ڇڏي ته ڇوريءَ کي ويا جهنگ ۾ جهانگي.
اديون
اُٺن
جي
آئون
پٺ
۾
پيس،
رئندي رڻن ۾ ور ڏي ويس،
ٻيلهه ٻاروچي، هي نيئي نه نڀاڳي.
سور سدا ”گل“
آهيان ستائي،
پيرن کان ٿي چوٽي تائين،
ڪونه ڪيچين مان ڪو وريو وانگي.
ڏيرن چڱي ڪانه ڪئي
مون سان ڏير ويا چڱي ڪانه ڪري.
منهنجو پنهل ٻڌي ويا ٻان ڪري.
رات رُليءَ کي ويا رڻ ۾ رلائي،
ڀينر ڀوري کي ويا بر ۾ ڀلائي،
منهنجو مروئن سان ويا مڪان ڪري.
ڀائر پنهل جا مون سان بڇڙي ڪري ويا،
هوت بنان مون کي هيڪڙي ڪري ويا،
هاڻي رحم مٿن ڪو رحمان ڪري.
مهند
مُٺيءَ
کان
هو
مڙد
مٽي
ويا،
سنگت ڇني ساٿي سُڃ ۾ سٽي ويا،
ور کان سواء مون ويران ويا ڪري.
سو رسدا ”گل“
ڪنهن کي سڻايان،
ڳالهيون ڳڻن جون مان ڪنهن سان ڳڻايان،
جيرا جلن جلن ٿا، جولان ڪري.
گل
ليلان
جي
روپ
۾
اچي ساڄن يار سرچايو.
جيڏيون، مون کي بخت ڀلايو....
اچي ساڄن…!
ڦٽي هن ڦلهيار تي، مون سو راجا رُسايو......
اچي ساڄن…!
دل رکي مون ڌوڙ تي، ڪامل، يار ڪڻٽايو ....
اچي ساڄن…!
ميڙ هلو مان سان جيڏيون، ڄام چنيسر پرچايو.......
اچي ساڄن…!
گوش ڏيئي گل چئي آگا عرض اگهايو ..........
اچي ساڄن…!
پچارنه
ڪئج پنوهارن
رڙين ڇو رُئين ٿي، سڙين لئي سنگهارن،
تنهنجي ته ڪا نه ڪئي، پُڇا هت پنهوارن.
توکي تات تن جي، ٻولي ٻي نه آهي،
اُنين کي اوسئيڙو، اڃان تائين نه آهي.
ويٺا هو وساري، ويڙهيچا ولهارن،
تو وٽ مٽ ماڻيچا، اڃان ڪين آيا.
اکين اوجاڳا، نه اوڳي نه آجايا،
هو سانگي ٿيا سجايا، ساوا ڪيا سڪارن (نامڪمل).
بديون لاهه بندي ء تان
لکيو مون تان لاهي، بَدَين جي بار جو،
پوان پئي پانهين، احمد ڄام اڄ تائين،
مديني جا سائين، وسيلو ٿي وار وار جو.
جبل وڌيس جهوري ڏسان آئون ڪيئن ڏوري؟
عربي اچ تون اوري، پتڻ ٿي هن پار جو.
(هي مولود پني ڦاٽي وڃڻ ڪري نامڪمل آهي)
(نا مڪمل شعر)
تسبيح ڦيرئين تڪڙي تڪڙي،
فائق تي ڪريو فڪڙي ڦڪڙي،
ائين نه سرچي ٿو سبحان .
جهنڊڙو ٿيو، ٿو جهاتيون پائين،
قلب اندر ٿو ڪاتيون لائين،
رب معلم سڀ روحان.
بدگماني بغض برائي،
ڪڏهن نه ڪچ تون پرس پرائي،
”گل“
گذر جو آهي مڪان. |